Tuesday 10 September 2013

اسلامي تاريخ جا ٻه مختلف ۽ متضاد ڪردار

ٻه مختلف ۽ متضاد ڪردار:

بني عباس بني اميه کان اقتدار کسيو هيو. جنهن کان پوءِ هنن اموي گهراڻي جي هڪ هڪ فرد کي قتل ڪرڻ شروع ڪيو، ته جيئن تخت جو ڪو دعويدار ئي باقي نه بچي. تڏهن هڪ اموي شهزادو عبدالرحمٰن الداخل عباسين جي گرفت کان بچي نڪتو ۽ سِرُ بچائي مختصر فوج ساڻ ڪري وڃي آفريڪا کان ٿيندو يورپ پهتو. جتي اسپين ۾ حڪومت قائم ڪيائين. بنو عباس جو دارالسلطنت بغداد هيو جڏهن ته اسپين جي اموي حڪومت جو گاديءَ جو هنڌ قرطبه هيو. مذڪوره تاريخي پسمنظر سبب ٻنهي حڪومتن ۾ رقابت هلندي آئي. فرانس اموي سلطنت جو پاڙيسري هيو. بغداد هنن فرانس جي بادشاهه جي خدمت ۾ قيمتي تحفه تحائف موڪلڻ شروع ڪيا ۽ سندن حوصله افزائي ڪئي ته جيئن هو اموي حڪومت جي خلاف ڪارروائي ڪري بغداد جو هنيانءُ ٺارين. ٻئي پاسي کان بغداد جو پاڙيسري ملڪ قسطنطيه هيو. اڳوڻي رومي شهنشاهيت جو وارث قيصرِ روم پنهنجي ملڪ جو وڏو حصو وڃائي باقي بچيل حصي تي حڪومت ڪري رهيو هيو. قيصرِ روم سمجهيو ته جيئن بغداد جو مسلم بادشاهه اموي بادشاهه جي خلاف فرانس جي مدد ڪري رهيو آهي تيئن اگر مان بغداد جي خلاف مهم شروع ڪندس ته قرطبه جو مسلمان حاڪم منهنجي ضرور مدد ڪندو.
ان خيال سان قيصرِ روم پنهنجو سفير 209هه ۾ شهزاده عبدالرحمٰن الثاني حاڪمِ قرطبه جي دربار ڏانهن موڪليو. هاڻي بظاهر ٿيڻ ته هيئن کپندو هيو ته قرطبه جو حاڪم هن سفير جو ڀرپور استقبال ڪري ها. ڇاڪاڻ ته هو سندس دشمن جي خلاف محاذ آرائي ڪري رهيو هيو. ان سان هو اهلِ بغداد کان پنهنجي وڏڙن جي قتل جو پلاند وٺي سگهيو ٿي. پر شهزادي عبدالرحمٰن ان سفير طرف ڪابه توجهه نه ڏني. نيٺ هڪ ڏينهن قيصر جي سفير واضح لفظن ۾ کيس چيو ته اگر توهان اسان جي بادشاهه سان دوستي ڪريو ته ان جي تعاون سان توهان پنهنجي اباڻي سلطنت (شام، عراق، عرب، وغيره) عباسين کان واپس وٺي سگهو ٿا. ان آڇ جي موٽ ۾ شهزادي عبدالرحمٰن هيڏانهن هوڏانهن جون رسمي ڳالهيون ڪري وفد کي موٽائي ڇڏيو.
 تاريخ جا هي ٻه اهم مثال آهن. انتقامي جذبن هيٺ دشمن جي دشمن کي دوست بڻائڻ هڪ سطحي فعل آهي. اعليٰ انسان اهو آهي جيڪو اهڙن جذبن کان مٿاهون هجي. جيڪو ماڻهن سان اصول جي بنياد تي هلت هلي نه ڪي دوستي ۽ دشمني جي بنيادن تي. 
(اسباقِ تاريخ، مولانا وحيدالدين خان، ص 132)
سنڌيڪار: فقير جاويد ڪرمي


0 comments: