Tuesday 10 September 2013

پنهنجي ڪمزورين تي نظر رکڻ گهرجي

پنهنجي ڪمزورين تي نظر رکڻ گهرجي

مارٽن لوٿر ڪنگ (Martin Luther King)  جو قول آهي ته ڪو ماڻهو توهان جي پُٺيءَ تي تيسين سواري نه ٿو ڪري سگهي جيسين اُها جُهڪيل نه هجي:
A man can’t ride your back unless it’s bent.
هي قول مثالن جي زبان ۾ زندگيءَ جي هڪ اهم سچائي بيان ڪري ٿو. توهان بلڪل سڌا بيٺا هجو ته ڪنهن ماڻهوءَ کي اهو موقعو نه ملندو ته توهان جي پُٺيءَ تي چڙهِي ويهي رهي. ڪنهن ماڻهوءَ کي هي موقعو فقط ان وقت ملندو آهي جڏهن توهان جي پُٺ جهڪيل هجي. ڇاڪاڻ ته جهڪيل پُٺيءَ تي ئي سواري ممڪن آهي نه ڪي سڌي ٿيل پُٺ تي.
اهڙو ئي معاملو زندگيءَ جو آهي. هن دنيا ۾ مغلوبيت دراصل پنهنجي ڪمزوريءَ جي قيمت آهي. ڪا قوم يا ڪو ماڻهو اوهان مٿان غالب اُن وقت ئي ٿيندو آهي جڏهن توهان ڪمزور هجو. اُن کي پنهنجي مٿان غالب ٿيڻ جو موقعو ڏيو. تنهن ڪري عقل ۽ حقيقت پسنديءَ جي تقاضا آهي ته جڏهن به ڪا قوم يا ڪو ماڻهو اوهان مٿان غالب ٿيندي نظر اچي ته سڀ کان پهرين پنهنجي پاڻ ۾ غور ڪري اُن ڪمزوري کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪجي جنهن ٻي قوم يا ٻئي ماڻهوءَ کي اهو موقعو ڏنو ته هُو اُن کي استعمال ڪري توهان مٿان غلبو حاصل ڪري وٺي.
غزوه اُحد جي لڙائيءَ ۾ ابتدا ۾ مسلمان فتح حاصل ڪري رهيا هئا. پر اُنهن جي فتح مسلمانن جي هڪ گروهه جي غلطي سبب شڪست ۾ بدلجي وئي. تنهنڪري جڏهن قرآن ۾ ان واقعي تي تبصرو نازل ٿيو ته دشمنن تي ڪو بحث نه ڪيو ويو.

قرآن جي تبصري ۾ (آل عمران :152) سموري تنبيهه صرف مسلمانن کي ڪئي وئي، ته جيئن مسلمانن جي اندر ۾ غلطيءَ جو  احساس شدت سان پيدا ٿئي. هو پنهنجي ڪوتاهين جي اصلاح ڪن. ماڻهو جڏهن ٻئي جي مقابلي ۾ هارائيندو آهي ته پنهنجي ذاتي کوٽن ۽ خامين جي ڪري هارائيندو آهي. توهان پنهنجي اندر ۾ جهاتي پايو ۽ پنهنجي کوٽن خامين کي سُڃاڻي کين پاڻان پري ڪيو. اُن کانپوءِ توهان کي ڪنهن جي خلاف شڪوه شڪايت ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي. (ماخوذ: الرسالة/مولانا وحيد الدين خان)


0 comments: