Tuesday 10 September 2013

ملفوضاتِ فضليه ڪتاب تي تبصرو

مــلـــفــــوضــــاتِ فــضـــلـــيـــه
(حضرت پير فضل علي قريشي قدس سره جا ملفوظاتِ مبارڪه)
جامع:
 قُطبِ عالَم حضرت پــيـــر مـٺــا ســائــيــن قدس سره
تعليق و تخريج:
 حضرت قبله محبوب دلــبـــر ســائــيـــن نقشبندي قادري
..............................................................................................................



جامعه مدينة العلم ڪراچيءَ پاران، عظيم المرتبت علمي ۽ روحاني شخصيتن جي غيرمطبوعه تحريرن جي اشاعت جو سلسلو الحمد لله تيزيءَ سان جاري آهي. اسان جو ادارو تازو قُدوَة العَارِفيْن، اِمَام الوَاصِلِيْن، شيخ الْعَرَب وَ الْعَجَمْ حضرت خواجه پير فضل علي قريشي (قُدِّسَ سَرُّهُ الْعَزِيْز) جي ملفوظات شريف بعنوان ”مَلفُوظَاتِ فَضلِيه“ شايع ڪرائي رهيو آهي. هن ملفوظات جي جمع ۽ تاليف حضرت پير فضل علي قريشي (قُدِّسَ سَرُّهُ الْعَزِيْز) جي جليل القدر خليفه قُطْبُ الْعَالَم حضرت خواجه محمد عبدالغفار المعروف ”پير مٺا سائين“ (نَوَر اللهُ مَرقَده) بنفسِ نفيس فرمائي هئي. هي ڪتابِ لاجواب تصوف جي اسرارن، رمزن ۽ معارف سان سرشار هڪ بيش بها خزانو آهي. بالخصوص طريقه عاليه نقشبنديه جي تعليمات تي مبني اَمُلهه ماڻڪ چونڊي هن ڪتاب اندر گڏ ڪيا ويا آهن. ڪتاب جي تاثير متعلق خود جامعِ ملفوظات قطب العالم حضرت پير مٺا سائين قدس سره جن پنهنجي شيخ حضرت خواجه فضل علي قريشي قدس سره العزيز جي خدمت ۾ عرض ڪن ٿا ته:
 حضور! ملفوظات شریف جو اس احقر نے لکھی  تھی، اب ان کو پڑھتے وقت اتنا ذوق اور وجد پیدا ہوتا ہے کہ کسی ملفوظات میں ایسا تلذّذ  اور حظوظ  نہیں  پائے جاتے۔(ملفوظات فضليه، ص 145)

اسان جا مرشد ڪريم به هن عظيم ڪتاب متعلق محافل ۾ بار بار ارشاد فرمائي رهيا آهن ته ”ڪتاب جو هر ملفوظ فيض سان ڀرپور آهي.
سڀني فقيرن کي هي ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي.“
هن بي بها علمي خزاني جو وڏو حصو غير مطبوعه صورت ۾ تقريباَ مُني صديءَ کان پيل هيو. جيئن پوءِ تيئن خسته حال ٿي رهيو هو ۽ قريب هو ته هي عظيم خزانو معدوم ٿي وڃي ها! پر الحمد لله جو اصل مسودي جي غيرمطبوعه حالت ۾ موجود هجڻ بابت اسان جي مرشد ڪريم حضرت محبوب دلبر سائين (دام برکاته) جن کي خبر ملي. بس پوءِ ته پاڻ اصل مسودو هٿ ڪرڻ لاءِ بي چين ۽ بي قرار ٿي پيا. لاڳاپيل حضرات وٽ باربار پنڌ ڪندا رهيا. پنهنجي رفيقن کي موڪليندا رهيا. مسلسل ٻن ٽن سالن جي محنتن ۽ مشقتن بعد نيٺ اصل مسودو ملي ويو. سندن خوشيءَ جي ڪا حد نه رهي.
مُسودي ملي وڃڻ کان پوءِ مروجه روايتن تحت پاڻ جيئن جو تيئن تڙ تڪڙ ۾ شايع ڪرائي سگهيا ٿي! جيئن سنڌ ۾ واقع بعض ناميارن خانقاهن، مدارس ۽ ادارن ۾ ٿئي ٿو. پر اسان جا حضرت سائين جن ته علم جي لحاظ کان به غيرمعمولي ۽ غير روايتي شخصيت آهن. پاڻ پنهنجي مشائخن سان محبت ۽ علم سان محبت جي جذبي هيٺ سموري ملفوظات جي وڏي محنت ۽ مشقت سان تخريج ۽ تعليق فرمايائون. آيات، احاديث، حڪايات، فرمودات جا جن جن جاين تي حوالا نه ڏنا ويا هئا تن جا حوالا ڳولهي ڪتاب اندر درج ڪيائون ته جيئن ڪتاب جي علمي حيثيت ۾ اضافو ٿئي.
تنهن بعد بعض نڪات کي مزيد عام فهم بنائڻ جي لاءِ مختلف مقامات تي حاشين ۾ تشريح پڻ بيان فرمايائون. ڪتاب ۾ مستعمل قديمي اُردو کي مروجه اُردو ۾ بدلايائون. آخر ۾ ڪتاب جو عظيم الشان مقدمو تحرير فرمايائون. جنهن ۾ صاحبِ ملفوظ ۽ جامعِ ملفوظ جي سوانح پڻ تحرير فرمايائون. اهي ٻئي سوانح خود الڳ تصنيفات جي حيثيت رکن ٿيون. خاص طور تي پير فضل علي قريشي قدس سره﷥ جي سوانح ۾ بعض امتيازي خوبييون آهن جيڪي هيل تائين سندن متعلق شايع ٿيل ٻين سوانح حيات ۾ نه آهن. انهن امتيازي خوبين منجهان هڪ خوبي خلفاء جو تعداد آهي.
ملفوظاتِ فضليه ۽ تعدادِ خلفاءِ فضليه:
 هن ڪتاب ۾ پير سائين جن قدس سره جي خلفاء جو تعداد هيل تائين جي شايع ٿيل ٻين ڪتابن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. مثال طور: ”مقاماتِ فضليه“ ۾ پير فصل علي قريشي قدس سره ﷥جي خلفاء جو انگ 63 ڄاڻايو ويو آهي. حضرت علامه مفتي حبيب الرحمان گبول بخشي طاهري صاحب جن جي لکيل ڪتاب “سيرت و سوانح حضرت پير فضل علي قريشي” ۾ سندن خلفاء جو تعداد سٺ کان ستر ڄاڻايو ويو آهي. (حوالو: مذڪوره ڪتاب، عنوان“ آپ کے نائب حضرت پير مٹھا” ، اصلاح المسلمين ويب سائيٽ). پر حضرت  سائين جن تحقيق بعد 98 خلفاء جو تعداد بمع اسماءِ گرامي و مسڪنت هن ڪتاب ۾ آندو آهي. هي بلاشبه هن ڪتاب جي تمام وڏي خوبي آهي. خلفاء جي درج ڪيل انهن اسماءِ گرامي سان هڪ ته انهن برگزيده هستين جو ذڪر محفوظ ٿي ويو ۽ ٻيو ته حضرت پير فضل علي قريشي قدس سره جن جي ذاتِ گراميءَ تي جيڪي محقق، بطور سبجيڪٽ اسٽڊي ڪري رهيا آهن تن لاءِ به هي معلومات بيحد ڪارآمد رهندي. اڃان به فقير اگر هي راءِ ڏئي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته خلفاء جو حضرت  سائين جن طرفان دريافت ٿيل وڏو انگ پير سائين جن تي ٿيندڙ تحقيق جي حوالي سان نوان رُخ ۽ زاويا عطا ڪندو.
غرض ته هي ڪتاب روحاني توڙي علمي ٻنهي حوالن سان نهايت اعليٰ مقام جو آهي. 520 صفحن تي مشتمل هي ضخيم ملفوظات انشاء الله تمام غفاري ۽ فضلي خانقاهن سان منسلڪ فقيرن لاءِ خاص طور تي ۽ تمام سالڪين لاءِ عام طور تي بيحد نفع بخش رهندي.
ڪتاب جي اشاعت جو غرض رضاءِ الاهي:
ڪجهه ڏينهن پهرين هڪ محفل ۾ هن ڪتاب جو ذڪر نڪتو هيو. حضرت سائين جن اُن مجلس ۾ جيڪي الفاظ ادا فرمايا اُهي هن فقير بعد ۾ قلمبند ڪيا هئا. جيئن ته اُن جو تعلق هن مضمون سان پڻ آهي. تنهن ڪري اوهان قارئين جي خدمت ۾ مجلس پيش ڪجي ٿي.
(تاريخ 30 جولائي 2012، بمطابق 10 رمضان 1433هه، بعد نمازِ ظهر، بمقام دربارِ عاليه فضل آباد شريف ماتلي)
پاڻ فرمايائون: ”حضور پير مٺا سائين قدس سره جن کي پنهنجي مرشد حضرت پير فضل علي قريشي قدس سره سان والهانه محبت هوندي هئي. اسان جا بابا سائين (نور الله مرقده) فرمائيندا هئا ته پير سائين جن جڏهن پير فضل علي قريشي جو ذڪر مجالس دوران ڪندا هئا ته اهڙي انداز ۾ ڪندا هئا، جيئن ڪو عاشق پنهنجي معشوق ۽ محبوب جو ذڪر ڪندو آهي. ساڻن ايڏي محبت ڪندا هئا! ڪلاڪن جا ڪلاڪ پنهنجي مرشد ڪريم جون حڪايات و فرمودات بيان ڪندا رهندا هئا. (عجيب ڳالهه آهي) جن به پراڻن فقيرن پير فضل علي قريشي ۽ پير مٺا سائين قدس الله اسرارهم جي زيارت ڪئي هئي تن جو چوڻ آهي ته ظاهري حسن و جمال ۽گفتار و رفتار ۾ پير مٺا سائين جن پير فضل علي قريشي کان وڌيڪ پُرڪشش ۽ جاذبِ نظر شخصيت جا صاحب لڳندا هئا. پير فضل علي قريشي نهايت سادي وضع جا مالڪ هئا.
پر پير مٺا سائين قدس سره عمده لباس زيبِ تن فرمائيندا هئا. بيحد حسين دستار ڪُلاه تي ٻڌندا هئا. سندن جسم مبارڪ به ڀريل هوندو هو. چهرو مبارڪ ڪشادو ۽ بيحد نوراني هوندو هو. بابا سائين فرمائيندا هئا ته توڙي جو پير سائين جن اَسِي نَوي سالن جي طويل ڄمار جا هوندا هئا. سندن سونهاري ايتري قدر جو ابرو مبارڪ جو هڪ وار به سِياهه نه هو. سڀ جا سڀ وار مبارڪ سُفيد هوندا هئا. پر پوءِ به اگر پير سائين جن سونهاري مبارڪ اڳيان پنهنجو دست مبارڪ ڏين ته سامهون زيارت ڪرڻ وارو ائين محسوس ڪندو گويا ڪو ٽيهن چاليهن سالن جو خوبصورت نوجوان سامهون ويٺو آهي. پاڻ ايڏا حسين و جميل هوندا هئا. پُرڪشش شخصيت جا صاحب هئا. پر (پاڻ ان حسن و جمال باوجود به پنهنجي مرشد جي شخصيت کان بي انتها متاثر هئا.) (اهو ئي سبب آهي جو) پاڻ وڏي محنت، محبت ۽ عقيدت سان پنهنجي شيخ جي مجالس کي ويهي قلمبند ڪيو اٿن. سندن هن ملفوظات کي لڳ ڀڳ مُني صدي گذري چڪي آهي. پر ڪنهن به اڃان تائين هن ملفوظات کي مڪمل شايع نه ڪرايو آهي. الحمد لله هي سعادت اسان کي نصيب ٿي آهي. حضرت پير مٺا سائين قدس سره جن اسان کان ڏاڍا خوش آهن. پير فضل علي قريشي قدس سره جن جو روح مبارڪ به اسان کان راضي ۽ خوش ٿيندو. (آهي).
بزرگن لکيو آهي ته: ”جنهن ڪنهن عالم يا بزرگ جا حالات، واقعات يا ارشادات لکيا اُن گويا اُن بزرگ کي نئين زندگي ڏني.“ اسان پير مٺا سائين جن جي سوانح لکي. سائين جن جي وصال کي هن وقت اڌ صدي گذري چڪي آهي. پر ڪتاب جي پڙهڻ دوران قارئين ائين محسوس ڪيو ڄڻ پير سائين جن هن وقت هنن جي اڳيان موجود آهن.
سندن سيرت و صورت، گفتار و رفتار، خوش خلقي، انداز تعليم و تربيت، سندن مجلسي زندگي، سندن مواعظ و نصائح، الغرض سائين جن جي زندگيءَ جي هر هڪ گوشي جي جهلڪ قارئين ڪتاب منجهان مشاهدو ڪري ورتي. ساڳئي طرح پير فضل علي قريشي (نور الله مرقده) جي هن ملفوظات جي پڙهڻ دوران به پڙهندڙ محسوس ڪري ٿو گويا پير سائين جن جي مجلس ۾ موجود آهيان.

اسان وڏي جفاڪشي ڪري، لکين روپيا پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري بزرگانِ دين جون سوانح ۽ سندن تحريرشده ملفوظات شايع ڪرايون ٿا. اسان جو مقصد ان کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي ته اسان جي هن عمل ذريعي شال الله تعاليٰ جي ذات راضي ٿئي. شال اسان جي مشائخ جا ارواحِ مقدسه اسان کان خوش ٿين  ۽ مخلوق کي فائدو ٿئي.

0 comments: