Tuesday 10 September 2013

رڳو علم ڄاڻڻ ڪافي ناهي

رُڳو علم ڄاڻڻ ڪافي ناهي



بو علي سينا تمام وڏو عالم فاضل شخص هو. هڪ ڀيري پنهنجي دور جي تمام وڏي بزرگ شيخ ابوسعيد ابوالخير سان مليو ۽ ڪجهه ڏينهن وٽن ترسي پيو. جڏهن بزرگ کان موڪلائي واپس ورڻ لڳو ته بزرگ جي هڪ خاص خدمت گذار مُريد کي چيائين:”مان اڄ هتان وڃان پيو. مون کان پوءِ تنهنجو مرشد منهنجي متعلق جيڪي به تاثرات ڏئي، تون اُهي ڪاغذ تي لکي مون ڏي موڪلجان. ڏسان ته بزرگ منهنجي باري ۾ ڇا ٿو چوي!“
بوعلي سينا کي واپس ورئي ڪيترا ئي ڏينهن گذري ويا پر بزرگ سندس متعلق هڪ لفظ به ارشاد نه فرمايو. ڪافي ڏينهن کانپوءِ بزرگ جي خادم سندن خدمت ۾ عرض ڪيو: ”قبله بو علي سينا اوهان وٽ رهي ويو هو. سائين جن سان علمي ڪچهريون به ٿيون هيس. ڀلا سائين جن کي بوعلي سينا صاحب ڪيئن لڳو؟“ مُريد جو سوال ٻڌي بزرگن فرمايو: ”ابا! حڪيم ته ڏاڍو ڀلو آهي. وٽس علم به گهڻو آهي پر مڪارمِ اخلاق نه ٿو رکي.“
بزرگ جي مريد بوعلي سينا ڏي خط ۾ مٿيان جملا لکي موڪليا ته سائين جن اوهان جي متعلق هيئن فرمايو آهي. بو علي سينا جڏهن خط پڙهيو ته اچرج ۾ پئجي ويو. بلا دير بزرگ جي مريد ڏي خط لکيائين ته مون کي تنهنجي تحرير تي حيرت ٿي آ. مون ڀڻا مڪارم اخلاق تي کوڙ ڪتاب لکيا آهن. بزرگ منهنجي باري ۾ ائين ڪيئن ٿو چئي سگهي ته مان مڪارمِ اخلاق نه ٿو ڄاڻان. مُريد بوعلي سينا جا اهي جملا جيئن جو تيئن حضرت شيخ ابو سعيد جي خدمت ۾ عرض ڪيا. بزرگ جي چهري مبارڪ تي مسڪراهٽ تري آئي. فرمائڻ لڳا:
من ایں نه گفتم که  مکارم اخلاق نه داند، گفته ام که  ندارد (فوائد الفواد)
مون ائين نه چيو ته مڪارمِ اخلاق نه ٿو ڄاڻي پر مون هيئن چيو ته مڪارمِ اخلاق نه ٿو رکي.

هڪ آهي علم ۽ ٻيو آهي عمل. علم ذهن ۽ حافظي سان تعلق رکي ٿو. علم وارو ماڻهو صرف ڄاڻيندو آهي پر عمل وارو ماڻهو ڄاڻ سان گڏ اُن ۾ خود شامل به ٿي ويندو آهي. ڄاڻڻ سولو ڪم آهي. ڪو به ماڻهو ڪتاب پڙهي دين جون ۽ اخلاق جون ڳالهيون ڄاڻي سگهي ٿو. پر عمل ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. عمل جي لاءِ ماڻهوءَ کي پاڻ کي پِيهِڻو پوندو آهي. ڇو ته پِيٺل سفوف ئي پاڻي ۾ مِلي ويندو آهي نه ڪي ڄميل ٽڪرا. جنهن علم سان گڏ عمل نه هجي ان علم جو حقيقت جي دنيا ۾ ڪو قدر ڪونهي.

0 comments: