Tuesday 10 September 2013

ڪامياب زندگي گذارڻ جو نبوي نسخو

ڪامياب زندگي گذارڻ جو نبوي نسخو:



حضرت عبدالله بن عباس ﷦ نبي اڪرم ﷺ جو سوٽ هو. نوجوانيءَ جي ڏينهن ۾ هڪڙي ڀيري حضور عليه الصلوات والسلام جي پٺيان اٺ تي سوار هو. پاڻ ڪريمن ﷺ کين جامع نصيحت فرمائي. ان حديث جو هڪ حصو هي آهي:
اَعْلَمْ أَنَّ فِي الصَّبْرِ عَلَى مَا تَكْرَهُ خَيْرًا كَثِيرًا, وَأَنَّ  النَّصْرَ مَعَ الصَّبْرِ , وَأَنَّ الْفَرَجَ مَعَ الْكَرْبِ , وَأَنَّ مَعَ الْعُسْرِ يُسْرًا (مسند احمد)
”ڄاڻي وٺ ته ناپسنديده ڳالهه تي صبرڪرڻ ۾ تمام گهڻي ڀلائي آهي. ۽ صبر سان گڏ الله جي مدد ايندي آهي. ۽ تڪليف سان گڏ ڪشادگي آهي. ۽ مشڪل سان گڏ آساني آهي.“
هي حديث زندگيءَ ۾ ڪاميابيءَ جي حقيقت بيان ڪري رهي آهي. اهڙي حقيقت جنهن جو تعلق ذاتي زندگيءَ سان به آهي ته گروهي، جماعتي يا قومي زندگي سان به.
زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي مرحلن تي اسان اڳيان اهڙيون کوڙ ساريون ڳالهيون اينديون آهن جيڪي اسان جي مزاج ۽ طبعيت جي برخلاف هونديون آهن. ڪاوڙ، غصو يا اشتعال ڏيارينديون آهن. ڪي ڳالهيون اتفاقي ٿي وينديون آهن ته ڪي وري شريرَ ماڻهو اسان کي ڄاڻي واڻي اشتعال ۾ آڻڻ لاءِ شرارتون ڪندا آهن. هاڻي اگر انهن اڻ وڻندڙ ڳالهين تي ڪو ماڻهو پنهنجي ڪاوڙ کي ضبط ۾ آڻي نه سگهي، آپي کان ٻاهر نڪري وڃي ته اهو شخص ڪڏهن به ڪامياب زندگي گذاري نه سگهندو. ڇو ته مخالف ماڻهو اوهان جي ان ڪمزوريءَ کي استعمال ڪندي نه ڪيٻائيندو.

حضور عليه الصلوات والسلام جي تعليمات مطابق ڪاميابيءَ جو طريقو هي آهي ته اهڙن مرحلن ۾ ماڻهو پنهنجي جذبات کي قابو ۾ رکي. هي صابراڻو طريقو تنگيءَ کانپوءِ ڪشادگي آڻيندو. اهو مشڪل کي آخرڪار آساني ۾ تبديل ڪرڻ جو سبب بڻبو.

0 comments: