Tuesday 10 September 2013

هڪ يهوديءَ جي تحقيق

هڪ يهوديءَ جي تحقيق





فرانس جي شهر پيرس ۾ اسلامڪ سينٽر جي نالي سان تحقيقي ادارو موجود آهي جنهن ۾ مسلمان عالمن جي قديمي قلمي نسخن، ڪتابن ۽ مڪتوبات جو وڏو خزانو موجود آهي.
مان جڏهن به پيرس ويندو آهيان ان چار منزله عظيم الشان عمارت تي مشتمل اسلامي مرڪز ۾ ضرور چڪر هڻندو آهيان. اتي ويهي ڪتاب پڙهندو آهيان. ڪيفيٽيريا ۾ ڪجهه دير ويهي قافي به پيئندو آهيان. اسلامي دنيا جي عقل تي ماتم ڪندو آهيان ۽ لفٽ تان لهندي سوچيندو آهيان ته ”اسان جي اسلامي ملڪن ۾ اهڙو عظيم سينٽر ڇو نه آهي؟ اسان مسلمانن پنهنجا علمي نوادرات پاڻ ڇو نه سنڀاليا؟ ۽ عيسائين کي ڪهڙو لاچار پيو جو هُنن اسان جا ڪتاب سانڍيا؟“ خير! هڪ ڀيري جيڏي مهل مان ڪيفيٽيريا تي ويهي ڪافي پيئي رهيو هيس ته هڪ ماڻهو مون وٽ لَڙي آيو. مون کي کيڪاري ڪچهري ڪرڻ جي نيت سان مون وٽ ويهي رهيو. مون کانئس پڇا ڪئي ”توهان مسلمان آهيو؟“ چوڻ لڳو ”نه. مان اُردن جو يهودي آهيان ۽ اسلام تي پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهيان.“ مون پڇيو: ”تون اسلام جي ڪهڙي پهلوءَ تي پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهين؟“ هُو پهريان ٿورو شرمائجي ويو پر پوءِ ٿوري دير ۾ وراڻيو ”مان مسلمانن جي شدت پسنديءَ تي تحقيق ڪري رهيو آهيان.“ مون ٽهڪ ڏنو ۽ کانئس پڇيو ”تنهنجي تحقيق ڪيستائين پهتي آهي؟“ چوڻ لڳو ” منهنجي تحقيق مڪمل ٿي وئي آهي. هاڻي مان مقالو لکي رهيو آهيان.“ مون پڇيو ” تنهنجي تحقيق جون فائينڊنگس (حاصلات/نتيجو) ڪهڙيون آهن؟“  هن ڊگهو ساهه ڀريو. هيڏي هوڏي نهاريو. ڪنڌ لوڏيو ۽ هوريان ڳالهائيندي ٻڌائڻ لڳو ”مان پنجن سالن جي تحقيق ۾ هن نتيجي تائين پهتو آهيان ته مسلمان اسلام کان وڌيڪ پنهنجي نبي سان محبت ڪن ٿا. هي اسلام تي هر قسم جو حملو برداشت ڪري وڃن ٿا پر هي نبيءَ جي ذات تي کڄيل ڪابه آڱر برداشت نه ٿا ڪري سگهن.“ هن جواب مون کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. مون قافيءَ جو ڪوپ هيٺ رکيو ۽ سڌو ٿي ويهي رهيس. هُو ٻڌائڻ لڳو ”منهنجي تحقيق جي مطابق مسلمان جڏهن به وڙهيا، جڏهن به اٿيا، ان جو اصل ڪارڻ نبي اڪرم (ﷺ) جي ذات هئي. توهان کڻي اُنهن جي مسجدن تي قبضا ڪيو، توهان انهن جون حڪومتون ختم ڪري ڇڏيو، توهان قرآن مجيد جي اشاعت تي پابندي مڙهي ڇڏيو، پر توهان جيئن ئي هِنن جي رسول (ﷺ) جو نالو غلط لهجي ۾ ورتو ته هي تڙپي پوندا. اُن کانپوءِ توهان ڀلي کڻي پهلوان هجو يا فرعون هجو پر هي توهان سان ٽڪر کائڻ ۾ دير ئي نه ڪندا.“ مان حيرت وچان هن کي تَڪيندو رهيس. هُو وڌيڪ چوڻ لڳو ” منهنجي فائنڊنگ آهي ته جنهن ڏينهن مسلمانن جي دلين مان رسول (ﷺ) جي محبت ختم ٿي وئي ان ڏينهن اسلام به ختم ٿي ويندو.“ ان سان گڏ هُن قافيءَ جو ڪوپ هيٺ رکيو، ڪپڙن جو ٿيلهو کنيو ۽ موڪلائي هليو ويو. (معروف صحافي جاويد چوڌريءَ جي مضمون ”برداشت“ مان ورتل اقتباسات) 

0 comments: