Tuesday 24 December 2013

The Role of Naqshbandi Sufis in the development of Sindhi Language and Literature (Part Two)

ٽالپر دور (1783_ 1843ع)
          ٽالپورن جي حڪومت 1783ع کان شروع ٿي ۽ 1843ع تائين قائم رهي. هن دور ۾ به ڪلهوڙن جي دور وانگر مدرسن ۾ عربي ۽ فارسيءَ سان گڏو گڏ سنڌي زبان ۾ پڻ تعليم ڏني ويندي هئي. ڪيترائي ٽالپر حڪمران خود شاعر هئا. سندن درٻار ۾ شعر و سخن جو قدر هو. لڳ ڀڳ مڙني ميرن جون درٻارون شاعرن سان ڀريل هيون. هن دور ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جو قافلو ترقيءَ جي منزل ڏانهن روان دوان هو. ان دور جي ادبي ترقيءَ جو مختصر خلاصو هيٺين ريت پيش ڪجي ٿو:
·        هن دور ۾ صوفين جي وحدت الوجود نظرئي جي گهڻي پرچار ٿي. جنهن جو علمبردار شاعر سچل سرمست هو. سچل جي شاعري مستي، رندي بيباڪي جو حسين امتزاج آهي.
·        هن دور جي شاعري ۽ ٻوليءَ تي فارسي، عربي ۽ سرائڪيءَ جو تمام گهڻو اثر ٿيو. انهن ٻولين نه فقط سنڌي ٻوليءَ جي لغت کي متاثر ڪيو، پر سنڌي صوتيات ۽ صرف و نحو تي به وڏو اثر وڌو.
·        هن دور ۾ عروضي شاعريءَ جو آغاز ٿيو. غزل، رباعي، مسدس، مثنوي، ۽ مخمس صنفون نه رڳو متعارف ٿيون، پر رواج پذير پڻ.
·        لوڪ ادب جي صنفن ۾ مولود، مناجات، معجزه، مناقب ۽ منظوم قصه گوئي گهڻي ترقي ڪئي.
·         مرثيو هن دور جي خاص صنف آهي. جنهن کي عروج سيد ثابت علي شاهه جي هٿان نصيب ٿيو.
·        قومي شاعري ۽ رزميه شاعري، پير سائين روضي ڌڻيءَ رحمة الله عليه جي خليفي جناب نبي بخش لغاري رحمة الله عليه جي ڪاوشن سان بيحد ترقي ڪئي.
·        جيتوڻيڪ سنڌي نثر جا اُهڃاڻ آڳاٽا ملن ٿا، پر هن دور ۾ آخوند عزيز الله مٽيارويءَ جو ڪيل قرآن ڪريم جو تحت اللفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو، سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا ۾ هڪ اهم اضافو مڃيو ويو آهي.
ان دور جي ذڪر ڪيل سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ نقشبندي صوفين جو پڻ سرگرم ڪردار رهيو. هنن نه رڳو سنجيده موضوعن تي تصنيف و تاليف جو سلسلو بدستور جاري رکيو پر نظم ۾ پڻ مذڪوره متعارف ٿيل صنفن ۾ واڌارا ۽ سڌارا ڪيا. چنانچه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي ڪاوشن سان جمع، ترتيب ۽ طبع ٿيندڙ سنڌي لوڪ ادب جي سلسلي جي هر هڪ جلد تي اڏامندڙ نظر وجهجي ٿي ته هر صنف ۾ نقشبندي صوفين جو ڪردار نظر اچي ٿو. ان دور جي نقشبندي صوفين ۽ انهن جي سنڌي ادب لاءِ خدمتن جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.
1.  مخدوم عبدالڪريم نقشبندي رحمة الله عليه:
پاڻ وقت جي متبحر عالمن ۽ عارفن مخدوم محمد ابراهيم مڏئي وارا رحمة الله عليه ۽ حضرت مير احسن الله رحمة الله عليه جا ماسات هئا. مخدوم محمد ابراهيم خليل سندن اولاد منجهان هئا. پاڻ نقشبندي سلسلي ۾ حضرت شاهه صفي الله قدس سره المعروف ”قيومِ جهان“ سان بيعت هئا.
پاڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ سورة ياسين جو ترجمو ۽ تفسير لکيو هئائون. ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان منسوب روايت ۾ درج آهي ته پاڻ هي ڪتاب 14 ربيع الآخر سنه 1709هه ۾ لکيو. ظاهر ڳالهه آهي ته ڊاڪٽر صاحب ائين ته ڪونه لکيو هوندو، ڪمپوزنگ جي غلطي هوندي. خود هن وقت 1435هه جو سن هلي رهيو آهي. منهنجي خيال ۾ 1709 جي جاءِ تي 1209هه (1797ع) هوندو، جنهن کي ڪمپوزر ڀل ۾ 1709 لکي ويو آهي. ڇاڪاڻ ته سندن مرشد حضرت شاهه صفي الله رحمة الله عليه جو سنِ وفات 1212هه ٻڌايو ويو آهي. ظاهر آهي ته پاڻ به تيرهين صي هجري جا هوندا.[1]  
2.                      حمل فقير لغاري [2]
حمل فقير پنهنجي اباڻي ڳوٺ”مير خان لغاري“ رياست خيرپور ۾، تقريبن سنه 1225هه/ 1809ع ڌاري ڄائو. فارسيءَ جي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد کيس خيرپور رياست ۾ فارسي زبان جي استاد جي ذميداري سونپي وئي. ڪجهه عرصو بعد پاڻ خيرپور رياست ڇڏي، ڳوٺ مير خان لغاري تعلقي سڪرنڊ ۾ پنهنجو مڪتب جاري ڪيو.
حمل فقير درگاهه لنواري شريف جي چوٿين سجاده نشين حضرت خواجه شاهه مدني محمد حسن نقشبندي رحمة الله عليه سان سلسله عاليه نقشبنديه ۾ دست بيعت وٺي سندن مريد ٿيو.
حمل فقير ڳوٺ محمود فقير لغاري ۾ ڇنڇر رات، تاريخ 2 صفر، سنه 1296هه (1878ع) وفات ڪئي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سندس شاعريءَ تي بحث ڪندي لکن ٿا:
”حمل فقير بطور شاعر جي وڏو نالو ڪڍيو. سندس شمار سنڌي زبان جي بلند پايه شاعرن ۾ ٿئي ٿو. پاڻ سنڌيءَ سان گڏ سرائڪي ۽ هندي ريخته ۾ پڻ شاعري ڪندو هو. مداحون، معجزه، مناقب، مثنوي، سي حرفيون، غزل، بيت، ڪافيون، هنر، معما، وغيره غرض ته پاڻ سنڌي زبان ۾ لڳ ڀڳ مڙني شاعراڻين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿئين. موضوع جي لحاظ سان، حمل جي شاعري علمي توڙي عوامي عنوانن تي مشتمل آهي ۽ جهوني توڙي جديد رنگ ۾ رچيل آهي. سندس ”مناقب حضرت علي“ ، ”سلسله شاهانِ نقشبند“ ۽ معرفت نامو خصوصاَ علمي معلومات جو ثمر آهن ته ڪافيون، هنر، ۽ معما وري عوامي شاعريءَ جي عنوانن جا موتي ۽ گوهر آهن.
سنڌي زبان تي حمل کي پورو پورو عبور حاصل آهي. خصوصاَ عام رائج زبان جي مؤثر لفظن ۽ پختن محاورن ۽ اصطلاحن تي کيس ملڪو آهي. سندس سنڌي ٻولي بلڪل سولي ۽ صاف آهي.“
سندن چند بيت بطور نموني پيش ڪجن ٿا:
سڪ مڙيئي سور، سور ڀي سرجيا سڪ مون
صبرسڪ
 وڃائيو، ماٺ نه اچي مور
دانهون درد فراق
منهنجي جون ڏيهه ٻجهن ٿيون ڏور
حمل
! هي ڪلور، جو ساجن سڻي ئي ڪينڪي!
                   ***
سِڪندَي ٿيڙم سالَ، تو سڪ نه لاٿي سپرين!
اَٺئي پهَرَ اندر م،آ تنهنجي سڪ سُنڀالَ
اچين هوند، حمل چئي، ڪَري ڀَلائي ڀال
ته ملڪ مَڏِيُون سڀ مالَ، سِرَ سُوڌو صدقي ڪريان.
                        ***
ڪاڻ ڪَنين جي ڪاڻ، آءٌ ڪاڻون ڪڍان ڪِن جون
نه ته ڪير ڪاڻون، ڪير اسين، ڪير ڪڍي هوند ڪاڻَ!
اسين پاڻ اُتامرا، ڪنهن جي ڪڍون نه ڪاڻَ!
پر حمل! سُرهي ساجن ڪاڻ، ٿا ڪاڻُون ڪڍون ڪن جون.
                      ***
هئي هئي! هئي هئي! هاءِ! جو محبت ويئي ملڪ مؤن
جِتي قرب ڪمال هو تِتي لاءِ نه ساءِ
حمل چئي، هِن ڳالهه جو ڪونهي سُڌ سَماءِ
ڪو جو وَريو واءِ، ماڻهو سڀ مَٽِجي ويا.
                     ***
حمل چئي هن ڳالهه جو ويهي ڪيم ويچار:
ته دل لڳي دوستيءَ جو ڇا ملهه آهي مقدار؟
تان اندر مان عقل چيو، نقطو هيءُ نروار:
”وڃي لڳي ته لک هزار، ٽُٽي ته ٽڪو ئي نه لهي.“
                      ***
عجب ڏٺوسون آدمي دل جو ڌيان ڌري
ته رزق خاطر راتيان ڏينهان ٿو پيرين پنڌ ڪري
توڙي هلي تڪڙو، توڙي هلي هَري
تان، حمل چئي [نَه چُري]، رهي بيٺو انهيءَ
  هنڌ تي.[3]
                      ***
3. عثمان فقير سانگي (1778 _ 1860ع):
پاڻ 24 نومبر 1778ع تي ڳوٺ ڄاماڻي سانگي يا ڄامڙي سانگي نزد لاڙڪاڻو ۾ پيدا ٿيا. نوشهري فيروز جي خواجه عبدالحئي نقشبندي جا مريد هئا. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب سندس شاعريءَ تي تبصرو ڪندي لکي ٿو:
”شاهه عبدالطيف، سچل، مصري شاهه ۽ ٻين ڪافي گو شاعرن جو ڪلام ڏسجي ٿو ته عثمان فقير سانگيءَ جون ڪافيون اُن زنجير جي اهم ڪڙيءَ مثل آهن. جيتوڻيڪ ڪن بياضن ۾ عثمان فقير جا بيت به شامل آهن، پر ڪافيون سندس سڃاڻپ بنيون. ڪافيءَ ۾ ئي فقير صاحب بلنديءَ تي پسجي ٿو.
عثمان فقير تي سچل سرمست جو نمايان اثر آهي. اُن رنگ ۾ هن جي مقبول ڪافي ”يار ڏاڍي عشق آتش لائي هي“ به اچي ٿي. هن ڪافي فنڪار محمد جمن کي عروج تي پهچائي ڇڏيو.“[4]  
4.مخدوم فضل الله پاٽائي رحمة الله عليه  (وفات 1290هه/1873ع):
پاڻ مخدوم عبدالواسع صديقي سيوهاڻي جي گهر ۾ 1224هه (1809ع) ۾ پيدا ٿيا. ظاهري تعليم پنهنجي چاچي ۽ مخدوم عبدالواحد سيوستاني جي فرزند مخدوم عارف سيوستاني وٽ مڪمل ڪيائون. طريقت ۾ نقشبندي سلسلي ۾ مخدوم محمد يوسف کياروي سان بيعت ٿيا ۽ ستت خلافت ۽ اجازت حاصل ڪيائون. سندن اباڻو ڳوٺ پاٽ هو. جتي ان وقت بهتر عالم نه ڏسي مخدوم فضل الله خود هجرت ڪري وڃي اتي رهيا ۽ مدرسو قائم ڪري درس و تدريس ۽ تصنيف و تاليف ۾ مشغول ٿي ويا.
 پاڻ بلند مقام عالمِ دين ته اڳ ئي هئا، تنهنڪري جڏهن تصنيف و تاليف ڏانهن رجوع ڪيائون ته بلند مرتبه مصنف، مؤلف ۽ شاعر پڻ ٿي ويا. فارسي ۽ عربيءَ سان گڏو گڏ پاڻ پنهنجي مادري زبان سنڌيءَ کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ان ۾ پڻ لکندا رهيا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ ۾ مخدوم صاحب جي هيٺين سنڌيءَ ۾ تصنيف و تاليف ڪيل ڪتابن جو ذڪر ڪيو آهي:
1.       چاليهه حديثن جو شرح: هن ۾ پاڻ اربعين جي طرز تي چاليهه حديثون گڏ ڪري سندن سولي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي.
2.       ڪتاب ترتيب الصلواة: نالي مان ظاهر آهي ته هن ۾ پاڻ نماز جي مسئلن تي بحث ڪيو اٿن.
3.       نڪاح نامو: 1271هه يا ان کان اڳ تصنيف ڪيو ويو.
4.       معجزو منظوم ڪيل
5.       وحدت نامو يا توحيد نامو، سنه 1264هه (1848ع) ۾ تصنيف ڪيو ويو.
6.       تصوف نامو، جنهن ۾ مخدوم فضل الله توحيد نامي جي پهرين ٻن سٽن جو شرح ڪيو.
7.       زيور نامو: سنه 1278هه ۾ تصنيف ڪيو.
5.                       مخدوم ابراهيم سنڌي نقشبندي رحمة الله عليه:
پاڻ 29 ذوالحج سنه 1317هه (1899ع) تي سنڌي زبان ۾ نقشبندي طريقي بابت هڪ ڪتاب لکيائون جنهن کي ”سنڌي ابراهيم جي“ چئجي ٿو.[5]
6.                        پير محمد راشد المعروف پير سائين روضي ڌڻي رحمة الله عليه:
حضرت خواجه پير محمد راشد رحمة الله عليه سنڌ جي راشدي سيدن جو جدِ امجد آهي. پيرانِ پاڳاره سندن ئي سجاده نشينان آهن. سندن ولادت 6 رمضان المبارڪ سن 1171هه (1758 ) ۾ پيدا ٿيا. پاڻ نقشبندي سلسلي ۾ مخدوم محمد اسماعيل پريان لوءِ وارن سان بيعت هئا. پاڻ سنڌيءَ ۾ شاعري پڻ ڪندا هئا. سندن سوانح ۽ مڪتوبات تي تحقيق ڪندڙ محقق ڊاڪٽر نذر سڪندري صاحب پنهنجي تحقيقي مقالي ۾ بزرگ جي شاعريءَ تي هن طرح تبصرو ڪري ٿو:
”سنڌ جي ڀلاري بزرگ حضرت پير سائين سيد محمد راشد روضي ڌڻي رحمة الله عليه جن جي سنڌي ڪلام کي سامهون رکندي، اجمالي طرح سان بيان ٿو ڪجي ته سندن سمورو ڪلام الله تعاليٰ جي محبت ۽ رسولِ اڪرم ﷺ جي عشق سان سرشار آهي. منجهس عشق الاهيءَ سان گڏو گڏ عشق رسول ﷺ اهڙو ته سمايل آهي جو لفظ لفظ ۾ سوين رمزون ۽ معنائون ڳجهيون آهن. سندن ڪلام جي سڀ کان وڏي انفراديت اها آهي جو پاڻ سڀني شاعرن کان جدا هڪ نئين راهه اختيار ڪيائون.جنهن سندن ڪلام کي ويتر جاذبيت بخشي. سندن ڪلام جي ٻي خوبي سوز گداز آهي جو ڪنهن ٻئي شاعر جي شعر ۽ ڪلام ۾ ملڻ محال آهي.“[6]
نموني طور سندن ڪلام مان چند اشعار پيش ڪجن ٿا:
جيءُ جانب کي ڏي، نه ته موت به نيندئي جيءَ کي،
اهڙا سوداگر سيد چوي، ڪڏهن ملندئي ڪي،
جيءَ ڏني جانب ملي، ته ڏوهين هٿين ڏي،
پوءِ ڏس قياس ڪري، ته هو چڱو ڪي هيءُ.

مجمع الفيوضات نالي سندن ملفوظات کي سندن وڏي خليفي محمود نظاماڻي ڪڙئي واري سنه 1248هه (1831ع) ۾ تاليف ڪيو. هي ملفوضات گذريل ٻن ٽن سؤ سالن کان سنڌ جي مذهبي ۽ علمي حلقن ۾ نهايت قدر جي نگاهه سان ڏٺي وڃي ٿي. هي ڪتاب اصل م فارسيءَ ۾ تحرير ڪيو ويو هو. بعد ۾ ان جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو مولانا محمد قاسم مشوري صاحب جن ڪيو.
خلاصو:
1.       ڪلهوڙن جي دور ۾ نقشبندي صوفين ۽ عالمن سنڌي ٻوليءَ ۾ لکڻ جي جنهن رواج کي فروغ ڏنو سو هن دور ۾ بدستور جاري رهيو.
2.       نقشبندي عالمن نج ديني موضوعن تي ڪيترائي ئي ڪتاب لکيا.
3.       نج صوفياڻي موضوع تي پڻ ڪتاب تاليف ڪيا ويا. ”پير سائين روضي ڌڻي“ جي ملفوضات انهن ۾ ممتاز ۽ منفرد مقام رکي ٿي.  
4.       هن دور ۾ سنڌي شاعريءَ ۾ پڻ نقشبندي صوفين اهم واڌارا ڪيا. جن منجهان حمل فقير لغاري وڌيڪ معروف ٿيو.

انگريز دور (1843 _ 1947ع):
1843ع ۾ سنڌ انگريزن جي قبضي هيٺ آئي. هن دور ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب مزيد ترقي ڪئي، خاص ڪري سنڌي صورتخطي جي باضابطه مقرريءَ سان سنڌي نثر کي اوج نصيب ٿيو. اولهه جي ملڪن ۾ هلندڙ ادبي تحريڪن سان هتان جا مقامي اديب واقف ٿيا. جنهن جي نتيجي ۾ ادب جون مغربي صنفون ۽ مغربي فڪر ۽ فلسفو پڻ اسان وٽ پهتو. سنڌ جي اديبن مغربي صنفن ۽ فڪر و فلسفي تي طبع آزمائي ڪرڻ شروع ڪئي. ترجما به وڏي تعداد ۾ ٿيا.
هن دور ۾ به ڪن نقشبندي صوفين سنڌي ٻولي ۽ ادب جي بدستور خدمت ڪئي. ان دور جي اوائلي نقشبندي صوفين (جهڙوڪ: ميران محمد شاهه اول) علم و ادب ۾ مغرب کان ايندڙ هاڪاري اثرات کي کُليءَ دل سان قبول ڪيو. انهن اثرن هيٺ سنڌيءَ ۾ واڌارا ڪرڻ شروع ڪيا. جڏهن ته اڪثر صوفين بدستور مذهبي ادب سرجڻ تي زور ڏنو. ان دور جي نقشبندين صوفين جي حياتيءَ جي مختصر احوال سميت سندن ادبي خدمتن جو جائزو پيش ڪجي ٿو:  
1.  قاضي شفيع محمد پاٽائي (وفات 1894ع):[7]
قاضي مولوي حافظ محمد شفيع صديقي پاٽائي ولد قاضي احمدي دادو ضلعي جي پاٽ شهر ۾ سن 1835ع ۾ پيدا ٿيا. ابتدائي تعليم مخدوم فضل الله پاٽائي کان حاصل ڪيائون ۽ مزيد علم ڦلجي پاسي وڏن عالمن کان حاصل ڪيائون. پندرهن ورهين جي ڄمار ۾ علم جي پڳ ٻڌي پاٽ ۾ واپس وريا. نقشبندي سلسلي ۾ حضرت ميان محمد يوسف کنياري شريف وارن سان بيعت هئا.  پنهنجي ڳوٺ پاٽ ۾ مدرسو پڻ قائم ڪيائون جنهن ۾ تاحيات درس وتدريس جي مشغلي ۾ مصروف رهيا.
نثر ۽ نظم ۾ ڪافي ڪتاب لکيائون. بقول عبدالوحيد پاٽائي صاحب جي ته سندن ڪافي ڪتاب اڏوهي کائي وئي، باقي جيڪي بچيا آهن تن کي پڙهڻ بعد معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ بلند پائي جا شاعر هئا. سندن شعر جو نمونو شاهه جي شعر جهڙو آهي.
پاڻ سنڌيءَ کان سواءِ عربي، فارسي ۽ سرائڪي ۾ پڻ شعر چيا اٿن.سن 1898ع ۾ 63 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويا.
سندن نظم جو نمونو پيش ڪجي ٿو:
اهنج وڏو آهي امت سين، ظلم زبوني ذلت سين،
ڪافر ڪوڙا دولت سين، هڻ ڪامل تن کي ڪاني:
                                         آءُ، امام رباني!
ڪوڙ دغا دولاب فريب، ملڪن ۾ ٿيو ظاهر زيب،
سچ سنگت ۾ اڪثر عيب، دانائن ڪئي ناداني،
                                         آءُ، امام رباني!
مومن ويچارا مسڪين، بزاي بيحد ٿي بيدين،
وڌ ويا سڀ لچ لعين، ملحد منڪر ۽ زاني،
                                         آءُ، امام رباني!
ڪافر غالب ڪل غزو، حڪم هلي سڀ غير شرو،
اهنجو ٿيو ايمان ذرو، لَنگي ڏس نگراني:
                                         آءُ، امام رباني!
                  ****
هنئڙي لڳي هير، جا آئي عرب پار جي؛
سرهي منجهه سرير، هدايت هٻڪار جي؛
تا عرش ثريٰ تاثير، آئي بوءِ بهار جي؛
جاءِ نه عطر عنبير، گل ڦل ۽ گلزار جي؛
ساعت منجهه سڌير، ٿي همٿ دل هوشيار جي؛
اڳري ٿي اڪير، محب مٺي منٺار جي؛
تسبيح ۽ تڪبير، چيم جليل جبار جي؛
يا رب عليم خبير،  مرد مدح مختار جي.
                  ***
هڪ نظم جو ٽڪرو:
الاهي، اسلام جو ڪر عز وڏو  اقبال!
منافق مردود ٿيا، وين خام مال.
جن قانون تي ڪفر جي ٿي ڪيو جنگ جدال،
ڪرسيءَ ڪاڻ ڪمينن ٿي وڌو وجهه وبال،
آهن يار يزيد جا، ۽ دوست سندن دجال:
ميران محي الدين اچي دين وڌائيو،
ڄاڻو ساڻ يقين، اجهو مهدي آيو!
الاهي، اسلام جو ڪر عزّ وڏو اقبال!
مورت ڇوڙيو مهتين، ڏيئي ڇڙن ڇال،
غازين غريبن سين، ڀلي ڪيو ڀال،
ڏکيا ڏينهن لنگهي ويا، قادر ڪڍيو ڪال،
ڏسي دٻدٻو دين جو، ظلم ٿيا زوال:
ميران محي الدين اچي دين وڌائيو،
ڄاڻو ساڻو يقين، اجهو مهدي آيو!

ڇ
2. مخدوم محمد ابراهيم خليل: (1827_1899)[8]
پاڻ ٺٽي جي علمي ۽ روحاني مخدوم گهراڻي جا آخري چشم و چراغ هئا، جن کي علم و عرفان سبب شهرت نصيب ٿي. سندن ولادت 1243هه (1827ع) ۾ ٿي. سندن زمانو ٽالپرن جي زوال ۽ انگريزن جي عروج جو زمانو هو. جڏهن پاڻ اڃان 17 ورهين جا ٿيا ته سنڌ ۾ ٽالپر راڄ جي تڏا ويڙهه ٿي ۽ انگريز قابض ٿيا. پاڻ فارسي، اردو ۽ سنڌي ٽنهي زبانن تي ڪمال دسترس رکندا هئا. سندن فارسي شاعري ته ملڪان ملڪ مشهور هئي، پر سندن سنڌي شاعريءَ جي پڻ سٺي هاڪ هئي. سنڌي ۾ سندن تخلص ”اداسي“ هو. سندن وفات سنه 1317 هه (1899ع) ۾ ٿي.
سندن علمي ۽ ادبي خدمات ۾ ممتاز مقام سندن تصنيف ”تڪمله مقالات الشعراء“ آهي. هي تاليف در اصل مير علي شير قانع جي تصنيف ”مقالات الشعراء“ جي سڌريل صورت آهي. يعني جيڪي شاعر مير علي شير قانع کان بعد ۾ آيا يا سندن دور ۾ ته هئا پر پاڻ انهن جي زندگين جا حالات قلمبند ڪري نه سگهيا انهن تي مخدوم ابراهيم خليل صاحب سوانح عمريون لکي ڪتاب مڪمل ڪيو.هي بلا شبه سندن سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ وڏي ادبي خدمت آهي.
3. سيد ميران محمد شاهه اول (1829_1892ع):[9]
پاڻ متعلوي سادات منجهان هئا. 12 صفر 1245 هه (؟) ۾ سنڌ جي آڳاٽي علمي ۽ ادبي مرڪز ٽکڙ ۾ پيدا ٿيا. عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ تمام سٺي تعليم حاصل ڪيائون. ڪجهه عرصو بعد انگريزيءَ جو پڻ چڱو اڀياس ڪيائون. تن ڏينهن ۾ فارسي اڃان به دفتري زبان هوندي هئي. تنهنڪري تعليم جي تڪميل بعد جلد پاڻ سنڌ جي چيف ڪمشنر جا ميمبر منشي ٿيا. بعد ۾ حيدرآباد جي سيشن جج جا سرشتيدار مقرر ٿيا. ڪجهه عرصي بعد ٽنڊي آدم ۾ ريزيڊنٽ ميجسٽريٽ پڻ مقرر رهيا. آخر ۾ وڪالت جو پيشو اختيار ڪيائون. سندن همعصر وڪيلن ۾ خانبهادر حسن علي آفندي، ديوان ڏيارام گدو مل ۽ خدا بخش نظاماڻي هئا.
صاحبِ تصنيف ”تذڪرة شعراءِ ٽکڙ“ ۽ سندن ڳوٺ واسي جناب اسد الله ”اسد“ ٽکڙائي صاحب کين حافظ حڪيم ميران محمد شاهه ڪري لکيو آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته پاڻ قرآن جا حافظ هئا. پاڻ ننڍي لاڪون نهايت عابد، زاهد، متقي ۽ پرهيزگار انسان رهيا. سنڌ جي مشهور سرهندي بزرگ خواجه عبدالقيوم مجددي (وفات 1271هه/1854ع) سان نقشبندي سلسلي ۾ بيعت هئا. سندن مرشد سان محبت جو هي عالَم هيو جو جڏهن سندن مرشد جا صاحبزاده خواجه عبدالرحمان مجددي افغانستان ۾ خانه جنگيءَ سبب اتان هجرت ڪري سنڌ ۾ آيا ته پاڻ کين بيحد اصرار ڪيائون ته سندن ڳوٺ ٽکڙ ۾ سڪونت اختيار فرمائين. سندن بيحد اصرار ۽ عقيدت و محبت کي ڏسندي خواجه عبدالرحمان مجددي ٽکڙ ۾ رهائش اختيار ڪئي. اڄ لاڙ جي پاسي مقيم اڪثر سرهندي پير ان بزرگ خواجه عبدالرحمان مجددي جا ئي اولاد آهن.
هڪ ڀيري خواجه عبدالرحمان مجددي صاحب کين فرمايو ته ”شاهه صاحب، تو جهڙي درويش ماڻهوءَ لاءِ وڪالت ۾ رڳو ڪوڙ ۽ ڪوڙين ڳالهين کي پشت ڏئي، سچ جو لباس پهرائي، سچ کي ڪوڙ ۽ ڪوڙ کي سچ ڪري ڏيکارڻ ٺيڪ نه آهي.“ پاڻ ان تلقين کان فوراَ بعد وڪالت پيشو ترڪ ڪري اباڻو پيشو حڪمت اختيار ڪيائون. سندن والد صاحب ناميارو حڪيم هو. پاڻ ان جي صحبت ۾ رهي حڪمت سکيا هئا. جنهن سبب پاڻ به حڪمت تي ڪامل عبور رکندا هئا. ستت حڪمت ۾ وڏو نالو ڪڍيائون. پري پري کان ماڻهو کانئن علاج ڪرائڻ ايندا هئا.
سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ خدمتون:
سندن شمار سنڌي ٻوليءَ جي قديم ترين نثرنويسن منجهه ٿئي ٿو. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب جي تحقيق موجب سنڌي نثرنويس حضرات جي فهرست ۾ ننديرام ميرچنداڻي کان پوءِ ٻئي نمبر تي سندن نالو اچي ٿو. ڊاڪٽر صاحب موصوف سندن ٻن هنديءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ڪتابن  جو ذڪر ڪيو آهي، پهريون ”سڌاتورو ۽ ڪڌاتورو“ جيڪو سبودي ڪبوديءَ جو سنڌي ترجمو آهي ۽ جڏهن ته ٻيو ”آڪاسي نروار“ جيڪو نظامِ شمسيءَ جو سنڌي ترجمو آهي. سڌاتورو ۽ ڪڌاتورو افسانو آهي ۽ جڏهن ته مؤخرالذڪر ڪتاب علمِ هيئت تي درسي ڪتاب آهي.
سندن ڳوٺائي ۽ ”تذڪرة شعراءِ ٽکڙ“ جو مصنف مٿين تصنيفات کان علاوه سندن ٻن ٻين تصنيفات جو ذڪر پڻ ڪري ٿو، هڪ”مفيد الصبيان“ ۽ جڏهن ته ٻي ”مفيد الطالبين“.  مؤخرالذڪر ڪتاب علمِ طب تي آهي.
خانبهادر محمد صديق ميمڻ صاحب سندن ڪتاب ”آڪاسي نروار“ تي تبصرو ڪندي لکن ٿا:
”سنڌي ٻوليءَ ۾ علم هيئت بابت هيءُ پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ ڌرتي، سج، چنڊ، سيارن، گرهن، ثوابت (نکترن يعني بيٺل تارن)، پڇر تارن، ڪسوف (سج لهڻ) ۽ خسوف (چنڊ گرهڻ) بابت، ماڻهن جا جيڪي اڻڄاڻائيءَ جهڙا خيال ۽ عقيده هئا، تن کي ڪوڙو ثابت ڪيو ويو آهي، ۽ هر هڪ آسماني جسم جي تحقيقات ڪيل شڪل، گردش، مفاصلي ۽ انهن جي اثرن (جهڙوڪ: رات ۽ ڏينهن ٿيڻ جي حقيقت ۽ موسمن جي مٽ سٽ) بابت سمجهاڻيون ڏنيون ويون آهن.“[10]
ميران محمد شاهه ثاني، جيڪي سندن پوٽا هئا ۽ مشهور اديب ۽ سياستدان ٿي گذريا آهن، سندن نثرنويسيءَ تي تبصرو ڪندي لکن ٿا ”ڏاڏي ميران محمد شاهه، ”سر بارٽل فريئر“ ڪمشنر جي چوڻ موجب جيڪي ڪتاب لکيا، تن جي عبارت اهڙن نج سنڌي لفظن، محاورن ۽ جملن سان ڀرپور آهي، جنهن جهڙي سنڌي هن وقت ڪو مشڪل لکي سگهندو هوندو.“[11]
4.حافظ محمد يوسف (وفات 1322هه):
پاڻ حافظ محمد هارون نالي ٽکڙ جي جيد عالم جي گهر ۾ پيدا ٿيا. عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ جي تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪيائون. والد جي وفات کانپوءِ سندن مدرسي کي سنڀاليائون. جڏهن خواجه عبدالرحمان مجددي ٽکڙ ۾ اچي سڪونت اختيار فرمائي ته حافظ محمد يوسف ٻين ماڻهن جيان ساڻن نقشبندي سلسلي ۾ بيعت ٿيو. سندن خوش خطي تمام گهڻي مشهور هئي. ٽکڙ جي سيدن جا دعوت ناما پاڻ لکندا هئا.
شعر و شاعري: پاڻ شاعريءَ جو ذوق پڻ رکندا هئا. صاحبِ تصنيف ”تذڪرة شعراءِ ٽکڙ“ سندن هيٺيان اشعار نقل ڪيا آهن:
ڪڏهن نه پاڻ کان مون کي سڄڻ جدا ڪريو،
جي ڏين جان ته اُنِ تي وري جفا ڪريو.

سڄي ڄمار ۾ هئي التجا اها منهنجي،
ته هن مريضِ محبت جي ڪا دوا ڪريو.

پکيڙي دام ڪيئي قيد دل کي ڪاڪل ۾،
ڪري قياس ڪو دل ۾ وري رها ڪريو.
             ***
داد دلبر سوا نه ڏيندو ڪير،
هاڻ همراز منهنجو ٿيندو ڪير!

تنهنجي محفل ۾ مہ لقا مونکي،
ساڻ ساٿي ڪري سڏيندو ڪير!

اک ڦَري ٿي ۽ پڻ لنيو ڪانگل،
اڄ اڱڻ عاشقن جي ايندو ڪير!

جن کي مستي رهي محبت جي،
تن کي پلپل چئي پليندو ڪير؟


5.علامه قاضي اسد الله شاهه ”فدا“:
پاڻ ٽکڙ جي انهن شخصيتن منجهان هئا، جن جي هاڪ پوري هندستان ۾ هئي. ابتدائي تعليم حافظ يوسف وٽان حاصل ڪيائون. ڪجهه عرصو پنهنجي مرشد ۽ نقشبندي مجددي سلسلي جي رهنما خواجه عبدالرحمان مجددي وٽ مڪتوبات شريف امام رباني مجدد الف ثاني ۽ مڪتوبات شريف خواجه عروة الوثقيٰ محمد معصوم به پڙهيا. بعد ازان ڪجهه عرصو حيدرآباد ۾ مولوي محمد حسن وٽ عربي پڙهيا. آخرڪار علم جي اڃ اجهائڻ لاءِ دارالعلوم ديوبند تائين پڻ ويا، جتي ڪجهه عرصو مولانا محمود الحسن ديوبندي صاحب وٽ پڻ پڙهيا. خلافت تحريڪ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيائون. ڪافي عرصو حيدرآباد شهر جا قاضي مقرر ٿيا. پاڻ 1244هه ۾ موجوده ٽکڙ ۾ وفات ڪيائون.
سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ خدمتون:
          پاڻ بهترين نثرنويس هئا. سندن نثر تي تبصرو ڪندي ميران محمد شاهه ثاني لکن ٿا ته ”قاضي اسد الله شاهه باوجود سادي عبارت لکڻ جي پنهنجي مضمون ۾ ڪافي دلچسپي جا جزا ملائيندو هو، جنهن ڪري سندس مضمون پڙهڻ مان لطف ايندو هو.“[12]
”بهارِ اخلاق“ جاري ڪرڻ: 1906ع ۾ ٽکڙ مان شاهه صاحب ۽ هڪ ٻئي مشهور سنڌي اديب محمد هاشم مخلص جي ڪوششن سان ”بهار اخلاق“ جي نالي سان ماهوار رسالو شايع ٿيڻ شروع ٿيو. جنهن جو ايڊيٽر شاهه صاحب پاڻ هو. هن رسالي ۾ شاهه صاحب هر مهيني لکندو هو. سندس هن ادبي خدمت تي تبصرو ڪندي تذڪرة شعراءِ ٽکڙ جو مصنف لکي ٿو: ”هي رسالو سالها سال سنڌي ادب جي خدمت ڪندو رهيو. منجهس ان وقت مشهور اديبن ۽ شاعرن جا املهه مضمون ۽ بي بها شعر شايع ٿيندا هئا. مصرع طرح به ڏني ويندي هئي، جنهن تي آيل ڪلام وري ايندڙ پرچي ۾ شايع ٿيندو هو.“[13]
شاعري: ”اسد“ ٽکڙائي صاحب سندن شاعري تي تبصرو ڪندي لکن ٿا ته ”سندس ڪلام جو ڳچ حصو صاف ۽ سليس سنڌيءَ ۾ نه، بلڪ عربي ۽ فارسي زده سنڌيءَ تي مبني آهي. فارسي ترڪيبون، استعارا، تلميحون ۽ تشبيهون وغيره چڱيءَ ريت ڪم آڻيندو هو. سندس ڪلام ۾ معياري مضمون سان گڏ لفظن جي بندش ۽ چستي وزن جي پختگي قابل تعريف آهن. هڪ نعتيه ڪلام ۾ چوي ٿو:
ڌوم ٿي عالم ۾ شاه، انس و جان پيدا ٿيو،
اول و آخر هويدا ۽ نهان پيدا ٿيو،
باعثِ تخليق آدم ۽ جهان پيدا ٿيو،
مظهر ڪامل ظهورِ (ڪن فڪان) پيدا ٿيو.

شاهه شاهان، جانِ جان، جانِ جهان پيدا ٿيو.

فخر عرش و فخر فرش و فخر عز و فخر شان،
فخر بطحا، فخر طيبة، فخر انس و فخر جانن،
فخر اب، فخرِ عرب، فخرِ عجم، فخرِ جهان،
فخر دنيا، فخر دين، فخرِ زمين، فخرِ زمان

فخرِ آدم، فخرِ روحِ قدسيان پيدا ٿيو.

بهر حال سندن بعض اشعار ۾ سلاست پڻ نظر اچي ٿي:
منهنجا دشمن، هجي مبارڪ تو،
تيغ ابروءَ جي منهنجي گهائي دل،
ڪهڙي ڪوشش ۽ جستجوءِ ڪجي
جا وئي سا نه مور آئي دل.
دل جا دلبر جي دست ڪين وئي،
آهه سچ پچ اها اجائي دل.
آهيان عوام مان نه آءُ ”فدا“،
دور منزل سندم رسائي دل.

6.       سيد حاجي محمد حافظ شاهه:
سندن ولادت 20 شوال المڪرم 1287هه ۾ اڳينءَ ٽکڙ ۾ ٿي. حافظ يوسف جي مڪتب ۾ قرآن ڪريم، فارسي ۽ سنڌي جي تعليم حاصل ڪيائون. ٻين ٽکڙ واسين جيان پاڻ به خواجه عبدالرحمان مجددي سان نقشبندي سلسلي ۾ بيعت ٿيا. مرشد جي مٿس ڏاڍي مهر ۽ قرب واري نظر هوندي هئي. 5 صفر 1337هه ۾ وفات ڪيائون.
سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ خدمتون:
شعر و شاعري: صاحبِ تصنيف ” تذڪرة شعراءِ ٽکڙ“ لکن ٿا ته ”حافظ حامد کانپوءِ جيڪڏهن ڪو ٽکڙ جو شاعر، پنهنجي ڪلام ۾ سوز ۽ درد پيدا ڪري سگهيو آهي، يا جنهن جي ڪلام ٻڌڻ يا پڙهڻ سان، دل ۾ جذب ۽ ڪيف پيدا ٿي سگهيو آهي، يا جنهن جي ڪلام ٻڌڻ يا پڙهڻ سان، دل ۾ جذب ۽ ڪيف پيدا ٿي سگهيو ٿو، ته اها حافظ شاهه ئي آهي.
حافظ شاهه هڪ عوامي شاعر هو. انهيءَ جو ثبوت پيش ڪندي اسد الله اسد ٽکڙائي چون ٿا ته جڏهن سندس همعصرن جو دور گذريو ۽ ٽکڙ مان اُها بهار جي بوءِ ختم ٿي ويئي، ۽ ٻين شاعرن جا بياض وانگي گم ٿي ويا ۽ جڏهن پوئين دور جي اديبن سندس ڪلام جي ڳولا ڪئي، تڏهن ماڻهن کي سواءِ ”حافظ“ جي ڪافين جي ٻئي ڪنهن به شاعر جي ڪلام مان هڪ يا ٻن بندن کانسواءِ ڪجهه به ياد نه هو. اهو ئي سبب هو جو ماڻهن جي ساڻس ۽ سندس ماڻهن سان محبت هئي. اڄ به سندس صحبتي، سندس ڳڻن ڀريون ڳالهيون ڳڻيو، اکين ۾ آب هارين ٿا.
حافظ شاهه جو ڪلام گهڻو ڪري ڪافين جي صورت ۾ آهي. گل ۽ بلبل، خال ۽ خط، بده و جام، ساقي ۽ پير مغان جا خيالي استعارا ۽ افسانا سندس ڪلام ۾ گهٽ نظر اچن ٿا. سندس شعر ۾ ٺيٺ سنڌي لفظ محاورا ۽ تجنيس حرفي گهڻي موجود آهي.
ٺيٺ سنڌي رواني ۽ سلاست: شاهه صاحب ڪوشش ڪري پنهنجي ڪلام ۾ اهي لفظ استعمال ڪيا آهن، جي بلڪل عام فهم آهن.
حال نه مون ۾ هاڙهي هلڻ جو، هوت هلي آ آري،
 ڇوهه ڇپر ۾ ڇڏيئي ڇولي، ڪانه ڪيئي پوئواري،
روه رندن ۾ رس رليءَ کي، موٽ، آءُ منزل ماري،
”حافظ شاهه“ جي حجت نه هوتا، زور ناهي، توسان زاري.

محاوره! شاهه صاحب جو ڪلام سنڌي محاورن سان ڀرپور آهي. مثلاََ:
تارا تڪيندي راتيون گذريم
ڏينهن ڏکن ۾ پيهي پچاريم
سور سٺا مون سال پيارا
واريون ورهه جون مون ورهيه وسايون.

هن بند ۾ ”تارا تڪڻ“، ”سور سهڻ“ ”واريون وسائڻ“ خاص سنڌي محاورا آهن.
تجنيس حرفي: شاهه صاحب جو اهڙو ڪو به ڪلام ڪونهي، جو تجنيس حرفيءَ سان سينگاريل نه هجي. ملاحظه فرمايول
اي عجيبا! اوچتي توسان دلڙي اڙي،
قلب ۾ ڪنهن پر ڪا اٽڪي قرب جي قابو ڪڙي،
سور توکي ڇا سڻايان، درد دل ۾ ٿيا هزار،
ڏسڪندي توکي ڇا سڻايان، درد دل ۾ ٿيا هزار،
ڏسڪندي ڏينهڙا گذاريم، راتيون روئي رڙي.
                                                           ***
پيچ ۾ پيچ پائي زلف سينگارين سهڻا،
ور وجهي وَر ۾ وري وارَ سوانرين سهڻا.
سر ڏيان سَٽِ ۾ سندم، صدقي سڄڻ ساهه سسي!
اي! وٽم گڏجي گهڙي پل، جي گذارين سهڻا!
 
                                                       ***
مٺا محبوب ماڻن سانڻ ڇو مشتاق مارين ٿو،
ڪٺل تي ڪيئن تکي هيءَ تيغ ابرو جي الارين ٿو.

ڪري هڪ ناز نيڻن جو، ڪيئي قابو ڌتاري دل،
زوراور زلف جي زنجير ۾ ڇو قيد ڪارين ٿيو.

ٿيا ڪئين سال مون سڪندي، جدائيءَ ۾ جلايم جيءُ،
پسي اهڙي سندم حالت، ڪي ناقصِ ڏي نهارين ٿو.

سدا تون دل دل مٿي دلبر، نه وسرين وير ڪنهن مان کي،
نه توکي لاڏلا لائق، ولهيءَ کي ور وسارين ٿو.

نه ”حافظ“ شاهه جي حجت، مگر هي عرض آزيءَ سان:
ڪيئي جي ٻول ٻانهيءَ سان، پيارل ڇو نه پارين ٿو.
ڇ
7. شاهه نصير الدين نقشبندي (وفات 1900ع)
پاڻ امام رباني مجدد الف ثانيءَ جي اولاد مان هئا. نوشهري فيروز جي ڄاتل سڃاتل بزرگ پير عبدالحئي نقشبندي جا صاحبزاده ۽ سجاده نشين هئا. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب سندن شاعريءَ متعلق لکي ٿو:
”هو تصوف جي تعليم ڪري ڪو مت ڀيد نه رکندو هو ۽ هر مسلڪ وارو ڏانهس ڇڪجي ايندو هو. شاهه نصير جي ڪلام ۾ ڪافيون، غزل، رباعيون، مخمس ۽ مرثيا موجود آهن. هُن جو ڪلام علم عروض موجب به آهي. سندس ڪافين ۾ هيءَ ڪافي تمام مقبول ٿي:
غمن ساڻ غلام، ڪيو آهه يار اسان کي،
عشق تنهنجي آرام وڃايو، برهه تنهنجي بدنام،
                                    ڪيو آهه يار اسان کي،
سَنڌ سَنڌ ۾ ميخ محبت، لنو لنو منجهه لغام،
                                     ڪيو آهه يار اسان کي،
ڪنهن کي دين مليو، ڪنهن کي دينا، عشق اصل انعام،
                                   ڪيو آهه يار اسان کي،
نينهن نصير تنهنجي هئه هئه، کائڻ پيئڻ حرام،
                                  ڪيو آهه يار اسان کي،
ڇ
ڪافين ۾ وزندار ۽ اثرائتا قافيا به شاهه نصير جي خصوصيت آهي.[14]
8. خواجه محمد سعيد مهاجر مڪي رحمة الله عليه (1847_ 1906ع):
پاڻ لواري شريف جا پنجون نمبر گادي نشين هئا. علم و فضل ۽ شريعت ۽ طريقت ۾ يگانه هئا. سندن ولادت 1264هه (1847ع) تي ٿي. کين فارسي، عربي ۽ سنڌي ٽنهي ٻولين تي ڪمال عبور حاصل هو. ٽنهي ٻولين ۾ پاڻ نثر توڙي نظم ۾ لکندا هئا. سندن مشهور ڪتاب ”صقال الضمائر“ آهي. فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل هن ڪتاب ۾ پاڻ پنهنجي والدِ گراميءَ جي سوانح ۽ پنهنجي حج جو سفرنامو لکيو اٿن.
پاڻ سنڌي ٻوليءَ جا وڏي پائي جا شاعر پڻ هئا. سندن سنڌي ڪلام جو مجموعو ”معرفت نامو“ جي عنوان سان شايع ٿيل آهي. جنهن منجهان ڪجهه اشعار پيش ڪجن ٿا:
حمد حق اوهين ڪريو هر صبح شام
ذڪر تنهن جي کي ڪريو دل سين دوام
او محمد مير شافع مذنبيين
او اجهو آهي وڏو تا عاصيين
لک صلواتون جا مٿس نازل هجن
۽ به جيڪي آل ۽ اصحاب ان
عشق آهي درد دل جي دوا
......عشق فرمائي دوا.

9. مولانا حاجي محمد مرحوم هالائي (1859_ 1917ع):[15]
پاڻ 27 رمضان المبارڪ 1276هه (1859ع) ۾ پراڻن هالن ۾ پيدا ٿيا. هالن نون جي ساڪن مولانا حاجي عبدالطيف صاحب، پاٽ شريف جي مولانا حسن الله پاٽائي صاحب ۽ مولانا محمد حسن صاحب ڪنڊي وارن وٽ پڙهندا رهيا. ان بعد پنهنجي ڳوٺ اچي مدرسو قائم ڪري درس و تدريس ۾ مصروف ٿي ويا. طريقت ۾ نقشبندي سلسلي ۾ خواجه عبدالرحمان مجددي سان بيعت هئا. سندن وفات 4 ربيع الثاني 1336هه (1917ع) ۾ ٿي.
تصانيف:
مولانا حاجي صحب مرحوم پنهنجي پٺيان ڳچ تصانيف ڇڏي ويا. جن مان هيٺيون سنڌي مشهور تصانيف آهن:
(1)    فتاويٰ احمديه (سنڌي)، (2) حقوق الزوجين، (3) شرح ماة حديث، (4) رموز الفرقان، (5) المسائل الخمسة في دفع توهمات الشيعة، (6) تمام العناية ترجمة بداية الهداية، (7) رودايه (عربي و سنڌي)، (8) قصه بيبي بلقيس، (9) فيض الصمد ترجمه ايها الولد، وغيره.
10.                   آخوند حاجي فقير محمد ”عاجز“ (وفات 1918ع):
آخوند حاجي فقير محمد بن آخوند موسيٰ قريشي صديقي نسل جا هئا. عربي فارسي ۽ مروج سنڌيءَ جي تعليم حاصل ڪيائون. ڪجهه عرصو تپيدار طور ملازمت ڪيائون بعد۾ استعيفيٰ ڏئي ڇڏيائون. مير عبدالحسين سانگيءَ سان قرب جو رستو  هوندو هئن. نقشبندي سلسلي ۾ خواجه عبدالقيوم سرهندي سان بيعت هو. 28 ربيع الاول سن 1336هه بمطابق 16 جنوري 1918ع ۾ وفات ڪري ويا.
نثر نويسي: سندن تصنيفات هيٺيون آهن:
1.       ”جان عشاق“، هڪ حصو، رباعيون، 1323 هه (1905ع)،
2.       ”جان عشاق“، ٻه حصا، حضرت بلا شاهه جي ڪافين ”قانون عشق“ جو سنڌيءَ ۾ شرح وار ترجمو، ساڳئي سال ۾ لکيو ويو.
3.       ”جان سالڪ“، شاهه باهو سلطان قدس سره جي رسالي ”عين الفقر“ پارسيءَ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو، ساڳئي سال ۾ لکيو ويو.
4.       ديوان عاجز، غزليات
5.       ”نيڪ اخلاق“، ”اخلاق محسني“ فارسيءَ جو ترجمو.
6.       ”رحمة اللعاشقين“، مثنوي ”تحفة العاشقين“ اردو جو منظوم ترجمو، (1325هه/1907ع)
7.       ”بهار گلشن“، آکاڻين جي طرز تي  (1328هه/1910ع)
8.       ”تفسير فاتح الڪتاب“، (1910ع)
شعر و شاعري: آخوند صاحب جي شعر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
                                            يَا حَيُّ يَا قَيّومُ، بِرَحمَتِڪَ اِستَغِيثُ!
ناهيم ڪوئي يار، برحمتڪ استغيث!   مونس نه غمگسار، برحمتڪ استغيث!
دردن کان دلفگار، برحمتڪ استغيث!  دائم در انتظار، برحمتڪ استغيث!
                                             يَا حَيُّ يَا قَيّومُ، بِرَحمَتِڪَ اِستَغِيثُ!
شاهن جو شاهه آهين تون سلطان بي وزير،  صانع جميع صنعت خلاق بينظير،
راحم، رحيم، رازق، داور تون دستگير،   لائق ڪري لطف سان ڪر دل سندم سڌير:
                                             يَا حَيُّ يَا قَيّومُ، بِرَحمَتِڪَ اِستَغِيثُ!
واهر وسيلو ناهه سندم، آهيان آءُ دردمند، ساڻم ثمر نه آهي ڪو، مسڪين و مستند،
درد و فرق رهبر حيرت کان پيم بند، جيرو جگر جلائي اهو سوز چون سپند:
                                            يَا حَيُّ يَا قَيّومُ، بِرَحمَتِڪَ اِستَغِيثُ!
                                                                  ***
کنيو مهروءَ چهري تان نقاب، ويو لڪي اَبر ۾ رخِ مهتاب.
رخِ زيبا ڏسي پياري جو، ويو جلي عقل سندم جو تب تاب.
زمزمه زبان تبارِ دل، سر بسر آهه ٿيو تنم چون برباب،
ڏي ڀري دلبرا بموسمِ گل، پي به پي ساقيا تون جامِ شراب
جي ڪري ڪو منادي عالم ۾، منهنجي دلبر جِهو اَٿوَ ڪمياب.
جي هجي غيرت مه ڪنعان، حسن ڪنهن جي کي ناهه هرگز تاب.
دُرّ دندانِ اُو بدرجِ دهن، واه دُرِّ عدن جو نيائون آب!
ٿيو برآمد قمر تڏهن بَشفق، پير پاتو پرينءَ جڏهن برڪاب،
ڪٿي مشتاق پٺ ۾ پرده نشين، پڻ حيا عقل کي ڏنائون جواب.
حالتِ نزع آهي ”عاجز“ جي، مِل مهرو مٺا اچي تون شتاب.

11.                    علامه محمد قاسم ڳڙهي ياسيني (1887_1930ع):
پاڻ 16 ربيع الثاني  1305هه (1887ع) تي پيدا ٿيا. پاڻ لڳ ڀڳ تمام تعليم پنهنجي والد مولانا محمد هاشم وٽ پڙهيا. آخري ٻه ڪتاب مولانا عبدالغفور همايوني صاحب جن وٽ پڙهيا. علم جي دسترابندي بعد والد صاحب جي مدرسي ۾ پڙهائڻ لڳا. نقشبندي سلسلي ۾ خواجه عبدالرحمان مجددي سرهندي سان بيعت هئا. 18 ذي القعد 1349هه (1930ع) ۾ وفات ڪيائون. 
نثرنويسي: سندن فتوائن جو هڪ جلد ”فتاويٰ قاسميه“ نالي شايع ٿيل آهي. ٻيون تصنيفات فارسي ۾ آهن.
شعر و شاعري: پاڻ فارسي ۾ شعر گهڻو چيو اٿن. تاهم سنڌيءَ ۾ پڻ شعر چوندا هئا. نموني لاءِ ٻه چار شعر هت لکجن ٿا:
مٽ ماه روي مدني اهل زمين جو ڇاهي
نيڻن سندس برابر نرگس چمن جو ڇاهي
قدسي دهن سان دلبر زنده ڪري مئن کي
اعجاز عيسوي جي مٽ تنهن دهن جو ڇاهي
مرسل جو معجزو ڏس آڱر سان چنڊ چيرڻ
حاذق عَصا موسيٰ بيضا هٿن جو ڇا هي
عربي عجيب بيشڪ ڪوثر جو ”قاسم“ آهين،
تشنه کي دير بخشڻ جام سڪن جو ڇاهي.

12.                   حافظ محمد هارون ”دلگير“ (متوفي 1934ع):
پاڻ1299هه (1881ع) ۾ حافظ محمد يوسف جي گهر ۾ پيدا ٿيا. پنهنجي والدِ گرامي کان اڪثر تعليم حاصل ڪيائون. سندن نقشبندي نسبت بابت صاحبِ تصنيف ”تذڪرة شعراءِ ٽکڙ“ صراحت سان ذڪر نه ڪيو آهي، ليڪن هڪ ٻه روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ پنهنجي والد جي مرشد خواجه عبدالرحمان مجددي سان بيعت ٿيا هوندا. سنه 1353هه (1934ع) ۾ رحلت فرمائي ويا.
شعر و شاعري: اسد الله اسد صاحب سندن شاعريءَ متعلق لکي ٿو ته ”شاعري ڄڻ ته ”دلگير“ جي گهر جو ورثو هئي. طبيعت ايتري قدر روان هوندي هيس، جو ڪنهن به ”طرح“ تي في البديهه شعر چئي ويندو هو. جن ڏينهن ۾ ”مخلص“ روپوش ٿي ٽکڙ آيو انهن ڏينهن ۾ ٻنهي جا پاڻ ۾ شاعرانه معرڪا ٿيندا هئا.
هڪ دفعي صبح جو سوير جيئن ”مخلص“ مرحوم بازار ۾ آيو، تيئن ڏٺائين ته ماڻهن جي اها چهل پهل آهي ئي ڪانه. پريان حافظ صاحب به بيٺل هو. ”مخلص“ چيو ته:
”اڙي يارو، سبب ڪهڙي وسي ويران ٿي ڏسجي؟“
حافظ صاحب يڪدم گره ملائي:
”خدا جي خلق جنهن ۾ جا بجا حيران ٿي ڏسجي!“

پوءِ ائين اڌ ڪلاڪ تائين پاڻ ۾ ڏي وٺ ڪندا هليا. هڪ دفعي ”مخلص“ مصرع ميدان ۾ اڇلي:
”وئي هلي نيٺ آبرو منهنجي“

حافظ صاحب چيو:
”ملڪ ۾ آهه گفتگو منهنجي، شهر ۾ آهه جستجو منهنجي.
عشق بازيءَ ۾ يار جي، هيهات، وئي هلت نيٺ آبرو منهنجي.“


سندن ڪلام تي وڌيڪ تبصرو ڪندي اسد الله اسد صاحب فرمائين ٿا: ”دلگير“ جو جيڪو به ڪلام هٿ آيو آهي، انهيءَ مان معلوم ٿو ٿئي ته پاڻ سنڌي شعر تمام گهٽ چيو اٿس، ۽ سنڌيءَ ۾ جو ڪجهه چيو اٿس سو به پارسي زبان جي ترڪيبن، محاورن، استعارن ۽ ڪناين سان ڀريل آهي. سنڌيءَ ۾ ڪي ته اهڙا شعر اٿس، جو سواءِ پارسي دان جي ٻيو ڪو سمجهي نه سگهندو. البت هڪ غزل هٿ آيو آهي، جو سڄو تجنيس حرفي ۽ خاص سنڌي محاورن سان سينگاريل آهي. چند بند ملاحظه ڪريو:
سڄڻ جي سڪ ۾ ويو سينو سڙي اڄ،
پرين ڌاران پيم ڳوڙها ڳڙي اڄ.

جدائيءَ جو جيئڻ ٿيو تنگ دل ٿي،
گنگهر گهاريان بنا تنهنجي گهڙي اڄ.

ٻڌم ٻانڌاڻ تو سان پيچ پختو،
ڪڙم ۾ آئون ٿيس ڪامل ڪڙي اڄ.

نڪون لاهون وهي ٿو نير نيڻين،
ڪري لائق اچج لالن لڙي اڄ.
                                                         ***
اڄ وري ڪنهن ساڻ دلبر بزم آرا آهه ٿيو،
منهنجي خارن ۾ ٻين سان باده پيما آهه ٿيو.

هاءِ محرومي، جو عرضِ حال پڻ مشڪل لڳي،
نامه بر جو حال ڏيندي بند گويا آهه ٿيو.

هل وري هيڪر ڏسون حسن و جمالِ روي دوست،
دل ۾ هي ”دلگير“ کي اڄ شوق پيدا آهه ٿيو.
                                                              ***
13.                   مير علي نواز علوي شڪارپوري (1853_1924ع)
شڪارپور شهر جا مشهور نقشبندي بزرگ ۽ عظيم عالم حضرت فقير الله علوي جي خانوادي مان مير علي نواز علوي هڪ صوفي، حڪيم، منتظم ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. سندس مختصر سوانح ۽ بعض اشعار ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب پنهنجي معروف تصنيف ”سنڌي ادب جي تاريخ“ ۾ ڏنا آهن، انهن شعرن منجهان چند پيش ڪجن ٿا:
حسن تنهنجي جي ڪريان ڪهڙي ڪهاني جاني،
ڪونهي ڪونين ۾ تنهنجو ڪو ٻيو ثاني جاني،
عالم ارواح سندو منهنجو الستي اقرار
برهه تنهنجي جو اچي خاص ٿيو باني جاني.

14.                   مخدوم غلام محمد ملڪاڻي قدس سره  (1859 _ 1935ع)[16]
پاڻ جيد عالمِ دين هئا، مدرس هئا، مقرر هئا، سياسي بصيرت رکندڙ اڳواڻ هئا ۽ نقشبندي قادري ۽ چشتي سلسلي جا عظيم المرتبت بزرگ هئا. سندن ولادت دادوءَ لڳ ڳوٺ ملڪاڻيءَ ۾ 14 رمضان المبارڪ 1276هه (1859ع) ۾ ٿي. آخوند عبدالڪريم وٽ قرآن پاڪ پڙهيا. دادوءَ لڳ سيالن جي ڳوٺ ۾ فارسي ڪتاب پڙهيا. عربي ڪتاب مولانا محمد حسن صاحب حيدرآباديءَ وٽ پڙهي دستار بندي ڪيائون. ان کان علاوه مولانا حسن الله پاٽائي ۽ مولانا عطاء الله صاحب فيروز شاهي جي درس جي حلقن ۾ پڻ شريڪ رهيا هئا.
علم جي تڪميل بعد درس و تدريس ۾ مشغول ٿي ويا. نقشبندي سلسلي ۾ پاڻ خواجه عبدالرحمان سرهندي ۽ بعد ۾ خواجه ولي محمد ملا ڪاتيار وارن سان بيعت ٿيا. اجازت ۽ خلافت کين مؤخر الذڪر بزرگ کان ملي. 22 جمادي الثاني 1354هه (1935ع) تي سندن وصال ٿيو. 
نثر: ڊاڪٽر ابوالخير محمد زبير صاحب سندن تصانيف جو تعداد 60 ڄاڻايو آهي. اڪثر تصانيف عربي ۽ فارسي ۾ آهن.
شعر و شاعري:
پاڻ سولي سنڌي ۾ شعر پڻ چوندا هئا. سندن ڪجهه بيت پيش ڪجن ٿا:
ڪُٺن کي قرب مان ٿو سڄڻ سڏ ڪري،
اَنا له اشدّ شوقا پرين ناهه پري،
آڏيءَ سر ڌري، ووڙين ڇو نه وصال کي.
                     ***
ڪُٺن کي قرب مان ٿو ويجهو ووڙائي،
”و في انفسکم افلا تبصرون“، فائق فرمائي،
پريت من پائي، ووڙين ڇو نه وصال کي.
                    ***
عاشق اڄ تائين، آهن الست جي اقرار ۾،
”قلو بليٰ“ چئي قرب سان، جيءَ کي جلائين،
آسرو نه لاهين، فنا ٿيا فڪرات ۾.
                   ***
عاشق ”ارني انظر“ چئي جيءُ ڪن جبل طور
”اِن اوليائي تحت قبائي“ تن کان دلبر ناهي دور
سيني سانڍي سور، فنا ٿيا فڪرات ۾.
                   ***
مديني جي مير ڏي، ڪانگل وڃ ڪهي،
ڪنيزڪ زاد  ڪريمن کان وسري ڪيئن وئي؟
سڄڻ سانگ پئي، آءُ مٺا ملڪاڻين ۾.
                  ***
سڄڻ تنهنجي سڪ ۾ ڀريا محل ماڳ،
چي مل مون پرين ته سولو ٿئيم سڀاڳ
وارث واري واڳ، آ مٺا ملڪاڻين ۾.
                 ***
سگهو مئيءَ کي سپرين اچي پاڻ پساء،
وري من وار ڪهين وصل سندو واء،
مرسل مون ڏي آءُ، مٺا ملڪاڻين ۾.
ڇ
15.                   محمد اسماعيل جان مجددي روشن: (1889_1942ع)
پاڻ خواجه محمد حسن جان سرهنديءَ جا وڏا صاحبزاده هئا. سندن ولادت 5 ذي القعد 1307هه (1889ع) ۾ ٽکڙ ۾ ٿي. حافظ يوسف جي مدرسي کان تعليمي سلسلو شروع ڪيائون. حافظ صاحب جي وفات کانپوءِ سندس صاحبزادي ”دلگير“ وٽ پڙهيا. آخر ۾ علامه ”فدا“ وٽ پڙهيا. 20 سالن جي ڄمار ۾ سندن شادي ٿي. عيال سميت ٻن سالن کانپوءِ حيدرآباد پوءِ ٽنڊي محمد خان ۽ آخر ۾ ٿر هجرت ڪري ويا. پنهنجي خانداني سربراهه خواجه عبدالرحمان مجددي سان نقشبندي مجددي سلسلي ۾ بيعت هئا. 53 ورهين جي ڄمار ۾ 1361هه (1942ع) ۾ وفات ڪري ويا. سندن جسد مبارڪ کي ٽکڙ آندو ويو ۽ مقبره شريف ۾ سندن ڀاءُ جي ڀر ۾ مدفن آهن.
نثرنويسي: اسدالله اسد صاحب لکن ٿا ته پاڻ تيرهن چوڏهن سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ ٽکڙ مان ”الاصلاح“ نالي علمي ۽ ادبي رسالو جاري ڪيائون ۽ ڪيتري وقت تائين انهيءَ رسالي جي وسيلي ديني ۽ ادبي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ وڏي خدمت ڪيائون. سندن تصنيفات مان هيٺيان ڪتاب قابلِ ذڪر آهن:
1.       خطباتِ روشن: هن ۾ سنڌي خطبا آهن.
2.       انشاء روشن: هي ڪتاب ”انشاء جامي“ جي تتبع ۾ جديد قسم جي خيالي مضمونن سان سينگاريل مجموعو پارسي زبان ۾ آهي.
3.       جواهر نفسيه: هي ڪتاب فارسيءَ ۾ آهي. تصوف جهڙي خشڪ موضوع کي اهڙي سلوڻي ۽ سهڻي نموني ۾ بيان ڪيو اٿس، جو ڪتاب هٿ ۾ کڻڻ کانپوءِ ڇڏڻ تي دل ئي نه چوندي.
شعر و شاعري: سندن سنڌي شاعري صاف سلوڻي ۽ ٺيٺ سنڌي تي مشتمل آهي. سنڌي غزل پيش ڪجي ٿو:
اڄ ڪيا سهڻي سڄڻ سرخيون سفيدا عام جام،
منهن منور مه لقا جو واهه جو ويئڙو وڄي.

پانَ جي پرينم نه هرگز توکي حاجت آهه ڪا،
تنهنجا چپ سرخيءَ سوا خود لعل کي ڪن ٿا لڄي.

نينهن تنهنجي آءُ نهوڙيس، نازنين ڪر ڪا نظر،
تو سوا اي بيوفا ٻي پئي سندم ڀيڻي ڀڄي.

عشق جو ”روشن“ اڳاهون پنڌ پيو آهي اڃا،
هاءِ هيبت هجر جي کان ويو هنيون منهنجو هڄي.

”پساهه پڄڻ“، ”وڄي وڃڻ“، ڀيڻي ڀڄڻ“، ”هنيون هڄڻ“ صاف سنڌي محاورا آهن.

مون کي ماري مٺي محبوب ڪيو راضي رقيبن کي،
نه ڪنهن پر ڪهل ڪا آئي ڪٺل تي هن، قريبن کي.
ڦٽي ڦاٽي پيا فرقت سندا ڦٽ اي پرين پيارا،
ڏنو ڏس تو سندو سڀ ڪنهن جڏهن طلبيم طبيبن کي.

ڪڏهن گهورن سان گهائين ۽ ڪڏهن وعدا وسارين سڀ،
وجهين هر ويل ڇو نازڪ نئين غم ۾ غريبن کي.

اسان کي آهه دم يادگيري يار جي ليڪن
وسارڻ ڪيم گهرجي نينهن جو ناتو نجيبن کي.

کڻان ڪيئن دلربا تان دل ڏسي سنسار ۾ سهڻا،
جڏهن ڄاڻي ٻجهي هينئڙو ڏنم هٿ ۾ حبيبن کي،

شڪايت ڪيم ڪر ان شوخ بيپرواهه جي ”روشن“،
ڏسين ان کان جي آرڏايون ته تون ڏي ڏوهه نصيبن کي.
                                                        ***
16.                   پير حاجي عبدالستار جان سرهندي:
پاڻ خواجه محمد حسن جان سرهندي جا ٻيو نمبر صاحبزاده هئا. سندن ولادت 1311هه (1893ع) ۾ ٽکڙ ۾ ٿي. سندن تعليم ٽکڙ ۾ علامه حافظ محمد يوسف وٽ ۽ باقي ٽنڊي سانئيداد ۾ ٿي.
شعر و شاعري: شاعريءَ سان ننڍپڻ کان وٺي دلچسپي هئن.سندن اشتياق سبب ئي ٽنڊي سائينداد ۾ ”انجمن الشعراء“ قائم ٿي، جتي هر هفتي مشاعرا ٿيندا هئا. سندن ڪلام جو نمونو پيش ڪجي ٿو:
                ڪافي
لهه سندم سهڻا سنڀار، نينهن ٿو مونکي نهوڙي،
قول جي مون سان ڪيا تو، پرت مان پئمان پار،
وصل جا وعدا ڪري پوءِ تون وري سي نا وسار،
                                        ماريو مون کي وڇوڙي.
روز شب، ويٺي ستي، آ يادگيري تنهنجي يار،
دل کي دم دم تنهنجي صورت جي رهي ٿي سار يار.
                                     ورهه ويو مون کي وڪوڙي.
آءُ نه هڪ آهيان اڃايل، عشق ۾ عاجز اپار،
منجهه انهيءَ ميدان ماريا، برهَ بيحد شمار.
                                     ”پير“ جهڙا ڪروڙي.
               غزل
جڏهن جانچي ڏٺم ساري خدائي،
نظر مون کي فقط هڪ ڳالهه آئي:

ڪمينن ۾ وفاداري نه آئي،
اصيلن ۾ نه آهي بيوفائي.

ٻه چيزون ٻن ۾ خالق ڪين خلقيون،
اندر هڪڙي ٻهر ٻي ڪن ٻيائي.

ڪمينن سان نه رکجي قرب قلبي،
ڪرڻ گهرجي نه تن سان آشنائي.

پري رهجي نه رکجي پيار تن سان،
نه آهي چال ۾ جن جي چڱائي.

ڪجي قربان پنهنجي جان تن تان،
رکن جي صاف سهڻا ٿا سچائي.

پڄاڻان تجربي هي شعر جوڙيم،
زماني زهر جي چٽڻي چکائي.

17.                   مولانا محمد هاشم انصاري رحمة الله عليه:
پاڻ ننڍپڻ ۾ پنهنجي شهر ڦلجيءَ ۾ قرآن پاڪ ۽ فارسيءَ جي تعليم پرائي. مزيد عربي تعليم جوهي شهر ۾ مولانا محمد حسن کوسي بلوچ صاحب وٽ مڪمل ڪئي. ان کان علاوه ڪجهه عرصو مولانا صاحب مولانا عطاء الله شاهه فيروز شاهي ۽ مولانا شهدادڪوٽيءَ وٽ پڻ پڙهيو. تعليم جي تڪميل بعد پاڻ دادوءَ ۾ قاضين واري مسجد ۾ درس و تدريس جو سلسلو شروع فرمايو. تنهن بعد سنڌ ۾ مختلف جاين تي درس و سلسلو جاري رکيائون. طريقت ۾ خواجه محمد سعيد مڪي لواريءَ شريف وارن سان نقشبندي سلسلي ۾ بيعت هئا. آخر وقت ۾ نوابشاه ۾ جامع مسجد ۾ خطيب ۽ پيش امام هئا.
سندن شعر و شاعريءَ سان خاص شعف نه هو، ليڪن ڪڏهن ڪڏهن عشقِ رسول جي غلبي سبب شعر چوندا هئا. سندن مولود پيش ڪجي ٿو:
ادا قاصد! خبر ڏج هيءَ عرب جي تون عجيبن کي،
سڻائج حال تون هڪدم، مديني جي حبيبن کي،
ادا قاصد! عرض ڪج هيءُ وڃي تون مير مرسل کي:
گهرايو سنڌ مان سائين هينئر پنهنجن مريدن کي.
آهي اُمت مٺا تنهنجي غرق غفلت گناهن ۾،
شفاعت جو دلاسو ڏيو، پرين پنهنجي غريبن کي.
مرض ماري وڌو آه، درد ڳاري ڇڏيو آهي،
وڃ ڪج ڳالهه هيءَ منهنجي مديني جي طبيبن کي.
دوا هن درد منهنجي جي، آهي ديدار دلبر جو،
ڪري ڪو حال ”هاشم“ جو مديني جي حڪيمن کي.

18.                   محمد سليم جان سرهندي:
پاڻ 1327هه (1909ع) ۾ ڳوٺ ٽنڊي سائينداد ۾ پيدا ٿيا. سندن پرورش آقا محمد حسن جان سرهندي صاحب جن جي زيرِ سايه ٿي. بعد ازان مختلف مدرسن ۾ ڪجهه عرصو پڙهندا رهيا. آخر اجمير شريف مولانا معين الدين صاحب جن وٽ تعليم مڪمل ڪيائون. شعر وسخن جي ميدان ۾ سندن مامي پير عبدالستار جان سرهندي جي همٿ افزائي تي لٿا.
سنڌ جو مشهور ٽه ماهي رسالو ”مهراڻ“ سندن شاعريءَ تي تبصرو ڪندي لکي ٿو: ”سليم سرهندي سنڌي، اردو ۽ فارسي جو جيد شاعر آهي. سندس تغزل نهايت رنگين ۽ لذيذ آهي. هڪ قادر الڪلام ۽ پرگو شاعر جي حيثيت سان سندن غزل، رباعيات ۽ قطعات جو معيار بلند آهي. غزل جي هيئت اگرچ قديمي آهي، تاهم موضوع ۽ مواد زياده تر معنوي آهي. اشاريت ۽ رمزيت سندس ڪلام جو خاص معيار آهي.“[17]
سندن ڪلام جو نمونو پيش ڪجي ٿو:
                  غزل
ڪنهن جي مجال ٿئي، تنهنجو همسر جمال ۾،
توکي ئي پيش ٿو ڪريان تنهنجي مثال ۾،
ڇهي حال ٿيا، مليو نه مگر پنهنجو حال ڪو،
 افسوس عمر گذري وئي قيل و مقال ۾،
ٻيو جي گُهران وڌيڪ ته شل منهنجا هٿ ڀڄن،
 بس پنهنجو هٿ ئي ڏي منهنجي دستِ سوال ۾.
هاڻي روئڻ پِٽن جي رهي ڪانه سگهه اٿم،
 ايندا ڪريو گهڻو نه خدارا خيال ۾،
ناحق نڀاڳي دل پئي وچ ۾ تباهه ٿئي،
 هو مست پنهنجي حسن ۾، آءُ پنهنجي حال ۾،
پي پُر پيالو رند وڃي رب سان مليا،
 قاضي گَتو پيو آهي حرام ۽ حلال ۾.
ڪئي هر طلب کان پاڪ سندءِ عشق آهي دل،
 ڪو فرق هاڻي ناهي فراق ۽ وصال ۾.
مُنهڙو مٽائي پيو وڃي هو، تون ڏسين پيو،
ڇو دير پيو ”سليم“ ڪرين انتقال ۾.

 خلاصو:
1.       هن زماني ۾خواجه عبدالرحمان نقشبندي مجددي افغانستان مان هجرت ڪري ٽنڊي محمد خان ويجهو ڳوٺ ٽکڙ ۾ سڪونت اختيار ڪئي. سندن آمد سان ٽکڙ ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ نه رڳو نقشبندي سلسلي جي تعليمات عام ٿي، پر علم و ادب جي شمع پڻ روشن ٿي. ڪيترائي اديب، شاعر ۽ انشاپرداز پيدا ٿيا، جن پنهنجي قلم ذريعي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي بيحد خدمت ڪئي.
2.         ٽکڙ جي نقشبندين منجهان سيد ميران محمد شاهه اول به هڪ هو. هن موصوف کي جديد سنڌي نثر جي بانين ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. هن سنڌي نثر ۾ ڪتاب لکيا.
3.       هن دور ۾ نقشبندين طرفان مذهبي ڪتاب لکڻ جو سلسلو پڻ جاري رهيو.
4.       نقشبندي سنڌي ٻوليءَ ۾ پڻ معياري شاعريءَ جو اضافو ڪندا رهيا. 



[1]  عبدالغفار فاروقي سرهندي،”نسب نامه سرهندي“ ، ص 232، قلمي نسخو، مڪتبه ويب سائيٽ جي ٿورن سان
[2] حمل فقيرَ جي زندگيءَ جو مٿيون احوال ڪتاب ”ڪُلياتِ حمل“ جي مقدمي تان ورتو ويو. مقدمو ڪليات جي سهيڙيندڙ مرحوم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جو لکيل آهي.
[3]  ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ،”ڪلياتِ حمل“، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
[4]  ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ”سنڌي ادب جي تاريخ“، جلد پهريون، ص 56 ۽57.
[5]  ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ،”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“، پاڪستان اسٽڊي سينٽر ڄامشورو، ڇاپو چوٿون، 1999ع
[6]  ڊاڪٽر نذر علي سڪندري، ”مڪتوبات و سوانح حيات پير سائين روضي ڌڻي“، ص 192، ناشر: مدرسه صبغة الهديٰ شاهپور چاڪر.
[7]  هن مضمون ۾ موجود مواد سه ماهي مهراڻ رسالي جي خصوصي نمبر ”سوانح نمبر“ تان اخذ ڪيو ويو آهي. ملاحظه فرمايو: ”سوانح نمبر“ڇاپو ٻيو، 1990ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
[8]   ڈاکٹر ابو الخیر محمد زبیر، "سندھ کے صوفیائے نقشبند"، جلد اول، ضیاءالقرآن پبلیکیشنز لاہور، ٢٠٠٧۔
[9]  سندن زندگي جو احوال ۽ ادبي خدمات جو ذڪر هنن ٻن ڪتابن تان ورتو ويو ؛ (1) تذڪرة شعراءِ ٽکڙ، اسد الله ”اسد“ ٽکڙائي، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ڇاپو ٻيو، 2005ع (2) "سندھ کے صوفیائے نقشبند"، جلد دوم،  ڈاکٹر ابوالخیر محمد زبیر، ضیاء القرآن پبلیکیشنز لاہور۔٢٠٠٧۔
[10]   خانبهادر محمد صديق ميمڻ، ”سنڌ جي ادبي تاريخ، ڀاڱو ٻيو، ص 10
[11]  اسد الله ”اسد“ ٽکڙائي، ”تذڪرة شعراءِ ٽکڙ“، ديباچو: ميران محمد شاهه،  ص 4، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ڇاپو ٻيو،  2005ع.
[12]  ايضاَ، ص 5
[13]  ايضاَ ص 79
[14]  ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ”سنڌي ادب جي تاريخ“، جلد ٻيو، ص 127، 128، سنڌي لينگويج اٿارٽي
[15]  سندن زندگي جو هي احوال ”مهراڻ سوانح نمبر“ جي ص 84 ۽ 85 تان کنيو ويو.
[16]  سندن حياتيءَ جو هي احوال سندن صاحبزاده مخدوم احمد مجتبيٰ ”غالب“ ملڪاڻي صاحب جن جي تحرير شده مضمون تان ورتو ويو. ”مهراڻ سوانح نمبر“ ص 134 کان 141.
[17] ”مهراڻ شاعر نمبر، ڇاپو ٻيو، 1990ع، ص 319

0 comments: