Thursday 12 September 2013

حضرت خواجه نور محمد بدايوني، حضرت شاهه غلام علي دهلويءَ جي زباني


حضرت خواجه نور محمد بدايوني،
 حضرت شاهه غلام علي دهلويءَ جي زباني.
مختصر سوانحِ حيات

از قلم: حضرت شاهه غلام علي دهلوي نقشبندي مجددي قدس سره
سنڌيڪار: فقير جاويد ڪرمي


مقاماتِ مظهري مان ماخوذ مضمون

(حضرت سيد نور محمد بدايوني قدس سره (م 1135 هه/1723ع) اسان جي سلسله عاليه نقشبنديه مجدديه ڪرميه جا بلند پايه بزرگ هئا. اسان جي مرشد مربي حضرت قبله پير محبوب دلبر سائين نقشبندي قادري دام برکاته جو نقشبندي مجددي سلسلو يارهن واسطن سان هن بزرگ سان ملي ٿو.
پاڻ امام رباني مجدد منور الف ثاني قدس سره جي پوٽي خواجه سيف الدين سرهندي قدس سره ۽ سندن خليفه اجل، شيخ عبدالحق محدث دهلوي قدس سره جي ڏوهٽي حضرت حافظ محمد محسن دهلوي مجددي کان مستفيض هئا. مرزا مظهر جان جانان شهيد قدس سره جهڙو عظيم المرتبت بزرگ به سندن حلقه ارادت ۾ شامل هو ۽ کانئن اجازتِ يافته هيو. ذوالقعد جو مهينو حضرت سيد نور محمد بدايوني نور الله مرقده جي عرس مبارڪ جو مهينو آهي. ان سلسلي ۾ اسان پنهنجي هن شماري ۾ سندن سوانح تي مشتمل هي مضمون جو ترجمو پيش ڪري رهيا آهيون. هي مضمون ٻارهين صدي هجريءَ جي مجدد اسان جي نقشبندي مجددي سلسلي جي سرواڻ حضرت شاهه غلام علي دهلوي مجددي قدس سره جي متبرڪ قلم مان تحرير شده آهي ۽ مقاماتِ مظهري ۾ شايع ٿيل آهي. اسان مقاماتِ مظهري جي اُردو ترجمي مان هي مضمون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري قارئين جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيا آهيون. حضرت شاهه غلام علي دهلوي پنهنجي مرشد مرزا مظهر جان جانان شهيد جي مرشد خواجه نور محمد بدايوني نقشبندي مجددي قدس سره جي متعلق رقم طراز آهن:)
پاڻ ظاهري ۽ باطني علمن جا عالِم، ڪامل فقيهه ۽ مڪمل عارف هئا. پاڻ طريقه احمديه (مجدديه) جي سلوڪ جا سمورا مقام حضرت شيخ سيف الدين مجددي سرهندي قدس سره العزيز ۽ حضرت حافظ محمد محسن قدس سره وٽ طيءِ ڪيا. حضرت شيخ سيف الدين سرهندي، امام رباني مجدد منور الف ثاني قدس سره السامي جي صاحبزادي
۽ سجاده نشين خواجه محمد معصوم سرهندي قدس سره جا فرزندِ ارجمند هئا. جڏهن ته حضرت حافظ محمد محسن قدس سره شيخ عبدالحق محدث دهلوي رحمته الله عليه جي اولاد منجهان هئا. حضرت خواجه نور محمد بدايوني صاحب ورهين تائين (انهن بزرگن جي) صحبت اختيار ڪئي، فيض جو بحر پنهنجي اندر ۾ اوتيائون، ۽ تمام اعليٰ ۽ ارفع مقامن ۽ درجن سان مشرف ٿيا.
استغراق: مٿن استغراق جي ڪيفيت ايڏي تي قوي هوندي هئي جو پندرهن سالن تائين کين اِفاقو نه ٿيو. رڳو نماز جي وقت تي ”حقيقت حال“ ميسر ايندي هين، نماز کانپوءِ وري مٿن استغراق جي ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي. نيٺ سندن حال ڪجهه بدليو ۽ استغراق جي ڪيفيت مان ٻاهر آيا.
اتباعِِ سنت: ورع، تقويٰ ۽ رسول الله ﷺ جي سنت جِي پيرويءَ ۾ نرالو مقام رکندا هئا. پاڻ ڪريمن ﷺ جي ادب ۽ پاڻ ڪريمن ﷺ جي مبارڪ عادتن کي اپنائڻ ۾ ڏاڍا حريص هوندا هئا. محبوبن ڪريمن ﷺ جي ڀلاري زندگي تي لکيل ڪتاب پاڻ سان گڏ رکندا هئا، انهن جو مطالعو ڪندا رهندا هئا ۽ هر وقت انهن ڪتابن مطابق عمل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف رهندا هئا.
 هڪ ڀيري بيت الخلا ۾ داخل ٿيڻ وقت سنت جي برخلاف ساڄو پير پهرين رکيائون ته ٽن ڏينهن تائين باطني احوال ۾ قبض جي ڪيفيت محسوس ڪندا رهيا. نيٺ وڏي آزي، نيازي، التجا ۽ انڪساريءَ بعد سندن اها ڪيفيت بدلي، بسط جي ڪيفيت ٿي.
تقويٰ ۽ رياضت: کاڌي ۾ تمام گهڻو احتياط فرمائيندا هئا. پنهنجي هٿن مبارڪن سان لاڳايتو ٻَٽَن ڏينهن جي ماني پچائي پاڻ وٽ رکي ڇڏيندا هئا. جڏهن بک شديد لڳندي هين، تڏهن ڪجهه ماني کائي وري مراقبي ۾ مشغول ٿي ويندا هئا. وڏو عرصو مراقبي جي ڪيفيت ۾ ويهڻ سان سندن پٺي مبارڪ عمر رسيده ماڻهن جيان ٿورو جهڪي پئي هئي. پاڻ فرمائيندا هئا ٽيهن سالن کان منهنجي طبيعت مان کاڌي جي ڪيفيت جو احساس ئي موڪلائي ويو آهي. (مطلب ته ٽيهن سالن کان ذائقيدار طعامن کائڻ جي تانگهه ۽ طلب ئي نه ٿي ٿئيم.) جڏهن به حاجت ٿئيم ٿي ته جيڪو ملي ويندو آهي، کائيندو آهيان. پاڻ هڪ وقت ۾ ٻن ٻن طعامن کي بدعت قرار ڏيندا هئا.
پاڻ وڏيرن، سرمائيدارن، شاهوڪارن جي ماني ڪڏهن به نه کائيندا هئا. ڇاڪاڻ ته انهن جي ماني اڪثر ڪري مشڪوڪ هوندي هئي. هڪ ڀيري ڪنهن دنيادار جي گهر مان ماني آئي. فرمايائون هن ۾ ظلمت (ڪاراڻ يا اونداهي) محسوس ٿئيم ٿي. پنهنجي جليل القدر خليفي حضرت مرزا مظهر جان جانان شهيد قدس سره العزيز کي فرمايائون ته توهان به هن ماني تي توجه ڪيو (ته واقعي ائين آهي يا نه). حضرت مرزا صاحب رحمته الله عليه توجه ڪرڻ بعد عرض ڪيو ته قبله طعام ته حلال پئسن جي ڪمائيءَ مان ٺاهيل معلوم ٿئي ٿو،
البت هن مان رياڪاري جي بدبوءِ اچي رهي آهي. جڏهن پاڻ ڪنهن دنيادار وٽان مجبوريءَ جي حالت ۾ ڪو ڪتاب وٺندا هئا ته ٽن ڏينهن تائين ڪتاب جو مطالعو نه ڪندا هئا. فرمائيندا هئا ته شاهوڪارن، مالدارن ۽ دنيادارن جي صحبت جِي ڪاراڻ هن ڪتاب جي مٿان غلاف جيان چنبڙي پئي آهي. جڏهن سندن صحبت مبارڪ بعد اها ڪاراڻ ڪتاب تان دفع ٿيندي هئي ته پوءِ پاڻ ڪتاب پڙهندا هئا.
ڪشف و ڪرامت: حضرت مرزا مظهر جان جانان شهيد قدس سره العزيز کي ساڻن ڏاڍي محبت هوندي هئي. سندن اسمِ گرامي کڻڻ سان ئي سندن مبارڪ اکڙيون لڙڪن سان ڀرجي اينديون هيون ۽ پاڻ فرمائيندا هئا افسوس جو توهان دوستن منهنجي پيرَ جي زيارت نه ڪئي هئي. سندن زيارت سبب الله جي ڪامل قدرت سان زائرين جو ايمان تازو ٿي ويندو هو. الله تعاليٰ دنيا تي پنهنجي هنن ڪمال جي صاحب ٻانهن کي قادر بڻائي ڇڏيندو آهي.
پاڻ (حضرت مرزا مظهر جان جانان شهيد قدس سره العزيز ) فرمائيندا هئا ته سندن (خواجه نور محمد بدايوني قدس سره جا) مڪاشفا بلڪل صحيح ۽ واقعن جي عين مطابق ٿيندا هئا. پر ائين به چئي سگهجي ٿو ته اسان ظاهري اکين سان ايترو ڏسي نه سگهندا هياسين جيترو   پاڻ دل جي اکين سان ڏسي سگهندا هئا. سندن تصرف قوي هوندو هو. پنهنجي مخلصن، خدمتگارن ۽ عقيدتمندن جي حاجت پوري ڪرڻ جي لاءِ ڏاڍو همٿ کان ڪم وٺندا هئا. ائين ڪو ورلي ٿيو هوندو جو سندن دعا ۽ توجه سان ڪنهن جي مَنَ جي مُراد پوري نه ٿي هجي. هڪ ڀيري ڪنهن عورت سندن خدمت ۾ عرض ڪيو ته منهنجي ڌيءُ کي جِنَ کڻي ويا آهن.
 ان جي لاءِ مون ڏاڍا ڌاڳا ڦيڻا ڪيا آهن پر اڃان تائين ڪو اَتو پَتو ناهي. مهرباني ڪري توهان توجه فرمايو. خواجه بدايوني رحمته الله عليه گردن مبارڪ جهڪائي مراقبي ۾ هليا ويا. چند لمحن بعد گردن مٿي ڪري فرمايائون (تون فڪر نه ڪر ۽ وڃي گهر ويهه) تنهنجي ڇوڪري فلاڻي وقت تي گهر اچي ويندي. چنانچه سندن توجه سبب ائين ئي ٿيو. جڏهن ڇوڪريءَ کان ماجرا معلوم ڪئي وئي ته نينگري چيو ته مان رِڻَ پَٽَ ۾ رُلي رهي هيس جو اوچتو هڪ بزرگ ظاهر ٿيو. منهنجي ٻانهن ۾ هٿ وڌائين ۽ (گهڙيءَ پلڪَ ۾) هتي اچي پُڄايائين. ڪنهن ماڻهو سندن خدمت ۾ عرض ڪيو ته قبله توهان ان ماڻهوءَ جو عرض ٻڌڻ شرط کيس ڇو نه ٿي فرمايو ته ڇوڪري فلاڻي وقت اچي ويندي؟ توهان پهرين خاموش رهيا، پوءِ مراقبي ۾ ويا، ان جو ڇا سبب آهي؟ پاڻ فرمايائون الله تعاليٰ جل شانه جي حضور ۾ التجا پيش ڪئي هيم ته جيڪڏهن منهنجي دعا ۽ توجه اثرائتي ٿئي ته مان همٿ ڪريان. جڏهن مون کي الهام ڪيو ويو ته تنهنجي همٿ اثرائتي رهندي ته پوءِ مون ان همراهه کي چيو ته تنهنجي ڇوڪري گهر پهچي ويندي. سندن هر عمل الله جي رضا مطابق هوندو هيو. سبحان الله!
هڪ ڀيري ٻه رافضي (شيعه) عورتون (پنهنجا عقيده ٻڌائڻ بغير) سندن خدمت ۾ حاضر ٿي طريقه عاليه ۾ داخل ڪرڻ جو عرض ڪيو. سائين جن ڪشف ذريعي سندن عقيدا معلوم ڪري ورتا. فرمايائون پهرين بري عقيدي کان توبه تائب ٿيو، پوءِ اسان جي طريقي کي اختيار ڪيو. انهن منجهان هڪ عورت سندن ڪمال جو اقرار ڪندي طريقي ۾ داخل ٿي پر ٻي کي اها توفيق نصيب نه ٿي.
سندن ڪنهن مخلص (مريد) کي نفساني خواهش جو غلبو ٿيو، اڃان غيرمحرم عورت ڏانهن ويجهو ٿي رهيو هو ته اوچتو سائين جن جي صورت مبارڪ ٻنهي جي وچ ۾ اچي وئي. عورت جي مٿان دهشت طاري ٿي وئي ۽ دانهن ڪري وڃي ڪنهن ڪنڊَ ۾ لڪي ۽ اهو مخلص (مريد) ان عمل کان توبه تائب ٿيو. گهڻي عرصي تائين شرم وچان سائين جن جي صحبت ۾ نه آيو.
هڪ ڀيري ڀنگ جو واپاري پنهنجو دڪان سائين جن جي حويلي شريف جي ويجهو کڻي آيو.  پاڻ فرمايائون ڀنگ جي ظلمت (ڪاراڻ) منهنجي باطن جي نسبت کي ميرو ڪري ڇڏيو آهي. سائين جن جا ڪجهه مريد اُٿيا ۽ سڌو ان دڪان وٽ پهچي، نه ڪيائون هم نه تم ڀنگ فروش جي دڪان کي ڊاهي، پَٽُ ڪري موٽي آيا. جڏهن سائين جن کي ان جي خبر پئي ته پاڻ فرمايائون هاڻ ته باطن ويتر وڌيڪ ميرو ٿي ويو اٿم. ڇو ته منهنجي لاءِ ڀنگ فروش جو احتساب ڪرڻ خلافِ شريعت آهي. ٿيڻ ائين کپندو هو ته پهرين اسين کيس نرميءَ سان راغب ڪريون ها. جيڪڏهن پوءِ به ڳالهه نه مڃي ها ته آخر ۾ سختي ڪيون ها. نيٺ وڏي مشڪل سان ان ڀنگ فروش کي ڳولهي هٿ ڪري سندن خدمت ۾ حاضر ڪيو ويو. پاڻ پنهنجي مريدن جي پاران کانئس معافي ورتي. ۽ نرميءَ سان کيس فرمايو ته شريعت جي خلاف ڌنڌو اختيار ڪرڻ صحيح ناهي. اسان کي جائز ڌنڌو ڪاروبار ڪرڻ گهرجي. آخر ۾ کيس ڪجهه روڪ رقم ڏئي روانو ڪيائون. ان جو ڀنگ فروش مٿان ايڏو ته اثر پيو جو توبه تائب ٿي سندن حلقه ارادت ۾ شامل ٿي ويو.

 (مقاماتِ مظهري، اردو ترجمه، ص 227 230)

0 comments: