Tuesday 10 September 2013

زمانه شناسي

زمانه شناسي

هڪ حديث ۾ محبوبن ڪريمن ﷺ عقلمند مسلمان جون خوبيون بيان فرمايون آهن. اُنهن خوبين مان هڪ هي آهي ته کيس زماني جي بصيرت هجڻ گهرجي.
أَنْ  يَكُونَ  بَصِيرًا  بِزَمَانِه (صحيح ابن حبان، ج 2، ص 76)
هن حديث پاڪ ۾ دينِ اسلام جي مبلغين ۽ داعين لاءِ نهايت اهم هدايت آهي. فقط ديني علمن جي ڄاڻ رکڻ ڪافي ناهي پر ان سان گڏو گڏ موجوده دور جي حالتن کان واقفيت رکڻ به ضروري آهي. دنيا ۾ ڇاٿو وَهي واپري ان بابت خبر چار لَهڻ به لازم آهي. موجوده دور جي علمي، فڪري، سياسي، معاشي، معاشرتي تبديلين مٿان گِهري نظر رکڻ به ضروري آهي. عقلمند مسلمان عصرِ حاضر جو نبض شناس ٿيندو آهي.
اڄوڪي دور ۾ اسان مسلمانن ۾ وڏي ڪمزوري آهي ته اسان موجوده دور جي حالتن کان بنهه اڻ ڄاڻ آهيون. اسان صدين پراڻن قصن ڪهاڻين کان ته باخبر آهيون پر اڄوڪي حالتن جي ڪا ڪَلَ ئي ڪانهي. خاص طور تي اسان جا مبلغَ ان ڪمزوريءَ جو تمام گهڻو شڪار آهن. عوام جي اڳيان دين پيش ڪرڻ ۽ دين تي عمل ڪرائڻ انهن جي ذمي آهي. تنهن ڪري طلباء، علماء، مبلغين و مدرسين جي مٿان خاص طور تي ۽ هر مسلمان جي مٿان عام طور تي لازم آهي ته اسان موجوده دور کي گهرائيءَ سان سمجهون. اُن جو باريڪ بينيءَ سان جائزو وٺون.
الحمد لله اسان وٽ اسلام جي صورت ۾ انسانيت جي جملا دردن مرضن جي دوائن تي مشتمل عظيم دواخانو موجود آهي. بس ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عصرِ حاضر جي نبض تي هٿ رکي مرضن جي صحيح تشخيص ڪيون. تنهن بعد مرض مطابق مريض کي سُتي ڦَڪي ڏيون.

(ماخوذ: الرساله)

0 comments: