Tuesday 10 September 2013

مخالفتن جو آسان حل

مخالفتن جو آسان حل:



مولانا الطاف حسين حالي پاني پتي (1837-1914) هڪ انقلابي ذهن جو ماڻهو هو. پاڻ اردو ادب ۾ اصلاحي تحريڪ هلايائين. مولانا صاحب قديم اُردو شاعريءَ تي سخت تنقيد ڪئي. سندن چوڻ هيو ته اُردو شاعري مبالغي، عشق و عاشقي ۽ فرضي خيال آرائي جو مجموعو آهي. ان جي جاءِ تي کيس بامقصد ٿيڻ کپي. ان جو نمونو مولانا صاحب ”مسدس حالي“ جي روپ ۾ پاڻ به پيش ڪري ڏيکاريو.
حاليءَ جي هي تنقيد انهن ماڻهن کي ڏاڍي ڏکي لڳي جيڪي اردو شاعريءَ تي ناز ڪندا هئا ۽ اُن کي پنهنجي لاءِ فخر جو باعث سمجهندا هئا. تنهن ڪري انهن حاليءَ جي خلاف نهايت نازيبا مضمون لکڻ شروع ڪيا.
حالي اهڙين بيهوده مخالفتن جو ڪو جواب نه ڏنو. پاڻ خاموشيءَ سان پنهنجو ڪم ڪندو رهيو. آخرڪار چند سالن کانپوءِ سندس مخالف ٿڪجي خاموش ٿي ويا. تنهن تي حاليءَ کان ڪنهن ماڻهوءَ سوال پڇيو ته توهان جا مخالف خاموش ٿي ڪيئن ويهي رهيا؟ حاليءَ ڪنهن جو نالو کڻڻ کان سواءِ هي شعر چيو:
کيا پوچھتي هوکيوں کر سب نکته چين هين چپ
سب کچ
ھ کها انهوں ني  پر هم ني دم نهين مارا۔
جيڪڏهن ڪو سنجيده اختلاف رکي ۽ علمي تنقيد ڪري ته اها بيشڪ غور ڪرڻ جي لائق هوندي آهي. جيڪڏهن اها درست آهي ته ان کي مڃڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ان ۾ استدلالي نقص آهي ته دليلن سان گڏ ان جو تجزيو ڪرڻ گهرجي. ۽ جيڪا علميت يا سنجيدگيءَ کان خالي هجي جنهن جو بنياد حقيقتن بجاءِ الزام تراشي ۽ عيب جوئيءَ تي هجي اهڙي مخالفت جو بهترين جواب خاموشي آهي. اهڙن ماڻهن کي جواب ڏيڻ بلڪل ائين آهي جيئن ڪو هِينگ ڏيندڙ گڏهه جي سامهون  اغْضُضْ مِنۡ صَوْتِک (لقمان: 19. ۽ پنهنجو آواز ڪجهه گهٽ ڪر.) جو وعظ ڪري. (الرسالة/مولانا وحيد الدين خان)

0 comments: