Sunday 25 August 2013

Short Biography of Hazrat Haji Dost Muhammad Qandahari Naqshbandi Mujadidi R.A.

حضرت خواجه حاجي دوست محمد قنڌاري نقشبندي مجددي قدس سره
حيـــات و خدمـــات
فقير جاويد ڪرمي
سندن دؤر جون سياسي، معاشرتي ۽ مذهبي حالتون:
شهنشاهه اورنگزيب عالمگيرَ جي وفات (1707ع) کانپوءِ مغل سلطنت تيزيءَ سان زوال پذير ٿيڻ شروع ٿي. مغل بادشاهن مان شريعت طريقت موڪلائي وئي. هُو عيش و عشرت ۽ رنگ رلين ۾ گرفتار ٿي ويا. جنهن جو فائدو وٺندي گاديءَ جي هنڌ دهليءَ کان ڏورانهان صوبا ۽ ننڍيون رياستون، پنهنجون خودمختيار حڪومتون جوڙي ويٺيون. اسان وٽ سنڌ ۾ به ڪلهوڙا گهراڻي ان وقت ئي مغلن جو ڏَن ڀَرُو ٿيڻ بجاءِ خودمختار حڪومت قائم ڪري ورتي. جڏهن شريعت جي نفاذ ۾ حڪمران غافل ٿي ويا ته رعيت ۾ به بي عملي ڪاهي پئي. راجپوتن، سکن ۽ مرهٽن جي هڪٻئي پٺيان شديد حملن جتي مغل سلطنت کان وڏا وڏا علائقا ڦري ورتا، اُتي ڪيترن ئي بزرگن جي خانقاهن ۽ عالمن جي مدرسن جي ويراني جو سبب پڻ بڻيا. وڏو نقصان طريقه عاليه نقشبنديه مجدديه کي پڻ رسيو. هندستان اندر شريعت جي گلزار کي تجديد جي پاڻيءَ سان آبياري ڪري سندس تر و تازگي، سڳنڌ ۽ سرهاڻ کي برقرار رکندڙ نقشبندي مجددي فيض جو عظيم مرڪز سرهند شريف، سکن جي هڪٻئي پٺيان حملن سبب متاثر ٿيڻ لڳو.
هندستاني مسلمانن جو ڇَپَر ۽ ڇانو، قوم و ملت جو نگهبان، الله جو عظيم انعام، سرهند شريف جو مجددي خانوادو، سرهند شريف مان هجرت ڪري ٻين علائقن ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ لڳو. بعض سرهندي بزرگَ افغانستان ۾ مقيم ٿيا. جن مان ڪن بزرگن جو عظيم المرتبت اولاد سنڌ ۾ سڪونت اختيار فرمائي.
بعض مجددي بزرگ سرهند شريف مان هجرت ڪري دهليءَ ۾ جلوه گر ٿيا. دهليءَ جي نقشبندي مجددي بزرگن منجهان جنهن هستي سڀ کان وڌيڪ فيض رساني سبب شهرت ماڻي، ايتري قدر جو سندن هم عصر حضرت شاهه ولي الله محدث دهلويءَ جهڙو يگانه روزگار به جڏهن پنهنجي تصنيفات ۾ سندن تذڪرو ڪيو ته نهايت ادب، احترام ۽ عقيدت سان ڪيو، سي حضرت مرزا مظهر جان جانان شهيد قدس سره العزيز آهن. پاڻ دهليءَ ۾ خانقاهه قائم ڪيائون جنهن کي سندن اسمِ گرامي پٺيان خانقاههِ مظهريه سڏيو ويو.



خانقاههِ عاليه مظهريه نقشبنديه دهلي (موجوده هندستان)
جتي حضرت مرزا مظهر جان جانان شهيد، حضرت شاهه غلام علي دهلوي ۽
 حضرت شاهه ابو سعيد دهلوي قدس الله اسرارهم
آرامي آهن.

 هي خانقاهه سرهند شريف بعد هاڻي هندستان ۾ مجددي فيض جو عظيم الشان مرڪز هئي. سندن وصال بعد ان خانقاهه جي سنڀال ۽ سجاده جي ذميداري حضرت شاهه غلام علي دهلوي قدس سره العزيز سنڀالي. سندن ايام ۾ نقشبندي مجددي سلسلي جي عالمگير اشاعت ٿي. سندن جليل القدر خليفي حضرت مولانا خالد رومي قدس سره جي معرفت مجددي فيض، هندستان جون سرحدون اورانگهيندي تڏهوڪي سلطنتِ عثمانيه (موجوده ترڪي، شام، وچ اوڀر جا عرب ملڪ) ۾ تيزيءَ سان ڦهليو. حضرت شاهه غلام علي دهلوي نقشبندي مجددي قدس سره العزيز جي وصال بعد هن خانقاهه جي ذميداري حضرت شاهه ابو سعيد مجددي قدس سره سنڀالڻ شروع ڪئي. سندن وصال بعد سندن فرزندِ ارجمند حضرت احمد سعيد مجددي قدس سره سجاده نشين بڻيا. جڏهن 1857ع ۾، هندستاني مسلمانن انگريزن جي غلاميءَ جو ڳٽ ڳچيءَ مان لاهڻ جو پڪو پهه ڪيو ته
حضرت احمد سعيد مجددي قدس سره شريعت کي رياستي سطح تي جاري ڪرڻ جي اشتياق باعث ان جنگ کي جائز قرار ڏيندڙ فتويٰ تي سڀ کان پهرين صحيح فرمائي. غالباَ سندن خيال هو ته ان جنگ جي ڪاميابيءَ بعد هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت مسلمانن جي هٿ ۾ هوندي ۽ شريعت جي نفاذ لاءِ ڪوشش ڪري سگهبي. پر جنگ ۾ انگريز غالب رهيا. جنهن سبب پاڻ قدس سره هاڻي انگريزن جي انتقامي ڪاروائي جو نشانو بڻيا. آخرڪار کين ايترو مجبور ڪيو ويو جو پاڻ دهلي مان هجرت ڪري حجاز مقدس روانا ٿي ويا. اهڙيءَ طرح سرهند شريف کانپوءِ هندستان ۾ نقشبندي مجددي سلسلي جو ٻيو عظيم مرڪز به هاڻ منتشر ٿيڻ لڳو. ان ماحول ۾ هڪ عظيم هستي سرزمينِ هند تي جلوه گر ٿِي، طريقه عاليه نقشبنديه مجدديه جي ٻيهر ڀرپور اشاعت جو ذمو پنهنجي سِر کنيائون. هن بزرگ هندستان جي اولهندي حصي (موجوده پاڪستان) ۾ پشتونخواهه ۽ پنجاب ٻنهي صوبن جي سرحدي علائقي موسيٰ زئي شريف ۾ پنهنجو مرڪز قائم ڪيو. جتان مجددي فيض جي اهڙي ته پالوٽ ڪيائون جو ڪُجا پشتون خواهه ڪُجا پنجاب، بلڪ افغانستان، هندستان ۽ هاڻوڪي پاڪستان جي جَهر جَهنگ، بَرَ بَحَرَ، خُشڪِي تَر کي مجددي فيض سان جرڪائي ڇڏيائون. موجوده پاڪستان ۾ مجددي فيض جون وڏيون وڏيون خانقاهون سندن مرعونِ منت آهن. خاص ڪري پنجاب ۽ پختون خواهه صوبن اندر ننڍيون وڏيون اڪثر مجددي خانقاهون سندن فيض يافته آهن.
ان مجددي سلسلي جي عظيم المرتبت، عظيم المقام ۽ عظيم الشان هستيءَ جو اسمِ گرامي آهي، حضرت خواجه حاجي دوست محمد قنڌاري قدس سره العزيز.  
ولادت: پاڻ 1216هه/1801ع ۾ قنڌار (افغانستان) لڳ ڳوٺ ارغسان يوسف زئي ۾ پيدا ٿيا. سندن والدِ گرامي آخوند ملا علي رحمته الله عليه يوسف زئي دراني قبيلي جا معزز شخص هئا. حاجي صاحب قدس سره جن جا ويجها رشتيدار سندن ننڍپڻ ۾ ئي وفات ڪري ويا.
ابتدائي تعليم:  جڏهن ڪجهه سوچ سمجهه سان ٿيا ته تعليم جي حصول جو شوق ذوق منجهائن پيدا ٿيو. سڀ کان پهرين قرآن مجيد پڙهيائون. ان کان بعد عربي ۽ فارسي ٻولين ۾ ديني تعليم جي شروعات ڪيائون. پهرين پنهنجي تَرَ قنڌار ۾ ۽ پوءِ ڪابل جي مدرسن ۾ تعليم حاصل ڪندا رهيا.
حق جي ڳولها: الله تعاليٰ جي محبت ۽ معرفت جي حصول جو جذبو منجهائن ازل جي ڏينهن کان ئي وديع ٿيل هو. ننڍپڻ کان وٺي سندن طبيعت عام کان الڳ هئي. دنيا کان بي رغبتي سندن سرشت ۾ هئي. ايام طالب علميءَ کان اولياء الله جي صحبت ۾ اچ وڃ به گهڻي رکندا رهيا. جتي ڪنهن بزرگ جو ڏَس پَتو ملندو هو اتي هلي وڃي سندس صحبت ۾ ڪجهه ڏينهن گذاريندا هئا.
آثارِ ولايت: طالب علمي جي زماني ۾ ئي منجهن بزرگي جا آثار نظر اچڻ لڳا. پاڻ فرمائيندا هئا:
”هڪ ڏينهن ٻين طالبن سان گڏ بابا ولي قدس سره جي زيارت لاءِ وڃي رهيا هياسين ته واٽ تي هڪ مجذوب ويٺل مليو. ان کان جيڪو طالب لنگهيو ٿي ته ان مجذوب ساڻس ڪا نه ڪا ڳالهه يا ڪو اشارو ڪيو ٿي. جڏهن منهنجو وارو آيو ته مجذوب فرمائڻ لڳو: ”هي طالبِ علم وڏي ڪمال ۽ حال وارن اولياء الله منجهان ٿيندو، ڇو ته هن جي پيشانيءَ ۾ معرفت جا اسرار جلوه گر آهن.“
حرمين شريفين جي حاضري: ڪجهه وقت کانپوءِ پاڻ حرمين شريفين حاضر ٿيا ۽ ڪيترو ئي عرصو اتي مقيم رهيا. حج ڪرڻ بعد پاڻ مدينه منوره ۾ قيام پذير ٿيا. ان دوران مسجدِ نبويءَ ۾ ظاهري علم جي حصول جو سلسلو پڻ جاري رکندا آيا. هڪ ڏينهن حضرت شاهه غلام علي دهلوي مجددي قدس سره جي ديدار جو شديد اشتياق منجهائن پيدا ٿيو. پاڻ بلا تاخير حجاز مان واپس اچي دهلي وڃڻ لڳا. پر پشاور پهچندي کين معلوم ٿيو ته بزرگ وصال فرمائي ويا. ان خبر کين ڏاڍو صدمو رسايو. مٿن گريو طاري ٿي ويو. نيٺ انهي ڏک جي عالَم ۾ واپس قنڌار پهتا ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ وري ظاهري تعليم ۾ مشغول ٿي ويا.
تُف هجي اهڙي علم تي جيڪو خوفِ خدا پيدا نه ڪري!
فرمائين ٿا ته ظاهري تعليم دوران ٻه اهڙا واقعا پيش آيا جن جي ڪري منهنجي دل ظاهري تعليم کان بيزار ٿي پئي. پهريون واقعو هي هيو ته هڪ فاجر ماڻهو هڪ فاحشه عورت سان ناجائز تعلقات رکيا. جنهن تي ان ماڻهوءَ جي ڳوٺ وارن بغير اکين ڏٺن شاهدن يا شرعي ثبوتن جي کيس ماري ڇڏيو. جڏهن اها خبر ان علائقي جي مولوين ۽ طالبن کي پهتي ته انهن خيال ڪيو ته اسان وقت جي حاڪمن يا قاضيءَ جي پهچڻ کان اڳي ڇو نه قاتلن کان فائدو وٺون. سو طالبن جو هڪ لشڪر تيار ٿيو، جنهن ان ڳوٺ تي حملو ڪري ڏنو. قاتلن کي ته ڦريائون پر سڄي ڳوٺ کان ڦر لٽ ڪيائون. پڇاڙيءَ ۾ انهن جي گهرن کي باهيون ڏيئي ڇڏيائون ۽ جَهجهي مقدار ۾ گڏ ڪيل حرام جي مال کي پاڻ ۾ ونڊي ورهائي وڏي مزي سان کائي کپائي ويا.
ٻيو واقعو هي پيش آيو ته هڪ طالبِ علم مالڪن جي اجازت کانسواءِ سندن ڍڳيءَ جي ٽنگ ڪپي وڌي. ويچاري ڍڳي رڙيون دانهون ڪندي اچي ڦَهڪو ڪَري ڪِري پئي. هن نا مراد ان کي ذبح ڪري ان جو گوشت وڏي مزي سان کائي ويو.
جڏهن هن فقير ان ٻن واقعن جي باري ۾ خبروار ٿيو ته منهنجي جسم ۾ ڏڪڻي پئجي وئي. فقير دل ۾ چيو: ”تف هجي اهڙي علم تي جنهن جي ذريعي نيڪ عمل نصيب نه ٿئي. ۽ جنهن سان الله جو خوف دل ۾ پيدا نه ٿئي. اهڙي علم کان جاهل رهڻ بهتر آهي. چنانچه فقير ظاهري علم حاصل نه ڪرڻ جو قسم کائي ڇڏيو.
آهه و زاري ڪندو قنڌار کان ڪابل روانو ٿيس. ڪابل پهچي پنهنجي قسم جو ڪفارو ادا ڪيم ۽ ٻيهر ظاهري علم ۾ مشغول ٿي ويس.“
تلاشِ شيخ: ان دوران سندن قلبي اضطراب ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو رهيو. نيٺ پاڻ بصري، ترڪستان، روم، ۽ ڪردستان جي ملڪن ۾ مرشد جي ڳولها لاءِ پريشان حال گهمندا رهيا. مختلف بزرگن جي صحبت ۾ ويهندا رهيا. پر سندن قلب مبارڪ کي ڪٿي قرار نصيب نه ٿيو.
نيٺ هرات جي بزرگ شيخ عبدالله هراتي رحمته الله عليه جي امر موجب حضرت شاهه ابو سعيد دهلوي نقشبندي مجددي قدس سره وٽ حاصر ٿيڻ لاءِ دهلي روانا ٿيا.
بيعتِ اول: کين سمنڊ رستي بمبئي کان لنگهندي دهلي وڃڻو هيو. پر سندن خوش قسمتي جو پاڻ جڏهن بمبئي پهتا ته کين معلوم ٿيو ته حضرت شاهه ابو سعيد دهلوي رحمته الله عليه حج ادا ڪرڻ جي ارادي سان دهليءَ مان روانا ٿيا هئا ۽ هاڻي پاڻ به بمبئي ۾ جلوه گر آهن. سندن خوشيءَ جي ڪا حد نه رهي. بلا تاخير سائين جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي بيعت ڪيائون. حضرت شاهه ابو سعيد دهلوي محبوب حقيقيءَ جي معرفت جي حصول لاءِ ڪيل سندن سفرن، جفاڪشين، جدوجهدن جي روئداد ٻڌي کين فرمايو ته ”تنهنجي باطني ڪُشائش جي لاءِ وقت گهربل آهي. مان حج تي وڃي رهيو آهيان ۽ منهنجون مڙئي روحاني لطافتون حجاز جي سرزمين ڏانهن مرڪوز آهن. تنهنڪري توهان روحاني  تسڪين لاءِ منهنجي فرزند شاهه احمد سعيد وٽ دهليءَ وڃي صحبت اختيار ڪيو. انهن کان فيض وٺو. ٻي صورت ۾ هتي بمبئي ۾ رهي منهنجي حج تان واپسيءَ جو انتظار ڪيو.“ حاجي صاحب قدس سره دهليءَ وڃڻ کي ترجيح ڏني.
بيعتِ ثاني: جڏهن اڃان دهليءَ لاءِ روانا ئي مس ٿيا ته سفر دوران هڪ رات خواب ۾ کين حضرت شاهه احمد سعيد مجددي قدس سره العزيز جي زيارت نصيب ٿي.
پاڻ ساڻن مخاطب ٿيندي فرمايو: “شما ما ذونِ ما هستيد” توهان منهنجا خليفا آهيو. صبح جڏهن بيدار ٿيا ته سندن اندر ۾ دهليءَ لاءِ عجيب ڪشش جاڳي پئي. پاڻ فرمائين ٿا جيئن ئي خانقاه معليٰ مظهريه ۾ داخل ٿيس ۽ حضرت شاهه احمد سعيد مجددي قدس سره العزيز جي رُخِ انور تي نظر پيم ته سمورا ڏک ڏوجهڙا هڪ لحظي ۾ لهي ويا. سمورن دردن جو دارُو ٿي ويو.
منم که ديده بديدار دوست کردم باز
چه شکر گويمت اے کارساز بنده نواز
ڇ
اللھ جا لک لک ٿورا مڃيم. شڪراني جا نفل پڙهيم. ۽ ذڪر الاهي ۾ مشغول ٿي ويس. ايستائين جو حضرت شاهه ابو سعيد مجددي قدس سره جي حج کان واپسيءَ وقت ٽونڪ جي مقام تي وصال ڪري وڃڻ جي خبر ٻڌيسين. وصال جي خبر ڇا هئي ڄڻ ته ڪو ڏکن جو جبل اسان مٿان اچي ڪريو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مون حضرت شاهه احمد سعيد مجددي قدس سره العزيز سان تجديدِ بيعت ڪئي. حضرت صاحب جن جي نوراني سيني کان تجليات، ڪشفيات، ڪمالات، برڪات، اظهارات منهنجي مٿان وارد ٿيڻ شروع ٿيا.“
پنهنجي شيخ سان محبت: حاجي صاحب قدس سره جي پنهنجي مرشد سان بي پناهه محبت ۽ عقيدت هوندي هئي. سندن محبت جو عالم هي هو جو پنهنجي پِيرَ جي جُتِي مبارڪ کڻي پنهنجي چَهِري سان مليندا هئا ۽ بي اختيار روئندا هئا. پنهنجي مرشد جي ذاتي بيت الخلاء جي صفائي پنهنجي هٿن مبارڪن سان ڪندا هئا ۽ ان شيءِ کي پنهنجي لاءِ افتخار جو سبب ڄاڻندا هئا.
دلبرَ سان دل لائڻ جو صلو: اهڙي پر خلوص ۽ بي ريا محبت جي موٽ ۾ سندن مرشد حضرت شاهه احمد سعيد قدس سره به ساڻن ڏاڍي محبت رکندا هئا. سندن مرشد فرمائيندا هئا: ”حاجي صاحب (قدس سره) جيڪو ڪجهه حاصل ڪيو آهي سو کين مون سان محبت جي صدقي مليو آهي ۽ مون کي جيڪا محبت ساڻن آهي سا سلسلي جي متوسلين منجهان ٻئي ڪنهن سان ناهي.“
بشارت ۽ پيش گوئي: حضرت شاهه احمد سعيد قدس سره حاجي صاحب قدس سره جي متعلق فرمائيندا هئا ته جهڙي طرح حضرت شاهه غلام علي دهلوي قدس سره (المتوفي 1240هه/1824ع) جي خليفن منجهان مولانا خالد رومي رح (المتوفي 1242هه/1826ع) امتيازي حيثيت رکندا هئا ۽ انهن جي ذريعي سان مجددي فيض ڪثرت سان ڦهليو، تهڙي طرح حاجي صاحب به ولايت ۾ عظيم الشان مقام تي فائز ٿيندا ۽ هزارين لکين ماڻهو کانئن مستفيض ٿيندا.“
عنايتِ خلافت: پاڻ فرمائين ٿا ته پوري هڪ سال، ٻن مهينن ۽ پنجن ڏينهن بعد حضرت قبله شاهه احمد سعيد مجددي قدس سره العزيز مون بي مايه انسان کي سلاسل اربعه جو سلوڪ طيءِ ڪرايو ۽ فقير کي ڪمال التڪميل تائين پهچايو. ۽ گڏو گڏ چئن مشهور طريقن يعني نقشبندي، قادري، چشتي، سهروردي سميت بلڪه اٺني سلسلن (چار سلسله وڌيڪ) قلندريه، ڪبرويه، مداريه، شطاريه ۾ اجازت نامو لکي ڏنائون ۽ هن فقيرِ بي نوا کي خلعتِ خلافت سان نوازيائون. موڪلاڻي وقت هڪ دستار، هڪ قميص ۽ هڪ ڪلاه مبارڪ تبرڪ طور پڻ ڏنائون.“
افغانستان پهرين روانگي: حاجي صاحب قدس سره جي رخصتي وقت خانقاهه مظهريه مان ٻاهر تائين موڪلائڻ لاءِ حضرت شاهه احمد سعيد قدس سره بنفسِ نفيس آيا. ڪافي دير تائين حاجي صاحب لاءِ دعا فرمايائون. دعا کانپوءِ اچڪزئي قبيلي جي سردار کي فرمايائون ”حاجي صاحب توهان سان گڏ آهي، ڄڻ ته هي فقير اوهان سان گڏ آهي.“  وڌيڪ فرمايائون ته ”سڄي دنيا هن منجهان فائدو وٺندي.“ اهو جملو پاڻ ٽي ڀيرا ورجايائون.
دهلي واپسي: ڪجهه عرصو افغانستان ۾ قيام بعد پاڻ ٻيهر پنهنجي پير و مرشد جي بارگاهه ۾ حاضر ٿيا. سندن شيخ هن ڀيري به ساڻن ڪرمنوازي ڪندي تمام لطائف تي کين توجه سان نوازيو. ٻيو اجازت نامو پڻ لکي ڏنائون.
افغانستان ٻيهر روانگي: حضرت شاهه احمد سعيد قدس سره جي ڪجهه افغان مريدن سندن خدمت ۾ عرض گذاريو ته شريعت ۽ طريقت جي تعليم لاءِ پنهنجي خلفاء مان ڪو خليفو اسان جي علائقي ۾ رهڻ لاءِ موڪليو. حضرت شاهه صاحب قدس سره حاجي صاحب کي امر فرمايو. موڪلاڻي وقت حضرت شاهه صاحب حاجي صاحب قدس سره جو هٿ پڪڙي انهن افغانين سان مخاطب ٿيندي فرمايائون ته ”حاجي صاحب توهان سان گڏ آهي، ائين سمجهو ته مان توهان سان گڏ آهيان. حاجي صاحب جو وجود اهڙو ته اڪسير آهي جيڪو ٽامي کي به سون ڪري سگهي ٿو.
هن جو قدر ڪجو. هي ناياب گوهر اَٿَو. هن جي صحبت ۾ ويهڻ وارو محروم نه رهندو.“
آهن که بپارس آشنا شد 
آنهم بصورت طلا شد۔
]
(لوهه جڏهن پارس کان واقف ٿيو، ان جي سنگت ۾ آيو ته اهو به سون بڻجي پيو.)
مرجع خلائق: جڏهن حاجي صاحب قدس سره افغانستان جلوه افروز ٿيا ته کين پنهنجي پير و مرشد جي توجه سبب افغانستان ۾ ايڏي ته عام پذيرائي ۽ قبوليت نصيب ٿي جو پاڻ مرجع خلائق بڻجي پيا. هڪ ڏينهن ۾ ئي چار سؤ ماڻهو مور ۽ ملخ جيان مٿن پلٽجي پيا. جن ۾ متبحر عالم ۽ فاضل به شامل هئا. عوام الناس جو ته ڪو ڳاڻيٽو ئي ڪونهي.
حاجي صاحب قدس سره جي مقام ۽ مرتبي جو اندازو هن ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو جو سندن مرشد حضرت شاهه احمد سعيد مجددي قدس سره افغانستان جي ڪيترن ئي مجددي خانوادي سان واسطيدار سجاده نشينان کي حاجي صاحب رحمته الله عليه کان توجه وٺڻ لاءِ مسلسل مڪتوب ارسال فرمائيندا رهيا. جن ۾ صراحت سان تحرير فرمايائون ته منهنجو هي خليفو ڪامل اڪمل آهي. هن جي صحبت منجهان توهان کي حضرت شيخ مجدد سرهندي قدس سره وارو فيض ملندو. توهان هن جي صحبت ۾ ويهو. هن کان توجهات وٺو.
موسيٰ زئي شريف ۾ خانقاهه جو قيام: حضرت حاجي صاحب قدس سره گرمين جي موسم قنڌار (افغانستان) ۾ گذاريندا هئا ته سردين جي موسم دامان (موجوده پاڪستان) ۾ گذاريندا هئا. ان ڪري سندن مراڪز قنڌار جي مضافات ۾ به هئا ته دامان ۾ به. جتي پڻ سالڪن ۽ طالبن جي تربيت جو سلسلو جاري رهندو هو. ڪجهه عرصي بعد افغانستان ۾ خانه جنگي ۽ دامان جي تَرَ جي جماعت جي اصرار سبب پاڻ نئين خانقاهه تعمير ڪرڻ جو ارادو ڪيائون. نيٺ ڪافي غور و ويچار کانپوءِ پاڻ موجوده پاڪستان جي پشتونخواهه ۽ پنجاب صوبن جي سرحدي پَٽِيءَ ۾ ڊيره اسماعيل خان ويجهو موسيٰ زئي شريف کي خانقاهه لاءِ منتخب فرمايائون. خانقاهه تي نالو پنهنجي مرشد شاهه احمد سعيد مجددي قدس سره جي نسبت سان ”خانقاههِ عاليه احمديه سعيديه“ رکيائون.


خانقاههِ عاليه احمديه سعيديه موسيٰ زئي شريف، ڊيره اسماعيل خان، پشتون خواهه.
جتي حاجي دوست محمد قنڌاري، خواجه محمد عثمان داماني ۽ خواجه سراج الدين نقشبندي مجددي قدس الله اسرارهم جون مزارات آهن.

خانقاهه معليٰ مظهريه جي ذميداري:
مٿي ذڪر ٿي چڪو ته ڪهڙيءَ طرح حضرت شاهه احمد سعيد دهلوي قدس سره العزيز خانقاههِ مظهريه دهليءَ مان هجرت فرمائي حجاز مقدس هليا ويا. دورانِ روانگي پاڻ موسيٰ زئي شريف پڻ جلوه گر ٿيا. ڪجهه ايام هتي قيام فرمايائون. نيٺ خانقاههِ مظهريه دهلي شريف جي سار سنڀال جي مڪمل ذميداري پنهنجي هن جليل القدر خليفي حاجي صاحب قدس سره جي حوالي فرمايائون.
ٽن خانقاهن جا سرپرست: هاڻي حاجي صاحب قدس سره هڪ ئي وقت ٽن خانقاهن (قنڌار، موسيٰ زئي شريف ۽ دهليءَ جي خانقاهن) کي سنڀالي رهيا هئا. انهن خانقاهن کي مرڪز بڻائيندي پاڻ طريقه عاليه جي ترويج جو منظم انداز ۾ ڪم ڪيو. هڪ اندازي مطابق هڪ سؤ ويهه سندن خلفاءِ ڪرام هڪ پاسي قنڌار، ڪابل ۽ هرات جي مضافات ۾ سندن پيغام عام ڪري رهيا ته ٻئي پاسي موجوده پاڪستان جي پشتون خواهه ۽ پنجاب صوبن ۾ پڻ مخلوق کي مستفيض ڪري رهيا هئا.
وصال پر ملال ۽ جانشين: پاڻ هڪ عالَم کي فيضياب ڪري آخرڪار سومر جي رات 22 شوال المڪرم 1284هه بمطابق 16 جنوري 1868ع ۾ وڃي پنهنجي محبوب حقيقيءَ سان ملاقي ٿيا. سندن مزار پرانوار خانقاههِ عاليه احمديه سعيده موسيٰ زئي شريف ۾ واقع آهي. سندن وصيت مطابق سندن عالي مرتبت خليفي خواجه محمد عثمان داماني رحمته الله عليه کي سندن جانشين مقرر ڪيو ويو.


مزار پر انوار حضرت حاجي دوست محمد قنڌاري قدس سره
خانقاههِ عاليه احمديه سعيديه موسيٰ زئي شريف

تحفه ابراهيميه، يعني حاجي دوست محمد قنڌاري رحمت الله عليه جا مڪتوبات

مراجع: (1) “مواهبِ رحمانيه”، ج 1، “التجليات الدوستيه”/مولانا اسماعيل سراجي رحمته الله عليه، (2) “تاريخ و تذکره خانقاه احمديه سعيديه”، موسيٰ زئي شريف/نذير رانجها، (3) “رودِ کوثر”/شيخ محمداکرام.