Tuesday 10 September 2013

ڪتابن کانسواءِ زندگي بي مزه آهي

”ڪتابن کان سواءِ زندگي بي مزه آهي.“
جاويد چوڌري




ڪتاب سدا حيات ٿيندو آهي:
امير تيمور زندگيءَ ۾ 42 ملڪ فتح ڪيا. بي پناهه دولت لُٽي. تيمور جا سوانح نگار لکن ٿا ته هو فقط هڪ مهم ۾ ايڏو مال لُٽيندو هو جو جڏهن مال گهوڙن ۽ گڏهن تي رکي پنهنجي شهر سَمَرقند ڏانهن روانو ٿيندو هو ته جنگ جي ميدان کان سَمَرقند تائين گهوڙن ۽ گڏهن جي مسلسل ڊگهي قطار ٿي ويندي هئي. تيمور دنيا جو نامور فاتح به هو. زندگيءَ جا پنجاهه سال تلوار سان کيڏندي گذاري ڇڏيائين. هُو هڪ هٿ ۾ تلوار کڻندو هو ۽ ٻئي هٿ ۾ ڪهاڙو. پوءِ ٻنهي هٿن سان ماڻهن جا سِرَ وڍيندو ويندو هو. هُو سڄي ۽ کٻي ٻنهي هٿن سان لکي پڻ سگهندو هو. سندس حافظو به حيران ڪندڙ هيو. هڪ ڀيرو ٻڌل ۽ پڙهيل ڳالهه ڪڏهن به نه وساريندو هو. پر هن جون اهي سڀ ڪاميابيون ڌوڙ ۾ ملي ويون. هن جي نه ختم ٿيندڙ دولت ۽ هن جا 42 مفتوح ملڪَ زمين جو رزق بڻجي ويا. پر سندس هڪ شيءِ زماني جي هٿ چراند کان بچي وئي. اها آهي سندس لکيل ڪتاب ”مان آهيان تيمور.“ امير تيمور پنهنجي هي آتم ڪٿا غالباَ فارسي زبان ۾ لکي هئي. 1405ع ۾ تيمورجي اوچتي موت جي ڪري ڪتاب نامڪمل رهجي ويو. بعد ۾ قلمي نسخي جي صورت ۾ مختلف هٿن کان ٿيندي 1783ع ۾ برطانيه ۾ پهريون ڀيرو شايع ٿيو. اُن کانپوءِ چاليهه زبانن ۾ شايع ٿيو. هي ڪتاب 229 سالن کان مسلسل شايع ٿي ۽ پڙهجي رهيو آهي.
هي بنيادي طور تي ڪتاب جي عظمت آهي. علم ۽ ڪتاب کي زوال ناهي ايندو. دنيا ۾ تيمور جهڙن ماڻهن جون سلطنتون ختم ٿي وينديون آهن. پر اُنهن جي هٿن مان نڪتل صفحا ضايع ناهن ٿيندا. هي اُن وقت تائين دنيا ۾ رهندا آهن جيسين تائين پڙهڻ وارن جي تشنگي باقي رهندي آهي. پڙهيل لکيل ۽ اڻ پڙهيل ماڻهوءَ ۾ فرق صرف ڪتاب جو آهي. ڪتاب پڙهندڙ ۽ نه پڙهندڙ معاشرن ۾ فرق:
امير تيمور جهڙن ماڻهن جون لکڻيون دنيا ۾ اڻ پڙهيل ۽ پڙهيل ماڻهن جي وچ ۾ تفريق هونديون آهن ۽ قدرت ان تفريق کي برقرار رکڻ لاءِ انهن ڪتابن کي زنده رکندي آهي. توهان معاشرن جو تجزيو ڪيو. توهان کي اُنهن سڀني معاشرن ۾ امن، سڪون، ڪوالٽي آف لائيف (معيارِ زندگي)، برداشت، خوشي ۽ روحاني مسرت ملندي جتي ڪتاب ڪثرت سان پڙهيا ويندا آهن. اُن جي برعڪس جن ملڪن ۾ ڪتاب گهٽ ڇپجن ٿا، جتي لائبرريون نه هجڻ جي برابر آهن. اُتي روحاني ڇڪتاڻ به هوندي، اُتي غم ۽ غصو به هوندو، برداشت جي گهٽتائي به هوندي، بي سڪوني ۽ بدامني به هوندي. اتان جا ماڻهو زندگيءَ جي سڀئي نعمتون حاصل ڪرڻ باوجود غريب هوندا آهن.
زندگيءَ ۾ حقيقي لطف ڪتاب پيدا ڪري سگهي ٿو:
 توهان پنهنجي آسپاس نظر ڊوڙايو توهان کي سڄي کٻي اهڙا هزارين ماڻهو ملندا جن تي الله تعاليٰ جو هر قسم جو ڪرم آهي. هي دولتمند به آهن، عزتدار به آهن. با اثر، با اقتدار ۽ صحتمند به آهن. پر ان جي باوجود انهن جي زندگين ۾ رنگيني نه هوندي آهي. توهان کي اُهي ماڻهن کان بيزار نظر ايندا. ان جو وڏو سبب ڪتاب کان دُوري آهي.
 توهان زندگيءَ ۾ هر شيءِ حاصل ڪري سگهو ٿا پر توهان ڪتابن کان بغير اُنهن شين کي اِنجوائي نه ٿا ڪري سگهو. توهان جي ڪاميابين ۾ رَسُ چَسُ، لُطف ۽ لَذَت ڪتاب ئي وجهن ٿا. ڪتاب اگر جنگي ڪاميابين، دولت ۽ اقتدار کان وڏا نه هجن ها ته دنيا جا ناليوارا جنگجو، فاتح، بادشاهه ڪتاب نه لکن ها نه لکرائين ها! توهان سڪندرِ اعظم کان بِل گيٽس تائين دنيا جي سڀني ڪامياب ماڻهن جا پروفائيل ڪڍي پڙهو. توهان کي دنيا جو هر وڏو ڪامياب ماڻهو پنهنجي پٺيان ڪتاب ڇڏيندي نظر ايندو. هي ڪتاب اُنهن جي ڪاميابين جا گُر به ٻڌائيندو آهي ته اُنهن جي ناڪامين جو تجزيو به ڪندو آهي. زندگيءَ جي اصل حقيقت به بيان ڪندو آهي. اسان جيسين تائين ڪتاب جو مطالعو نه ٿا ڪريون تيسين تائين زندگي، ڪاميابي ۽ ناڪامي جي اصل رُخن تائين پهچي نه ٿا سگهون.
ڪتابن پڙهڻ جي عادت پيدا ڪيو:
مطالعو هڪ عادت هوندي آهي ۽ هي عادت به ٻين عادتن جيان پاڻ ۾ باقائده وجهڻي پوندي آهي. توهان جيسيتائين ڪتاب کي پنهنجي روزمره جي مصروفيتن جو حصو نه ٿا بنايو ، تيسيتائين ڪتاب اوهان جي عادت بڻجي نه سگهندا. يورپ جا ماڻهو ٻارڙن کي اسڪول ۾ داخل ڪرڻ کان پهرين ڪتاب پڙهڻ جي عادت وجهندا آهن. هو ٻارڙن کي ڪتاب وڪرو ڪندڙ دڪانن تي وٺي ويندا آهن. کين ڪتب خانن ۾ وٺي ويندا آهن. اُتان ڪتاب حاصل ڪرڻ جو طريقيڪار سمجهائيندا آهن. پنهنجي ٻارڙن کي گهران نڪرندي وقت ڪتاب گڏ کڻڻ جي عادت وجهندا آهن. توهان اگر ڪڏهن يورپ، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ وڃو ته توهان کي ماڻهو ٽرينن، بسن، بس اسٽاپن ۽ پارڪن ۾ پڙهندي نظر ايندا. توهان کي هر شخص جي هٿن ۾ اخبار يا ڪتاب نظر ايندو. کيس جتي به جاءِ ملي، اُتي ويهي پڙهڻ شروع ڪندو.
ڪتاب خريد ڪرڻ جي به عادت پيدا ڪيو:
 يورپ ۽ آمريڪا ۾ ڪتابن جو پهريون ڇاپو ڏهه ڏهه لک هوندو آهي. بعد ۾ اُنهن جي اشاعت ڪروڙن تائين پهچندي آهي. آمريڪا جي آبادي 31 ڪروڙ 38 لک آهي. پر اُتي اهڙا اهڙا ڪتاب به موجود آهن جيڪي چاليهه ڪروڙ جي تعداد ۾ به شايع ٿيا آهن. اسان منجهان به هر اُن ماڻهو کي مهيني ۾ ٽي ڪتاب خريد ڪرڻ گهرجن جيڪو پرائمري پڙهيل آهي. جيڪو انگ ۽ اکر پڙهي سگهي ٿو.
انگريزي جي شد مد کان واقف ماڻهوءَ کي به ٻين ٻولين سان گڏو گڏ انگريزي ٻوليءَ ۾ به ڪتاب خريد ڪرڻ گهرجي. اسان کي گهرجي ته جهڙيءَ طرح اسان هر هفتي يا هر مهيني گهر جو سودو وٺندا آهيون اهڙي طرح ڪتابن جي دڪانن تي به وڃي ڪتاب خريد ڪيون. توهان بازار مان جوتا خريد ڪندؤ ته اُنهن کي فقط توهان پاڻ استعمال ڪري سگهندؤ. پر توهان جا خريد ڪيل ڪتاب هر ڪو پڙهي سگهندو. توهان جا ڪپڙا ۽ جُوتا پراڻا ٿي ويندا پر ڪتاب ڪڏهن به پراڻو نه ٿيندو. ڪتاب تمام عمر جا ساٿي آهن.
اسان کي گهرن ۽ دفترن ۾ ننڍا ننڍا ڪتب خانا به قائم ڪرڻ گهرجن. اگر گهر ۾ ڪو الڳ ڪمرو ناهي ته ڪنهن ڪمري جي دريءَ تي ڪتاب رکي اُن کي به ننڍڙي لائبرري بڻائي سگهجي ٿو. ڪمري جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ ميز ۽ ڪُرسي رکي اُن جاءِ کي به لائبرري ڊڪليئر ڪري سگهجي ٿو.
اهلِ علم جي صحبت ۾ ويهو:
 اسان هفتي جا ڪجهه ڪلاڪ پڙهيل لکيل ماڻهن جي صحبت ۾ ويهون ته ان سان به اسان جي علم ۾ اضافو ٿيندو. پر اِهي پڙهيل لکيل ماڻهو به ڪنهن خاص طبقي سان تعلق نه رکندا هجن. اُنهن ۾ سائنسدان، اديب، مؤرخ، مذهبي اسڪالر، بيوروڪريٽ ۽ سياستدان به هجڻ گهرجن. ته جيئن توهان وٽ هر قسم جي ڄاڻ اچي. اگر توهان هر ڀيري هڪڙي ئي قسم جي ماڻهن سان ملندؤ ته ان سان اوهان جي سوچ محدود ٿي ويندي ۽ محدود سوچ بي علميءَ کان وڌيڪ خطرناڪ هوندي آهي.
فقط ٻه آپشن:
 ياد رکو! اوهان وٽ فقط ٻه آپشن آهن. توهان اڻ پڙهيل ماڻهن واري زندگي گذاريو. جيڪو کائيندو پيئندو ۽ ٻچا ڄڻيندو آهي ۽ آخر ۾ دنيا تان مري کپي ويندو آهي. يا پڙهيل لکيل ماڻهوءَ واري زندگي بسر ڪيو. جيڪو کائڻ، پيئڻ، ٻار پيدا ڪرڻ سان گڏو گڏ زندگيءَ جو مقصد به ڳولهيندو آهي. جيڪو کائڻ، پيئڻ ۽ ٻار ڄڻڻ واري عمل کي بامقصد ۽ شاندار بڻائي وٺندو آهي. ۽ هي عمل ڪتابن کان بغير ممڪن نه آهي. ڪتابن کان بغير زندگي کَٽي اَنب جهڙي آهي جنهن ۾ سڀ ڪجهه ته هوندو آهي پر ذائقو نه.
(معروف پاڪستاني صحافي ۽ اُردو اخبار روزانه ايڪسپريس جي ڪالم نگار جاويد چوڌريءَ جي مضمون جو ملخص سنڌي ترجمو)



0 comments: