Tuesday 10 September 2013

سطحي ۽ گهري علم ۾ فرق

سِطَحي ۽ گِهري علم ۾ فرق:



 قويله خان (چنگيز خان جو پوٽو ) 655 هجري ۾ چنگيز خان جي تخت حڪومت تي ويٺو. هڪ دفعو اباقا خان ابن هلاڪو خان خراسان مان قويله خان جي لاءِ پيغام موڪليو ته  مونکي يهودين ۽ مجوسين ٻڌايو آهي ته مسلمانن جي ڪتاب قرآن ۾ لکيل آهي ته مشرڪن کي جتي ڏسو قتل ڪري ڇڏيو. توهان جو ان تعليم جي متعلق ڇا خيال آهي. قويله خان ڪجهه مولوين کي گھرائي کانئن پڇيو ته ڇا توهان جي قرآن ۾ واقعي اهڙو حڪم موجود آهي؟ ان تي مولوين نهايت سادگيءَ سان چيوبرابر اهڙو حڪم قرآن ۾ ته موجود آهي!“ جواب ٻڌي قويله خان ڇرڪ نڪري ويو. ڪجهه دير سوچڻ کانپوءِ وري پڇڻ لڳو ”پوءِ ڀلا توهان اسان کي قتل ڇو نٿا ڪيو؟“ مولوين چيو هن وقت اسان ايتري طاقت نٿا رکون. جڏهن اسان طاقت ۾ اينداسين ته توهان کي قتل ڪنداسين.“ قويله خان ويتر ٻوساٽجي ويو. بنا دير تحڪمانه انداز ۾ چوڻ لڳو: ”جيئن ته هن وقت اسان طاقت رکون ٿا تنهنڪري اسان کي گھرجي ته توهان کي قتل ڪرائي ڇڏيون.“ اهو چئي قويله خان انهن کي قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ اهو حڪم جاري ڪيائين ته مسلمانن کي جتي ڏسو قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن اها خبر مولانا بدرالدين بيهقي ۽ مولانا حميدالدين سمرقندي کي پئي ته اهي قويله خان وٽ آيا ۽ چيائون ته توهان مسلمانن جي قتل عام جو حڪم ڇو جاري ڪيو؟ قويله خان چيو ته هي ٻڌايو ته ”اقتلوا المشرکين“ جو حڪم جيڪو قرآن ۾ آهي ان جو مطلب ڇا آهي؟ ان تي ٻنهي عالمن جواب ڏنو ته عرب جا بت پرست جيڪي مسلمانن کي قتل ڪرڻ لاءِ بضد هئا. انهن جي نسبت الله تعالى پنهجي پيغمبر کي حڪم ڏنو ته توهان پنهنجي دفاع جي لاءِ انهن کي قتل ڪريو. هي حڪم توهان جي لاءِ نه آهي. توهان ته خدا جي وحدانيت جا قائل آهيو ۽ هميشه پنهنجي فرمان جي مٿان خدا جو نالو ضرور لکندا آهيو. اهو ٻڌي قويله خان تمام گھڻو خوش ٿيو ۽ اهو حڪم جاري ڪيائين ته منهنجو پهريون حڪم جيڪو مسلمانن جي قتل بابت جاري ٿيو اهو منسوخ سمجهيو وڃي.


0 comments: