Sunday 1 September 2013

Hazrat Khwaja Sayed Nur Muhammad Badayuni R.T.A.

سيد السادات حضرت خواجه نور محمد بدايوني نقشبندي مجددي قدس سره العزيز
(المتوفي 11 ذي القعد 1135هه/13 آگسٽ 1723ع)
رئيس الزاهدين، فخر المتقين، غوث الزمن حضرت خواجه نور محمد بدايوني نقشبندي مجددي قدس سره العزيز ساداتِ عظام جي گهراڻي جا عظيم المرتبت نقشبندي مجددي بزرگ هئا. حضرت شاهه غلام علي دهلوي نقشبندي مجددي قدس سره  سندن متعلق لکن ٿا ته ”پاڻ ظاهري ۽ باطني علمن جا عالِم، ڪامل فقيهه ۽ مڪمل عارف هئا.“ (مقاماتِ مظهري) حضرت مرزا مظهر جان جانان شهيد قدس سره سندن متعلق فرمائين ٿا ته هڪ هزار کان مٿي ماڻهو سندن صحبت ۾ رهي الله جا ذاڪر ٿيا ۽ صاحبِ حضوري ۽ آگاهي ٿيا. انهن مان بعض حضرت مجدد صاحب رحمته الله عليه جي نسبت مان مشرف ٿيا. (تذکره مشائخِ نقشبنديه، توکلي)
ولادت ۽ جاءِ ولادت:
سندن ولادت باسعادت متعلق سندن حياتِ متبرڪه تي بحث ڪندڙ آڳاٽن مآخذن جهڙوڪ مقاماتِ مظهري ۽ جواهر علويه ۾ ڪجهه ڄاڻايل نه آهي. پر دؤرِ حاضر جي محقق شيخ محمد هشام ڪاباني نقشبندي مجددي زيد مجده جي انگريزي زبان ۾ تحرير شده تصنيف ڪلاسيڪل اسلام ۽ نقشبندي صوفياڻي ڌارا (Classical Islam & Naqshbandi Sufi Tradition) ۾ ڄاڻايل آهي ته پاڻ 1075هه/بمطابق 1664ع ۾ پيدا ٿيا. جيڪڏهن شيخ صاحب پنهنجي مذڪوره راءِ جي مرجع ۽ مصدر بابت حوالو ڏئي ڇڏين ها ته ڪو ابهام ۽ اشڪال باقي نه بچي ها. ٿي سگهي ٿو ته مقاماتِ مظهري کانسواءِ به ڪو ٻيو بنيادي مرجع هجي جتان شيخ صاحب سنِ ولادت نقل ڪيو آهي. والله اعلم بالصواب.
جهڙيءَ طرح سائين جن جي سنِ ولادت بابت معلوم آڳاٽن مآخذن ۾ درج ٿيل نه آهي تهڙيءَ طرح سائين جن جي جاءِ ولادت جي باري ۾ به صراحت سان ذڪر موجود ناهي. سندن اسمِ گرامي پٺيان لڳل لفظ ”بدايوني“ مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ ”بدايون“ جا ساڪن هئا ۽ غالباَ اُتي ئي تولد ٿيا هوندا. بدايون يا بداؤن بريلي شهر سان متصل ۽ دهلي شريف جي مضافات ۾ واقع هڪ سرڪاري جاءِ آهي جنهن کي بداؤن يا بدايون چئجي ٿو. (مقاماتِ مظهري)
ظاهري تعليم:
پاڻ ارڙهن سالن جي ڄمار ۾ حضرت اشرف الاتقياء محمد شريف رحمته الله عليه (المتوفي 1124هه/1712ع) کان ظاهري علم پڙهي پورا ڪيا. (معمولاتِ مظهريه)
دهلي شريف جا حالات:
ان زماني ۾ ساري هندستان ۾ عظيم مغل شهنشاهه اورنگزيب عالمگير جي حڪومت هئي. عهدِ عالمگير هندستان جو سياسي، معاشي، ديني ۽ روحاني لحاظ کان سونهري دؤر هو. هڪ پاسي بادشاهه جي رعب، دٻدٻي، دليري، بهادري، معاملا فهمي، ماتحت صوبن ۽ رياستن جي والين کان بازپرسي، بهترين ۽ ڪارآمد فوج، دشمن توڙي سڄڻ جي ذري پرزي جي خبر چار رکڻ سبب سياسي لحاظ کان سموري ملڪ ۾ استحڪام هو. ٻئي پاسي هن دؤر ۾ ساري هندستان ۾ شريعتِ مصطفوي نافذ هئي. غير شرعي عملن تي سخت سزائون ڏنيون وينديون هيون. شريعتِ مصطفويءَ جي رياستي سطح تي بالادستيءَ جو اهڙو زمانو هندستان وري نه ڏٺو. هي دؤر علم جي عروج جو زمانو پڻ هيو. اورنگزيب عالمگير نهايت علم دوست بادشاهه هيو. ”فتويٰ عالمگيري“ جهڙو عظيم علمي ۽ فقهي خزانو بادشاهه جي علم دوستيءَ جو زنده ثبوت آهي.
ازانسواءِ اورنگزيب عالمگير تصوف طرف پڻ مائل هيو ۽ نقشبندي سلسلي ڏانهن کيس خاص رغبت هئي. خواجه محمد معصوم سرهندي قدس سره سان عقيدت ۽ ارادت رکندا هئا. خواجه محمد معصوم سرهندي قدس سره کي مڪتوب لکي بادشاهه گذارش ڪئي ته سائين جن کان مفاصلي جي دُوري ۽ ملڪي ڪاروهنوار باعث صحبت نصيب نه ٿي ٿئي، سائين جن ڪنهن خليفي يا صاحبزادي کي اسان ڏانهن موڪلين ته طريقت جي تعليم اسان کي ڏئي. خواجه محمد معصوم سرهندي قدس سره پنهنجي 27 ساله نوجوان صاحبزادي خواجه سيف الدين سرهندي مجددي قدس سره کي بادشاهه جي روحاني تربيت لاءِ دهلي روانو ڪيو. ”مڪتوباتِ سيفيه“ مان معلوم ٿئي ٿو ته بادشاهه خواجه سيف الدين سرهندي مجددي قدس سره سان باضابطه بيعت ٿيا ۽ ذڪر جي تعليم ورتائون. اتي ڪجهه عرصو قيام ۽ بادشاهه جي روحاني تربيت ڪرڻ بعد بادشاهه جي باطني احوال بابت خواجه محمد معصوم جي خدمت ۾ خواجه سيف الدين مڪتوبات ارسال فرمايا.جن کي پڙهڻ بعد معلوم ٿئي ٿو ته بادشاهه هڪ مخلص ۽ سچي سالڪ ۽ طالب جيان مجاهدو ڪيو ۽ ذڪر اذڪار ڪاهيا ڪمايا. جنهن جي نتيجي ۾ روحانيت جي ميدان ۾ مٿس خصوصي ڪرم نوازي ٿي. ايتري قدر جو خواجه محمد معصوم سرهندي بادشاهه جي باطني احوال معلوم ڪرڻ بعد مسرت سان گڏ حيرت ۾ پئجي ويا ۽ جوابي مڪتوب ۾ تحرير فرمايائون ته
توهان بادشاهه دين پناهه سلمه ربه جي احوال متعلق جيڪو ڪجهه تحرير ڪيو آهي، يعني لطيفن جو ذڪر ۾ چالو ٿي وڃڻ، سلطان الاذڪار ۽ رابطي جو حاصل ٿيڻ، وسوسن جو ختم ٿيڻ، حق ڳالهه کي قبول ڪرڻ، ڪجهه شريعت مخالف ڳالهين جو پري ٿيڻ، ۽ طلب جي لوازم جو ظهور ٿيڻ، سڀ واضح ٿي ويا، الله تعاليٰ جل شانه جو شڪر ادا ڪريان ٿو. بادشاهن جي طبقي ۾ اهڙي قسم جون ڳالهيون نادر ۽ عنقا مثل آهن...... هي فقير بادشاهه جي ظاهري ۽ باطني بهتري جو طالب آهي. سندن باطن کي اڪابر (نقشبنديه) جي نسبت سان معمور ڄاڻي ٿو. اميد رکان ٿو ته عنقريب فناءِ قلب حاصل ڪري وٺندا، جيڪو ولايت جي درجن مان پهريون درجو آهي.“
اورنگزيب عالمگير جهڙي جاهه و جلال، شان ۽ شوڪت واري عظيم بادشاهه جو 27 ساله نوجوان خواجه سيف الدين قدس سره سان بيعت ٿيڻ ۽ هڪ مريد جِيان سندن آداب بجا آڻڻ ۽ بزرگ کان مستفيض ٿيڻ هڪ پاسي بادشاهه جي ڪمال اخلاص ته ٻئي پاسي خواجه سيف الدين سرهندي قدس سره جي غير معمولي روحاني استعداد، صلاحيت ۽ قابليت جو پڻ ڏَس ڏئي ٿو. (تاريخ خانقاه مظهريه دهلي شريف، نذير رانجها)
دهليءَ جي اهڙي متشرع ۽ متصوفانه ماحول ۾ خواجه نور محمد بدايوني رحمته الله عليه کي خواجه سيف الدين سرهندي مجددي قدس سره العزيز جي صحبت نصيب ٿي. پاڻ خواجه صاحب قدس سره سان بيعت ٿيا ۽ سلوڪ ڪاهڻ ڪمائڻ ۾ لڳي ويا.
باطني تعليم:
حضرت شاهه غلام علي دهلوي رگحمته الله عليه مقاماتِ مظهري ۾ سندن باطني تعليم متعلق لکن ٿا:  حضرت خواجه نور محمد بدايوني صاحب ورهين تائين بزرگ جي صحبت اختيار ڪئي، فيض جو بحر پنهنجي اندر ۾ اوتيائون، ۽ تمام اعليٰ ۽ ارفع مقامن ۽ درجن سان مشرف ٿيا. مٿن استغراق جي ڪيفيت ايڏي تي قوي هوندي هئي جو پندرهن سالن تائين کين افاقو نه ٿيو. رڳو نماز جي وقت تي ”حقيقت حال“ ميسر ايندي هين، نماز کانپوءِ وري مٿن استغراق جي ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي. نيٺ سندن حال ڪجهه بدليو ۽ استغراق جي ڪيفيت مان ٻاهر آيا. (مقاماتِ مظهري)
محبتِ شيخ:
غالباَ ان ئي عرصي دوران جو هڪ واقعو آهي. هڪ ڀيري سندن پير ڀائي اورنگزيب بادشاهه کانئن پڇيو ته توهان جي عمر ڪيتري آهي؟ پاڻ فرمايائون جيترو وقت پنهنجي مرشد جي خدمت ۾ گذريو اٿم، عمر اها ئي آهي. باقي رڳو ڪنڊا ئي ڪنڊا آهي.
اوقات هماں بود کہ با یار بسر رفت
باقی ہمہ بیجا صلی و ہمہ بیخبری بود۔
(تذکره مشائخِ نقشبنديه، توکلي)
بيعتِ ثاني:
1096هه/1685ع ۾ حضرت خواجه سيف الدين مجددي سرهندي قدس سره العزيز جي وفات بعد پاڻ سندن جليل القدر خليفي ۽ شيخ عبدالحق محدث دهلويءَ جي ڏوهٽي حضرت حافظ محمد محسن دهلوي قدس سره (م 1147هه/1734-35) سان بيعت ٿيا ۽ باقي مقامات طيءِ ڪري طريقه عاليه نقشبنديه جي اجازت حاصل ڪيائون ۽ ٻين سالڪن ۽ طالبن جي تربيت ۾ مصروف ٿي ويا.
اندازِ تربيت:
حضرت مرزا مظهر جان جانان شهيد قدس سره العزيز سندن جليل القدت خلفا منجهان هئا. ڪافي عرصو سندن صحبتِ بابرڪت ۾ حاضر رهيا. پاڻ خواجه نور محمد بدايوني کي ڪيئن ڏٺائون؟ ان جو اظهار پاڻ پنهنجي مجالس ۾ ڪيو اٿن. جن کي حضرت شاهه غلام علي دهلوي قلمبند ڪري ”مقاماتِ مظهري“ جي لاني سان ڪتاب ۾ درج فرمايو. مرزا مظهر جان جانان شهيد قدس سره فرمائين ٿا:
”منهنجي عمر ارڙهن سال هئي جو ڪنهن ماڻهو اچي مون سان حضرت خواجه نور محمد بدايوني رحمته الله عليه جي ڪمالات جو ذڪر ڪيو. سائين جن جون خوبيون ٻڌڻ شرط ئي دل ۾ خيال پيدا ٿيو ته جيڪر سائين جن جي قدمبوسي جو شرف حاصل ڪيان! بس، پوءِ ته آنحضرت جن جي ديدار سان مشرف (ٿيڻ کانسواءِ رهي نه ) سگهيس. مون کين بزرگ، شريعت تي هلڻ وارو، سنتِ رسول ﷺ جي پيروي ڪرڻ وارو لڌو. سندن صحبت دل جي لاءِ صفائي بخش ۽ راحت بخش هوندي هئي. مون يقين جي اکين سان ڏسي ورتو ته بس شاهد مقصود ان جاءِ تي آهي. ۽ منهنجي مرده دل کي يقين ٿي ويو ته حق هتي ئي جلوه فرما آهي. ڇاجي لاءِ آيو آهين؟ حضرت صاحب جن پڇيو. مون عرض ڪيو استفادي جي لاءِ. اگرچه استخاري کانسواءِ ذڪر جي تلقين ڪرڻ سندن طبيعت جي خلاف هيو. پر الله جي فضل سان پاڻ هن ٻانهي جي حال تي بغير ڪنهن وقفي جي توجه فرمايائون. جنهن سان منهنجا پنجئي لطيفا اسمِ ذات جو ذڪر ڪرڻ لڳا. هي سندن خوبين منجهان هو جو سندن پهرين توجه سان پنجئي لطيفا ذڪر ۾ چالو ٿي ويندا هئا. ۽ سالڪ جي مٿان تجليات صفات وارد ٿيڻ شروع ٿي وينديون هيون. سندن توجه جي تاثير اهڙو ته رنگ ڏيکاريو جو آئيني ۾ پنهنجي صورت ۾ سائين جن جي صورت نظر ٿي آيم. جنهن سان ويتر محبت وڌي وئي ۽ عقيدت پڪي پختي ٿي وئي...............
  
اتباعِ سنت:
پاڻ ورع، تقويٰ ۽ رسول الله ﷺ جي سنت جِي پيرويءَ ۾ نرالو مقام رکندا هئا. پاڻ ڪريمن ﷺ جي ادب ۽ پاڻ ڪريمن ﷺ جي مبارڪ عادتن کي اپنائڻ ۾ ڏاڍا حريص هوندا هئا. محبوبن ڪريمن ﷺ جي ڀلاري زندگي تي لکيل ڪتاب پاڻ سان گڏ رکندا هئا، انهن جو مطالعو ڪندا رهندا هئا ۽ هر وقت انهن ڪتابن مطابق عمل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف رهندا هئا. هڪ ڀيري بيت الخلا ۾ داخل ٿيڻ وقت سنت جي برخلاف ساڄو پير پهرين رکي ويٺا ته ٽن ڏينهن تائين باطني احوال ۾ قبض جي ڪيفيت محسوس ڪندا رهيا. نيٺ وڏي آزي، نيازي، التجا ۽ انڪساريءَ بعد سندن اها ڪيفيت بدلي، بسط جي ڪيفيت ٿي. (مقاماتِ مظهري)
هڪ ڀيري پاڻ تشريف فرما هئا. پاڻ چاهيائون ته هٿ جي ٽيڪ سان زمين تان اُٿن. پاڻ موجود ماڻهن کان معلوم ڪيائون ته حضور عليه الصلوات والسلام جن جنهن وقت اٿندا هئا ته ڪهڙي هٿ جي ٽيڪ ڏئي زمين تان اٿندا هئا؟ جڏهن ڪتاب ڏٺو ويو ۽ تصديق ٿي پوءِ پاڻ پنهنجي جاءِ تان اُٿيا. (مقاماتِ مظهري)
تقويٰ ۽ رياضت:
کاڌي ۾ تمام گهڻو احتياط فرمائيندا هئا. پنهنجي هٿن مبارڪن سان لاڳايتو ٻَٽَن ڏينهن جي ماني پچائي پاڻ وٽ رکي ڇڏيندا هئا. جڏهن بک شديد لڳندي هين، تڏهن ڪجهه ماني کائي وري مراقبي ۾ مشغول ٿي ويندا هئا. وڏو عرصو مراقبي جي ڪيفيت ۾ ويهڻ سان سندن پٺي مبارڪ عمر رسيده ماڻهن جيان ٿورو جهڪي پئي هئي. پاڻ فرمائيندا هئا ٽيهن سالن کان منهنجي طبيعت مان کاڌي جي ڪيفيت جو احساس ئي موڪلائي ويو آهي. (مطلب ته ٽيهن سالن کان ذائقيدار طعامن کائڻ جي تانگهه ۽ طلب ئي نه ٿي ٿئيم.) جڏهن به حاجت ٿئيم ٿي ته جيڪو ملي ويندو آهي، کائيندو آهيان. پاڻ هڪ وقت ۾ ٻن ٻن طعامن کي بدعت قرار ڏيندا هئا. (مقاماتِ مظهري)
پاڻ وڏيرن، سرمائيدارن، شاهوڪارن جي ماني ڪڏهن به نه کائيندا هئا. ڇاڪاڻ ته انهن جي ماني اڪثر ڪري مشڪوڪ هوندي هئي. هڪ ڀيري ڪنهن دنيادار جي گهر مان ماني آئي. فرمايائون هن ۾ ظلمت (ڪاراڻ يا اونداهي) محسوس ٿئيم ٿي. پنهنجي جليل القدر خليفي حضرت مرزا مظهر جان جانان شهيد قدس سره العزيز کي فرمايائون ته توهان به هن ماني تي توجه ڪيو (ته واقعي ائين آهي يا نه). حضرت مرزا صاحب رحمته الله عليه توجه ڪرڻ بعد عرض ڪيو ته قبله طعام ته حلال پئسن جي ڪمائيءَ مان ٺاهيل معلوم ٿئي ٿو، البت هن مان رياڪاري جي بدبوءِ اچي رهي آهي. (مقاماتِ مظهري)
نواب مڪرم خان جيڪي حضرت شاهه نقشبند رحمته الله عليه جي اولاد مان هئا، ۽ حضرت الوثقيٰ رحمته الله عليه جا مريد هئا، پُرتڪلف دعوتون ڪندا هئا. سندن دعوتن ۾ مختلف طعام هوندا هئا. پر حضرت خواجه نور محمد بدايوني رحمته الله عليه تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ ۾ ڪمال باوجود به سندن دعوت ۾ تبرڪاَ ماني تناول فرمائيندا هئا. ۽ فرمائيندا هئا ته ان جي کاڌي جي برڪتن سان باطني نور ايڏو ته گهڻو ٿي ويندو آهي جو ڄڻ اسان ڪجهه کاڌو ئي نه هجي. پنهنجي پير جي محبت جي غلبي ۽ نسبت جي انوار جي ظهور سبب نواب موصوف جون سڀئي شيون نور ٿي ويون هيون. (تذکره مشائخِ نقشبنديه، توکلي)
جڏهن پاڻ ڪنهن دنيادار وٽان مجبوريءَ جي حالت ۾ ڪو ڪتاب وٺندا هئا ته ٽن ڏينهن تائين ڪتاب جو مطالعو نه ڪندا هئا. فرمائيندا هئا ته شاهوڪارن، مالدارن ۽ دنيادارن جي صحبت جِي ڪاراڻ هن ڪتاب جي مٿان غلاف جيان چنبڙي پئي آهي. جڏهن سندن صحبت مبارڪ بعد اها ڪاراڻ ڪتاب تان دفع ٿيندي هئي ته پوءِ پاڻ ڪتاب پڙهندا هئا. (مقاماتِ مظهري)
ڪشف و ڪرامت:
حضرت مرزا مظهر جان جانان شهيد قدس سره العزيز کي ساڻن ڏاڍي محبت هوندي هئي. سندن اسمِ گرامي کڻڻ سان ئي سندن مبارڪ اکڙيون لڙڪن سان ڀرجي اينديون هيون ۽ پاڻ فرمائيندا هئا افسوس جو توهان دوستن منهنجي پيرَ جي زيارت نه ڪئي هئي. سندن زيارت سبب الله جي ڪامل قدرت سان زائرين جو ايمان تازو ٿي ويندو هو. الله تعاليٰ دنيا تي پنهنجي هنن  ڪمال جي صاحب ٻانهن کي قادر بڻائي ڇڏيندو آهي. (مقاماتِ مظهري)
پاڻ (حضرت مرزا مظهر جان جانان شهيد قدس سره العزيز ) فرمائيندا هئا ته سندن (خواجه نور محمد بدايوني قدس سره جا) مڪاشفا بلڪل صحيح ۽ واقعن جي عين مطابق ٿيندا هئا. پر ائين به چئي سگهجي ٿو ته اسان ظاهري اکين سان ايترو ڏسي نه سگهندا هياسين جيترو   پاڻ دل جي اکين سان ڏسي سگهندا هئا. سندن تصرف قوي هوندو هو. پنهنجي مخلصن، خدمتگارن ۽ عقيدتمندن جي حاجت پوري ڪرڻ جي لاءِ ڏاڍو همٿ کان ڪم وٺندا هئا. ائين ڪو ورلي ٿيو هوندو جو سندن دعا ۽ توجه سان ڪنهن جي مَنَ جي مُراد پوري نه ٿي هجي. (مقاماتِ مظهري)
هڪ ڀيري ڪنهن عورت سندن خدمت ۾ عرض ڪيو ته منهنجي ڌيءُ کي جِنَ کڻي ويا آهن. ان جي لاءِ مون ڏاڍا ڌاڳا ڦيڻا ڪيا آهن پر اڃان تائين ڪو اَتو پَتو ناهي. مهرباني ڪري توهان توجه فرمايو. خواجه بدايوني رحمته الله عليه گردن مبارڪ جهڪائي مراقبي ۾ هليا ويا. چند لمحن بعد گردن مٿي ڪري فرمايائون (تون فڪر نه ڪر ۽ وڃي گهر ويهه) تنهنجي ڇوڪري فلاڻي وقت تي گهر اچي ويندي. چنانچه سندن توجه سبب ائين ئي ٿيو. جڏهن ڇوڪريءَ کان ماجرا معلوم ڪئي وئي ته نينگري چيو ته مان رِڻَ پَٽَ ۾ رُلي رهي هيس جو اوچتو هڪ بزرگ ظاهر ٿيو. منهنجي ٻانهن ۾ هٿ وڌائين ۽ (گهڙيءَ پلڪَ ۾) هتي اچي پُڄايائين. ڪنهن ماڻهو سندن خدمت ۾ عرض ڪيو ته قبله توهان ان ماڻهوءَ جي عرض ٻڌڻ شرط کيس ڇو نه ٿي فرمايو ته ڇوڪري فلاڻي وقت اچي ويندي؟ توهان پهرين خاموش رهيا، پوءِ مراقبي ۾ ويا، ان جو ڇا سبب آهي؟ پاڻ فرمايائون الله تعاليٰ جل شانه جي حضور ۾ التجا پيش ڪئي هئي ته جيڪڏهن منهنجي دعا ۽ توجه اثرائتي ٿئي ته مان همٿ ڪريان. جڏهن مون کي الهام ڪيو ويو ته تنهنجي همٿ اثرائتي رهندي ته پوءِ مون ان همراهه کي چيو ته تنهنجي ڇوڪري گهر پهچي ويندي. سندن هر عمل الله جي رضا مطابق هوندو هيو. سبحان الله! (مقاماتِ مظهري)
هڪ ڀيري ٻه عورتون (پنهنجا عقيده ٻڌائڻ بغير) سندن خدمت ۾ حاضر ٿي طريقه عاليه ۾ داخل ڪرڻ جو عرض ڪيو. سائين جن ڪشف ذريعي سندن عقيدا معلوم ڪري ورتا. فرمايائون پهرين بري عقيدي کان توبه تائب ٿيو، پوءِ اسان جي طريقي کي اختيار ڪيو. انهن منجهان هڪ عورت سندن ڪمال جو اقرار ڪندي طريقي ۾ داخل ٿي پر ٻي کي اها توفيق نصيب نه ٿي. (مقاماتِ مظهري)
سندن ڪنهن مخلص (مريد) کي نفساني خواهش جو غلبو ٿيو، اڃان غيرمحرم عورت ڏانهن ويجهو ٿي رهيو هو ته اوچتو سائين جن جي صورت مبارڪ ٻنهي جي وچ ۾ اچي وئي. عورت جي مٿان دهشت طاري ٿي وئي ۽ دانهن ڪري وڃي ڪنهن ڪنڊَ ۾ لڪي ۽ اهو مخلص (مريد) ان عمل کان توبه تائب ٿيو. گهڻي عرصي تائين شرم وچان سائين جن جي صحبت ۾ نه آيو. (مقاماتِ مظهري)
هڪ ڀيري هڪ مريد سندن خدمت ۾ حاضريءَ لاءِ اچي رهيو هو. رستي ۾ ان جي نظر هڪ نامحرم جي مٿان پئي. جڏهن سائين جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ته پاڻ ساڻس مخاطب ٿي فرمايائون تنهنجي اندر مان زنا جي ظلمت معلوم ٿي رهي آهي.پوءِ پاڻ ان جي حال تي توجه فرمائي ان ظلمت کي ضايع ڪري ڇڏيو. (تاريخ خانقاه مظهريه دهلي شريف، نذير رانجها)
هڪ ڏينهن سندن خادم کي رستي ۾ ڪو شرابي مليو. جڏهن خادم سندن خدمت ۾ حاضر ٿيو ته پاڻ فرمايائون تنهنجي اندر مان شراب جي ظلمت معلوم ٿي رهي آهي. شايد ڪنهن شرابيءَ سان مليو هوندين؟ پوءِ فرمايائون ته فاسق ماڻهن جي صحبت سان نسبت (باطني) مڪدر ٿي ويندي آهي. (تاريخ خانقاه مظهريه دهلي شريف، نذير رانجها)
جيڪڏهن ڪو ماڻهو ذڪر تهليل ڪري سندن خدمت ۾ حاضر ٿيندو هو ته پاڻ فرمائيندا هئا ته اڄ تون ذڪر تهليل ڪري آيو آهين. جيڪڏهن ڪو ماڻهو درود شريف پڙهي سندن خدمت ۾ حاضر ٿيندو هو ته پاڻ کيس فرمائيندا هئا ته اڄ تون درود پڙهي آيو آهين. (تاريخ خانقاه مظهريه دهلي شريف، نذير رانجها)
حضرت مرزا مظهر جان جانان شهيد قدس سره العزيز فرمائين ٿا ته هڪ ڀيري مان پنهنجي مرشد حضرت خواجه نور محمد بدايوني رحمته الله عليه جي خدمت ۾ حاضر ٿيس. مون ڏٺو ته پاڻ ڏاڍا خوش نظر اچي رهيا آهن. مون سبب پڇيو. پاڻ فرمايائون اڄ مون تمام گهڻا پکا فقيرن ۾ ورهايا. مان ڏسان ٿو ته ان عمل جي قبوليت سبب الله جي بارگاهه کان فيض ۽ برڪت برسات مثل وسي رهيو آهي. (تاريخ و تذکره مشائخِ نقشبنديه، توکلي)
حسنِ خُلق:
هڪ ڀيري ڀنگ جو واپاري پنهنجو دڪان سائين جن جي حويلي شريف جي ويجهو کڻي آيو.  پاڻ فرمايائون ڀنگ جي ظلمت (ڪاراڻ) منهنجي باطن جي نسبت کي مڪدر ڪري ڇڏيو آهي. سائين جن جا ڪجهه مريد اُٿيا ۽ سڌو ان دڪان وٽ پهچي، نه ڪيائون هم نه تم ڀنگ فروش جي دڪان کي ڊاهي، پَٽُ ڪري موٽي آيا. جڏهن سائين جن کي ان جي خبر پئي ته پاڻ فرمايائون هاڻ ته باطن ويتر وڌيڪ مڪدر ٿي ويو آهي. ڇو ته منهنجي لاءِ ڀنگ فروش جو احتساب ڪرڻ خلافِ شريعت آهي. ٿيڻ ائين کپندو هو ته پهرين اسين کيس نرميءَ سان راغب ڪريون ها. جيڪڏهن پوءِ به ڳالهه نه مڃي ها ته آخر ۾ سختي ڪيون ها. نيٺ وڏي مشڪل سان ان ڀنگ فروش کي ڳولهي هٿ ڪري سندن خدمت ۾ حاضر ڪيو ويو. پاڻ پنهنجي مريدن جي پاران کانئس معافي ورتي. ۽ نرميءَ سان کيس فرمايو ته شريعت جي خلاف ڌنڌو اختيار ڪرڻ صحيح ناهي. اسان کي جائز ڌنڌو ڪاروبار ڪرڻ گهرجي. آخر ۾ کيس ڪجهه روڪ رقم ڏئي روانو ڪيائون. ان جو ڀنگ فروش مٿان ايڏو ته اثر پيو جو توبه تائب ٿي سندن حلقه ارادت ۾ شامل ٿي ويو. (مقاماتِ مظهري)
عجيب واقعو:
پاڻ فرمايائون ته هڪ ڀيري مان پنهنجي مرشد حافظ محمد محسن جي مزار جي زيارت لاءِ ويس. اتي پهچي مون مراقبو ڪيو ته بي خوديءَ جي حالت ۾ ڏٺم ته سائين جن جو جسم مبارڪ ۽ ڪفن شريف ته بنهه درست آهي پر پيرن مبارڪن جي تَرِين ۽ ان جاءِ تي ڪفن کي مٽي متاثر ڪيو آهي. مون سندن خدمت ۾ ماجرا معلوم ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو. پاڻ فرمايائون توکي معلوم هوندو ته اسان وضوءَ جي جاءِ تي ڪنهن جو پٿر سندس اجازت کانسواءِ رکيو هو، ان ارادي سان ته جڏهن ان جو مالڪ آيو ته واپس ڪنداسين. هڪ ڀيري ان پٿر تي اسان قدم رکيوسين، ان جي ڪري هن مٽيءَ هتي اسان مٿان اثر ڪيو آهي. (مقاماتِ مظهري)
سفرِ آخرت:
پاڻ پنهنجي پير و مرشد حضرت خواجه سيف الدين سرهندي مجددي قدس سره العزيز (م 1096هه/1685ع) کان پوءِ سندن جاءِ ۽ خانقاهه کي نورِ محمديءَ (ﷺ) سان منور رکيو. ۽ آخرڪار 11 ذي القعد 1135هه/13 آگسٽ 1723ع ۾ دارالفنا کان دارالبقا ڏانهن هجرت فرمائي ويا. (تاريخ خانقاههِ مظهريه دهلي، نذير رانجها)
مزار مبارڪ:
سندن مزار مبارڪ دهلي شريف ۾ خواجه نظام الدين اولياء جي ڏکڻ طرف بستي نظام الدين اولياء کان ڪجهه مفاصلي تي واقع آهي. سندن مزار پرانوار جي چوڌاري احاطو  حضرت شاه ابوالخير رحمته الله عليه تعمير ڪرايو. ان کان پوءِ سندن صاحبزادي حضرت ابوالحسن زيد فاروقي عليه رحمت نئين سِر تعمير ڪرايو. (ص 232، دهلي کے مشائخ بعض مشائخ نقشبندیہ مجددیہ، مولانا جاويد اقبال مظهري، جهانِ امام رباني، جلد ششم)








قطعه تاريخِ وصال مبارڪ:
چو در خلد برين گر ديد روشن
چراغ پنجتن نور محمد
عجب سال وصالش جلوه گر شد
ز “مخدوم زمن نور محمد”.
روحاني فيض:
تبليغي جماعت جو باني مولانا محمد الياس ڪانڌلوي صاحب (م 1363هه/1944ع) سائين جن جي مزار تي نهايت ادب ۽ احترام سان حاضر ٿيندو هو ۽ فيض حاصل ڪرڻ جي غرض سان مراقبو ڪندو هو. (تاريخ خانقاهِ مظهريه دهلي، نذير رانجها)

مراجع:
1.    مقاماتِ مظهري، حضرت شاه غلام علي دهلوي نقشبندي مجددي قدس سره
2.    معمولاتِ مظهريه، محمد نعيم الله بھڑائچی رحمته الله عليه
3.    تذکره مشائخِ نقشبنديه، علامه نور بخش توکلي رحمته الله عليه
4.     تاريخ خانقاه مظهريه دهلي شريف، نذير رانجها
5.    “دهلي کے مشائخ بعض مشائخ نقشبندیہ مجددیہ”، مولانا جاويد اقبال مظهري، جهانِ امام رباني، جلد ششم
6. Classical Islam & Naqshbandi Sufi Tradition by Muhammad Hisham Kabani. 


0 comments: