Thursday 12 September 2013

بنيادي مسئلو قابل ماڻهو پيدا ڪرڻ آهي.

بنيادي مسئلو قابل ماڻهو پيدا ڪرڻ آهي.

دنيا ۾ بيشمار ماڻهو آهن. زمين جي هر ڪنڊ انسانن سان ڀريل آهي. پر دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ جنهن شيءِ جي کوٽ آهي، اها رڳو هڪ آهي، يعني قابل ماڻهوءَ (Competent) جي کوٽ.
مغل بادشاهه اورنگزيب عالمگير جو واقعو آهي. هڪ ڀيري پاڻ نماز پڙهيائون. نماز کانپوءِ پاڻ دعا لاءِ هٿ مٿي ڪيا ته سندن اکين مان لڙڪ لڙي پيا. پاڻ هٿ مٿي ڪندي خاموشيءَ سان دعا ڪندا رهيا. اُن وقت سندن پٺيان سندن وزير سعد الله خان بيٺو هو. اورنگزيب جڏهن دعا مان فارغ ٿيو ته سعد الله خان چيو: جهان پناهه! توهان جي سلطنت جو جهنڊو ڪشمير کان راس ڪماريءَ تائين لهرائي رهيو آهي، ڇا ان کانپوءِ به ڪو ارمانُ آهي جيڪو اوهان جي دل ۾ باقي بچيل هجي؟
اورنگزيب ان کي ٻڌي ڪجهه دير خاموش رهيو. ڪجهه دير بعد گهري ڏک وچان چيائين:
سعد الله مردے خواهيم
(سعد الله مان ڪو ماڻهو چاهيان ٿو.)



اورنگزيب جو هي قول ٻڌائي ٿو ته هُو اصل حقيقت کان رڳو پنجاهه سيڪڙو واقف هو. ان معاملي ۾ اصل ڳالهه اها نه هئي ته اورنگزيب وٽ ڪو ”ماڻهو“ ڪونه هيو.  اصل ڳالهه هي هئي ته اورنگزيب ماڻهو بڻائڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي. اورنگزيب پنهنجي سموري عمر ملڪ جي وسعت ۾ کپائي ڇڏي. واقعا ٻڌائين ٿا ته قابل ماڻهوءَ جي اهميت کي نه ئي انهن سمجهيو ۽ نه ان کي تيار ڪرڻ جي لاءِ انهن ڪو حقيقي ڪم ڪيو.

اهو ئي حال لڳ ڀڳ سمورين تنظيمن، ادارن ۽ جماعتن جو آهي. هر اداري ۽ هر تنظيم کي هي شڪايت آهي ته ان وٽ ڪم جا ماڻهو ڪونهن. پر ڪنهن کي به اها خبر ناهي ته اصل غلطي ڪاٿي آهي. اصل غلطي هي آهي ته سڀئي ماڻهو ڪم جي ڦهلاءَ (Expansion) کي ڪم سمجهندا آهن. جڏهن ته اصل ڪم هي آهي ته استحڪام (Consolidation) جي لاءِ ڪم ڪيو وڃي. ۽ ماڻهو سدائين استحڪام پسنديءَ جي ماحول ۾ ٺهندا آهن نه ڪي توسيع پسنديءَ ۾.

0 comments: