Sunday 25 August 2013

Role of Naqshbandi Sufis in the Religious & Intellectual History of Sindh

سنڌ جي ديني ۽ علمي تاريخ ۾ حضرات نقشبند جو ڪردار
فقير جاويد ڪرمي



سنڌ ۾ نقشبندي سلسلي جي ابتدا ڪڏهن ٿي؟ ان معاملي ۾ محققين وٽ ڪا حتمي راءِ نه آهي. هي سوال اڃان تحقيق طلب آهي. پر ان ڳالهه تي سڀئي متفق نظر اچن ٿا ته سنڌ ۾ نقشبندي سلسلي جي وڏي پئماني تي اجراء ٻارهين صدي هجري ۾ ٿي.
* ٻارهين صدي هجريءَ جا نقشبندي بزرگ:
(1)  مڪلي نقشبندين جو پهريون عظيم مرڪز: 
هن صديءَ جي آغاز ۾ مڪليءَ ۾ نقشبندين جو سنڌ ۾ پهريون وڏو روحاني ۽ علمي مرڪز نظر اچي ٿو. جنهن ۾ هڪ پاسي حضرت مخدوم آدم ٺٽوي نقشبندي ، مخدوم ابوالقاسم نقشبندي (متوفي 1138هه)، حضرت مخدوم ابو المساڪين شيخ محمد قدس سره (وفات 1149هه)، جهڙا پنهنجي دور جا جليل القدر روحاني بزرگ نظر اچن ٿا. جيڪي نقشبندي فيض جا بحرِ بيڪنار هئا، جن هڪ عالَم کي سيراب ڪيو. هنن بزرگن جي خانقاهن تي هر وقت ماڻهن جا ميڙ هوندا هئا. بادشاهانِ وقت جي به ساڻن نيازمندي هئي. اميرن، وزيرن، رئيسن، جيد عالمن ۽ فاضلن جا به هجوم سندن پٺيان هوندا هئا. لکين ماڻهو سندن حلقه ارادت ۾ شامل هئا. هڪ يا ٻه نه پر سَوين خوشنصيب سندن تربيت هيٺ منازل ۽ مقام طيءِ ڪندا ڪامل ۽ اڪمل ولي الله بنجي پيا.
علمي خدمتون:
ٻئي پاسي علم جي اجراء ۽ اشاعت ۾ به مڪليءَ جا نقشبندي بزرگ ۽ عالم شاندار ڪردار ادا ڪري رهيا هئا. مخدوم ضياء الدين ﷣ (وفات 1171هه)، مخدوم معين ٺٽوي ﷣ (وفات 1161هه/1747ع) جهڙا ان دور جا يگانا عالم ۽ فاضل نقشبندي سلسلي سان ئي وابسته هئا.
 ان دور جي هڪ ٻي وڏي برگزيده شخصيت، جنهن 300 کان مٿي تصنيفات ڇڏيون، سنڌ جو مايه ناز عالم ۽ فقيهه مخدوم محمد هاشم ٺٽوي وٽ به نقشبندي نسبت هئي. پاڻ شيخ ابوالقاسم نقشبندي ﷣ (وفات 1174هه) سان پڻ بيحد عقيدت رکندا هئا. ٺٽي سان تعلق رکندڙ سنڌ جو تمام وڏو مؤرخ ۽ عظيم سرمايو مير علي شير قانع ﷣ (وفات 1203/1790ع) به نقشبندي هئا.  پاڻ تمام وڏا نثرنويس ۽ شاعر هئا. تاريخ، تصوف ۽ تذڪره نويسي ۾ چاليهن کان وڌيڪ لاثاني تصنيفون ڇڏيون اٿن. غرض ته مڪلي ۽ ٺٽو ان صديءَ ۾ نقشبندين جو عظيم روحاني ۽ علمي مرڪز بڻيل رهيو.
(2)  لنواري شريف نقشبندين جو ٻيو عظيم مرڪز:
ساڳي صديءَ ۾ نقشبندي فيض جي اجراء جو ٻيو وڏو مرڪز لنواري شريف هو. ان دور ۾ لنواري شريف ۾ سلطان الاولياء خواجه محمد زمان قدس سره (وفات 1188 هه بمطابق 1774ع) جي وجود مسعود جي صورت ۾ نقشبندي فيض جو سمنڊ جاري هيو. جنهن نه فقط سنڌ جي چَپي چَپي کي پنهنجي فيوضات جي لپيٽ ۾ آڻي ورتو. پر سندس فيض و برڪت سنڌ جا بند ٽوڙي ساري عالَم کي فيضياب ڪيو. خواهه پنجاب جي اڇرتر، شرقپور شريف، ساهيوال، سيالڪوٽ علائقن جا آستانا هجن خواهه امام شاهي مسجد فتحپوري دهلي، رياست الور، رياست جيپور جا مشهور پيرخانا هجن. خواهه ڪابل، بدخشان ۽ ڪشميرجا دولت خانا ڇو نه هجن. سڀئي لنواريءَ جي چشمه فيض و رحمت کان مستفيض هئا. (سنده کے صوفياءِ نقشبند، ج 1، ص 313)
مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، حاجي ابو طالب اگهمي، حاجي محمد صالح ڳهرائي، حافظ هدايت الله، قاضي احمد دامائي، شيخ حاجي محمد صالح کهڙائي رحمهم الله اجمعين جهڙيون جليل القدر هستيون سندن خلفاءِ ڪرام منجهان هيون. سلطان الاولياء جا هي خلفاءِ ڪرام وڏي مقام ۽ مرتبي وارا ۽ وڏا فيض رسان بزرگ هئا. هزارها مخلوق سندن درن تان لنواري شريف جو فيض ورتو.
هن ئي صديءَ ۾ لنواري شريف جو ٻيو سجاده نشين سلطان اولياء جو فرزندِ ارجمند حضرت خواجه گل محمد (وفات 1218هه) المعروف محبوب الصمد مسند نشين ٿيو. جن پڻ ساڳيو ئي فيض جو درياء وهايو. ساري سنڌ ۾ سندس فيض جاري ٿيو. 
علمي خدمتون: جهڙيءَ طرح لنواري شريف منجهان روحانيت جو بحر جاري هو تهڙيءَ طرح لنواري شريف علم و ادب جو پڻ وڏو مرڪز هئي. لنواري شريف جو باني ﷣سندن فيضماب سجاده نشينان ۽ خلفاءِ ڪرام جي اڪثريت سنڌ جي علم و ادب ۾ گرانقدر اضافو ڪيو. سلطان الاولياء جا سنڌي بيت سنڌي ادب جو عظيم سرمايو آهن. فتح الفضل جي فارسي شرح”الورد المحمديه“ خواجه گل محمد جو وڏو علمي ڪارنامو آهي. مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي شهيد ته علم جو بحر هيو. ساري سنڌ ۾، ملتان کان ويندي ٺٽي تائين جهڙس جيد عالم ڪونه هو. منقول توڙي معقول ۾ اعليٰ درجي جي مهارت هيس، ۽ مباحثي ۽ مناظري ۾ ايڏو ته دسترس هوس، جو ڪوبه عالم مٿس غالب پئجي نه سگهندو هو. (ڪلامِ گرهوڙي، مقدمو، ڊاڪٽر داؤد پوٽو)
(3)  نوابشاهه ضلعه سان تعلق رکندڙ نقشبندي بزرگ: 
ان ساڳئي دور ۾ مڪلي ۽ لنواري جي نقشبندي بزرگن کان علاوه نوابشاهه لڳمخدوم ابوالحسن نقشبندي ڏاهري ﷣ (وفات 1181هه/1767ع) پڻ پنهنجي روحاني ۽ علمي فيض سان سنڌ کي سيراب ڪري رهيا هئا. مخدوم صاحب پنهنجي زماني جي تمام وڏي روحاني ۽ علمي شخصيت هئي. پاڻ صاحبِ تصانيف بزرگ هئا. سندن هر ڪتاب پنهنجي پنهنجي فن تي وڏو علمي خزانو آهي ليڪن جيڪا شهرت ۽ قبوليت سندن ڪتاب ”ينابيع الحياة الابدية في طريق طلاب النقشبنديه“ کي ملي سا شايد ئي ڪنهن ٻئي ڪتاب کي نصيب ٿي هجي. ان ڪتاب متعلق عصرِ حاضر جو ناميارو محقق ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو صاحب لکن ٿا: ”هي هڪ قسم جو انسائيڪلوپيڊيا يا جامع تصنيف آهي. جنهن جو مقابلو امام غزاليءَ جي جڳ مشهور تصنيف احياء العلوم الدين سان ڪري سگهجي ٿو.“ (شرح ابيات سنڌي، مقدمه، عبدالغفار سومرو)
(4)  شڪارپور ۾ نقشبندي فيض: 
ان ساڳئي دور ۾ شڪارپور۾ نقشبندي سلسلي سان لاڳاپيل هڪ ٻي برگزيده هستي حضرت شاهه فقير الله علوي نور الله مرقده (وفات 1195هه/1781ع) جلوه نما هئا. هي بزرگ ان زماني جو جليل القدر عالم ۽ عظيم المرتبت ولي الله هو. وقت جا وڏا وڏا امير، سلطان، حڪمران ۽ شهنشاهه سندن در جي گدائيءَ ۾ فخر محسوس ڪندا هئا ۽ سندن دربار جي حاضريءَ کي باعثِ افتخار سمجهندا هئا. چنانچه افغانستان جو حڪمران ”احمد شاهه ابدالي“، قلات جو حاڪم ”نصير خان بلوچ“ ۽ سنڌ جو حڪمران ”سرفراز خان ڪلهوڙو“ سندن خدمتِ اقدس ۾ حاضر ٿيندا هئا. (سنده کے صوفياءِ نقشبند، ج 2، ص 444)
ڊاڪٽر ابوالخير صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ سندن 16 تصنيفات جو ذڪر آندو آهي. سندن تصانيف ۾ سندن مڪاتيب کي خاص مقام حاصل آهي. هنن مڪاتيب ۾ علمي ادبي، اخلاقي ۽ صوفياڻي نظريات جو وڏو خزانو سمايل آهي.
(5)  پريان لوءِ جا نقشبندي پرين:  
ان ساڳئي زماني ۾ اتر سنڌ ۾ نقشبندين جو ٻيو اهم مرڪز خيرپور ويجهو پريان لوءِ جي خانقاهه هئي. جتي حضرت مخدوم محمد اسماعيل پريان لوئي(وفات 1174هه /1760ع) نقشبندي فيض جو وڏي پئماني تي اجراء فرمائي رهيا هئا. حضرت پير سائين روضي ڌڻي رهبر ﷣ جا والدِ گرامي حضرت سيد محمد بقا شاهه شهيد﷣ (وفات 1198هه) به ان ئي بزرگ کان مستفيض هيا. حضرت پير سائين روضي ڌڻي رهبر ﷣ کي به ان ئي سلسلي کان نقشبندي نسبت حاصل هئي. (سنده کے صوفياءِ نقشبند، ج 2، ص 519) پريان لوءِ جي هن پرينءَ جي اعليٰ مقام جو اندازو ان مان به ٿي سگهي ٿو جو علم ۽ عرفان جا ٻه وڏا مرڪز کهڙا جي علمي درسگاهه جا استاد مخدوم صاحبان ۽ درگاهه پاڳارا پير صاحبان هن خانقاهه سان رشتيداري، محبت ۽ عقيدت واري وابستگي اڄ به رکندا اچن پيا. (ڊاڪٽر بلوچ، پيش لفظ، ”پرين پريان لوءِ جو)
*13 صدي هه/19 صدي ع جا نقشبندي بزرگ:
(1)  ضلعه ٺٽي  ۾ نقشبندي فيض: 
تيرهين صدي هجريءَ ۾ نقشبندي فيوضات ساڳي جولاني ۽ روانيءَ سان روان دوان هو. ان صديءَ جي ابتدا وقت نقشبندي طريقي جي هڪ عظيم المرتبت شخصيت مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ﷣ جا پوٽا مخدوم ابراهيم مڏئي وارن (وفات 1225هه) جو فيض جاري و ساري نظر اچي ٿو. سندن خانقاهه ته ڪڇ جي ڀر ۾ مڏئي نالي سامونڊي بندرگاهه وٽ قائم هئي پر سندن فيوضات جو دائرو نهايت وسيع هو. پري پري جا ماڻهو کانئن مستفيض ٿي رهيا هئا. هڪ اندازي مطابق هن بزرگ جا ٻه لک مريد هئا. 
ان ساڳئي دور ۾ ضلع ٺٽي ۾ هڪ ٻيو ناميارو نقشبندي عالم، عظيم شاعر ۽ مصنف ۽ روحاني بزرگ حضرت مخدوم محمد ابراهيم خليل (وفات 1317هه ) جلوه گر هو. جنهن جي علمي ۽ ادبي خدمتن سبب اڄ به اهلِ علم ۽ اهلِ ادب سندس مشڪور و ممنون آهن. پاڻ پنهنجي پٺيان ڪيترين ئي تصنيفات کي ڇڏيو اٿن. جن ۾ وڌيڪ مشهور”تڪمله مقالات الشعراء“آهي. پاڻ خود وڏي پائي جا شاعر به هئا. ان دور جي ٺٽي جو مشهور قاضي خانوادو جيڪي نسل در نسل ٺٽي جا قاضي رهندا پئي آيا سي به مخدوم ابراهيم خليل صاحب سان بيعت هئا ۽ شيخ ابوالقاسم نقشبندي سان پڻ والهانه عقيدت رکندا هئا.
(2)  لنواريءَ جا لعل: 
هيڏانهن لنواري شريف ۾ نقشبندي فيوضات روان دوان هو. سڄي سنڌ مان طالب الموليٰ ڪَهي اچي لنوارين جي لعلن هٿان جامِ عشق پيئڻ لاءِ  مستانه وار ايندا هئا.
هن صديءَ ۾ لنواري شريف ۾ ٻه سجاده نشين هڪٻئي پٺيان نقشبندي فيض جي خيرات ونڊيندا رهيا. حضرت خواجه محمد زمان ثاني(ٽيون سجاده نشين لنواري. وفات1247هه/1831ع) ۽ حضرت خواجه محمد حسن شاهه مدني(چوٿون سجاده نشين لنواري. وفات 1298هه/1880ع).
هوڏانهن نوابشاهه ضلعي ۾ به سلطان الاولياء جو جليل القدر خليفو حضرت شيخ قاضي احمد (وفات1223هه/1808ع) نقشبندي فيوضات جي پالوٽ ڪري رهيا هئا. سندن ڀَر ۾ سندن وفات کان ٿورو عرصو بعد لنواري شريف وارن جو هڪ مريد شاعري ڪري رهيو هو. ڏسندي ئي ڏسندي سندس شاعري شهرت جي اعليٰ مقام تي رَسي. سندس شاعريءَ سلاست، فصاحت، بلاغت ۽ مٺاس سبب هر ڪنهن جي دل ۾ گَهرُ ڪري وئي. سنڌ جو اهو سدا بهار شاعر حمل فقير لغاري پڻ لنواري شريف جي چوٿين سجاده نشين سان نقشبندي سلسلي ۾ بيعت هيو. سندن ارشاد تحت نقشبندي اسباق ۽ سلوڪ تي منظوم ڪلام جي صورت ۾ اهم دستاويز تيار ڪيو هئائين. (”ڪلياتِ حمل“، ڊاڪٽر بلوچ صاحب)
(3)  سيوهڻ ۾ نقشبندي فيوضات: 
انهي صديءَ ۾ سيوهڻ ۾ پنهنجي دور جو يگانو عالم ۽ فقيهه جنهن کي دنيا ”نعمان ثاني“ جي لقب سان ياد ڪري ٿي، مخدوم عبدالواحد سيوستاني (وفات 1224هه) ٿي گذريو آهي. هي عظيم المرتبت عالم ۽ وڏي مقام وارو بزرگ پڻ نقشبندي هو. پاڻ حضرت خواجه صفي الله نقشبندي مجددي  قدس سره  جا اجازت يافته خليفه هئا. پاڻ بلند پايه عالم ۽ فقيهه هئا.
سندن فتويٰ پري پري تائين هلندي هئي. ڊاڪٽر ابوالخير صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ سندن 39 تصنيفات جو ذڪر آندو آهي. سندن هر تصنيف پنهنجي موضوع تي وڏو خزانو آهي. سندن علمي خدمتن جي ڪَٿَ ۽ قدر ماپڻ، تورڻ ۽ شمار ڪرڻ کان مٿاهين آهي. هر دور جي علماء سندن علمي مقام ۽ مرتبي ۽ خدمتن اڳيان گردن جهڪايو آهي.
کانئن پوءِ سندن علمي توڙي روحاني مسند تي سندن ڀائٽيو مخدوم محمد عارف سيوستاني (وفات1258هه) ويٺو. جنهن جي علمي خدمتن کي پڻ اهلِ علم ساراهيندي نظر اچن ٿا.
سيوهڻ جي سرزمين سان لڳاپيل ان دور جو هڪ ٻيو جليل القدر عالم جيڪو نقشبندي نسبت سان شرفياب هو، شيخ محمد عابد الانصاري (وفات1257هه) آهن. پاڻ خواجه محمد زمان ثاني لنواري شريف وارن سان بيعت هيا. سنڌ مان هجرت ڪري حجاز مقدس ويا. يمن ۾ اول زبيد شهر جو قاضي مقرر ٿيا. پوءِ صنعاءَ جو قاضي مقرر ڪيا ويا. پوءِ مدينه منوره جي عالمن جو رئيس مقرر ٿيا. پوءِ مدينه منوره ۾ ديني خدمات سر انجام ڏيندا رهيا. ڪافي ڪتاب لکيائون. (سوانح حيات حضرت پير محبوبِ الاهي / مرشدي محبوب دلبر سائين ،ص99) حديث جا وڏا عالم هئا. سندس تصنيف ”طوالع الانوار“ ڪيترن جلدن تي مشتمل آهي. (شرح ابيات سنڌي، ص 62) مرشدي محبوب دلبر سائين (فداه امي و ابي) جو شجره نسب طيب انهي باڪمال نقشبندي بزرگ شيخ عابد الانصاري ﷣ جي ڏاڏا سائين شيخ الاسلام حضرت شيخ محمد مراد سيوستاني ﷣ سان ملي ٿو.
(4) سرهندي مجددي خانوادي جي سنڌ ۾ آمد: 
ان صديءَ ۾ ئي امام رباني مجدد الف ثاني قدس سره السامي جي خانوادي جا چشم و چراغ خواجه عبدالرحمان مجددي سرهندي (م 1315هه/1898ع) سنڌ ۾ هجرت فرمائي آيا ۽ آخر ۾ ٽنڊو سائينداد کي پنهنجو مسڪن بنايائون. پاڻ بيشمار ماڻهن جي قلب و باطن کي رنگيائون. عالم به هئا، پنهنجي پٺيان ڪيتريون ئي تصنيفات به ڇڏيائون.
* 14 صدي هه/ 20 صدي ع جا نقشبندي بزرگ:
هن صديءَ کي اگر نقشبندين جي صدي چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. هن صديءَ اندر سنڌ ۾  شهر شهر، نگر نگر، گلي گلي ڪوچي ڪوچي ۾ نقشبندي فيض روان دوان هو. ساري سنڌ جي فضا نقشبندي فيوضات جي خوشبوءِ سان معطر هئي.
(1)  لنواري شريف: 
هن صديءَ جي ابتدا وقت هڪ پاسي لنواري شريف اڳي جيان شاد آباد هئي. خواجه محمد سعيد مهاجر مڪي (لنواري جا 5 سجاده نشين، وفات1324هه) ۽ خواجه احمد زمان (لنواري جا  6 سجاده نشين، وفات1357هه) مسند نشين هئا. نقشبندي فيوضات جي ونڊ ۾ مصروف هئا.
 (2) پاٽ شريف: 
ٻئي پاسي ضلع دادوءَ جي علائقي پاٽ شريف کان به نقشبندي فيض جاري هيو. قاضي شفيع محمد پاٽائي (وفات 1312هه)، مخدوم حسن الله پاٽائي (وفات 1339هه)، رحمهم الله اجمعين جي خانقاهن تي هر وقت طالبانِ حقيقيءَ جا هجوم هوندا هئا. ان ئي پاٽ شريف مان فيض جي هڪ نهر خير پور ناٿن شاهه لڳ ڳوٺ ٻوڙن لاکيرن ۾ حضرت ميان محمود ﷣ جي صورت ۾ جاري ٿي. جتان کان نقشبندي فيض مرشدي محبوب دلبر سائين مدظله جي ڏاڏا سائين حضرت قاضي خدا بخش ﷣ جي سينه اطهر ۾ داخل ٿيو.
(3)  ملڪاڻي شريف:  
هن صديءَ جي آغاز وقت دادو تعلقي ۾ درگاهه ملڪاڻي شريف جي صورت ۾ نقشبندي فيوضات جو بحر موجزن هو. حضرت مخدوم غلام محمد ملڪاڻي (وفات 1354هه/1935ع) ﷣ وڏي مقام ۽ مرتبي وارا الله جا ڪامل اڪمل وليءَ هئا. سندن خانقاهه تي طالبانِ حق جا هجوم هوندا هئا. ڪي ذڪر اذڪار ڪاهڻ ڪمائڻ ۾ مصروف هوندا هئا ته ڪي حجرن ۾ ته ڪي درگاهه شريف جي آسپاس کوهن ۾ چله ڪش هوندا هئا. پاڻ بيحد فيض رسان بزرگ هئا. سندن فيض جو ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي. سندن اعليٰ تربيت ۽ فيض و برڪت جو زنده ثبوت درگاههِ عاليه ويهڙ شريف آهي، جنهن جو باني حضرت فقير محمد ويهڙائي ﷣ سندن اجازت يافته جليل القدر خليفو هو. جيڪا اڄ به رشد و هدايت ۽ علم و فضل جو مرڪز آهي.
مخدوم غلام محمد ملڪاڻي ﷣ اُن زماني جا يگانا عالم به هئا. سندن علمي مقام جو هي عالَم هو جو ساري سنڌ جا وڏا وڏا عالم علمي پئچيدگيون ۽ مونجهارا حل ڪرڻ لاءِ سندن دربار طرف رجوع ڪندا هئا. پاڻ ڪافي عرصو درس و تدريس ۾ به مشغول رهيا. الحاج سيد امير محمد شاهه (اميناڻي شريف وارا)، حاجي عبدالرحيم (معلم سنڌ مدرسة الاسلام) جهڙا عظيم عالم به سندن ئي شاگرد هئا. پاڻ صاحبِ تصانيف بزرگ هئا. سندن تصنيفات جو تعداد تقريباََ 60 آهي.
(4)  سرهندي خانوادي جون خدمتون: 
ان ئي صديءَ ۾ سنڌ ۾ مقيم سرهندي بزرگ سمورو وقت سنڌ جي ديني، علمي ۽ سياسي خدمتن ۾ مشغول رهيا. خواجه محمد حسن جان سرهندي (وفات 1365هه)، خواجه عبدالله جان عرف شاهه آغا سرهندي (وفات1973ع)، حافظ محمد هاشم جان سرهندي (وفات 1975ع)، محمد اسماعيل جان مجددي (وفات1361هه)، محمد ابراهيم جان خليل سرهندي ﷣، وغيرهم جون ديني ۽ علمي خدمتون سنڌ هميشه ياد رکندي.
(5)  قُطبِ عالَم حضرت پير مٺا سائين جي سنڌ ۾ آمد:
 1358هه بمطابق 1939ع جو سعيد سال هو. قُطبِ عالم خواجه محمد عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين نقشبندي قدس سره العزيز (وفات 1384هه) پنجاب کان اَبرِ ڪَرَم بنجي سنڌ اندر تشريف فرما ٿيا. ڏسندي ئي ڏسندي نقشبندي فيض جو اهڙو وسڪارو ٿيو جو سنڌ جو ڳوٺ ڳوٺ شهر شهر ڳلي ڳلي نقشبندي فيض سان سَرشار ٿي وئي. هر پاسي سنت ۽ شريعت جي اتباع ۽ اطاعت جي سرسبزي ۽ شادابي نظر اچڻ لڳي. عشقِ اِلاهي ۽ عشقِ مصطفويءَ جا گُل ۽ غُنچا ٽڙي پيا. محبوب حقيقيءَ جي عشق، مستي ۽ ڪيفَ جي سُڳنڌ ۽ سُرهاڻَ ماحولَ کي مُعطر بنائي ڇڏيو. علم ۽ فضلَ جون فَرحت بخش هِيرون گُهلڻ لڳيون.  هر ڪنهن وات هڪ ئي وائي هئي: واهه حضرت پير مٺا، تو رنگ لڳايا هن.“
پاڻ نهايت فيض رسان بزرگ هئا. سندن فيض جو ڪو ڪاٿو، ڪوشمار، ڪا حدَ حِسابُ ئي ڪونهي. جيتوڻيڪ پاڻ سنڌ اندر مرڪز قائم ڪري ظاهري زندگيءَ جا آخري 25 سال (1939ع – 1964ع) طريقه عاليه نقشبنديه جي
اجراء لاءِ ڪاوشون فرمايون. پر انهن 25 سالن اندر ٻن ٽن سؤ سالن جيترو ڪم ڪري ويا. سندن مرڪز ته سنڌ ۾ قائم هيو پر سندن فيوضات جو دائرو پوري عالَم تائين ڦهليل هو. چنانچه سندن خلفاءِ ڪرام جي فهرست تي نظر وجهجي ٿي ته معلوم ٿئي ٿو ته جتي سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ سندن خلفاءِ ڪرام هئا ته اُتي بنگال، بمبئي ۽ ايرانَ  ۾ به سندن خليفه هئا. (سوانح حيات پير مٺا سائين /محبوب دلبر سائين، ص 635) غرض ته سندن فيض سندن ظاهري حياتيءَ ۾ ئي سنڌ ۽ پاڪستان جون حدون اورانگهي تمام عالَم کي فيضياب ڪري رهيو هو.
خلفاءِ غفاريه: حضرت محبوب دلبر سائين دام برکاته سوانح حيات پير مٺا سائين ۾ 117 خلفاءِ غفاريه جا اسماءِ گرامي رقم فرمايا آهن. جن منجهان هيٺين خلفاءِ ڪرام ذريعي طريقه عاليه جي وڏي پئماني تي اشاعت ٿي: صاحبزاده خواجه خليل الرحمان ﷣ ( رحمتپور شريف، خواجه الله بخش المعروف سهڻا سائين ﷣ (الله آباد شريف ڪنڊيارو)، خواجه محمد الاهي بخش المعروف محبوب الاهي (فضل آباد شريف ماتلي)، حضرت نور محمد رتڙ ﷣ (نور پور شريف)، حضرت سيد غلام حسين شاهه بادشاهه مدظله (حسين آباد شريف)، حضرت غلام صديق بروهي ﷣ (مسڪين پور شريف شهدادڪوٽ)، حضرت خليفه سردار احمد مدظله العالي (پنجاب). وفات ڪري ويل خلفاء بعد سندن مسندن تي لائق ۽ فائق سجاده نشينان جلوه گر ٿيا. جيڪي پڻ غفاري فيض جي اشاعت ۾ شب و روز مصروف آهن.  
مذڪوره فيض رسان غفاري مراڪز مان هڪ هڪ مرڪز جي مَسند نشين بزرگ سان هزارين لکين ماڻهو دستِ بيعت آهن. جن ۾ عالم، فاضل، مفڪر، مصنف، اديب ۽ شاعر به شامل آهن ته خطيب، مدرس، قاري به. هر هڪ مرڪز جون پنهنجون پنهنجون تنظيمون اندرونِ ملڪ چئني صوبن ۾ به فعال آهن ته بيرونِ ملڪ پڻ. هر هڪ مرڪز جي زيرِ نگراني هزارين مدرسا هلي رهيا آهن ته لکين مسجدن ۾ پيش امام، خطيب به سندن آهن. غرض ته سنڌ اندر ديني ۽ علمي رُخن ۾ غفاري جماعت جو ڪردار نرالو، نمايان، لاثاني، لازوال ۽ بي مثال آهي.  (تفصيل معلوم ڪرڻ  لاءِ مطالعو فرمايو سوانح حيات پير مٺا سائين ۽ تذڪرة الخلفاءِ غفاريه“ از قلم: مرشدي محبوب دلبر سائين)
غيرجانبداريءَ سان سنڌ جي تاريخَ جو ڳوڙهو مطالعو ڪرڻ وارو هر ماڻهو هن نتيجي تي پهچڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو تهگذريل پنجن صدين کان سنڌ جي علم ۽ عرفان جي گُلشن ۾ شادابي ۽ شادماني، مَهِڪ ۽ رونق، لطف ۽ لذت حضرات نقشبند قدس الله اسرارهم جي دم قدم سان آهي. حضرات نقشبند قدس الله اسرارهم جي تذڪري کانسواءِ سنڌ جي ديني ۽ علمي تاريخ اڻپوري، بي رونق ۽ ڪِن حالتن ۾ مَبني بَر تعصب، تنگ دلي ۽ تنگ نظري آهي.



مراجع
1. سوانح حيات پير محبوبِ الاهي، از قلم سيدي و مرشدي حضرت قبله پير محبوب دلبر سائين
 2. سوانح حيات پير مٺا سائين، از قلم سيدي و مرشدي حضرت قبله پير محبوب دلبر سائين
 3. سنده کے صوفياءِ نقشبند، صاحبزاده ابو الخير محمد زبير، ضياءالقرآن پبليکيشنز لاهور
 4. ڪلامِ گرهوڙي، ڊاڪٽر داؤد پوٽو، ثقافت کاتو سنڌ
5. شرح ابيات سنڌي، عبدالغفار سومرو، سنڌيالاجي ڄامشورو
 6. پرين پريان لوءِ جو،

7. ڪلياتِ حمل، ڊاڪٽر بلوچ صاحب،سنڌي ادبي بورڊ