Tuesday 10 September 2013

غلطيءَ جي اصلاح نه ڪرڻ وڏي حماقت آهي

غلطي ڪري ويهڻ وڏي حماقت نه آهي،
 غلطيءَ جي اصلاح نه ڪرڻ وڏي حماقت آهي:



حضرت عمر فاروق ﷦ 13هه کان 23 هه تائين خليفو رهيو. ان زماني ۾ هڪ ڀيري هڪ اعرابي (ٻهراڙيءَ جو رهاڪو) مديني شريف آيو. ان چيو ”ڪير آهي جيڪو مون کي اهو قرآن ٻڌائي، جيڪو محمد (ﷺ) تي نازل ٿيو آهي.“ هڪ ماڻهو اعرابيءَ کي سورة التوبة پڙهائي. اُهو ماڻهو عالم نه هيو ۽ ان وقت قرآن ۾ اعرابون به نه هونديون هيون. تنهن ڪري ان هڪ آيت پڙهڻ ۾ غلطي ڪري وڌي. هن شخص أَنَّ اللَّهَ بَرِيءٌ مِنَ الْمُشْرِكِينَ وَرَسُولُهُ(التوبة: 3)  آيت ۾ وَرَسُولُهُ جي بدران ”ل“ جي هيٺان زير سان آيت پڙهي. جنهن جو مطلب هي پئي ٿيو ته الله مشرڪن کان ۽ پنهنجي رسول کان بيزار آهي (معاذ الله، استغفرالله). اعرابي اهو ٻڌڻ شرط چيو  ته ڇا الله پنهنجي رسول کان بيزار ٿي ويو! اگر الله پنهنجي رسول کان بيزار آهي ته پوءِ مان به ان کان تمام گهڻو بيزار آهيان. اها خبر مختلف ماڻهن کان ٿيندي حضرت عمر ﷦ تائين پهتي. پاڻ اعرابيءَ کي گهرائي معلوم ڪيو ته ڇا تو ائين چيو آهي ته مان الله جي رسول کان بيزار آهيان. اعرابيءَ چيو ”اي امير المؤمنين! مان مديني شريف آيس. مون کي قرآن جو علم نه هيو. مون چيو ڪير آهي جيڪو مون کي قرآن پڙهي ٻڌائي. فلاڻي ماڻهو مون کي چند آيتون پڙهي ٻڌايون ته مون چيو ته جي الله پنهنجي رسول کان بيزار آهي ته پوءِ مان به بيزار آهيان. حضرت عمر ﷦ معاملي کي سمجهي ويو. پاڻ فرمائڻ لڳا ”اي اعرابي! اهو ائين ناهي جيئن فلاڻي ماڻهو توکي پڙهايو.“ اعرابيءَ پڇيو ته يا امير المؤمنين پوءِ اهو ڪهڙيءَ طرح آهي.
حضرت عمر ﷦ فرمايو ”اهو هيئن آهي أَنَّ اللَّهَ بَرِيءٌ مِنَ الْمُشْرِكِينَ وَرَسُولُهُ (لام جي مٿان پيش سان). جڏهن اعرابيءَ ٻڌو ته فوراَ چوڻ لڳو ”اگر الله ۽ ان جو رسول مشرڪن کان بيزار آهي ته پوءِ مان به خدا جو قسم مشرڪن کان بيزاريءَ جو اعلان ڪريان ٿو.“ ان واقعي کانپوءِ حضرت عمر ﷦ حڪم صادر فرمايو ته عالم لغت کانسواءِ ڪو به ماڻهن کي نه پڙهائي ۽ پاڻ ابوالاسود ﷦ کي حڪم ڏنو ته انهن علم نحو وضع ڪيو. (تفسير در منثور، ج 3، اردو ترجمه، ضياء القرآن پبليڪيشنز، لاهور،ص 654)
غلطي ڪرڻ خراب ڳالهه نه آهي. پر غلطيءَ تي ڄمي بيهي رهڻ خراب ڳالهه آهي. مڙس ماڻهو اهو آهي جنهن کي سندس ڪيل غلطي ٻڌائي وڃي ته فوراَ رجوع ڪري. نهايت بزدل ۽ ننڍڙو ماڻهو آهي اهو جنهن کي اگر غلطي ٻڌائي وڃي ته فوراَ رجوع نه ڪري. قرآن جي لفظن ۾ پاڻ لاءِ عزت جو مسئلو بڻائي ويهي.

 }وَ اِذَا قِیۡلَ لَہُ اتَّقِ اللہَ اَخَذَتْہُ الْعِزَّۃُ بِالۡاِثْم _ البقرة: 206{

0 comments: