Tuesday 10 September 2013

تاجدارِ ڪائنات جو حِلم ۽ بُردباري

تاجدارِ ڪائنات جو حِلم ۽ بُردباري
فقير جاويد ڪرمي




حلم ڇا آهي؟
حلم جي تعريف بيان ڪندي علماء لکن ٿا: ”چِڙَ  يا اِشتعال ڏياريندڙ لفظن يا عملن جي موٽَ ۾ انسان ڪنهن به قسم جو غيرمهذب ردِ عمل ڏيکارڻ کانسواءِ، پوري وقار ۽ وجاهت جو مظاهرو ڪري، ۽ پنهنجي موقف تي ڄميو بيٺو هجي، ته اهڙيءَ خوبيءَ کي ”حِلم“ چئبو آهي.
تحمل يا بردباري ڇا آهي؟ 
تحمل يعني بردباري مان مراد آهي ته تڪليف ڏيندڙ ۽ اذيتن ملندڙ حالتن ۾ به انسان پنهنجي پاڻ کي بي قابو ٿيڻ نه ڏئي. ڏکن ڏاکڙن کي وڏي حوصلي سان برداشت ڪري ته ان کي تحمل يا بردباري چئبو آهي. صبر به در اصل ان ئي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آهي. (”الشفاء“حضرت قاضي عياض ، ص 103)
هي اُها خوبي آهي جنهن کي اپنائڻ جو الله تعاليٰ پنهنجي پياري پيغمبرﷺ کي حڪم فرمايو. الله فرمائي ٿو:
خُذِ الْعَفْوَ وَاۡمُرْ بِالْعُرْفِ وَ اَعْرِضْ عَنِ الْجٰہِلِیۡنَ ﴿۱۹۹﴾
”اي محبوب! معاف ڪرڻ اختيار ڪر ۽ ڀلائيءَ جو حڪم ڏي ۽ جاهلن کان منهن مَٽ.“ روايت آهي ته جڏهن هي آيت حضور عليه الصلوات مٿان نازل ٿي ته پاڻ ڪريمن ﷺ جبريل کان اُن جو مطلب دريافت ڪيو. چنانچه جبريل الله جي بارگاهه ۾ حاضر ٿيو ۽ ڪجهه دير بعد واپس اچي حبيبن ﷺ جي خدمت ۾ عرض ڪرڻ لڳو: ” اي محمد ﷺ الله اوهان کي حڪم ڏئي ٿو ته توهان اُن سان ملو جيڪو اوهان کي ڇڏي ٿو، ۽ ان کي عطا فرمايو جيڪو اوهان کي محروم رکي ٿو، ۽ ان کي معاف فرمايو جيڪو اوهان تي ظلم ڪري ٿو. (تفسير در منثور، ج 3، ص 168)
ڪيترين ئي روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته تاجدارِ ڪائنات ﷺ جي ذاتِ اقدس ۾ حلم ۽ بردباريءَ ڪمال درجي جي هوندي هئي. محدثن ۽ سيرت نگارن الله تعاليٰ جي محبوب جي حلم ۽ عفو جو شان بيان ڪرڻ لاءِ متعدد واقعا قلمبند ڪيا آهن.
مسند امام احمد بن حنبل ۾ روايت آهي، راوي چوي ٿو ته مون حضور عليه الصلوات والسلام جِي ذوالمجاز جي بازار ۾ اسلام جي دعوت ڏيندي زيارت ڪئي. پاڻ ڪريم ﷺ فرمائي رهيا هئا ” اي انسانؤ! لا اله الا الله چئو ته ڇوٽڪارو حاصل ڪندؤ.“ محبوبن ڪريمن ﷺ جي پٺيان پٺيان ابوجهل هو. چئي رهيو هو ته ”اي ماڻهؤ! هِنَ شخص جون ڳالهيون توهان کي توهان جي مذهب کان نه ڦيرين. هي چاهي ٿو ته توهان پنهنجي ديوتائن لات ۽ عزيٰ جي پرستش ڇڏي ڏيو.“ راوي چوي ٿو ته ابوجهل جي ايڏي بي ادبي ۽ ايذا رساني باوجود پاڻ ﷺ پنهنجي گردن مبارڪ ڦيري رڳو هڪ نظر به مٿس نه پيا وجهن. (مسند احمد، ج 4، ص 63) 
هڪ ٻئي روايت ۾ اچي ٿو ته غزوه احد ۾ جڏهن حضور پُرنورﷺ جا سامهون وارا ڏند مبارڪ شهيد ڪيا ويا ۽ رُخِ انور زخمي ڪيو ويو ته صحابه ڪرام جون دليون تڙپي پيون. سڀني عرض ڪيو يا رسول الله اِنهن تي بد دعا فرمايو. رحمتِ مجسم ﷺ فرمائڻ لڳا:
إِنِّي لَمْ أُبْعَثْ لَعَّانًا، وَّلٰكِنِّيْ بُعِثْتُ دَاعِيًا وَّ رَحْمَةً، اَللّٰهُمَّ اهْدِ قَوْمِيْ، فَإِنَّهُمْ لَا يَعْلَمُوْنَ.
”اي صحابيو! مان لعنت موڪلڻ لاءِ مبعوث نه ڪيو ويو آهيان،
بلڪه الله تعاليٰ ته مون کي حق جي دعوت ڏيندڙ ۽ رحمت بڻائي موڪليو آهي. اي منهنجا الله! منهنجي قومَ کي هدايت ڏي. هُو مون کي نه ٿا سڃاڻين.“(سبل الهديٰ و الرشاد، الشامي، 7/21) قاضي عياض ان حديث جي شرح ۾ فرمائين ٿا ته محبوبن ڪريمن ﷺ جي انهيءَ ارشاد تي غور ڪريو. ان ۾ ڪيڏي نه فضيلت، احسان، حسنِ خلق، ۽ اعليٰ درجي جو صبر ۽ تحمل سمايل آهي. ڇو ته پاڻ ﷺ نه فقط موٽَ ۾ بد دعا نه ڪئي، ڪو سخت ردِ عمل نه ڏيکاريو پر کين معاف پڻ فرمائي ڇڏيو. بعد ۾ شفقت ۽ رحمت فرمائيندي انهن دشمنن لاءِ دعا به گهري ۽ سفارش فرمائي ته کين هدايت نصيب ٿئي. (الشفاء، ص 104) علامه طبراني حضرت ابي امامه کان هڪ عجيب واقعو نقل ڪيو آهي جنهن کي پڙهي سرڪار ﷺ جي حلم جي وسعتن ۽ گهرائيءَ جو پتو پوي ٿو. هڪ جهڳڙالو عورت بيهوده بَڪَ ڪرڻ ۾ مشهور هوندي هئي. هر مرد سان ناشائسته گفتگو ڪرڻ هُن جي عادت هوندي هئي. هڪ ڏينهن اسان جا آقا ﷺ هڪ وڏي پٿر تي ويٺا هئا ۽ ثريد تناول فرمائي رهيا هئا. اها جهڳڙالو عورت اتان گذري. محبوبن ڪريمنﷺ ڏانهن ڏسي اها بد بخت چوڻ لڳي هن کي ڏسو غلامن جِيان ويٺا آهن ۽ غلامن جِيان کائي رهيا آهن. حلم ۽ بردباريءَ جي هِن عظيم پيڪر جواب ۾ ارشاد فرمايو: وَ اَيُّ عَبْدٍ اَعْبَدُ مِنّيْ ”مون کان وڌيڪ ٻيو ڪير غلام ۽ عبد آهي.“ اها عورت وري چوڻ لڳي پاڻ کائي رهيا آهيو ۽ مون کي نه ٿا ڏيو. حضورﷺ فرمايو ” تون به کاء.“ چوڻ لڳي مون کي پنهنجي هَٿَ سان ڏي. حضورﷺ پنهنجي دستِ مبارڪ سان کيس ثريد ڏني. وري چوڻ لڳي ته اهو نه، جيڪو توهان جي وات مبارڪ ۾ آهي اهو مون کي ڪڍي ڏي. سرور عالم ﷺ پنهنجي دهن مبارڪ مان ثريد ڪڍي کيس ڏئي ڇڏيو. جڏهن اُن عورت اهو گرهه کاڌو ته متبرڪ لقمي جي برڪت سان هُن جون سموريون بداخلاقيون ۽ بي حيائيون سڄي زندگيءَ لاءِ ختم ٿي ويون. هڪ ڀيري ڪنهن طرف تشريف وٺي وڃي رهيا هئا ته هڪ عورت قبرَ جي پاسي ۾ ويٺي روئي رهي هئي. پاڻ ڪريم ﷺ رڪجي ويا ۽ اُن عورت سان مخاطب ٿيندي فرمايائون "‏اتقي الله واصبري ‏" ”الله کان ڊڄ ۽ صبر ڪر.“ اها عورت محبوبن ڪريمن ﷺ کي سڃاڻيندي نه هئي. چوڻ لڳي ته ”پري ٿي، هيءَ مصيبت تنهنجي مٿان پوي ها ته خبر پوئي ها!“ حضور عليه الصلوات والسلام جن واپس آيا. پٺيان هُن عورت کي ڪنهن چيو ته مائي تو هي ڇا ڪيو. توکي خبر آهي ته تون الله جي حبيب ﷺ جي شان ۾ گستاخي ڪئي آهي! ندامت جي احساس هيٺ اها عورت ڊوڙندي حبيبن ڪريمن ﷺ جي خدمت ۾ حاضر ٿي. چوڻ لڳي، آقا معاف فرمايو مان اوهان کي سڃاڻندي نه هيس. تنهن تي حبيبن ڪريمن ﷺ فرمايو: إنما الصبر عند الصدمة الأولى. ”جڏهن صدمو شروع ٿئي تڏهن صبر ڪرڻ گهرجي!“ (صحيح البخاري، کتاب الجنائز)

ابو سفيان فتحِ مڪه کان پهرين اسلام دشمنيءَ ۾ پيش پيش رهيو. هر حيلي بهاني سان محبوبن ڪريمن ﷺ جي ذاتِ اقدس کي ايذائڻ ۾ مشغول رهندو هو. پر جڏهن ابوسفيان ايڏن زيادتين ۽ ناجائزين جي باوجود محبوبن ڪريمن ﷺ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ته پاڻ ڪريم ﷺ نهايت شفقت وچان ساڻس مخاطب ٿيندي فرمايائون: ”اي ابو سفيان! تنهنجو خدا ڀلو ڪري. اڃان اهو وقت نه آيو آهي ڇا جو تون هن روشن حقيقت کي ڄاڻي وٺين ۽ مڃين وٺين ته الله کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق ناهي.“ ابوسفيان محبوبن ڪريمن ﷺجي شفقت، پيار ۽ پريت ڀريل مبارڪ لفظ ٻڌي پاڻي پاڻي ٿي ويو. عرض ڪرڻ لڳو: ”منهنجو ابو ۽ منهنجي امان توهان مٿان قربان هجن. توهان ڪيڏا نه حليم آهيو! ڪيڏا نه صله رحمي ڪرڻ وارا آهيو! توهان ڪيڏا ڪريم آهيو! مون جهڙي بدڪار ۽ سنگدل مجرم کي پنهنجي شانِ رحمت سان نوازي رهيا آهيو.“ آخر ۾ مسلمان ٿي ويو.  (ضياء النبي، ج 5، ص 307)

0 comments: