Tuesday 24 December 2013

The Role of Naqshbandi Sufis in the development of Sindhi Language & Literature (Part Three & Last)

دورِ جديد (1947_ 2013ع):
پاڪستان جي قيام کان پوءِ واري دور کي سنڌي ادب جو جديد دور قرار ڏئي سگهجي ٿو. هن دور ۾ سنڌي ٻولي توڙي ادب جي ترقيءَ لاءِ ڪيترائي سرڪاري ادارا (سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي لينگويج اٿارٽي، سنڌيالاجي، وغيره) قائم ڪيا ويا، جيڪي هن وقت سنڌي ٻولي ۽ ادب جي فروغ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن. هنن ادارن مان هزارين سنڌي ڪتاب، رسالا يا ميگزين شايع ٿي چڪا آهن ۽ ٿي رهيا آهن. درجنين سنڌي اخبارون ۽ رسالا پڻ سنڌي ٻوليءَ جي فروغ ۾ مصروف آهن. هن دور ۾ خانگي ادبي تنظيمون (سنڌي ادبي سنگت) ۽ ادارا پڻ وجود ۾ آيا، جن جي ڪاوشن سبب پڻ سنڌي ٻولي جي اوسر جي رفتار تيز ٿي. ادبي محفلن، ڪانفرنسن ۽ گڏجاڻين جي رجحان زور ورتو، جن اهلِ ادب حضرات کي هڪ هنڌ گڏ ڪري مٿو ٽيڪي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت لاءِ گڏيل سوچ ويچار جا موقعا فراهم ڪيا. گلوبلائيزيشن جي وڌندڙ تصور سبب سنڌي اديبَ عالمي ادبي تحريڪن سان سلهاڙجي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي ادب ۾ عالمي ادبي صنفون متعارف ٿيون ۽ عالمي فڪري تحريڪن جو سنڌي ادب تي اثر پيو. انهن فڪري تحريڪن مان ترقي پسند تحريڪ جو اثر سنڌي ٻولي ۽ ادب تي اثر بيحد پيو.
ترقي پسند تحريڪ برصغير جي مسلمانن ۾ اردو زبان جي ترقي پسند اديبن جهڙوڪ: سجاد ظهير، سردار جعفري، فيض احمد فيض وغيره ذريعي مقبول ٿي. جنهن کان سنڌي اديب متاثر ٿيا. سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ ترقي پسند تحريڪ جا علمبردار مولانا غلام محمد گرامي، محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، رسول بخش پليجو، رشيد ڀٽي، تنوير عباسي ۽ ٻيا اديب، شاعر ۽ ليکڪ هئا. هنن اديبن جو وڏو حصو نظرياتي طور تي اشتراڪي فلسفي جو پيروڪار هو. هنن اديبن جي ان دور ۾ سرجيل شاعري توڙي نثر ۾ اشتراڪي قدرن جي ئي پرچار آهي.
هنن ترقي پسند اديبن سان بعض مذهبي سوچ جي حامل اديبن نظرياتي جهيڙو جوٽيو. ڪيترائي ورهيه تنقيد ۽ جوابي تنقيد جو سلسلو جاري رهيو. هڪ ٻئي خلاف ڪتاب لکيا ويا. بهر حال، ترقي پسند اديبن جو پلڙو ڀاري رهيو. سنڌي نثر توڙي نظم جي مڙني صنفن مٿان اڄ به ترقي پسند اديبن جو راڄ آهي.
هن دور ۾ نقشبندي سلسلي سان وابسته اڪثر اديبن شاعرن پنهنجي مذهبي ۽ صوفياڻن خيالن جي پرچار نثر توڙي نظم ۾ جاري رکڻ تي توجه مرڪوز ڪئي. هن دور جي ٻئي ڏهاڪي ۾، هڪ نقشبندي عالم پير ابراهيم جان سرهندي ترقي پسند اديب جناب جي ايم سيد صاحب جي ڪتاب ”جيئن ڏٺو آهي مون“ تي تنقيدي ڪتاب ”سنڌ سونهاري“ لکيو.
موجوده نقشبندي سلسلي سان لاڳاپيل اديبن، عالمن ۽ بزرگن ۾ وڏو نالو حضرت قبله خواجه محمد ڪرم الله انصاري المعروف ”دلبر سائين“ مدظله العالي جن جو آهي. پاڻ هي اکر لکڻ تائين ڪم و بيش سوا سؤ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ تصنيف ۽ تاليف ڪيا اٿن. ڪتابن جو هيڏو وڏو تعداد سنڌ جي مذهبي عالمن پاران شايد ئي ڪنهن سنڌي ٻوليءَ ۾ تحرير ڪيو هجي.
الغرض دورِ جديد ۾ نقشبندي صوفين جو مذهبي ادب تخليق ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار آهي. ان مختصر جائزي بعد هاڻي، هن دور جي نقشبندي بزرگن ۽ سندن سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ خدمتن جو جدا جدا مختصر ذڪر پيش ڪجي ٿو.
1.  قُطبِ عالَم حضرت پير محمد عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين قدس سره (1880_1964ع):[1]
پاڻ عظيم المقام عالمِ دين ۽ عظيم المرتبت نقشبندي مجددي بزرگ ۽ قادر الڪلام شاعر هئا. سندن اسمِ گرامي ”محمد عبدالغفار“ ۽ لقب ”پير مٺا“ هو. سندن ولادت پنجاب ۾ جلالپور پير والا لڳ ڳوٺ ”لنگر شريف“ ۾ هڪ روايت مطابق (1297هه) 1887ع ۾ ٿي. مولانا عاقل محمد سميت پنهنجي دور جي وڏن عالمن کان تعليم حاصل ڪيائون. نقشبندي مجددي سلسلي ۾ پير فضل علي قريشيءَ سان بيعت هئا ۽ سندن ئي طرفان کين اجازت حاصل هئي. سلسله عاليه جي تبليغ جي اجازت ۽ امر ملڻ بعد پاڻ پنهنجو اباڻو علائقو ڇڏي سنڌ ۾ تشريف فرما ٿيا. سندن سنڌ ۾ تشريف آوريءَ جو سال سندم مرشد حضرت خواجه محمد ڪرم الله نقشبندي قادري المعروف ”دلبر سائين“ مدظله العالي جي تحقيق موجب 1938ع آهي. مختلف مقامات تي ڪجهه عرصو رهي، ديني مراڪز قائم ڪندا ۽ سلسلي شريف کي ڦهلائيندا رهيا. تان جو لاڙڪاڻي شهر ۾ پهتا. جتي شهر کان ٻاهر رحمتپور شريف خانقاهه جو بنياد وجهي نهايت منظم انداز ۾ سلسلي جي ترويج ۾ راتيان ڏينهان مصروف ٿي ويا. 1964ع ۾ رحلت فرمائي ويا. سندن مزار پرانوار رحمتپور شريف لاڙڪاڻه ۾ آهي.
سندن ذاتِ گراميءَ طفيل نقشبندي مجددي سلسلي کي سنڌ ۾ بيحد ترقي نصيب ٿي. خواجه محمد زمان لوارين وارن ۽ پير سائين روضي ڌڻيءَ کان پوءِ سنڌ اندر جيڪڏهن ڪنهن به سلسلي جي بزرگ جي سلسلي کي تمام وڏي پئماني تي اجرا ۽ ترقي نصيب ٿي ته اهو سندن سلسلو ئي آهي. لاڙ کان سري تائين، ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين موجود وڏيون وڏيون خانقاهون ۽ انهن سان منسلڪ بيشمار مدرسا، عالمَ، حافظَ، قاري، واعظَ، پيش امامَ، استادَ، ليکڪَ، شاعرَ، اديبَ وغيره سندن فيض يافته آهن.
سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ خدمتون:
نثر: جيئن ته پاڻ اصل ۾ پنجاب جي سرائيڪي وسيب واري علائقي جا هئا، ان ڪري سندن مادري زبان به سرائيڪي هئي. سندن دست مبارڪ سان سنڌي ۾ ڪا تصنيف (نثر يا نظم ۾) لکيل ناهي، البت سندن ملفوظات کي سندن حياتِ مبارڪه ۾ ئي سندن خلفاءِ ڪرام سنڌيءَ ٻوليءَ جو ويس پهرائي محفوظ ڪيو، جن منجهان بعض بعد ۾ شايع پڻ ٿيون. انهن منجهان چند معلوم ملفوظات جو ذڪر پيش ڪجي ٿو:
1.       ”ملفوضات پير مٺا سائين“ جي عنوان سان هي ملفوظات پير مٺا سائين جي خليفي جناب سعد الله سومرو صاحب جن جمع ڪري سليس سنڌيءَ ۾ تحرير ڪيا. ڪتاب جي تخريج ۽ تعليق تي وڏي محنت مرشدي خواجه محمد ڪرم الله نقشبندي قادري المعروف دلبر سائين جن ڪئي ۽ سندن ذاتي دچسپي ۽ ڪاوشن سان هي ڪتاب 1432هه (2010ع) ۾ دربار فضل آباد شريف ماتليءَ تان شايع ٿيو.
2.       ”نور الصدور“ نالي هن ملفوظات جو جامع سندن ٻيو خليفو جناب غلام فريد غفاري صاحب هيو. هن ملفوظات پڻ تعليق ۽ تخريج جر مرحلي مان گذري 2010ع ۾ مرشدي خواجه محمد ڪرم الله نقشبندي قادري المعروف دلبر سائين جي ڪاوشن سان شايع ٿي.
3.       ”ملفوضاتِ غفاريه“ جي عنوان هيٺ 2010ع ۾ درگاهه الله آباد شريف ڪنڊيارو مان شايع ٿيندڙ هي ملفوظات مولانا عبدالرحمان صاحب وڳڻ وارن جمع ڪيا هئا.
سنڌي شاعري:
مٿي بيان ٿي چڪو ته سندن زبان خواجه غلام فريد واري مٺي سرائيڪي هئي. پاڻ پنهنجي مادري زبان سرائيڪي ۾ شاعري پڻ ڪندا هئا. راقم جي محدود معلومات مطابق پاڻ ڪو شعر سنڌي ٻوليءَ ۾ نه ڇڏيو اٿن. پر سندن ذاتِ گراميءَ طفيل ڪيترن ئي سندن مريدن ۽ خليفن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪرڻ جي ترغيب ملي، ان ڪري سندن ذڪر سنڌي ٻوليءَ جي اوسر ۾ ڪرڻ راقم الحروف ضروري ڄاڻي ٿو. در اصل سندن جماعت ۾ درجنين سنڌي ٻوليءَ جا شاعر موجود هئا، جن کي پنهنجي شعر گوئيءَ جي صلاحيتن کي اجاڳر ڪرڻ جو موقعو ميسر نه هو. جيڪڏهن سندن ذاتِ گرامي جي صحبت انهن شاعرن ۽ اديبن کي نصيب نه هجي ها ته هوند سندن شعر ۾ پختگي ڪانه اچي ها. کين شعر پيش ڪرڻ جو موقعو نه ملي ها، جنهن جو لازمي نتيجو اهو نڪري ها ته هُو شعر گوئيءَ ڏانهن ڪا اهم پيش رفت ڪري نه سگهن ها.
          جڏهن پير مٺا سائين جي سنڌ ۾ تشريف آوري ٿي ته پاڻ پنهنجي ديني ۽ اصلاحي مجلسن ۾ تقرير سان گڏ سماع بلا مزامير کي پڻ زور وٺرايائون. سندن محفلن ۾ مولود، منقبتون، مدحون، حمد، مناجات عام هونديون هيون. بزرگ پاڻ به سرائيڪي زبان ۾ دورانِ وعظ شاعري ترنم ۾ پڙهندا هئا. ان ماحول سبب سندن بعض مريدن ۽ خليفن کي شاعري ڪرڻ جو بيحد اُتساهه مليو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي شاعرن جو وڏو انگ نڪري نروار ٿيو جن جي سنڌي شاعري اسان جي سنڌي صوفياڻي شاعريءَ جو اهم سرمايو آهي.
2.            حضرت پير محمد الاهي بخش المعروف ”محبوبِ الاهي“ نور الله مرقده (1927_1990ع) [2]
پاڻ جيد عالمِ دين، بي مثل خطيب، قادرالڪلام شاعر، مصنف ۽ نقشبندي سلسلي جا عظيم المرتبت روحاني بزرگ هئا. سنڌ جي مشهور و معروف خانقاهه فضل آباد شريف ماتليءَ جا باني آهن. قُطبِ عالَم حضرت پير محمد عبدالغفار المعروف ”پير مٺا“جا جليل القدر خليفا هئا. عصرِ حاضر جي عظيم علمي، ادبي ۽ روحاني شخصيت حضرت قبله خواجه محمد ڪرم الله نقشبندي قادري المعروف ”دلبر سائين“ دامت برکاته جا والدِ گرامي ۽ مرشد هئا.
سندن اسم مبارڪ ”محمد الاهي بخش“ ۽ لقب ”محبوب الاهي“ هو. پاڻ 1927ع ۾ خيرپورناٿن شاهه لڳ ڪُرڪِٽ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيا. سنڌي فائنل خيرپورناٿن شاه لڳ ڳوٺ گوزي ۾ پڙهيا. ديني تعليم ڳوٺ ولي محمد، ڪڙيه غلام الله، ڳوٺ سلطان چانڊيو، پاٽ شريف، نصر پور، قمبر لڳ ڳوٺ يارو ديرو منجهان حاصل ڪيائون. سندن استادن ۾ مولانا ڇٽل لغاري صاحب، مولانا محمد اسحاق صاحب، مولوي عبدالرحمان، مولي محمد وارث لاکير، مولانا مولوي خان محمد آگرو، مولانا مولوي عبدالحق رباني، علامه مولانا حافظ عبدالرحمان ٻٻر صاحب جن جا نالا اڌي وڃن ٿا. طريقت ۾ پاڻ پهرين حضرت محمد قاسم مشوري رحمة الله عليه  سان قادري سلسلي ۾ بيعت ڪيائون. ان کان پوءِ سندن مرشد جي حڪم سان پير مٺا رحمة الله  سان نقشبندي سلسلي ۾ دست بيعت ٿيا. 23 ربيع الاول 1411هه (1990ع) بروز سومر تي رحلت فرمائي ويا.
سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ خدمتون:
نثر: پاڻ جيد عالم هئا. گڏو گڏ سنڌيءَ ٻوليءَ جي مروج تعليم فائنل تائين حاصل ڪئي هئائون. تن ڏينهن ۾ اڃان تعليم جو معيار اڄ جهڙو پٺتي پيل نه هو. تعليم جو معيار نهايت بلند هو. انهن ڏينهن جي سنڌي فائنل موجوده دور جي ايم اي برابر آهي. تنهنڪري سندن نثر نهايت عمده آهي. سندن نثر ۾ استعمال ٿيل ٻولي نهايت سليس ۽ گڏو گڏ اديبانه رنگ رچيل آهي. جابجا اشعار سان مزين آهي. نثر ۾ پاڻ هيٺيون تصنيفات يادگار ڇڏيون اٿن:
1.       قوة السالڪين: هي ڪتاب تصوف جي موضوع تي تصنيف فرمايو اٿن. 209 صفحن تي مشتمل آهي ۽ درگاهه فضل آباد شريف ماتليءَ طرفان شايع ٿيل آهي.
2.       راحت القلوب: هن ڪتاب ۾ اسلام جي پنج رڪنن ڪلمي، نماز، روزي، حج، زڪوات بابت قرآن و حديث جي روشني ۾ نصيحتون ٿيل آهن. عشقِ حبيبِ مصطفيٰ جي اهميت حقيقت ۽ حيثيت ڇا آهي؟ ان کان علاوه مواعظ و نصائح سان گڏ تصوف ۽ اخلاقيات جي تعليم ڏنل آهي. ڪتاب اڻ ڇپيل آهي.
3.       مڪتوباتِ محبوبِ الاهي: هي ڪتاب حضرت جن جي مڪتوبات (خطن) تي مشتمل آهي. جيڪي پاڻ مختلف ماڻهن کي لکيا هئائون. جن مان هر خط علمي ۽ فڪري شهه پارو آهي. جن ۾ تصوف جا رموز ۽ اسرار بيان ٿيل آهن. اهي خط سندن فرزندِ ارجمند ۽ سجاده نشين خواجه محمد ڪرم الله نقشبندي قادري مدظله جن سهيڙي سميٽي، ڪجهه وقت اڳ مڪتوباب محبوب الاهي نالي ڇپيا هيا.
4.       نور القلوب: هن ڪتاب جو ڪجهه حصو عربي ته ڪجهه حصو فارسي ۾ آهي. ڪتاب اڻ ڇپيل آهي.
5.       بهجة القلوب: هي ڪتاب پڻ تصوف جي موضوع تي لکيل آهي ۽ ڇپيل به آهي.
6.       اخلاقِ محمدي: رسول الله ﷺجي سيرت جي موضوع تي سنڌي ۾ لکيل ڪتاب آهي، جنهن ۾ پاڻ آسان سنڌي ۾ محبوب ڪريم جا شمائل، فضائل ۽ خصائل بهترين انداز ۾ لکيا اٿن.
7.       جلاءُ القلوب: هي ڪتاب سندن نصيحتون آهن، جيڪي ملفوظات جي صورت ۾ سندن فرزند ۽ سجاده نشين خواجه محمد ڪرم الله نقشبندي قادري صاحب جن قلمبند ڪيون هيون. هي ڪتاب ڇپيل آهي.
8.       حق نما: هي ڪتاب حضرت جن جي سفر جي روئداد آهي. جيڪا پڻ سندن صاحبزاده ۽ موجوده سجاده نشين خواجه محمد ڪرم الله مدظله جن لکي هئي. سندن اقوالِ زرين ۽ احوالِ شيرين جو مجموعو آهي.
شاعري: سندن ملفوظات شريف جي پڙهڻ ۽ سندن آڊيو خطاب ٻڌڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سندن ادب سان، خاص ڪري شاعريءَ سان بيحد لڳاءُ هو. پاڻ مجالس ۾ اڪثر و بيشتر اشعار پڙهيا اٿن. جنهن نڪتي تي وضاحت فرمائي اٿن ته آخر ۾ يا وچ ۾ يا منڍ ۾ شعر سان ان جي تائيد ڪئي اٿن جنهن سبب سندن گفتار بيحد اثرائتي محسوس ٿئي ٿي. شاعريءَ ۾ به ڪنهن هڪ ٻوليءَ جي شاعري نه بلڪ عربي، فارسي، سنڌي، سرائيڪي پنجابي شاعريءَ جا متواتر اشعار کين ياد هوندا هئا. وري هر هڪ ٻوليءَ ۾ به ڪنهن هڪ شاعر جا اشعار نه بلڪ بيشمار شاعرن جا اشعار کين ياد هوندا هئا جيڪي بروقت بيان ڪري پنهنجي پر اثر گفتار ذريعي سامعين مٿان سحر طاري ڪري ڇڏيندا هئا. مثلاَ فارسيءَ ۾ اوهان کي سندن خطابات يا شايع ٿيل ملفوظات ۾ رڳو مولانا رومي جا اشعار نه ملندا، پر، سعدي، حافظ، نظامي، غرض ته فارسيءَ جي جملي باڪمال شاعرن جا اشعار کين ياد هوندا هئا. شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي ڪلام جا ته گويا پاڻ حافظ هئا. اهو ئي سبب آهي جو خود به شاعريءَ جي فن ۾ طبع آزمائي ڪيائون ۽ قادرالڪلام شاعر بڻجي پيا. سندن منظوم تصنيفات جا ٻه مجموعه هيل تائين شايع ڪيا ويا آهن:
1.       خطباتِ محبوبِ الاهي: هن ڪتاب جو پورو نالو ”خطبات محبوب الاهي رموزات شهنشاهي“ آهي. هن ۾ سال جي ٻارهن مهينن جا خطبا ۽ هر مهيني جي هر جمعي جو الڳ الڳ خطبو وڏي فصاحت ۽ بلاغت سان آسان نظم ۾ آندل آهي. خطبي جي اول آخر ۾ عربي عبارت آيل آهي، وچ ۾ ٻه سِٽا شعر آهن ۽ شعرن ۾ نصيحت آميز ۽ پُر سوز حڪايتون ۽ روايتون قرآن ۽ حديث جي دلائل سان سينگاريون ويون آهن.
2.       جامِ عشق: هي ڪتاب سندن شاعراڻي فن جو عظيم شاهڪار آهي. هن ڪتاب جي خاص خوبي هيءَ آهي جو هر سِٽ  ”عشق“ جي لفظ سان شروع ٿئي ٿي. ڪتاب جي ٻئي ايڊيشن تي شاعر جو تعارف ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب لکيو.
سندن چند اشعار بطور تبرڪ جي پيش ڪجن ٿا:
                            ڪافي
هجان جانبن جي جُتي جُتي الا، پئي هجان شل پير ۾.
هجان هردم حبيب وٽ الا، پير ڀلي جي سان ڀِتي ڀِتي، الا........
پيئي هجان ان جاءِ ۾ الا، جاءِ جُتين جي جِتي جِتي، الا........
”الاهي بخش“ کي ازل کان، سڪ جي پياريئون سُتي سُتي، الا........
                         
غزل
تنهنجي ديدار لئي دلبر، لڳم لُنؤَ لُنؤَ اندر لوري،
بره بيحال ڪيو بي وس، کسي دل يار وئين زوري.
ٻاري باهيون بره واريون، مچائي مچ وئين مٺڙا،
اُجهائڻ جا نه ٿا ٿين مون، ٻري اندرُ جئين ک
ُوري.
ماري معذورِ وئين مٺڙا،
 ڪيئي نا ڪهل ڪا مُئيءَ تي،
فراقن ۾ ڦَٽي آهيان، جانب جيءَ ۾ لاتئي جهوري.
ڀانئيو مون هو ڪندين مون سان، ڀلائي ڪا ڀلارا تون،
دلين ۾ دامَ وجهي دلبر، کسيئي مون کان سُرت ساري.
گُھورن تنهنجي گھائي آهيان، مُرڪ تنهنجي ماري آهيان،
اکين تنهنجي آزاري آهيان، ويا مون کان وطن وسري.
”الاهي بخش“ تي مٺڙا،  فضل جو ڪر اَچي ڦيرو،
ڀلائيءَ جو ڪندين ڀيرو، ٿيندا دکڙا سڀئي دوري.
                                                               ڇ                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                    غزل
سڄڻ جي سِڪ اندر سرتيون، ويو منهنجو جيءُ آ جُهرجي،
فراقن جي ڦ
َٽن اندر، ويو ڄڻ لوڻ آ پئجي.
دانهون ڪُوڪون دلبر کي، ڪندي ويا ورهه ڪئين گذري،
نڪو ڪو ٿو دلاسو ڏئي، جڏهن وئي آ
هي اک اڙجي.
روئي روئي نِــرِت نڪتم، سِڪي سُورن ڪيس سوڙهي،
ڪونهي ڪو حال ڀائي مون،
جڏهانڪر وئي آ دل ڦُرجي.
الائي مون نماڻيءَ جو، ڪڏهن ميلو ڪندو مولا؟
مليو سڀ ساٿ آ سڄڻين، نِدوري مان ويس رهجي.
ڏُهاڳِڻِ کي ڏولاوا ڏئي، ڇڏي سا
جن ويو سرتيون،
ڪڍي هن قيد فُرقت مان، الائي ڪڏ
هين ڪندو آجي؟
رڻن ۾ يار ويو رولي، ڏکن ۽ ڏوجهرن ڏولي،
ڀلو من ڀال ڪ
و ڀالي، ٻڌي من دانهن ڪا دل جي.
”الاهي بخش“ آزي ڪر، سڄڻ جي در تي نيازي ڪر،
نڪو ٻيو ڳول افضل در، ايندئي ڀورل ويندي
ن رَلجي.
                                                     ***
3.            حضرت پير الله بخش المعروف ”سهڻا سائين“ نور الله مرقده:
پاڻ قُطبِ عالَم حضور پير مٺا سائين قدس سره جا جليل القدر خليفا هئا. سندن ولادت شهر خانواهڻ تعلقو ڪنڊيارو ضلع نواب شاهه ۾ 10 مارچ 1910ع ۾ ٿي. قرآن پاڪ ۽ ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ خانواهڻ ۾ حاصل ڪيائون. فائينل جو امتحان پاس ڪري ڪجهه عرصي لاءِ ماستري ۽ درزڪو ڪم به ڪيائون. ديني تعليم علامه مولانا الحاج رضا محمد کان حاصل ڪيائون. سلسله عاليه نقشبنديه ۾ سڀ کان پهرين پير فضل علي قريشي سان ۽ ان بعد پير مٺا سائين سان بيعت ٿيا. کين سلسلي شريف هلائڻ جي اجازت پير مٺا سائين کان حاصل هئي.
پاڻ سنڌي ٻوليءَ جا قادرالڪلام شاعر هئا. سندن شاعري سليس ۽ نهايت فصيح و بليغ پڻ آهي. سندن اشعار عشق و محبت سان سرشار ۽ اسلامي ۽ متصوفانه اقدار جا پرچارڪ آهن. سندن سنڌي ۽ سرائڪي شاعري جمع ڪري ”ڪلامِ ولي“ جي نالي سان مارچ 1997ع ۾ شايع ڪئي وئي.
سندن اشعار مان چند بطور تبرڪ جي پيش ڪجن ٿا:
ذڪر ڪر الله جو، سدا يار تون، گهڙي هڪ به غافل نه رهه يار تون.
زمين آسمان سڀ، ذڪر ٿا ڪرن، رهين ڇو پيو غافل فقط يار تون.
ذڪر آهي سرمايو ايمان جو، ڪري وٺ جي ڪرڻو ٿئي واپار تون.
ذڪر کان گهڙي جي تون غافل رهين، ٿيندين، سنگتي شيطان جو يار تون.
پکي جانور سڀ شڪر ۾ رهن، ٿي انسان ذڪر نا ڪرين يار تون.
ذڪر ڪر الله جو تون بلڪل گهڻو، دنيا دين ۾ ٿين عزت وار تون.
ذڪر ڪن وڻ ٽڻ سج چنڊ تارا، مگر هڪ تون غافل شرم ڌار تون.
ذڪر آهي رب جو اعليٰ اتم، پڙهي ڏس قرآن پاڪ ۾ يار تون.
دنيا ۾ ذڪر کان جي منهن ٿا موڙن، انڌا ٿين حشر ۾ ٿي هوشيار تون.
”الله بخش“ ذڪر جي، توفيق مون کي، ذڪر ۾ وٺين ساهه دلدار تون.
                                         ***
اسان جو نبي آهي خيرالوريٰ، ٿيو مُحب مٿس آ پاڻ خدا.
دنيا زندگي خواه قبر ۽ حشر ۾، لهي سار هر وقت ۾ مصطفيٰ.
حشر ۾ پڪارن نبي نفسي نفسي، ڪندو امتي امتي جي صدا.
نيڪن کي تڪيو آهي عمل ۽ عبادت، اجهو عاصين کي آ نورالهديٰ.
جيتر عشق عربي نه دل ۾ اچي، عمل ۽ عبادت نه ڪجهه آ ادا،
رکي عشق احمد، ٿي تابع سنت، سواءِ پيروي ٿئي نه حاصل صفا.
”الله بخش“ محبت مدني مير جي، ڪيان سهڻن مٿان مال جند جان فدا.
                                       ***
سدا ياد پون ٿا پنهوار عمر، گهڙي پل نه وسرن سي سنگهار عمر.
ڏاڍي آس اندر ۾ اُڪير آهي، بوتو هتڙي ساهه ملير آهي،
وس ڪونه هلي، جهليو تقدير آهي، سگهو سانگي لهندا مئيءَ جي سار عمر.
خوش ڪيئن گذاريان هت ڪوٽن ۾، منهنجا مارو وسن، ٿر پوٺن ۾،
وينديس جلد وري نه ٿيندس کوٽن ۾، پوندا نيڻ ٺري ڏسي ڏوٿي ڌنار عمر.
قسمت سانگين کان هئه وڇوڙا وڌا، جدا جالڻ مون کي ڏکيا ڏينهن ٿيا،
سورن ساڙي ڇڏيو، جلي جيرا ويا، وڌي حد کان ويا منهنجا هن آزار عمر.
اڄ ملڪ ملير مدائتا مينهن پيا، مارو منهه موٽيا ٿڌا ڏينهن ٿيا،
چڪيا ڦٽ فراق نوان نينهن ٿيا، ڪنهن سان درد اوريان ۽ آزار عمر.
ڪيا ويڙهيچن سان جي ٿم سخن سچا، سدا ياد آهن دل تان ڪين لٿا،
لاهي لوئي پنهنجي ڍڪيندس ڪين وڳا، توڙي ليڙون ٿين، کڻي هزار عمر.
رات گذري ٿي سورن ۾ سڄي، هنجون هاري اکين جو ويو آب کڄي،
ڏينهن ڏکن ڏولائن ۾ آهيان ڏکي، اکيون روز روئن زارون زار عمر.
”الله بخش“ مدايون، ٿيان سانگين سان سچي، ملان مارن سان لڄايان نه کٿي،
وڃي پکن ۾ پنوهارن سان رهنديس ڪٺي، لهندا درد دل جا ۽ غبار عمر.
4.علامه مفتي محمد صالح ڀٽو نعيمي:
سندن ولادت 1339هه (1920ع) ۾ ڳوٺ آگاڻي تحصيل و ضلع لاڙڪاڻي ۾ ٿي. مولانا محمد قاسم مشوري صاحب جن کان وٺي مولانا تاج محمد کوکر آريجوي ۽ علامه سيد محمد نعيم الدين مراد آبادي جهڙن جيد عالمن وٽ پڙهي، 1946ع ۾ دستارِ بندي ڪيائون. تعليم جي تڪميل بعددرس و تدريس ۾ مشغول ٿي  ويا.
سندن تصنيفات ۾ ”الرسالة الغفارية“ جي نالي سان ڪتاب معروف آهي. هي ڪتاب پاڻ پير مٺا سائين ۽ سندن جماعت تي اٿاريل اعتراضن جي جواب ۾ وڏي تحقيق بعد لکيو هئائون.
5.خليفه محمد بشير چوهاڻ:
سندس ولادت ڪيچيجو لڳ خيرو ديرو بنگل ديرو، لاڙڪاڻو ۾ ٿي. سنڌي چار درجا ڳوٺ داباڻي ڪيچي بنگل ديرو ۾ پڙهيا. ان کان پوءِ ديني تعليم  ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ استاد سلطان احمد وٽ حاصل ڪيائون. نقشبندي سلسلي ۾ قطبِ عالم پير مٺا سائين سان بيعت هئا ۽ کانئن سلسلي شريف هلائڻ جي اجازت پڻ مليل هين. 24 جون 2008ع مطابق 19 جمادي الثاني 1429هه ۾ ٿيو.
شاعري:  پاڻ تمام سٺا شاعر هيا. سندن اشعار جو نمونو پيش خدمت آهن.
1.
بندا هن جهان ۾ تون غافل ٿي نه گذار،
ويهي وسارج ڪين ڪي ڪر ڪتڻ واري ڪار،
سُٽُ بي اٿي سولو تون تيزئون تند تنوار،
ڇني ڇڏجان ڪين ڪي اها طلب واري تار،
اسم ذات الاهي ٿئي لنؤ لنؤ منجهه لغار،
”بيڪس بشير“ چوي تون ڪر اهائي ڪار.
                                                          2.
هٺيلا ٿو ڪرين اٿي هٺيلا مڙئي هيٺ،
عزازيل کي آسمان مان تڪبر تڙايو هيٺ،
ابوجهل کي هٺ هيو قدرت ڪهايو نيٺ،
فرعون پاڻ پڏايو ٻڏو لشڪر سميت،
قارون ڪرڙو ٿي هليو ويو زمين اندر لپيٽ،
اٿي هٺيلا مڙئي هيٺ بيڪس هي بشير چوي.
اٿي ڪر ڪار ڪتڻ جي
:
اٿي ڪر ڪار ڪتڻ جي ڪم ايندئي قبر ۾،
ڪم ايندئي قبر ۾ ڏهاڙي حشر ۾.
اٿي چور تون چرخو کڻي سُٽُ سَوايو،
هُو هُو جو حلقو ٺاهي رک اندر ۾.
صم بکم نه ٿي يار عمي، ڪر ياد هر دم پوندئي ڪم قادر ۾،
موڳا موت ايندو هڻندين هٿ حشر ۾.
ڪرين ڪين ڪجهه ٿو وسارين تون رب ٿو،
ڪرين ڪيڏو هٺ ٿو هڻندين هٿ حشر ۾.
آڌي رات اٿن پکي پيا پڪارين،
ويهي منجهه وڻن هُو هُو ڪن ذڪر ۾.
بيڪس بشير تون اهو ورد نه وسار،
پرور کي پڪار  تون بر توڻي بحر ۾.
(شاعري) ص 394
6.            مفتي الله ڏنو جماراڻي:
سندن ولادت 21 سيپٽمبر 1921ع ۾ ڳوٺ سلطان خان جماراڻي لڳ رشيد وڳڻ ضلعي لاڙڪاڻه ۾ ٿي. سندن والد جو اسم گرامي عبدالله ذات ابڙو ۽ پاڙو جماراڻي آهي. مولانا مفتي تاج محمد کوکر صاحب آريجن وارا، مولوي ولي محمد وارهه وارا ۽ مولانا مفتي محمد صالح ڀٽو نعيمي صاحب آگاڻين وارا سندن اساتذه منجهان آهن. 1948ع ۾ تعليم مڪمل ڪري فارغ التحصيل ٿيا. نقشبندي سلسلي ۾ قطبِ عالم پير مٺا سائين سان بيعت هئا. پير مٺا بعد ازان کين خلافت جي خرقي سان پڻ نوازيو. پاڻ هي اکر لکڻ تائين فقير جي معلومات مطابق حيات آهن.
تصنيف و تاليف : پاڻ تصنيف و تاليف ۾ دلچسپي وٺندا رهيا آهن. سندن ڪجهه مشهور تاليفات هي آهي.
1. احڪام ڏاڙهي : هن ڪتاب ۾ قرآن و سنت جي دليلن سان ثابت ڪيو اٿن ته ڏاڙهي هڪ مٺ رکجي ان کان گهٽ خلافِ سنت آهي.
2. عقائد اهلسنت  و الجماعت : هن رسالي ۾ اهلسنت جا ڪجهه عقيدا بيان ڪيا اٿن.
3. الفتاوي الحنفيه في مسئلة النور والبشريه : هن ڪتاب ۾ واضح دليل ڏئي ثابت ڪيو اٿن ته محبوب ڪريم ﷺ جي بشريت نوراني آهي، اسان جهڙي نه آهي.
ان کان علاوهه  سندن ٻيا به ڪافي ڪتاب قلمي صورت ۾ آهن.
7. خليفه عبدالحليم شهدادڪوٽي:
پاڻ 28 ربيع الاول 1331هه تي شهداد ڪوٽ ۾ مقيم سنڌ جي معروف علمي گهراڻي ۾ پيدا ٿيا. سندن تعليم ۽ تربيت سندن اباڻي مدرسي ۾ ٿي. حضرت مولانا قمر الدين صاحب ۽ حضرت مولانا عبدالغفار صاحب سندن استاد هئا. درسِ نظامي جي تڪميل بعد سندن دستار بندي به سندن مادر علمي درگاهه صديقيه شهداد ڪوٽ ۾ ڪئي وئي.
علمي ۽ ادبي خدمات: پاڻ شهداد ڪوٽ مان حضرت خواجه حافظ غلام صديق شهداد ڪوٽي ﷥ جي ياد ۾ 1959ع کان هڪ اسلامي تبليغي، تعليمي ۽ اخلاقي ماهوار رسالو ”فيوضات صديقيه“  شايع ڪرائيندا رهيا. جنهن ۾ پاڻ ديني مسئلن ۽ اخلاقيات تي لکندا رهيا.
شاعري جو شغف  : پاڻ بهترين نثر نويس هجڻ  سان گڏ بهترين شاعر به هيا. سندن شعرن جو نمونو پيش آهي.
سرڪار مدينه آهي پيشوا اسان جو، سرتاج ڪل نبين آهي رهنما اسان جو،
تنهنجو ئي نالو مون کي ورد زبان آهي، ڪندو ڪرم ”حليما“ هي بادشاهه اسان جو.
                                                                        ***
توکي مڪي مدني يار چوان، محبوب چوان منٺار چوان،
ڪل نبين جو سردار چوان، يا رب جو ڪل مختيار چوان،
محبوب محمد جاني تون، معشوق خدا لاثاني تون،
۽ بيشڪ سر سبحاني تون، تنهنجي مٽ نه ٻيو اظهار چوان،
تنهنجي نازڪ طبع ”حليم“ چوان، توکي صاحب اعليٰ وقار چوان.

8. خليفه نثار احمد کوسو:
پاڻ 1909ع ۾ ڳوٺ مولوي نثار احمد کوسو لڳ ميهڙ ضلع دادو ۾ پيدا ٿيا. ابتدائي تعليم سنڌي پنج درجا ڳوٺ اشرف سوڍر جي اسڪول ۾ پڙهيا. ناظره قرآن کان عربي فارسي تائين ڳوٺ اشرف سوڍر لڳ ميهڙ ۾ پڙهي فارغ التحصيل ٿيا. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي ڳوٺ ۾ قرآن شريف جي تعليم ڏيڻ شروع ڪيائون. نقشبندي سلسلي ۾ پير مٺا سان بيعت هئا ۽ سندن خلافت جو شرف پڻ حاصل هين.
شاعري : پاڻ بهترين شاعر به هيا. ڪافي شعر لکيائون جن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا.
سائل کي قرب واري ڪا سُرڪي پيار،ڪِينَ وسار،
تنهنجي ذات گرامي، ڪو جلوو ڏيکار، ڪِينَ وسار.
تون ته نبيءَ جو نائب آهين، خاص خدا جو خائف آهين،
توکي جلوو مليو آ، جلوو ڏيکار، ڪِين وسار.
تو تي ولايت جو تاج جهليو آ، تڏهن چيائون پير مٺو آ،
پير مٺل ڪو سبق سيکار، ڪين
وسار.
سهڻا سائين، سڄڻ سائين، مان تو تان نثار ڪين وسار

9. حضرت الله ڏته غفار آبادي رحمة الله عليه:
حضرت پير محمد الله ڏته عرف حضرت پير ڪليم الله غفاري ضلع دادو جي پيارو ڳوٺ جي ڀر ۾ هڪ ننڍڙي ڳوٺ حافظ عرض محمد کوسو ۾ سال 1920ع ۾ تولد ٿيا. قرآن شريف ۽ فارسي جا ڪجهه ڪتاب مولانا غلام رسول مڱريو وٽ پڙهيائون. نقشبندي مجددي سلسلي ۾ پير مٺا سان بيعت هئا ۽ اجازت پڻ حاصل ڪئي هئائون. پاڻ چوڏهين جمادي الاول 1394 هه مطابق 6 جون 1974ع خميس جي رات رحلت فرمائي ويا.
شاعري: ننڍپڻ کان کين شاعري جي ڏات مليل هئي. پاڻ سنڌي ۽ سرائڪي ٻولين جا بلند پايه شاعر هئا. سندن ڪلام نهايت سليس آهي ۽ فصيح و بليغ پڻ. سندن ڪلام مان چند اشعار بطور نموني جي پيش ڪجن ٿا:
برهه واري باهه ۾ پتنگ وانگيان پچو پچو.
پتنگ وانگيان پچو پچو، ڀلي عشق وارا اَچو اَچو.

هئڻ هستي هوڏ کان باقي ڪين بچو بچو،
نورا پائي نينهن جا، ناز ڪري نچو نچو.

ڪڍي ڇڏ قلب مان، ڪُوڙ ڪُپَتِ ڪچو ڪچو،
مُحبت واري ميدان ۾، رنگ لائي رچو رچو.

طالب الدُنيا مُخَنّث غير ۾ نه گچو گچو،
طالب الموليٰ مُذَڪّر مُحبت وارا مچو مچو.

چوي ”ڪليم“ قلب اندر رَکي نام سائين سچو سچو،
قادر بنا ڪم نه اِيندُءِ، ٻار نڪو ٻچو ٻچو.
                                                        ***
سڪ نه آهي سُٿري سِڪ ساڙي ساهُه،
رَڳ رڳ ۾ ائين رچي جيئن اندر ۾ ارواح،
ٻاري مَچُ مُحبت جو ابراهيمي آڙاهه،
دوزخ کان درد وَڏو ڄاڻي پاڪ الله.
محمَد الهڏته واهه تني کي واهه جَني نينهن نڀائيو.
                                                     ***
توڙي حال دل جا ونڊڻ ڪير ايندم،
ڦٽڙا ڦٽيئي جي چيٺڻ ڪير ايندم.
1. هڻي ڪَانَ قهري زخم ڪيئي سلالا،
پرين تن کي پَٽِيون ٻڌڻ ڪير ايندم.
2. تنهنجي برهه ڪيو آ بيمار مونکي،
پرين هن پورهيت کان، پڇڻ ڪير ايندم.
3. توريءَ ڪو نه منهنجو مٺا حال محرم،
دُکيءَ دل کي دلاسو ڏيڻ ڪير ايندم.
4. مري محب وينديس اڄ ڪي سڀاڻي،
جنازو جڏيءَ جو پڙهڻ ڪير ايندم.
5. توريءَ ڪير منهنجو ٿيندم يار ڪانڌي،
لاشو هن لنڊيءَ جو لٽڻ ڪير ايندم.

6.”الهڏته“ مون توريءَ هتڙي ويڳاڻو،
ڪري قرب تنهن کي وٺڻ ڪير ايندم.

10.        مولانا محمد اسماعيل ڏيپر:
سندن ولادت سنه 1938ع ڳوٺ پانڌي ڏيپر تعلقه خيرپور ناٿن شاهه، ضلع دادو ۾ ٿي. پرائمري پنج ڪلاس پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ پڙهيا. عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم خيرپور ناٿن شاهه ۾ مولانا يار محمد جويو ﷥ وٽ پڙهيا. درس نظامي جا ڪتاب محبوب الاهي حضرت خواجه محمد الاهي بخش﷥وٽ پڙهيا. ڪجهه تعليم مولانا غلام محمد لغاري ۽ حضرت ميان محمد قاسم مشوري ﷥  وٽان به حاصل ڪيائون. نقشبندي سلسلي ۾ پهرين قطبِ عالم پير مٺا سائين سان بيعت ٿيا ۽ پوءِ سندن وصال بعد خواجه محبوبِ الاهيءَ سان بيعت ٿيا. سندن وصال 13 سيپٽمبر 2002ع مطابق 4 رجب المرجب 1423 هه ۾ جمع جي ڏينهن 3:00 بجي ٿيو. سندن مزار سيد طالب شاه ماتلي جي قبرستان ۾ آهي.
تصنيفاتپاڻ شاعري به ڪندا هئا، ليڪن اها ڇپيل ناهي. پاڻ هڪ ڪتاب ”تنبيه الضالين هدايت الصالحين“ نالي لکيائون جيڪو پڻ قلمي آهي. ڪتاب ”لڳي جِيءَ ۾ جهوري“ ۾ سندن ڪجهه سوانحي مواد شايع ٿيل آهي.
11.        سيد علي گوهر شاهه غفاري:
سندن ولادت 1916ع ۾ ڳوٺ حاجي امير شاهه لڳ درگاهه نانگو شاهه، نوشهرو فيروز ۾ ٿي.  ابتدائي تعليم ٻه ٽي درجا پڙهيا ۽ ناظره قرآن مجيد پڻ پڙهيا. نقشبندي سلسلي ۾ پير مٺا سان بيعت هئا. پاڻ  6 رجب 1410هه جمعي جي ڏينهن هن فاني دنيا مان لاڏاڻو فرمايائون.
سندن شاعري: پاڻ پنهنجي شاعري فقيرن کان پڙهائيندا هيا ڪڏهن پاڻ به پڙهندا هيا. سندن شاعري جو نمونو پيش آهي.
سوا گهڙيءَ جو ميلو آ، پوءِ هر ڪو يار اڪيلو آ.
عشق اصل کان آهي امير، جن وٽ آيو آ خبر انهن کي،
رانجهن بنجي جوڳي آيو، ڇڏيائين پنهنجا تخت وزير.
نهارين ڇو نه ٿو مون ڏي، منهنجا محبوب مستانا،
اوهان جي ڪاڻ مون ڪيا پنهنجا هي حال بيگانا،
اوهان جي ئي اکين ۾ آ، امرت خمار جو جلوه،
پسي خود ناز نيڻن جا، اهي ٿيا قيد سلطانا.
ڦريا سي فرمان کان اهي سبق ڪيئن سکندا،
جن چسڪا ورتا چوسول جا سي روزا ڪيئن رکندا،
اهي بڀر جان بکندا جي گوهر شاهه ٿيا.
آيا شمع جي شعاع تي پروانا پتنگ،
کاميا کوريءَ وچ ۾ عاشق ئي افنگ،
گوهر شاهه گڻگ پرتئون پچي پڳدار ٿيا.
پوپٽ پتنگ پاڻ ۾ سهسين ڪن شغل،
هو عاشق عارف آڳ جو هو بستان مٿي بلبل،
هو داسڻ ۾ دلمل عاشق گوهر شاهه آڳ جا.
راضي ٿي وڃ راڻل تون، مون ۾ عيب گهڻا،
جوڳياڻي ٿي آيس جاني تو کي شال وڻان،
ڏنا جوڳين ڏاج ۾ قرب جا ڪڻا،
سوڍا تنهنجي سوز جا ويٺا ڳڻ پڻا،
گوهر شاهه چوي گام ۾ تنهنجي سڏ سڻا.
تنهنجي ديد اسان کي:
تنهنجي ديد اسان کي خريد ڪيو، توتان صدقي مال عيال ڪيو.
تنهنجي ديد ڪيا ڪيئي ديوانا، ڪن بر ۾ ڪيا آستانا،
مثل مجنونءَ جي ٿيا مستانا، سارو هوش حواس حجاب ويو.
تنهنجي ديد شهيد ڪئين شير ڪيا، تنهنجي محبت مست ميڙڪيا،
تنهنجي اکڙين ايڏا انڌير ڪيا،ميمي ملڪ حراق عجم ڪيو.
جن ديدن جو ديدار ڏٺو تن ڪل ئي ڪو ڪم ڪار ڦٽو،
سرتو لوڪ ساري جو طعنو سٺو پائي زلفن ۾ لاثان ليو.
ڪيو عرض گوهر شاهه غلام تو کي، ويو وسري عيش آرام مون کي،
مليو عشق ارباب امام توکي، جنهنجو ثاني نه ڀانيان قسم ٻيو.
ٿيس آءٌ ٿرن ۾:
ٿيس آءٌ ٿرن ۾ جانب لئي جوڳياڻي،
ملندو پنهل پٻ ۾ اديون آرياڻي.
سرتيون سڪاڻي آهي ڪيچ ڏسڻ لئي.
شهر ڀنڀور جو وڻي نه ٿو پاڻي.
پيرين پيادي ڀٽن ۾ مٿي آءٌ اگهاڙي،
وتان ور ور رڙندي وندر ۾ ويڳاڻي.
ڪيان ڳالهه ڪهڙي ناهي سلڻ جهڙي،
ايه اوکي اديون عشق جي آکاڻي.
ڪندو ٻاجهه ٻاروچو ولهيءَ سان وندر ۾،
ويندا غم گوهر شاهه ٿيندو سڄڻ ساڻهي.

12.       حضرت مير محمد شر غفاري:
پاڻ 14 جولاءِ 1914ع ۾ تولد ٿيا. پاڻ ڳوٺ مير محمد شر عرف هيڪل (جيڪو ميرواهه شهر کان اتر اوڀر تقريباً ڇهه ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي)جا رهاڪو هيا. ناظره ۽ سنڌي فائينل لغاري ڳوٺ ۾ ۽ انگريزي تعليم ٺري ميرواهه ۾ حاصل ڪيائون. طريقت ۾ نقشبندي سلسلي ۾ پير مٺا سائين سان بيعت ٿيا.
تصنيف : پاڻ شاعري به ڪندا هيا. سندن هٿ اکر لکيل ديوان پڻ آهي جيڪو اڃا ڇپجي سگهيو نه آهي. پاڻ سوانح حيات پڻ لکيائون جيڪا قلمي آهي.
سندن شاعري :


                              ڪافي:
اٿ جاڳ بندا ويندءِ وقت هٿون ڪوڙا ڪل نه لهين اٿئي ماري مٿون
ڏسين ساڻ اکين ويڙا ڏيهه
لڏي ڪاهل ڪَنُ نه ڏئين ٿو تو کي موت سڏي
هلندين دوست هتان ماڙيون محل ڇڏي ملندءِ
هلت نا مثل وارو ٿون
ڏسي
وقت اهو پوندءِ ڏيل ڏري دانهون دوست ڪندين هجان هت گهڙي
ڪاري قبر اڳيان تو لاءِ جاءِ جڙي
ڪر ياد الله نه وسارو سون
جاني
جيڪي جدا دلبر ڌار ٿيندءِ مٽ مائٽ ڀڄي بيزار ٿيندءِ
انگ عضوا
سڀني اظهار ڏيندءِ ويجهو واقف نا ڪنهن کي سور سنئون
سُرڪِي سخت اٿئي سڪرات سندي ڪر سيگهه سنبت ڇڏ چال گندي
ميرل معاف ٿيندي سڀ مير مندي پرين پاڻ ايندا ٿيندا سهنج سڀون
                                  ڪافي
:
ڪر ياد الله ڪر ڪا بندا
ٿيندين سخت سڀاڻي لاچار بندا
هتي ڏينهن ٻه ٽي ويندين ماڳ مٽي، ويندين ڄاڻ اتي نا واقف جتي
ڪر سمجهه هتي ويندءِ وقت سُتي، روئي رت ٿيندين شرمسار بندا
اڳيان ويل وڪڙ ڪن ملڪ تڪڙ اُتي ڀيڙ پڪڙ ۽ سخت پڪڙ
ڏسي سور سقر، ايندءِ چيتو
چڪر، دل کي نه دنيا تي ڌوتار بندا
ڪيئي خان امير فقير هئا ماري موت مڙيئي اسير ڪيا
جن وٽ ڪيئي وزير مشير هئا پلپل موت ڪرئي ٿو پڪار بندا
ميرل ماڙيون محل ڪندءِ ڪونه سهل ايندءِ جڏهن اجل ڪندءِ ڪونه ڪهل
ٿي سجاڳ ۽ جاڳ ڇڏ اهو جهل آهي بابِ تنهنجي ڀلڪار  بندا
                                     ڪافي
:
ڪرهوش بندا سفر هلڻو آ قبر منجهه اڪيلو رهڻو آ
دنيا دور نگي ڇڏي ويندين تون مٽيءَ ساڻ وڃي ملندي تون
دک درد پو ڪنهن کي چوندين تون جت چارو نه ڪو چلڻو آ
رات ڏينهن دنيا تي مفت
ون مرين ڪوئي خوف خدا جو ڪو نه ڪرين
نا
نصيحت ڏي ڪو ڌيان ڌرين ويل وقت وري نا اچڻو آ
هِتِ طول وهاڻا
هُتِ ڪاري قبر هِت پلنگ پٿرڻيون هُتِ مٽي ڀتر
وري ڪرندو مٿان پيو ڪيري ڪلر تنهنجو ماڳ مٽيءَ منجهه ٿيڻو آ
هِت جام توتي پهريدا آهن ڏسي هُت نانگ بلائون بي شمار آهن
ڏنگ ڏکندا جن جا ڏهڪار آهن ڏسي ڏيل جنين کي ڏرڻو آ
ڪَنِ ملڪ پڇاڻا هيبت ناڪ شڪل
آهن اڻانگا اڻکيل اجهل
ويتر تو به وهايا جام جنجل سوا قرب ڪامل جي نه ٿيڻو آ
ڪُل نَفس ذائق
ة المَوت جو قول آيو ڪُل شيءِ وَالَيه تُرِجَعُونَ جو ٻول آيو
ته به آهي اهو تو ڀول ڀانيو جو آيو ضرور سو ورڻو آ
ميرل مرسل جي آسام پيو غفاري خاص اوهانجو غلام ٿيو
شر کي شاھ شاهانه انعام ڏيو اهو عرض عاجز کي ڪرڻو آ
                                     
13.       عبدالله جان عرف شاهه آغا سرهندي رحمة الله عليه (1887_ 1973ع):
پاڻ خواجه حسن جان سرهندي جا وڏا صاحبزاده هئا، وڏا عابد زاهد، عالم عارف، بهترين فقيهه ۽ فقير هئا. سندن ولادت 8 جمادي الاول 1305هه (1887ع) ۾ ٽکڙ ۾ ٿي. نظم ۽ نثر ٻنهي ۾ پاڻ بادشاهه هئا. سندن تصنيفات جا موضوع فقهه، تاريخ ۽ تصوف رهيا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ پاڻ هيٺيون تصانيف ڏنيون اٿن؛ راحت القلوب، هدايت الحج، راحت المخلصين. 1973ع ۾ وفات ڪري ويا.[3]
14.       حافظ محمد احسن رحمة الله عليه:
مهراڻ رسالي جي ”شاعر نمبر“ ۾ سندن تعارف ۽ ڪلام جو آغاز ايڊيٽرصاحب هنن لفظن سان ڪري ٿو:
”استاد الشعرا، حافظ محمد ”احسن“ صاحب چنا ڪنهن به رسمي تعارف جو محتاج ناهي. حافظ صاحب ساري عمر جنهن والهانه ۽ مخلصانه انداز سان سنڌي ادب ۽ اعريءَ جي خدمت ڪئي آهي، اها قدر جي لائق آهي. سندس تربيت ۽ اصلاح سان ڪيئي اهڙا شاعر پيدا ٿي چڪا آهن، جن جي شهريت ۽ مقبوليت کان هر اهل علم واقف آهي.“
سندن اسم محمد، لقب حافظ، تخلص احسن، ذات چنه، والد جو نالو جمعه خان هو. پاڻ ڳوٺ ملڪاڻي شريف لڳ دادوءَ ۾ 12 اپريل 1900ع ۾ پيدا ٿيا. پاڻ مخدوم غلام محمد ملڪاڻي نقشبندي وٽان ظاهري توڙي باطني علمن ۾ مالا مال ٿيو. 1918ع ۾ پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ مدرسو کولي درس و تدريس ۾ مشغول ٿي ويو. سندس تدريسي مشاغل 1951ع تائين جاري رهيا. شاعري جو آغاز شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ۽ حڪيم جمع خان غريب وٽان شعر جي اصلاح ڪرائيندا رهيا.
مهراڻ رسالي جو ايڊيٽر سندن منظوم ڪلام توڙي نثر تي تبصرو ڪندي لکي ٿو: ”ڪلام جي سادگي، رواني، پختگي ۽ برجستگي، حافظ صاحب جي فن جو نمايان معيار آهي. سندس ڪلام هر صنف تي آهي: غزل، قصيدو، رباعي، قطعات، مسدس، مخمس، مستزاد، مثنوي، توڙي قطعه تاريخ لکڻ ۾ مشهور آهي. سنڌ جي رسالن _ گلدسته سنڌ، اديب سنڌ، اسان جي منزل، ترقي، الجامعه، علمي دنيا، ڪاميابي، سنڌو، نئين زندگي، مهراڻ سه ماهي، روح ادب، فردوس، لطيف، تعليم اخبار، ملا سڪول مخزن _ ۾ سندس ڪافي ڪلام شايع ٿي چڪو آهي.
نظم ۾ هيٺيان ڪتاب شايع ٿيل آهن: ديوان احسن، گلزار شعر، احسن الاخلاق، رباعيات احسن، مظاهر مصطفوي، گلدسته احسن، گلزار احسن، لطيفي لات ۽ احسن الاشعار، وغيره.
ان طرح نثر جي به ڪافي خدمت ڪئي اٿس. ان سلسلي ۾ هيٺيان ڪتاب قابل قدر آهن: ترغيب العلم، سچن تي ستم، سوانح مخدوم بلال، بنات الرسول، شاه جو پيغام، قصص الانبياء، اصلاح المسلمين، سراپاي رسول، اذان القبر،. سنڌي گرامر، جاگرافيون ۽ سنڌي سونهان انهن کان علاوه آهن.“[4]
سندن شاعري جو نمونو پيش ڪجي ٿو:
                 ]ذو معنيٰ قافيه[
                      (1)
منهن محبوب تنهنجو آهي، وَڌ کان مهتاب، _ چنڊ
شمس شَڪي ٿئي ٿو، تنهنجو تجلو ڏسي تاب، _ تابش
درد منهنجي جو داستان، ڄڻ ڪامل آههِ ڪتاب، _ ڪتاب
اوگڻ اوڻايون مون ۾، توتي ناهي ڪو عتاب، _ ميار
شوق منجهان اڄ شتاب، متان ملڻ ري مري وڃان. _ جلد
                                       (2)
جانب تنهنجي جدائي ۾، منهنجو هيڻو ٿيڙو حال، _ حالت
آءُ ته سڻايانءِ سپرين، دل جا سڀ احوال، _ ڳالهيون
تو بن منهنجا مٺا، منهنجو جالڻ آههِ محال، _ مشڪل
فائق اچي في الحال، ته وڃن سُور سنڌا ڪري. _ هن وقت
                                       (3)
ساهڙ سڪ تنهنجي سڪ، اُهي ثابت سچ سير، _ سچائي
محبت تنهنجي مون لئي، آهي ڄڻ اڪسير، _ ترت فائدو ڪندڙ دوا
ثابت لنگهائج سير، متان لهرين ۾ لڙهي وڃان. _ درياء جو وچ
                                       (4)
راتيان ڏينهان روح ۾، تنهنجي آهي اُڪير، _ سڪ
من ۾ ميخ محبت جي، لڳل قلب اندر ڪير، _ ڪِلي
جي اچن منڪر نڪير، ته به پانڌي ڀانيان پرينءَ جا. _ ملائڪ 
                                       ***
                                       دوها
آئي مند ملهار جي، سانوڻ رنگ لايا،
سانگي سفر تان موٽيا سانگ ٿيا تن سجايا.

ٻنيون ٻارا جهنگ جهر ساوا، ٿيو متارو مال،
هاري ناري گيت پيا ڳائن، خان سڀئي خوشحال.

ڪوئل ٿي پئي ڪوڪ ڪري، سڻ ڳيرن جي ڳٽڪار،
لامن تي پکي لاڏ ڪري لاتيون لنوَن هزار.

سانوڻ آيو سَرها ٿيا سانگي سنگهار،
ڏيهن مان ڏڪر ويو ٿيا ساڳيا سرس سڪار.

گل ڦل ٽڙيا، باغ بهاريا، بوند پئي برسات،
ڏينهن ڏکن جا پورا ٿيا، آئي راحت واري رات.

ماڻهو منهنجي ملڪ جا مٺڙا خوب مهمان نواز،
رات جو ڪن ٿا رنگ رهاڻيون سرندا ساز آواز.

چوري چنگ ڪن رهاڻيون رنگ بيحد برهه بيان
ڏک ڏولاوا ڏور ٿيا، آقا جا ”احسن“ احسان.
                                       ***
                                       ڪافي
تنهنجي گولن جي آهيان گولي الا،
                                       حجت توسان ڪهڙي هلايان؟
ننگ سڃاڻج نرمل پنهنجو، توسان ٻانهپ جي آهي ٻولي الا،
                                 سڱ سڄڻ توسان ڪهڙو ساهيان.
اڌر نڌر ۽ اڀري آهيان، اڻڄاڻ ۽ ٻالي ڀولي الا،
                                        لالن تنهنجي لاري آهيان.
جانب تنهنجو جيس ڪو ناهي، مون ته ڳوٺ ڳلي ڳلي ڳولي الا،
                               مُور نه مَٽ ڪو تنهنجو ڀانيان.
پيچ پرينءَ سان پختو پائڻ، ماءُ ڏني هيءَ لولي الا،
                             ڪيچ وڻن ڏي ڪاهيون ڪاهيان.
درشن جي توکان بيک پِنان ٿي، مون ته جهلي آهي جهولي الا،
                            ٻئي در ڪنهن جي ڪين واجهايان.
تنهنجي نظر هڪ فيض اثر آهه، جنهن دل جي دري آ کولي الا،
                             پرت پرين تنهنجي پر ۾ پچايان.
”احسن“ آهي پرتئون پاتي، چاڪر واري چولي الا،
                      پنهنجو ڪرين شل ڳڻ پئي ڳايان.

15.       نجف علي شاهه ”ڪمتر“ نقوي:
پاڻ مشهور سادات خاندان جهانيان پوٽا جا چشم و چراغ هئا. سندن ولادت 21 اپريل 1923ع تي ٽنڊي جهانيان ۾ ٿي. حيدرآباد جي مختلف اسڪولن ۾ سنڌي، اردو، فارسي، عربي ۽ انگريزيءَ ۾ چڱي خاصي تعليم حاصل ڪيائون. طريقت ۾ پاڻ پنهنجي چاچي سائين هادي بخش شاهه مسڪين جي هٿ تي نقشبندي طريقي ۾ بيعت ڪيائون.
شاعري: سندن جذبات ۽ خيالات تي سڀني کان وڌيڪ لطيف جي فن ۽ فڪر جو اثر آهي؛ ايتريقدر جو هر صنف ۾ شعر چونڊي، سندن لفظن ۽ بندشن تي، توڙي معنيٰ ۽ مفهوم تي لطيف جو اثر نظر اچي ٿو.
سندن ڪلام ۾ ڪافي هڪ شاهڪار فن آهي. سوز ۽ گداز سان گڏ، ڪافين جو معنوي رنگ، لطيف جي فلسفه حيات جي ترجماني آهي. اها ئي زبان ۽ اهو ئي انداز بيان!
مهراڻ رسالو سندس فن تي بحث ڪندي لکي ٿو ”ڪمترين جو فن، معنوي انداز سان ڏاڍو ميٺاج وارو ۽ پيارو آهي. سندس ”فن“ تي، خاص ڪري لطيف جي زبان ۽ انداز بيان جو وڏو اثر آهي. سندس جذبات ۽ خيالات معنوي حيثيت سان افاديت ۽ اخلاقي پهلو رکن ٿا. زبان جي صحت ۽ سلاست قابل رشڪ آهي.“[5]
سندس ڪلام جو نمونو پيش ڪجي ٿو:
                             ڪافي
هلي حاضر ٿي، اُٿي هينئر هَلُ،
ڪندو قرب ڪُٺل تي ڪوهيارلُ.

دلدار ڪيا سينگار اٿئي، ڪري ڪوڏ ڪوهياري پاتو ڪجل،
ويا ڏينهن پڄي پروانن جا، آيو مشتاقن لئه مفت اجل.

نٿي ساعت سري نٿو دم گذري، ٿيو ورهه برابر هڪڙو پل،
آهي زهر حياتي هوت بنان، ريءَ جانب آهي جيئڻ جنجل.

ويو وقت هليو ڪجهه ڪونه وريو، وئي عمر اجائي ڳچ ڳپل،
هاڻي ووڙ وندر جي وڻ وڻ کي، هلي جانب ڪارڻ جهاڳ جبل.

ڪندو ڪوهيارو ”ڪمتر“ تي ڪرم، اچي کڻندو هن اگليءَ جو انگل،
ٿيندا مطلب مقصد سڀ حاصل، ڪندو مولا هر ڪو مشڪل حل.
*                                                                                                                                            
                                  ***
16.       مولوي عبدالرحمان ”ضيائي“:
سندن نالو عبدالرحمان ۽ تخلص ضيائي آهي. ابتدائي تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪيائون. بعد ازان مختلف مدرسن ۾ پڙهندي عربي ۽ فارسي جي تعليم مڪمل ڪيائون. آخر ۾ دستاربندي ۽ سند مولانا محمد قاسم ڳڙهي ياسين وارن کان حاصل ڪيائون. نقشبندي سلسلي ۾ حضرت محمد عمر جان صاحب چشتيه شريف ڪوئٽه وارن سان ڪيائون.
مهراڻ رسالي جو ايڊيٽر سندن شاعري تي تبصرو ڪندي لکي ٿو: ”سندس شعر و شاعري، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ آهي. پاڻ ديني عشقيه ڪلام گهڻو چيو اٿس، زبان عالمانه ۽ انداز بيان شاعرانه آهي. ڪلام ۾ اها خوبي آهي جو قديم رنگ هوندي به منجهس فن جي چاشني موجود آهي.“[6]
سندن ڪلام مان ڪجهه اشعار پيش ڪجن ٿا:
                               غزل
پرين! تنهنجا پون ٿا پور، هَر هَر،
تهان ڪر ٿو رهان رنجور هر هر!
ڇ
نڪو محرم نڪو سينگو نه ساٿي، ٻڌايان ڪنهن کي مون هي سور، هي هر.
لڪايم عشق کي، ليڪن لڪيو ڪونه، چِڪي ٿو، درد جو ناسور، هر هر.
کُليل مُنهن سان، رقيبن سان کِلين ٿو، ۽ مون کان ٿو رهين مستور، هر هر.

عشاقن ساڻ پرچي وڃ خدارا، رُسڻ جو ڇو رکيئه دستور، هر هر.
رقيبن سان، قريبيءَ ۾ گذرين، رهين ڇو دوستن کان دور، هر هر.
تون مهجورن جي ڦٽ تي رک خدارا، ملڻ جو مرهمِ ڪافور، هر هر.

ڇ
ضيائي نيم بسمل کي ٿو گهورين،
سڄڻ، باديده مخمور، هر هر.
ڇ
17.       حضرت پير محمد ابراهيم جان ”خليل“ رحمة الله عليه:
پاڻ آغا محمد اسماعيل جان ”روشن“ سرهندي جا ٻيو نمبر فرزند هئا. سندن ولادت رمضان المبارڪ 1334هه (1915ع) ۾ پيدا ٿيا. ننڍپڻ ۾ پنهنجي والد ۽ ڏاڏي (خواجه محمد حسين جان سرهندي) کان عربي، پارسي، سنڌي ۽ فقهه ۾ چڱي تعليم حاصل ڪيائون. سنڌي چوٿين درجي کانپوءِ ”سنڌ مدرسة الاسلام“ ڪراچيءَ ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ داخل ٿيو. ڪن سببن ڪري تعليم اڌ ۾ ڇڏي اتان واپس وريا. ٿوري عرصي کانپوءِ سنڌ کي الوداع چئي ”طيبه ڪاليج دهلي“ ۾ داخل ٿيا. جتان چند سالن بعد سند وٺي واپس موٽيا.
نثرنويسي: پاڻ فارسي، اردو، سنڌي ٽنهي ٻولين تي عبور رکندا هئا. سندن سنڌي تصنيف مان هڪ تصنيف ”سنڌ سونهاري“ جي عنوان سان آهي. هن تصنيف ۾ پاڻ جناب جي ايم سيد جي ڪتاب ”جيئن ڏٺو آهي مون“ ۾ اسلام تي اٿاريل اعتراضن جا جواب ڏنا اٿن.
شعر و شاعري: بلند پايه شاعرن جي گهراڻي ۾ اک کولڻ سبب منجهائن شعرگوئيءَ جي صلاحيت ننڍپڻ کان هئي. وڌيڪ سندن والد ماجد سندن اصلاح ڪئي. جنهن جي نتيجي ۾ سندن شعر پختو ۽ تخيل سان پر آهي. تجنيس حرفي، صاف سنڌي محاوره، وغيره ڪلام ۾ گهڻي قدر موجود آهن. سه ماهي مهراڻ رسالي جو ايڊيٽر سندن شاعريءَ بابت تبصرو ڪندي لکن ٿا:
”خليل“ سرهندي اگرچه باشرع بزرگ آهي، تاهم سندس شاعري فن جي ترجمان آهي. تعزل ۾ اهي سڀ مضمون آڻي ٿو، جي شعراءِ ڪرام لاءِ طره امتياز آهي. زلف و ابرو ۽ جام و سبو جي رنگ جي شاعري ڪري ٿو. سندس ذوق سليم ۽ پاڪيزه جذبات غزل ۾ عجب رنگيني پيدا ڪري چڪا آهن. زبان پخته ۽ انداز شسته اٿس.“[7]
ڏوهيڙا وغيره پڻ چيا اٿن. سندن ڪلام جو نمونو پيش ڪجي ٿو:
                                 بيت
مران ته مرڻ جٺ، جيان ته جيئڻ نه اچي،
ڏکن ڏيل ڏڪائيو، سکن واري پٺ،
پوءِ مون کي سمجهي اٺ، سور سٿيائون سر تي.
                                  ***
سڙي سينو سوز مان، ڳرن دل جا ڳچ،
محبت منهنجي من ۾، اهڙا مچايا مچ،
فنا ٿيس فراق کان، سهڻا سائين سچ،
هاڻي ڍولڻ ڍري اچ، ته اوريون حال اندر جو.
                               ***
جهليون نه جهلجن، چڙهن نظاري نينهن جي،
اکيون امالڪ وڃيو ارڏيءَ پر اٽڪن
ڇنان تان نه ڇڄن، جي تارون مڙهيون تن سان.
                               ***
                              غزل
اڄ عجيبن جي اکين عاشق سان ڪيا آزار ڪي
اک ڇنڀيو اک ڇنڀ ۾ ڪن، اقرار ڪي انڪار ڪي.
ڪجهه اشارا ٿيا اکين جا، ڪجهه ٿي چرپر منجهه چپن
خيال پنهنجا خوبرو، ان پر ڪيا اظهار ڪي.
ماڻڪيون محبوب جون، ڪن ٿيون مڪمل مجلسون،
ڪنهن ڏٺا هوندا ڪڏهن اهڙا عجب اسرار ڪي.
سونهن جا سائين ڏنئي تنهن کي سفيديءَ سان نه ڍڪ،
ڇڏ ته تجلا ترورا تنهنجا پسن پينار ڪي.
قدرتي پالش سان تون ڍوليا نه ڍڪ،
ڇڏ ته چهري جا ٿين چمڪاٽ اڄ چوڌار ڪي.
شرم جو آهي بهانو منهن جو هر هر هيٺ ٿيڻ
گڏ ڪرڻ چاهي ٿو ان پر شوق جا انبار ڪي.
نانگ ڪر پاڻي پين پيا نور جي چشمي منجهان
منهن تي محبوبن ڇڏيا اڄ ڇيڪ ڇوڙي وار ڪي.
قرب جي ڏي وٺ ۾ توکي ڪو نه ڪس ڏيندو ڪڏهن،
وڻج ”ابراهيم“ سان تون، وصل جا واپار ڪي.

18.       مرشدي حضرت قبله پير محمد ڪرم الله انصاري المعروف محبوب ”دلبر سائين“مدظله العالي:
پاڻ همه جهت شخصيت جا صاحب آهن. هڪ ئي وقت عالمِ دين، نقشبندي ۽ قادري سلسلي سان وابسته روحاني بزرگ، مصنف، شاعر ۽ صاحبِ طرز مقرر آهن. سندن ولادت خيرپورناٿن شاهه لڳ ڳوٺ خانپور ۾ ٿي. ابتدائي تعليم اتي حاصل ڪيائون. بعد ازان پنهنجي والد صاحب سان گڏ هجرت ڪري ماتلي ۾ سڪونت اختيار ڪيائون. نقشبندي سلسلي ۾ کين اجازت پنهنجي والدِ گرامي حضرت پير محبوب الاهي کان حاصل آهي.
پاڻ سنڌي زبان جا بلند پايه اديب، نثرنويس ۽ شاعر آهن. نثر ۾ لکيل يا ايڊٽ ڪيل سندن تصانيف جو انگ ڪم و بيش سوا سئو کان مٿي ٿيندو. سندن نثري ڪتابن جو وچور هيٺئين جدول ۾ ڏجي ٿو:

نمبر شمار
ڪتاب جو نالو
موضوع
1.         
توحيد و رسالت (سنڌي)
عقائد
2.         
اَيُّڪُمْ مِثْلِي
عقائد
3.         
مدينه منورہ جي حاضري شريعت جي آئيني ۾ 
عقائد
4.         
طَرِيقُ الجَنَّةِ
اوراد و وظائف
5.         
ميلادِ مصطفيٰ  
سيرت
6.         
حِفظُ القُرآن
تعليم و تربيت
7.         
اَلْحَدِيثُ وَعُلُومُه
علم الحديث
8.         
اَلعِلْم وَالعُلَمَاء
تعليم و تربيت
9.         
اَلۡمَسَاجِد وَالمَدَارِس
تعليم و تربيت
10.      
اَلْقَلَم
تعليم وتربيت
11.      
اَلنِّفَاقُ وَالۡمُنَافِقُون
عقائد
12.      
رَهْنُمَا  
فتاوىٰ نبوية
13.      
اَلْجِهَادُ   اَلْجِهَادُ
تعليم و تربيت
14.      
مَوَاعِظِ حَسَنَة  (جلد 1 )
مواعظ
15.      
مَوَاعِظِ حَسَنَة  (جلد ٻيون 2 )
مواعظ
16.      
مَوَاعِظِ حَسَنَة  (جلد ٽيون  3 )
مواعظ
17.      
مَوَاعِظِ کَرَمِيَه
مواعظ
18.      
خوفِ خدا
مواعظ
19.      
گھر ۽ گھر وارا
تعليم و تربيت
20.      
خود ڪشي
سماجي مسائل
21.      
حُسنِ اخلاق
تعليم و تربيت
22.      
انقلابِ مصطفيٰ 
سيرت
23.      
وياج جي وبا
سماجي مسائل
24.      
حسد جي باهه
سماجي مسائل
25.      
دعا جي اهميت     
مواعظ
26.      
دوستي
تعليم و تربيت
27.      
قبر جي پڪار
مواعظ
28.      
شانِ اولياء
عقائد
29.      
سُني خُطبات
مواعظ
30.      
عِمَادُ الدِّين
فقه
31.      
فضائل شب برات
فقه
32.      
فضائلِ رمضان
فقه
33.      
شوال ۽ اعمال
مواعظ
34.      
وسيلو
اوراد وظائف
35.      
نگاهِ  ڪرم
تصوف
36.      
روئڻ واري اک
تصوف
37.      
جاڳڻ واري اک
تصوف
38.      
عدل ۽ انصاف
سماجي مسائل
39.      
شامتِ اعمال
سماجي مسائل
40.      
ٻوڏ ستايلن جي واهر ڪريو
سماجي مسائل
41.      
دردن جو درمان
اورادووظائف
42.      
حق نُما
تصوف
43.      
سفرنامه  حرمين شريفين
سفرنامه
44.      
سفر نامه عراق شام
سفر نامه
45.      
سفرنامه ترڪي
سفر نامه
46.      
سفرنامه امام شافعي
سفر نامه
47.      
قَصِيدَةُ الڪَرَم بِاَسۡمَاءِ سَيّد العَرَب وَالعَجَم
شاعري
48.      
فَاتِحَةُ الْکِتَابُ وَشَرْحهُ فِي الْاَبْيَاتِ
شاعري
49.      
الفت جو آواز
شاعري
50.      
محبت جو آواز
شاعري
51.      
گلدسته  الاهي
شاعري
52.      
ٻوڏ ڙي ٻوڏ
شاعري
53.      
سماج کي سنيھو
شاعري
54.      
سڪ نه کڻي ساهه
شاعري
55.      
روحاني رمزون  (خودي ۽ خدا)
تصوف
56.      
روحاني رمزون   (ڪاملن  جا قصا)
تصوف
57.      
طَرِيقُ الْهِدَاية
تصوف
58.      
جِلاءُ الْقُلُوب
تصوف
59.      
صِرَاطُ الصَّالِحِينَ
تصوف
60.      
اعمال جا اثرات
تصوف
61.      
جيئڻ جا اصول
تصوف
62.      
پيغامِ حق
تصوف
63.      
ڊائري دلبر سائين ١٩٩٥
اخلاقيات
64.      
موبائل فون
عصري مسائل
65.      
سگريٽن جا سور
سماجي مسائل
66.      
ٺڳي جا ٺاهه
سماجي مسائل
67.      
خطبو جتوئي علماءَ ۽ مشائخ اهلسنت جي نظر ۾
عقائد
68.      
اسلامي لباس
فقه
69.      
سائي چادر
فقه
70.      
ڪارو پٽڪو
فقه
71.      
چُمي
سماجي مسائل
72.      
مَدِيْنَةُ الْمُصْطَفَيٰ   ( جلد اول)
تاريخ
73.      
مَدِيْنَةُ الْمُصْطَفَيٰ جلد ٻيون (اڻ ڇپيل)
تاريخ
74.      
شهداءِ ڪربلا
تاريخ
75.      
سوانح حيات حضرت پير مٺا سائين
تاريخ
76.      
تَذْڪِرَةُ الْخُلَفَاءِ الْغَفَّارِيَّة
تاريخ
77.      
سوانح  محبوب الاهي (مختصر)
تاريخ
78.      
سوانح حضرت پير محبوب الاهي مڪمل
تاريخ
79.      
فرمودات محبوب الاهي
تاريخ
80.      
تَذْڪِرَةُ الْمَحْمُود
تاريخ
81.      
ڪلامِ ڪليم
شاعري
82.      
ڪليمي گفتار
 شاعري
83.      
جيئي سنڌ
تاريخ
84.      
اَلاَرْبَعِين فِي مَنَاقِب الصَّالِحين
حديث
85.      
نورالصدور
تصوف
86.      
جلاءُ الصدور
تصوف
87.      
قدوة الاولياء
تاريخ
88.      
نيپاج فضائل و مسائل
فقه
89.      
يتيمن جا حقوق
فقه
90.      
صحت هزار نعمت
حڪمت
91.      
مسنون دعائون (دردن جون دوائون)
اورادووظائف
92.      
تعليم و تربيت
تعليم و تربيت
93.      
دل جي دنيا
تصوف
94.      
سون ورنيون سٽون
اخلاقيات
95.      
زين العارفين سوانح حضرت ميان عمرالدين
تاريخ
96.      
زبان جا نقصان
اخلاقيات
97.      
جمالِ مصطفيٰ ﷺ
سيرت
98.      
جنسي جرائم
سماجي مسائل
99.      
ڪارو ڪاري اسلام جي نظر ۾
سماجي مسائل
100.   
تعليق ۽ تخريج ڪيل ڪتاب
101.   
قوة السالڪين
تصوف
102.   
خطبات محبوب الاهي
مواعظ
103.   
جامِ عشق
شاعري
104.   
مڪتوباتِ  محبوبِ الاهي
تصوف
105.   



پاڻ نثر سان گڏ نظم جا به بادشاهه آهن. هيل تائين سندن 6 شاعريءَ جا مجموعا شايع ٿي چڪا آهن. سندن شعر جو نمونو پيش ڪجي ٿو:
چِٽِي چوڏهين چنڊ کان، پِرينءَ پيشاني،
ڏِسي حُسن حبيب جو، حُورن حيراني،
حُسنُ حقاني، مَلَڪَ ڀي مشتاق ٿيا.
ڪٿي پگهر پرين جو، ڪٿي عطر عنبير،
ڪٿي پِڪَّ پِرينءَ جي، ڪٿي کنڊون کير،
شڪر پُڄن نه شِير، لبن جي لُعابَ سان.
                                       ***
تو جو نوري نظر سان، نهاريو نجيب،
تازائي ٿي تن کي، لٿا غم غريب،
وري به هوت حبيب، اهڙيون ڪر عنايتون.
                                     ***
پيشاني پرينءَ جي، ڄڻ هو چنڊ اُهاءِ،
زلفن جي ظهور سان، هر پاسي هڳاءُ،
لالڻ جو لقاء، پسي قلب قراريو.
ڇ
19.      مولانا محمد ادريس ڏاهري:
مولانا صاحب موجوده دور جا سنڌ جا مشهور و معروف عالمِ دين، واعظ، مصنف ۽ شاعر آهن. پاڻ شاهه پور جهانيان ۾ رهن ٿا. نقشبندي سلسلي ۾ کين پير الله بخش عباسي المعروف سهڻا سائين ڪنڊيارو وارن کان نسبت حاصل آهي. پاڻ سنڌي زبان ۾ ڪيترا ئي ڪتاب لکيا اٿن. سندن ڪتابن جو وچور پيش ڪجي ٿو:
1.   تفسير احسن البيان :  قرآن ڪريم جو سنڌي زبان ۾ تفسير مڪمل بهترين ٽائيٽل سان ٻه دفعا ڇپجي چڪو آهي. هن تفسير ۾ اهل سنت وجماعت جي عقائد کي قرآن ڪريم جي آيات مان صاف صاف ثابت ڪيو ويو آهي سندن  زندگي جو هي تمام عظيم ڪارنامو آهي.
2.       مناقب الصالحين : اولياء ڪرام جي شان ۾ هي ننڍو ڪتاب 1982ع ۾ شايع ٿيو.
3.   الاربعين في فضائل الخلفاءِ الراشدين:   خلفاء الراشدين رضوان الله عليهم اجمعين جن جي شان ۾ 40 حديثون 1983ع ۾ شايع ٿيو.
4.    احسن التشريح لبردة المديح : قصيده برده شريف جو سنڌي ۾ ترجمو ۽ شرح ۽ مخصوص شعرن جي پڙهڻ جا فوائد 1984ع ۾ شايع ٿيو.
5.        جام تصوف : تصوف جي متعلق هي رسالو 1985ع ۾ شايع ٿيو.
6.    الدوله الڪبريٰ شرح اسماء الحسنيٰ : الله تبارڪ وتعاليٰ جي نالن مبارڪن جي معنيٰ ۽ پڙهڻ جون برڪتون 1986ع ۾ شايع ٿيو.
7.    سيرت بادشاه بغدادي : سيدي و مرشدي حضرت عبدالقادر جيلاني ، غوث صمداني، محبوب سبحاني ، قطب رباني رحمة الله عليه جي زندگي جو احوال ۽ سندن ڪرامتن جو ذڪر 1986ع شايع ٿيو.
8.        تحفة الحجاج : چار حصن ۾ حج جي متعلق مختصر احڪام ۽ دعائون 1987ع ۾ شايع ٿيو.
9.    التحفة المرضية القصيدة الغوثية : حضرت سيدنا عبدالقادر جيلاني رحمة الله عليه جي عربي قصيدي جو سنڌي ۾ ترجمو ۽ تشريح 1987ع ۾ شايع ٿيو.
10.  الله جو احسان شرح قصيدة نعمان : امام اعظم حضرت امام ابوحنيفه رحمة الله عليه جي عربي قصيده جو سنڌي ۾ شرح 1991ع ۾ شايع ٿيو.
11.   ترجمه مدح نامه سنڌ : مخدوم محمد هاشم ٺٽوي عليه الرحمة جي فارسي ڪتاب "مدح نامه سنڌ" جو سنڌي ترجمه 1991ع ۾ شايع ٿيو.
12.   احسن التحقيق في سيرت الصديق : حضرت صديق اڪبر ؓ  جي زندگي مبارڪ جو احوال ، اولاد ، سيرت ۽ شان مبارڪ 1992ع ۾ شايع ٿيو.
13.   قادري تحفه : حضرت غوث اعظم سيدنا عبدالقادر جيلاني رحمة الله عليه جن جو ٻڌايل درود سنڌي ۾ ترجمه سان گڏ 1992ع شايع ٿيو.
14.    سيرت اويس قرني : سيدنا اويس قرني ؓ جي زندگي جواحوال 1992۾ شايع ٿيو
15.   مومنن جي ماء سيده عائشه صديقه رضي الله عنها : ام المومنين سيده عائشه صديقه رضي الله تعالي عنها جي سيرت ۽ شان 1994ع ۾ شايع ٿيو.
16.   ماڻڪ موتي لال : قصيده برده شريف ، قصيده نعمان ۽ قصيده غوثيه ٽنهي ڪتابن جو مجموعه 1995ع ۾ شايع ٿيو.
17.   فضائل مسواڪ : ڏندڻ ڏيڻ جا ديني دنيوي فائدا ۽ سنت طريقه سان ڏندڻ ڏيڻ جا احڪام 1996ع ۾ شايع ٿيو.
18.   التحريرالمقبول في اخبار اولاد الرسول ﷺ  : حضور اڪرم نور مجسم عليه الصلٰوة والسلام جي اولاد و اطهار 3 فرزندن ۽ 4 نياڻين جو مڪمل احوال 1996ع ۾ شايع ٿيو.
19.   ترجمه رساله نور : حضرت مخدوم ابوالحسن ڏاهري رحمة الله عليه جي نور مصطفيٰ عليه الصلٰوة والسلام جي متعلق جي لکيل فارسي رساله جو سنڌي ترجمه 1997ع ۾ شايع ٿيو.
20.   سيرت الحسنين : جگر گوشانِ رسول فرزندان بتولِ حضرت امام حسن ۽ حضرت امام حسين رضي الله تعالي عنهما جن جي زندگي مبارڪ جو احوال ۽ انهن جا فضائل 1998ع ۾ شايع ٿيو.
20.     علامه مفتي حبيب الرحمان گبول طاهري:
پاڻ سنڌ جا معروف عالم ۽ مصنف آهن. نقشبندي سلسلي ۾ پير الله بخش عباسي سان بيعت هئا. هينئر سندن صاحبزاده پير سڄڻ سائين جن سان بيعت آهن. سنڌيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا اٿن، جن مان معلوم ڪتاب هي آهن:
(1)  هدايت السالڪين، (2) راهِ حقيقت، (3) سيرت ولي ڪامل، (4) برڪات رمضان، (5) ذڪر الرحمان (اردو) (6) برڪات ذڪر  (1997ع)، (7) تحفه حبيب (اردو)، (8) چاليهه حديثن جو ترجمه تشريح، (9) چاليهه دعائون، (10) برڪات مسواڪ (اردو)
21.      بيدار بخشل مورائي:
پاڻ موري شهر جا اديب هئا. ڪم و بيش 50 ڪتاب لکيائون. نقشبندي سلسلي ۾ حضرت پير الله بخش عباسي المعروف سهڻا سائين نور الله مرقده سان بيعت هئا. سندن وصال بعد سندن صاحبزاده خواجه محمد طاهر المعروف سڄڻ سائين دامت برڪاته سان بيعت ٿيا. سندن بعض مشهور تصانيف جا نالا پيش ڪجن ٿا: 
1.       محبت ملهه مهانگهو (2011ع)
2.       ڏورينديون ڏسن (سفرنامو) (1999)
3.       لڪل موتي لعل
4.       تحفة الطاهرين (سوانح حيات ۽ سيرت پير محمد طاهر_ 1991ع)
5.       سوانح حيات سهڻا سائين، مجلد، (1985 ۽ 86)
6.       گنجينه حياتِ غفاريه (سوانح حيات پير مٺا سائين) 1974ع


نتيجو (Conclusion):
مٿئين سموري بحث مان هيٺيان نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا:
1.       سترهين صدي عيسويءَ ۾ نقشبندي مجددي سلسلي جي صوفين ۽ عالمن هڪ ته پنهنجي سلسلي جي صوفين ۽ عالمن کان جاري ٿيندڙ ادبي ۽ علمي روايتن مان اُتساهه حاصل ڪرڻ سبب ۽ ٻيو ته سنڌ ۾ ڪجهه عرصو اڳ شروع ٿيندڙ مادري زبان سنڌيءَ ۾ تعليم ۽ تدريس جي تحريڪ کان متاثر ٿيڻ سبب سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم، تدريس، تصنيف ۽ تاليف جو سلسلو شروع ڪيو، جنهن سبب سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ رستو هموار ٿيو. مخدوم ابوالحسن سنڌي، مخدوم ضياء الدين سنڌي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، وغيره انهن صوفين ۽ عالمن منجهان معروف آهن.
2.       سنڌي ٻوليءَ کي عربي رسم الخط ۾ لکڻ جي رواج ڱي نقشبندين زور وٺرايو. اڄوڪي جديد عربي رسم الخط پڻ ان زماني جي نقشبندي عالمن پاران استعمال ٿيل رسم الخط جي ئي ترقي يافته صورت آهي. ان حوالي سان نقشبندي صوفين ۽ عالمن کي سنڌي رسم الخط جي بانين ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو.
3.       ڪلهوڙا دور جي نقشبندي صوفين سنڌي شاعري ۾ پڻ گرانقدر اضافو ڪيو. خواجه محمد زمان لنواري واري ۽ مخدوم گرهوڙي کي سنڌي اساسي شاعرن ۾ ڳڻيو ويندو آهي.
4.       ٽالپر دور ۾ پڻ نقشبندي عالمن سنڌي ٻوليءَ ۾ مذهبي ڪتابن لکڻ ۽ شعر و شاعري ڪرڻ جو سلسلو بدستور جاري رکيو.
5.       انگريز دور ۾ جيئن جديد نثر جي اوسر ٿي ته نقشبندي صوفين ان ۾ پڻ وڌي چڙهي حصو ورتو. مغربي ادب ذريعي نوان موضوعِ بحث ۽ نيون روايتون سامهون آيون ته بعض نقشبندين (ميران محمد شاهه اول) انهن تي پڻ طبع آزمائي ڪري سنڌي نثر جي پيڙهه پختي ڪئي. نقشبندي صوفين کي ان حوالي سان سنڌي نثر جي بانيڪارن ۾ پڻ ڳڻي سگهجي ٿي.
6.       دورِ جديد جي ادبي تحريڪن جهڙوڪ ترقي پسند تحريڪ کان نقشبندين جي اڪثريت گوشائتي رهي مذهبي ادب سرجڻ ۾ مشغول رهي آهي. بهر حال چند نقشبندي اهڙا به رهيا آهن جن انهن ادبي تحريڪن اندر اٿندڙ نظرياتي۽ ادبي بحث مباحثن ۾ حصو ورتو ۽ تنقيد جو سلسلو جاري رکيو.
7.       مجموعي طور تي نقشبندين هيل تائين سوين ڪتابَ، هزارين مضمون، ۽ درجنين شعري مجموعا سنڌي ٻولي ۽ ادب کي آڇيا آهن.
8.       هنن رسم الخط کي سوڌي سنواري، ڪلاسيڪل شاعري ۾ اهم واڌارا ڪري، جديد نثر کي ترقي ڏياري سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ناقابلِ فراموش خدمت ڪئي آهي.
9.       نقشبندين جي محفلن ۾ سماع (بلامزامير) واري روايت سنڌي شاعري کي ترقي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رهي آهي.
10.   نقشبندين جو تخليق ڪيل مذهبي ۽ صوفياڻو ادب نه رڳو سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ اهم مقام رکي ٿو بلڪ هن ادب سموري سنڌي سماج تي پڻ هاڪاري اثرات مرتب ڪيا آهن.
11.   هنن جي لکڻين ۽ شعرن ۾ موجود انسان دوستي، غريب پروري، خوش اخلاقي، ماڻهپي، هڏ ڏوکي، همدردي، غم خواري، رحمدلي، پيار، محبت، مذهبي رواداري، صبر ۽ سهپ، حق ۽ سچ، جي پرچار سنڌي سماج تي اڻ مٽ هاڪاري اثر وڌا آهن.











ڪتاب سُڌ (Bibliography)
سنڌي ڪتاب:
1.       ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ”سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو منظوم ذخيرو“، سنڌي لينگويج اٿارٽي.
2.               ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“،  پاڪستان اسٽڊي سينٽر ڄامشورو، ڇاپو چوٿون، 1999ع.
3.       ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ”سنڌيون“،  انسٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو، 1970ع.
4.       ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ”سنڌي ادب جي تاريخ“، سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد، 2004.
5.       ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“، روشني پبليڪيشنز ڪنڊيارو، ڇاپو ٽيون، 2013.
6.       خانبهادر محمد صديق ميمڻ، ”سنڌ جي ادبي تاريخ“، ڀاڱو پهريون، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد
7.       غلام علي الانا، ”سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا“، سنڌي لينگويج اٿارٽي، ڇاپو پهريون، 2006ع
8.       ڊاڪٽر غلام علي الانا، ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“،انسٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو.
9.               اسد الله ”اسد“ ٽکڙائي، ”تذڪرة شعراءِ ٽکڙ“،  سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ڇاپو ٻيو،  2005ع.
10.         ڊاڪٽر عبدالرسول قادري، ”مخدوم محمد هاشم ٺٽوي_ سوانح حيات ۽ علمي خدمتون“،سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 2006
11.   ڊاڪٽر گربخشاڻي، ”لواريءَ جا لال“،ڇاپو ٻيو، سنڌي ساهت گهر، 2011ع.
12.   ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽه، ”ڪلامِ گرهوڙي“،  ثقافت ۽ سياحت کاتو سنڌ
13.   عبدالغفار فاروقي سرهندي، ”نسب نامه سرهندي“، قلمي نسخو
14.   ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ”ڪلياتِ حمل“، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
15.         ڊاڪٽر نذر علي سڪندري، ”مڪتوبات و سوانح حيات پير سائين روضي ڌڻي“، ناشر: مدرسه صبغة الهديٰ شاهپور چاڪر.
16.   خواجه محمد ڪرم الله نقشبندي قادري المعروف دلبر سائين، ”سوانح حيات پير مٺا سائين“
17.   خواجه محمد ڪرم الله نقشبندي قادري، ”سوانح حيات محبوبِ الاهي“
18.   ”بياضِ واحدي“، سنڌي ادبي بورڊ مقدمو : مخدوم سليم الله صديقي پاٽائي
سنڌي رسالا ۽ مئگزين:
19.   مهراڻ ”سوانح نمبر“ڇاپو ٻيو، 1990ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
20.   ”مهراڻ شاعر نمبر، ڇاپو ٻيو، 1990ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
اردو ڪتاب:
21.                        خواجہ بدرالدین سرہندی، "حضرات القدس"، جلد اول،  قادری رضوی کتب خانہ لاہور
22.                        شيخ محمد اکرام، "رودِ کوثر"، اداره ثقافتِ اسلاميه، لاهور
23.                        اعجاز الحق قدوسی، "تذکرہ صوفیائے سندھ"،  اردو اکیڈمی سندھ  ، کراچی، بار اول ١٩٥٩
24.                        ڈاکٹر صاحبزادہ ابو الخیر محمد زبیر، "سندھ کے صوفیائے نقشبند"،   ضیاء القرآن پبلیکیشنز لاہور۔
English Books:
25.  Saiyid Athar Abbas Rizvi, “A History of Sufism in India”, Munshiram Manoharlal Publishers, New Delhi India, 1986.
26.   Jo Ann Gross and Asom Urunbaev, The Letters of Khwāja ʻUbayd Allāh Aḥrār and His Associates”, Printed in Neitherlands, 2002
27.  Sarah F.D.Ansari, “Sufi Saints And State Power: The Pirs of Sindh (1843-1947)”, Cambridge University Press 1992
28.  Annemarie Schimmel ,Pain and Grace:  A Study of Two Mystical Writers of Eighteenth-Century Muslim Rule”, 1976.  




[1]  سندن زندگي جو هي احوال ”سوانح حيات پير مٺا سائين“ بقلم خواجه محمد ڪرم الله نقشبندي قادري المعروف ”دلبر سائين“ تان ورتو ويو.
[2]  سندن زندگي مبارڪ جو هي احوال ”سوانح حيات محبوبِ الاهي“ بقلم خواجه محمد ڪرم الله نقشبندي قادري تان اخذ ڪيو ويو.
[3]  "سندھ کے صوفیائے نقشبند"، جلد دوم، ص ١٤٥،  ڈاکٹر ابوالخیر محمد زبیر، ضیاء القرآن پبلیکیشنز لاہور۔٢٠٠٧۔
[4]  ”مهراڻ شاعر نمبر“، ٻيو ڇاپو، 1990ع، ص 251، 52،
[5]  ”مهراڻ شاعر نمبر“، ص 146 ۽ 147،
[6]  ”مهراڻ شاعر نمبر“ ٻيو ڇاپو، 1990ع، ص 293
[7]  ”مهراڻ شاعر نمبر“، ڇاپو ٻيو، 1990ع، ص 321