Thursday 29 August 2013

Hazrat Qibla Pir Dilbar Sain Naqshbandi Qadri d.b.a. as a builder of the model muslim society

حضرت قبله پير دلبر سائين مصطفوي معاشري جا معمار





دينِ اسلام تمام اِلهامي و آفاقي مَذاهب جي پُڄاڻيءَ وارو دين آهي. شريعتِ مصطفوي ﷺ ان آفاقي ۽ اِلهامي تعليمات جو نُقطهءِ عُروج آهي، جيڪا رب العالمين جل شانه حضرت آدم عليه السلام جي بِعثَت کان بَني نوعِ انسان جي رهبريءَ لاءِ پنهنجي پيارن پيغمبرن ذريعي پهچائيندو رهيوآهي. حضور عليه الصلوات والسلام کانپوءِ سلسلهءِ نبوت ختم ٿيو. محبوبن ڪريمن ﷺ بِعثَت بعد اعلان فرمايو:
انا خاتم النبيين لا نبي بعدي  (المعجم الکبير للطبراني، باب: قطعة من المفقود)
”مان سڀني نبين جي پڄاڻي وارو نبي آهيان مونکان پوءِ ڪو نبي اچڻو ناهي.“حضور نبي اڪرم ﷺ جن جي بِعثَتِ مُقَدّسَه کانپوءِ انبياءِ ڪرام جي آمد جو سلسلو ته بند ٿيو،
پر عوام الناس جي رُشد و هدايت لاءِ اولياء الله جي آمد جو سلسلو شروع ٿيو.
هي محبوبانِ الاهي تا قيامت پنهنجي روحاني فُيوضات و بَرڪات سان اهلِ عالَم کي فيضياب ڪندا رهندا. هي مُقَرَّبَانِ خدا محبوبن ڪريمن ﷺ جي فيضِ نبوت سان دلين جي بنجر زمينن کي سيراب ڪندا رهندا. هي آفتابِ ولايت پنهنجي نورِ باطن سان جڳ کي جرڪائيندا رهندا. اهڙين ڀلارين هستين جي پيرويءَ جو الله جل شانه حڪم فرمايو آهي. ارشاد آهي:
 وَاتَّبِعْ سَبِيلَ مَنْ أَنَابَ إِلَي (پاره 21، سورة لقمان، آيت 15)
انهن ماڻهن جي راهه تي هلو جن منهنجي طرف رجوع ڪيو.“
صوفياءِ ڪرام جو تاريخي ڪردار:
دينِ اسلام جي تبليغ ۽ ترويج جو عَلم انهن ئي برگزيده هستين پنهنجي هٿ ۾ کنيو. ايندڙ صدين ۾ اسلام جي جيتري به نشر و اشاعت ٿي، ان ۾ مرڪزي ڪردار انهن صوفياءِ ڪرام جو رهيو. انهن جي ئي شب و روز ڪاوشن ۽ ڪوششن بدولت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾”الله اڪبر“ جون صدائون گونجڻ لڳيون.
 ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسلام جي ترويج و اشاعت جي لاءِ ماحول سازگار غازيانِ اسلام بنايو. انهن جي فُتوحات خلافتِ اسلاميه جي جاگرافيائي حدن ۾ اضافي جو باعث بڻيون. پر وڏي پيماني تي مختلف اقوام صوفياءِ ڪرام جي ڪاوشن ذريعي ئي دائره اسلام ۾ داخل ٿيون. غازيانِ اسلام غير مسلم اقوام جي رياستن کي فتح ڪيو. جڏهن ته صوفياءِ ڪرام  انهن جي دلين کي فتح ڪيو.
عالمِ اسلام جي چوڏهن سؤ ساله تاريخ شاهد آهي ته هر زماني ۾ جِتي جِتي به غازيانِ اسلام پرچمِ اسلام ڦڙڪائيندا ويا اُتي اُتي هيٺين سطح کان مٿين سطح تائين معاشرتي انقلاب برپا ڪندڙ هستيون اهي ئي اولياء الله رهيا آهن. نو مسلم آباديون جيڪي صدين تائين غير اسلامي ۽ غير مُهَذّب طَرزِ زندگي گذارينديون هيون. جيڪي غلط عقيدن ، وهمن ۽ وَسوَسَن ۾ مبتلا هيون. جيڪي لذتِ توحيد کان نا آشنا هيون، تهذيب تمدن شائستگيءَ جي جن کي هوا به نه لڳي هئي انهن جي زندگين جي طرز ۽ رنگ ڍنگ کي بدلائڻ ڪو آسان ڪم نه هيو.
 پر تاريخ جا ورق گواهي ڏيندا ته اهڙن پسمانده اقوام جي اَفڪار و نَظريات ۾، طَرزِ زندگي و طَرزِ مُعاشَرَت ۾، نَشِست برخاست جي طور طريقن ۾، جيئڻ جي رنگ ڍنگ ۾ مصطفوي انقلاب برپا ڪندڙ الله جا ڪامل وليءَ ئي هيا.
اهو ئي بنيادي سبب آهي جو انهن الله وارن جي آستانن تي هر دور ۾ هر لمحي هر گهڙي ڇوليون هڻندڙ انساني سمنڊ نظر ايندو رهيو آهي. اولياء الله جا آستانا مقناطيس مثل پنهنجي پوري ڪشش ۽ جاذبيت سان عوام کي پنهنجي طرف ڇڪيندا رهيا آهن. عوام و خواص امراء و غرباء جوق در جوق انهن خانقاهن طرف بي اختيار ڇڪبا رهيا آهن.
 هر کُجا چشمهء بُوَد شيرين،       مردم و مور و مرغ گِرد آيند
(جتي مٺي پاڻيءَ جو چشمو هوندو آهي، اتي انسان ۽ پکي پکڻ جمع ٿي ويندا آهن.)
صوفياءِ ڪرام جي دينِ متين جي لاءِ اهڙين خدمتن تي تبصرو ڪندي مغربي مستشرق عالم ايڇ آر گِب لکي ٿو:
 Mystics whether as individual missionaries or (later on) as members of organized brotherhoods, were the leaders in the task of conversion among the pagans and superficially Islamized the tribes.
 The most successful missions were often those of co-nationals of the tribesmen, uncouth, Illiterate, and crude though many of them were. They led the foundations upon which in later generations refining influence of orthodox law and theology could be brought to bear. It was mainly due to them that through successive centuries the religious frontiers of Islam were steadily extended in Africa, in India & Indonesia, across Central Asia into Turkistan and China, and in parts of South East Europe.) Mohammedanism” Written By: H R Gibb, Page: 14, Publishers: A Galaxy Book New York Oxford University press, 1962.(
ترجمو:”صوفياء پنهنجي انفرادي تبليغي حيثيت ۽ بعد ۾ اجتماعي سلسلن جي منظم رڪن جي طور تي به غير مسلمانن ۾ اسلام جي فروغ ۽ سطحي طور تي اسلام قبول ڪرڻ وارن قبيلن ۾ اسلام کي پختو ڪرڻ وارين سرگرمين جا رهنما هيا. صوفياء جون ڪامياب ترين ڪوششون اهي هيون جيڪي هنن گنوار اڻ پڙهيل ۽ اخلاق کان عاري قبائلي ماڻهن جي سڌارڻ جي لاءِ ڪيون. انهن اهي بنياد وڌا جن تي ايندڙ نسلن اسلام جي بنيادي قانون ۽ دينياتي تصورن کي مؤثر طور تي نافذ ڪيو. اهي صوفياء ئي هيا جن جي ڪري ايندڙ صدين ۾ اسلام جون مذهبي سرحدون رفته رفته افريڪا هندوستان انڊونيشيا وسطي ايشيا کان ترڪستان چين ۽ ڏکڻ اوڀر يورپ جي ڪيترن ئي حصن تائين ڦهلجي ويون.“
 صوفياءِ ڪرام جو تسلسل محبوب ”دلبر سائين“:
اهڙين ئي متبرڪ و برگزيده هستين جو تسلسل سلسله عاليه قادريه و نقشبنديه جا سرواڻ منهنجا مرشد مربي حضرت قبله محمد ڪرم الله قادري نقشبندي المعروف ”دلبر سائين“ (فِدَاهُ اُمِّي وَ اَبِي) آهن.
قبله دلبر سائين ۽ مصطفوي معاشري جو قيام:
حضرت سائين جن پيش رو صوفياءِ ڪرام جي طريقي تي هلندي مسندِ سجاده تي بِراجمان ٿيڻ جي پهرئين ڏينهن کان وٺي مثالي مصطفوي معاشري جي قيام لاءِ سرگرمِ عمل آهن. معاشري جي هر سطح تائين ڦهلجندڙ ۽ وڌندڙ بي ديني، بي راهه روي، بي حيائي ۽ بگاڙ جو مشاهدو ڪندي پاڻ عين عالمِ شباب ۾ ئي فيصلو ڪري ورتو ته هن بي دين معاشري کي ديندار بنائڻ لاءِ تبديليءَ جو آغاز بلڪل هيٺئين سطح کان ڪجي.
پوءِ پاڻ پنهنجي تمام تر توجهه معاشري جي بنيادي ايڪي يعني فرد جي اصلاح تي مرڪوز ڪئي.
فرد جي اصلاح ئي سندن گذريل ويهه پنجويهه ساله متبرڪ زندگيءَ ۾ جملي مصروفيات جو مرڪزي نقطو رهيو آهي. عوام جي اصلاح فرمائي کين شريعتِ مطهره جو عامل بنائڻ سندن مقصدِ حيات آهي. پاڻ اُٿندي ويهندي، هلندي گهمندي، کائيندي پيئندي، سفر ۾ حضر ۾، شاديءَ ۾ غميءَ ۾، الغرض هر ڪيفيت ۾ ۽ هر رنگ ۾ هر لمحي ۾ ۽ هرگهڙيءَ ۾ ماڻهن جي مصطفوي تعليمات جي روشنيءَ ۾ تعليم و تربيت ڪندا رهن ٿا. منهنجن مرشدن ڪريمن جي متبرڪ زندگيءَ جو ويجهڙائيءَ کان مشاهدو ڪندڙ ان ڳالهه جي يقيناَ گواهي ڏيندا ته سائين جن ۾ هڪ عام فرد جي اصلاح جي حوالي سان شديد حرص آهي. سندن شب و روز ۾ محبوب ترين مشغلو ڪنهن فرد جي اصلاح ڪرڻ آهي.
پاڻ تربيت جو هر ذريعو بروئي ڪار آڻي پنهنجي مريدين و متعلقين جي تربيت فرمائين ٿا. هڪ پاسي پاڻ راتيان ڏينهان پنهنجي لحنِ داؤديءَ وسيلي ڳوٺ ڳوٺ شهر شهر بنفسِ نفيس هلي وڃي مصطفوي تعليمات جي پرچار ڪن ٿا ته ٻئي پاسي پنهنجي قلم جي ذريعي پڻ حبيبن ﷺ جي شريعت پاڪ سيکارين ۽ سمجهائين ٿا. هيل تائين حضرت سائين جن جون پوڻن ٻن سون جي قريب تصنيفات شايع ٿي عوام و خواص جي تعليم و تربيت ڪري رهيون آهن.
سندن اهڙين عظيم الشان ڪاوشن جي نتيجي ۾ معاشري مٿان زبردست هاڪاري اثرات مرتب ٿي رهيا آهن.
فهمِ فقير موجب حضرت سائين جن جي انقلابي، اصلاحي ۽ تجديدي تحريڪ جا هيٺيان اهم رُخ آهن:
 (1)علمي فڪري و اعتقادي رُخ،
(2)ديني و روحاني رُخ،
(3)اخلاقي رُخ ۽
(4)معاشرتي رُخ.
 علمي فڪري و اعتقادي رخ:
حضرت سائين جن تحرير ۽ تقرير ذريعي هڪ فرد جي ذهن جِي تختيءَ تي اُڪريل غلط عقيدن، تصورن، خيالن، وهمن، وسوسن جي فرسوده نشانن کي دليل و برهان سان ميٽي خوش عقيدگيءَ جا نقش و نگار چٽن ٿا.
تنگ نظريءَ جي قيد ۾ مقيد افراد کي دينِ اسلام جي عصري تشريح ذريعي نجات ڏيارين ٿا. ان جي ذهن و نظر ۾ وسعت پيدا ڪن ٿا. بي دين ذهنن جي گرد و غبار ڇنڊي صاف ڪري ديندار ذهن بنائين ٿا.
پنهنجي مريدين، متعلقين ۽ متوسلين کي ٻين بزرگانِ دين جو ادب ۽ احترام ڪرڻ ۽ ساڻن محبت رکڻ جو درس ڏين ٿا.
غرض ته حضرت قبله عالم فڪر و نظر ۾ وسعت پيدا ڪن ٿا. سوچ جو اسلامي انداز عطا ڪن ٿا. فڪر جو مصطفوي زاويو پيدا ڪن ٿا. الغرض هڪ فرد جي فڪر و نظر ۾ مڪمل علمي و فڪري انقلاب برپا ڪري وسيع ۽ نئون ذهن تخليق ڪن ٿا.
 ديني و روحاني رخ:
حضرت سائين جن هڪ فرد جي مزاج و مذاق، عادات و اطوار، کي بدلائي مصطفوي بنيادن تي انهن جي شخصيت جي از سر نو تعمير ڪن ٿا. ڪٽيل قلبن تي نوراني نگاهه وجهي سندن اندر اوجارين ٿا. انهن جي باطن تي توجهه فرمائي غير جي محبت کان دل کي پاڪ صاف ڪري محبوب حقيقيءَ جي محبت و معرفت سان منور ڪن ٿا. انهن جي قلب و باطن کي فيضِ محمديءَ ﷺسان مَعمُور ڪري کين ديندار ۽ تهجد گذار بنائين ٿا. ظاهر و باطن کي سنت و شريعت سان سينگارين ٿا. سائين جن جي صحبت سان ويران دليون الله جي ذڪر سان آباد ٿين ٿيون. الغرض بي دين ماڻهن جي زندگين ۾ ديني و روحاني انقلاب برپا ڪن ٿا.
 اخلاقي رخ:
حضرت سائين جن جي تربيت جو ٽيون رُخ اخلاقي تربيت آهي. پاڻ  تحرير ۽ تقرير ذريعي فحاشي، عرياني، جنسي بي راهه روي، بي پردگي، ظلم و زيادتي، بد ديانتي، نشي آور شين جي واهپي، وغيره جهڙين برين عادتن کان اجتناب ڪرڻ جي تلقين ڪندا رهن ٿا. سندن اندازِ بيان ۾ الله تعاليٰ ايڏي تاثير رکائي آهي جو ماڻهو سماعت ڪرڻ شرط ئي برين عادتن کان توبهه تائب ٿي پوي ٿو. جيئن جيئن حضرت سائين جن جي مجالس ۾ اچ وڃ رکي ٿو ته سندن فيض و برڪت ذريعي رفته رفته انهن برين عادتن مان جند آجي ڪري وٺي ٿو. پنهنجي شخصيت کي صفاتِ محموده سان مزين ڪري باڪردار ۽ بااخلاق بنجي پوي ٿو.
 سماجي و معاشرتي رخ:
پاڻ مصطفوي آدابِ معاشرت سيکاري مهذب و شائسته بنائين ٿا. هڪ فرد جي اندر مڪمل انقلاب برپا ڪري هن جي اٿڻي ويهڻي، رهڻي ڪهڻي، نشست برخاست، شادي غميءَ ۾ اسلامي آدابِ معاشرت جو عامل بنائي سندس جيئڻ جو مڪمل سليقو ئي بدلائي ڇڏين ٿا. ان جي نتيجي ۾ سندن تربيت يافته فقيرن جي زندگين ۾ هر هڪ شعبي ۾ مصطفوي رنگ غالب نظر ايندو.
الغرض هڪ فرد جي ديني روحاني، علمي و فڪري، اخلاقي و معاشرتي تربيت فرمائي ان جي زندگيءَ جي سمت بي ديني ۽ بي راهه رويءَ کان موڙي صاحبِ مڪينِ گنبدِ خضريٰﷺ طرف ڪن ٿا.
 حضرت قبله عالم جن جي صحبت ان خوش نصيب جي ڪاروانِ حيات کي هڪ خوبصورت موڙ عطا ڪري ٿي. سائين جن جي صحبت ان جي زندگيءَ ۾ نُقطهءِ انقلاب (Turning Point) ثابت ٿئي ٿي. درحقيقت سندن وجودِ مسعود  بحرِ بي ڪران مثل آهي جنهن منجهان اٿندڙ ويرون معاشري ۾ موجود بي علمي، بي عملي، بي ديني، بي حيائي ۽ بد ڪرداري جي ذرن کي تيزيءَ سان وهائي نيست و نابود ڪري رهيون آهن. بي ديني ۽ بي حيائيءَ جي گُهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ سندن ذاتِ گرامي بادِ صبا ۽ بادِ بهار جي مثل آهي. جنهن جي گُهلندڙ فرحت بخش هِيرن سان ايمان تازو ٿئي ٿو. دلين ۽ روحن کي قرار نصيب ٿئي ٿو. هن دورِ پُر فِتن ۾ سندن آستانا قلعي جي مانند آهن جنهن ۾ پناهه وٺندڙن جا ايمان و عقائد محفوظ رهن ٿا.
سندن نرالي اندازِ تعليم و تربيت جي نتيجي ۾ هزارين لکين ماڻهن جي زندگين ۾ انقلاب برپا ٿي ويو آهي. ملڪ جي چئن ئي صوبن ۾ موجود هزارن لکن جي تعداد ۾ سائين جن جا تربيت يافته غلام سائين جن جي اعليٰ تعليم و تربيت جا ساکي آهن. بالخصوص سنڌ ۾ ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين، ڪراچيءَ کان ڪارونجهر تائين هر ننڍي وڏي شهر توڙي ڳوٺ ۾ سائي چادر ۾ ملبوس  اعليٰ تربيت يافته ڪرمي فقير نظر ايندا.
اگر ڪو ماڻهو انهن منجهان هر هڪ فقير جو غير جانبداريءَ سان موجوده ديني و روحاني، علمي و اعتقادي، اخلاقي و معاشرتي تنزليءَ واري ماحول جي پس منظر ۾ جائزو وٺي ته يقيناَ هن جماعت جي اڪثريت کي مذڪوره رخن کان اعليٰ تربيت يافته لهندو.
هن پُرفِتن دور ۾ حضرت سائين جن جي صحبت دنيا و آخرت ۾ فلاح ۽ بهبود جي ضمانت آهي. هن علمي فڪري ۽ اخلاقي ڏيوالپڻي جي وقت ۾ حضرت صاحب جن جي شخصيت الله تعاليٰ جي خاص نعمت آهي. هن فتني ۽ فساد واري زماني ۾ حضرت سائين جن جي صحبت ۽ سنگت عطا ٿيڻ يقيناَ تمام وڏي خوشنصيبي آهي.
 حافظا گر پائے بوسِ شاه دستت مي دهد،
يافتي در هر دو عالم زينتِ عز و علا.

0 comments: