Sunday 22 September 2013

Naqshbandi Order in Subcontinent before the arrival of Khwaja Baqi Billah R.A.

خواجه باقي بالله (قدس سره) کان پهرين هندستان ۾ نقشبندي سلسلو

(تنقيدي جائزو)


فقير جاويد ڪرمي
حرفِ اول:
سڀ کان پهرين گذارش ته هي فقير پُرتقصير ڪو عالم فاضل، ڪو محقق مدقق ڪونهي. بس هڪ ننڍڙو طالبِ علم آهي، جنهن کي پنهنجي مرشد ۽ مربي، حضرت قبله محبوب دلبر سائين قادري نقشبندي (فداهُ اُمي و اَبي) جي صحبت پُر فيض و برڪت، حضرات نقشبند قدس الله اسرارهم متعلق ڪتابن پڙهڻ جي تحريص ۽ ترغيب ڏني آهي. سو الحمد لله گذريل ڪجهه عرصي کان الفت ۽ عقيدت سان هن سلسله عاليه تي ڪتاب، مضامين ۽ مقالا پڙهڻ جي سعادت نصيب ٿي رهي آهي. شال الله تعاليٰ عمل جي پڻ توفيق نصيب فرمائي.
فقير طريقه عاليه تي پڙهڻ جي شروعات موجوده دؤر جي نهايت واجب الاحترام، بلند مقام نقشبندي مشائخن جي قلم مان تحريرشده  حضرات نقشبند جي تذڪرن کان ڪئي. لڳ ڀڳ مڙني بزرگن جي تحريرن مان معلوم ٿيو ته سرزمينِ هند کي نقشبندي فيوضات سان آشنا ڪندڙ بزرگ هستي خواجه باقي بالله قدس سره العزيز رهيا آهن. مطلب ته کانئن اڳ هندستان ۾ نقشبندي بزرگ ڪو نه هئا. پاڻ برصغير پاڪ و هند ۾ پهريان نقشبندي بزرگ آهن.
ڪم و بيش ساڳي ڳالهه انهن ناميارن محققن جي تحقيقي مقالن (جنهن ۾ بعض ته پي ايڇ ڊي ٿيسز پڻ آهن) ۾ پڻ پڙهيم، جن نقشبندي سلسلي تي محض عقيدت سببان قلم نه کنيو آهي بلڪ غيرجانبدار ٿي، تحقيق جا جديد اصول سامهون رکندي ڪافي جاکوڙ ۽ جدوجهد بعد لکيو آهي. هنن مڃيل محققن جي پڻ اها ئي راءِ آهي ته هندستان ۾ نقشبندي سلسلي جو باني خواجه باقي بالله قدس سره آهن. ظاهر آهي ته هڪ عام قاريءَ جي حيثيت ۾ فقير پڻ مذڪوره راءِ کان متاثر ٿي اهو مؤقف اختيار ڪيو.
پر جڏهن ڪجهه عرصو بعد حضرت قبله محبوب مرشد دلبر سائين جن جي ڪتب خاني مان نقشبندي مجددي سلسلي بابت هندستان ۾ تحرير شده قديم ترين ڪتاب ”حضرات القدس“ از قلم خواجه بدرالدين سرهندي (خليفه اجل حضرت مجدد الف ثاني قدس سره السامي) هٿ آيم ۽ ان جي ورق گرداني ڪرڻ شروع ڪيم ته مٿين راءِ جي صحت بابت شڪ و شبها جاڳڻ شروع ٿيا.
سُتت پوءِ تاريخ جا ٻه آڳاٽا ۽ نهايت معتبر ۽ مستند ڪتاب تاريخِ رشيدي، از قلم مرزا محمد حيدر  (سنِ تاليف 1547ع) ۽ واقعاتِ ڪشمير المعروف تاريخِ اعظمي (سنِ تاليف 1159هه بمطابق 1746ع) ۽ هڪ عهدِ جهانگير ۾ تحرير شده صوفياءِ ڪرام جي تذڪري تي مشتمل ڪتاب ”گُلزارِ ابرار“ نظر مان گذريا. پوءِ ته ويتر شڪوڪ و شبهات ۾ اضافو ٿيو ۽ مذڪوره راءِ غيرمطمئن ڪندڙ محسوس ٿيڻ لڳي.   
بالآخر جڏهن نقشبندي مجددي سلسلي بابت هڪ ٻيو آڳاٽو ڪتاب ”نسمات القدس“ (سنِ تاليف 1039هه) نظر مان گذريو ته فقير جي پهرين راءِ بنهه تبديل ٿي. ڪجهه مزيد اَڀري سَڀري جستجو ۽ جاکوڙ بعد فقير کي تسلي ٿي ته خواجه باقي بالله کان پهرين به هندستان ۾ نقشبندي بزرگ هئا. هاڻي فقير کي اطمينان ۽ اعتماد حاصل ٿيو ته هي غلط فهمي آهي ته خواجه باقي بالله قدس سره العزيز کان پهرين نقشبندي سلسلو هندستان ۾ نه هيو. درحقيقت حضرات القدس، نسمات القدس، گلزارِ ابرار، تاريخِ رشيدي، تاريخِ اعظمي ۾ موجود روايات مٿين ڳالهه جي نفي ڪن ٿيون.
مٿين ڳالهه جي پوري تصديق بعد هاڻي ذهن ۾ سوال پيدا ٿيو ته ان تي ٻه اکر لکي غلط فهمي کي دُور ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي يا نه؟ اها ڪوشش ڪٿي بزرگن جي شان ۾ بي ادبي ته شمار ڪونه ٿيندي؟ ڪيتري ئي عرصي تائين فقير جي ذهن ۾ سيدي و مرشدي حضرت قبله محبوب دلبر سائين جن جا الفاظِ مبارڪه ڦرندا رهيا ته ”سڀني مشائخن جو ادب اهڙو ڪريو جهڙو پنهنجي مرشد جو ڪندا آهيو.“ بس ان سوچ سبب ڪافي عرصي کان فقير کي جرئت نه پئي ٿي ته ان موضوع تي قلم کڻي ڪجهه عرض گذارجي. پر ريڪارڊ جي درستگيءَ جو خيال پڻ بار بار ستائڻ لڳو. نيز خواجه باقي بالله قدس سره کان پهرين هندستان ۾ آيل نقشبندي بزرگن (جن ۾ قطب الاقطاب خواجه عبيدالله احرار قدس سره جهڙي عالي مقام و عالي مرتبت هستيءَ جي خانوادي سان واسطيدار شهزادا پڻ شامل آهن) جي طريقه عاليه لاءِ ڪيل خدمتن جي قدرداني پڻ ضروري معلوم ٿيم. نيٺ انهن بنيادي مقصدن هيٺ هي مضمون لکڻ ويٺس. دراصل فقير جو مقصد ڪنهن جي دل آزاري نه آهي. حتي الامڪان مذڪوره غلط فهميءَ کي دور ڪرڻ لاءِ احوال عرض رکڻ آهي. پر جي وري به خدا نه خواسته ادب جو دامن هٿان ڇڏائجي وڃي ته اوهان معزز و محترم قارئين کان اڳواٽ ادب جا هٿ ٻڌي معافي طلب ڪريان ٿو.
ان کان اڳ جو ان موضوع تي پنهنجا ويچار ونڊيان، ضروري ٿو معلوم ٿئي ته پهرين انهن ڪتابن مان اقتباس پيش ڪجن، جن ۾ اهو ذڪر ٿيل آهي ته خواجه باقي بالله قدس سره کان پهرين هندستان  نقشبندي سلسلي کان آشنا نه هيو.
1.  اُردو تصنيف “تاريخِ مشائخِ نقشبنديه للٰيه” (نقشبندي للٰهي سلسلي جي مشائخن جي تاريخ) جا مصنف جڏهن نقشبندي سلسلي جي بزرگن تي لکندي لکندي خواجه باقي بالله قدس سره تائين پهچن ٿا ته ”نقشبندي سلسلي جو هندي دور (سلسلہ نقشبندیہ کا ہندی دور)“ ذيلي عنوان قائم ڪن ٿا ۽ لکن ٿا:
“اب تک جن نقشبندی مشائخ کا ذکر ہوہ، ان میں سے بیشتر وسط ایشیا و خراسان سے تعلق رکھتے تھے۔ یہی علاقہ اس سلسلے کا مرکز تھا۔ تاہم حضرت خواجہ احرار ؒ کے خلفا کے توسل سے سلسلہ کی ایک شاخ اناطولیہ، ترکی اور علاقہ کوہ قاف میں پھیلی اور دوسری شاخ نے حضرت خواجہ باقی باللہ کے ذریعے برِ صغیر پاک و ہند میں فروغ پایا۔”[1]   
”هيل تائين جن به نقشبندي بزرگن جو ذڪر ٿيو، تن منجهان اڪثر وچ ايشيا ۽ خراسان سان تعلق رکندا هيا. اهو ئي علائقو ان سلسلي جو مرڪز هو. پوءِ به حضرت خواجه احرار قدس سره العزيز جي خليفن ذريعي سلسلي جي هڪ شاخ اناطوليه، ترڪي ۽ ڪوه قاف جي علائقي تائين ڦهلجي وئي ۽ ٻي شاخ حضرت خواجه باقي بالله قدس سره جي ذريعي ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند ۾ ڦهلي.“   
2. صاحبِ تصنيف عمدة السلوڪ، خواجه باقي بالله قدس سره متعلق لکن ٿا:
“آپ کا اصل وطن سمرقند تھا اور ولادت آپکی کابل میں ہوئی۔ ہندوستان کی سرزمین طریقہ نقشبندیہ سے نا آشنا اور اس طریقہ مبارکہ کی برکات سے محروم تھی۔ آپ اس طریقہ کے پہلے بزرگ ہیں جو ہندوستان تشریف لائے۔”[2]
”سندن اصل وطن سمرقند هيو ۽ سندن ولادت ڪابل ۾ ٿي. هندوستان جي سرزمين نقشبندي طريقي کان واقف ڪانه هئي ۽ هن طريقي جي برڪتن کان محروم هئي. پاڻ هن عالي طريقي جا پهريان بزرگ هئا جيڪي هندوستان ۾ تشريف فرما ٿيا.“
3. ڪم و بيش اهڙي راءِ هڪ ٻئي عظيم المقام بزرگ پڻ لکي آهي. پاڻ فرمائين ٿا:
"آپ ہی پہلے وہ بزرگ ہیں جنہوں نے سرزمینِ ہند کے لوگوں کو طریقہ عالیہ نقشبندیہ سے آشنا کیا۔ "[3]
”پاڻ ئي اهي پهريان بزرگ آهن، جَن هندوستان جي سرزمين کي نقشبندي سلسلي سان واقف ڪرايو.“
4. ساڳي راءِ جو اظهار روحانيت کا گلزارِ ڪهڪشان جو مصنف پڻ ڏئي ٿو. سندن خيال آهي ته:
"حضرت خواجہ مؤد الدین محمد باقی باللہ قدس سرہ بر صغیر پاک و ہند میں سلسلہ عالیہ نقشبندیہ کے بانی ہیں۔"[4]
”حضرت خواجه مؤدالدين محمد باقي بالله قدس سره ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند ۾ نقشبندي سلسلي جا باني آهن.“
5.هُوبهُو ساڳي راءِ نقشبندي مجددي سلسلي جي خدمات تي پي ايڇ ڊِي ڪندڙ ڊاڪٽر مهربان حسين صاحب پنهنجي مقالي ۾ درج ڪئي آهي. پاڻ لکن ٿا:
"حضرت خواجہ مؤد الدین محمد باقی باللہ قدس سرہ بر صغیر پاک و ہند میں سلسلہ عالیہ نقشبندیہ کے بانی ہیں۔"[5]
نهايت مان وارا سائين ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو صاحب جن پڻ لکن ٿا:
”ڏهين يا سورهين صدي عيسويءَ ۾ جڏهن بابر هندستان فتح ڪيو ته مغلن سان گڏ نقشبندي طريقي جي آمد جو سلسلو پڻ شروع ٿي ويو.......
پهريون نقشبندي بزرگ جيڪو وچ ايشيا کان اڪبر جي زماني ۾ دهليءَ آيو، باقي بالله (وفات 1012هه/1603ع) هو. اهو زمانو هو جڏهن اڪبر جي مذهبي مداخلت واري پاليسي مذهبي حلقن ۾ سخت اضطراب پيدا ڪري ڇڏيو هو.“[6]
6. نقشبندي سلسلي تي تحقيق جي حوالي سان معروف اداري اداره مسعوديه ڪراچيءَ جي ويب سائيٽ تي موجود مضمون ”خواجه باقي بالله“ ۾ مضمون نگار محترم پروفيسر خالد بشير لکن ٿا:
Khwaja Baqi Billah was the originator and pioneer of the Naqshbandia Order in the subcontinent.
خواجه باقي بالله ننڍي کنڊ ۾ نقشبندي سلسلي جو آغاز ڪندڙ ۽ ان جو بنياد وجهندڙ هيو.“
تَتُ:
مٿي پيش ڪيل سِٽن مان صاف ظاهر آهي ته مانَ وارن ليکڪن جو رايو اهو ئي آهي ته:
(1)    خواجه باقي بالله قدس سره کان پهرين هندستان ۾ نقشبندي بزرگ ڪونه هئا.
(2)    ۽ نه ئي نقشبندي سلسلي جي ڪا شاخ.
(3)     خواجه باقي بالله قدس سره هندستان ۾ نقشبندي سلسلي جا پهريان بزرگ هئا.
(4)     فقط سندن ذاتِ گراميءَ کان ئي هندستان ۾ نقشبندي فيض جي اجرا ٿي. نقشبندي سلسلي جون ٻيون شاخون گويا نه هيون.
هن فقير جي اَڀري سَڀري تحقيق جو نِچُوڙ: 
فقير دست بسته مذڪوره بلند مقام شخصيات سان اختلاف عرض رکي ٿو. فقير جي محدود معلومات مطابق:
1.       خواجه باقي بالله قدس سره کان ڪم و بيش ٻه سؤ سال اڳ ڪشمير ۾ نقشبندي بزرگن جي موجودگيءَ جا اهڃاڻ ملن ٿا.
2.       هندستان ۾ رڳو احراري نقشبندي بزرگ (جن منجهان خواجه باقي بالله قدس سره پڻ هڪ آهن) تشريف فرما نه ٿيا هئا، بلڪ کانئن گهڻو اڳ، مغلن جي حڪومت جي قيام کان به اڳ، غير احراري نقشبندي سلسلن جي بزرگن جي آمد ٿي چڪي هئي. جنهن ۾ مولانا سعد الدين ڪاشغري رحمة الله عليه ۽ مولانا عبدالرحمان جامي رحمة الله عليه کان جاري ٿيندڙ نقشبندي شاخن جا بزرگ پڻ شامل آهن.
3.       قطب الاقطاب خواجه عبيدالله احرار رحمة الله عليه جي خانوادي جا شهزادگان هندستان ۾ مغلن جي حڪومت جي قيام سان جلوه نما ٿيڻ شروع ٿي چڪا هئا. پهريون شهزادو بابرمرزا سان ان وقت به شريڪِ سفر هيو، جنهن وقت بابر هندستان ۾ داخل ٿي رهيو هيو. همايون جي عهد ۾ احراري خانوادي جي هندستان ۾ آمد جاري رهي. اڪبر اڃان جڏهن دينِ الاهيءَ جو فتنو کڙو نه ڪيو هو، تڏهن به احراري صاحبزادگان جي هندستان ۾ آمد جاري هئي. هنن شهزادگان مان بعض ته سڌو سنئون خواجه عبيدالله احرار قدس سره العزيز جي صحبت مان مستفيض ٿيا هئا. خواجه احرار رحمة الله عليه سندن متعلق بشارتون پڻ ڏنيون هيون. هندستان ۾ سلسله عاليه کي پڻ بعض صاحبزادگان هلايو. مرجِ خلائق رهيا.
4.       احراري بزرگن ۾ نه رڳو ان شاخ جا بزرگ هندستان تشريف فرما ٿيا، جنهن سان خواجه باقي بالله قدس سره جو تعلق هيو، بلڪ ٻيون احراري شاخون جهڙوڪ: مولانا قاضي رحمة الله عليه (خليفه اجل خواجه احرار رحمة الله عليه)  واري نقشبندي شاخ جا بزرگ پڻ هندستان جي سرزمين کي پنهنجي مبارڪ قدمن سان زينت بخشيندا رهيا.
5.       سرزمينِ هند تي مولانا خواجگي امڪنگي قدس سره جي منتسبين منجهان فقط خواجه باقي بالله قدس سره هندستان تشريف فرما نه ٿيا هئا، بلڪ مولانا خواجگي امڪنگي جي ٻين مريدن ۽ خليفن جي هندستان آمد جا پڻ آثار ملن ٿا.
6.       خود خواجه باقي بالله قدس سره جڏهن تلاشِ شيخ ۾ مصروف هئا ته انهن ايام ۾ ڪشمير ۾ هڪ نقشبندي بزرگ سان سندن ملاقات ٿي هئي، جن جي صحبت ۾ رهيا هئا. کانئن تمام گهڻو متاثر ٿيا هئا. مطلب ته سندن هندستان آمد جي ايام ۾ به ڪشمير ۾ نقشبندي مراڪز جي موجودگي جو پتو پوي ٿو.
7.       اسان جي سنڌ ۾ به آڳاٽن غير مجددي نقشبندي بزرگن جي آمد جا اهڃاڻ ملن ٿا.
ان اجمال جو تفصيل نهايت معتبر ۽ مستند ڪتابن جي حوالن سميت پيشِ خدمت آهي:
(1)  خواجه باقي بالله کان ڪم و بيش ٻه سؤ سال اڳ ڪشمير ۾ نقشبندي سلسلي جي موجودگيءَ جا اهڃاڻ:
·        حضرت خواجه سيد هلال رحمة الله عليه:
ڪشمير جي تاريخ متعلق قديمي ۽ مستند ماخَذن مان تاريخِ اعظمي معروف به ”واقعاتِ ڪشمير“ (تحرير شده 1159 هه بمطابق 1746ع) پڻ آهي. هن ڪتاب ۾ خواجه باقي بالله قدس سره کان ٻه سؤ سال اڳ هڪ نقشبندي بزرگ سيد هلال رحمة الله عليه (وفات 1457ع) جي ڪشمير ۾ آمد جو اطلاع ملي ٿو. صاحبِ واقعاتِ ڪشمير سندن متعلق لکي ٿو:
”پاڻ ڪمال جي آسمان جا چنڊ آهن ۽ حال جي عظمت جا صاحب آهن. ساداتن جي فترت (وقفي) واري دؤر ۾ پاڻ ڪشمير کي پنهنجي تشريف آوريءَ سان زينت بخشيائون ۽ ماڻهن کي ظاهري ۽ باطني فيضَ سان نوازيائون. سندن باطني نسبت بابت اختلاف آهي. ڪجهه ماڻهن جي خيال ۾ سندن تعلق ڪبروي سلسلي سان آهي. ۽ اڪثر ماڻهن جي راءِ آهي وڏي شان وارن حضرت خواجگان جي طريقي سان وابسته آهن. بلڪ هي چيو وڃي ٿو ته ڪنهن واسطي کانسواءِ مشڪلاتون دُور ڪندڙ حضرت خواجه بهاؤالدين نقشبند بخاري قدس سره کان ڪسبِ فيض ڪيو اٿن. جيئن ته عوام جي زبان تي خواجه هلال جي نالي سان مشهور آهن. تنهنڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته هي به سندن نقشبندي هجڻ جو چٽو دليل آهي. مون پنهنجي پير بزرگوار کان پڻ ٻڌو آهي ته جڏهن به مان سندن مبارڪ قبر ڏانهن توجه سان ويٺو آهيان ته نقشبندي نسبت غالب اچي ويندي آهي. ان ڪري اهو غالب امڪان آهي ته پاڻ ابتدا ۾ نقشبندي  هوندا. پر جڏهن ڪشمير ۾ سندن آمد ٿي ته حضرت سيد محمد همداني جي خليفن کان ڪبروي نسبت پڻ حاصل ڪيائون. بهر حال فيض جو مظهر هئا. سائر المواضع پرڳڻي ۾ موضع اشم وٽ سندن مزار آهي. حاجتمند سندن قبر مبارڪ جي زيارت جي برڪت بابت عجيب و غريب ڳالهيون ڪندا آهن.“[7]
دورِ حاضر ۾ به جڏهن حضرت سيد هلال رحمة الله عليه تي مزيد تحقيق ٿي ته سڀني مورخين هن بزرگ کي آڳاٽو نقشبندي بزرگ قرار ڏنو ۽ کيس ڪشمير ۾ طريقه عاليه نقشبنديه کي متعارف ڪرائيندڙ بزرگ هستي سڏيو آهي. هندستاني عالم محترم اين حنيف صاحب جن پنهنجي ڪتاب ”ڏکڻ ايشيا جي صوفين جي سوانحي انسائيڪلوپيڊيا“ (Biographical Encyclopedia of Sufis of South Asia) ۾ لکن ٿا:
“In Kashmir, Naqshbandi Order was introduced by Saiyid Hilal, who arrived there in the reign of Sultan Sikandar (1389 – 1413).[8]
”ڪشمير ۾ نقشبندي سلسلي جي شروعات سيد هلال رحمة الله عليه ڪئي، جيڪو سلطان سڪندر جي دؤر (1389 کان 1413ع) ڌاري پهتو.“
·        حضرت سيد محمد امين منطقي بيهقي:  سيد هلال رحمة الله عليه جي جليل القدر خلفاء منجهان آهن. ڪشمير جي تڏهوڪي بادشاهه سلطان زين العابدين جي ساڻن والهانه عقيدت هئي. بزرگ کي بمع اهل و عيال محل ۾ رهايو هيائين.[9]
نتيجو: مٿئين روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته خواجه باقي بالله قدس سره جي هندستان آمد (1595 کان 1599ع) کان تقريباَ ٻه سؤ سال اڳ ڪشمير جي سرزمين کي نقشبندي فيوضات سيراب ڪري رهيا هئا.
(2) هندستان ۾ مغلن جي حڪومت جي قيام کان به اڳ غير احراري نقشبندي سلسلن جي بزرگن جي آمد:
·        نقشبندي سلسلي جون ٽي مکيه شاخون:
خواجه بهاء الدين نقشبند بخاري قدس سره العزيز کان نقشبندي فيض سندن ٽن جليل القدر خليفن معرفت وچ ايشيا ۾ ٽن رُخن کان جاري ٿيو. هڪ ته خواجه محمد پارسا قدس سره ذريعي بلخ ۽ بخارا جي پاسي کان نقشبندي فيوضات جاري رهيا. ٻيو حضرت علاؤالدين عطار جي ذريعي. سندن منتسبين سندن فيض کي هرات پاسي ڦهلايو. مولانا سعد الدين ڪاشغري ۽ مولانا عبدالرحمان جامي به سندن نقشبندي شاخ سان تعلق رکندا هيا. خواجه بهاؤالدين نقشبند بخاري قدس سره جو فيض جنهن ٽئين بزرگ جي هٿان جاري رهيو، سو مولانا يعقوب چرخي رحمة الله عليه هيا. مولانا يعقوب چرخيءَ رحمة الله عليه جي خلفاء ۾ طريقه عاليه جو گهڻو اجراء سندن عالي مقام خليفه خواجه عبيدالله احرار رحمة الله عليه ذريعي ٿيو.[10]
اسان جا خواجه باقي بالله قدس سره ظاهري طور خواجه عبيدالله احراررحمة الله عليه کان جاري ٿيندڙ نقشبندي احراري شاخ سان تعلق رکن ٿا ۽ هن احراري شاخ منجهان ئي اڳيان مجددي شاخ نڪتي جنهن پوري عالَم کي نقشبندي فيوضات جي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. پر اسان جي ننڍي کنڊ ۾ نقشبندين جي محض احراري شاخ ڪانه پهتي آهي پر ٻين شاخن جا عالي مقام بزرگ پڻ جلوه گر ٿيا آهن. بالخصوص 1495ع کان 1515ع ڌاري قزلباش فتني جي اُڀار بعد هرات ۽ مختلف وچ ايشيائي علائقن مان نقشبندي مشائخن جو هندستان ۾ هجرت ڪري اچڻ جا ثبوت ملن ٿا.
·        قزلباشي فتنو:
شاهه اسماعيل بن حيدر الصفوي (1487 کان 1524ع) ايران ۾ صفوي خاندان جي حڪومت (1501 کان 1736ع) جو بنياد وجهندڙ هيو.[11] پاڻ ڪٽر شيعو هيو. سنه 900 هه بمطابق 1494ع کان بعض شيعه فڪر جي قبائل کي متحد ڪري بادشاهتون زير ڪرڻ جي مهم شروع ڪيائين. ڳاڙهي ٽوپي پائڻ سبب هن جي فوج کي قزِلباش (عثماني ترڪي: ڳاڙهن مٿن وارا) پڻ سڏيو ويو.[12] خواجه محمد هاشم ڪشمي پڻ نسمات القدس ۾ سندس فتني کي فتنه قزلباش سڏيو آهي. ڏسندي ئي ڏسندي ايران ۽ وچ ايشيا جي ڪافي بادشاهتن تي قابض ٿي ويو. سنه 1503ع ۾ همَدان، 1504ع ۾ شيراز ۽ ڪرمان، 1507ع ۾ نجف ۽ ڪربلا، 1508ع ۾ وئن، 1509ع ۾ بغداد ۽ 1510ع ۾ خراسان جا ٻيا علائقا پڻ فتح ڪيائين.[13] صاحبِ تصنيف نسمات القدس لکن ٿا ته سنه 916 هه بمطابق 1510ع ۾ ازبڪ حاڪم شيباني خان کي مَرو جي مقام تي شڪست ڏيڻ بعد هن فتني هرات جو رخ ڪيو. هرات ان وقت علم وفضل جو مرڪز هيو. سلطان حسين مرزا ۽ امير ڪبير علي شير جي ڪاوشن سان هن علائقي ۾ علماء ۽ مشائخ جو جمِ غفير رهندڙ هيو. (خود مولانا جامي رحمة الله عليه ٿورو عرصو پهرين 1492ع ۾ هن ئي شهر ۾ زندگيءَ جو وڏو وقت گذاري وفات ڪري ويا.) قزلباشين هن ملڪ ۾ وڏا ڪِيس ۽ ڪَلُور ڪيا. پهرين ته خطبي مان ٽن راشد خليفن جو نالو تلوار جي زور تي بند ڪرايائون. علي الاعلان خلفاءِ راشدين تي لعن طعن ڪرڻ شروع ڪيائون. جيڪي عالم سندن حڪم جي برخلاف خلفاءِ راشدين جا اسماءِ گرامي جمعه خطبن ۾ کڻندا هئا ته هي ظالم انهن جا سِر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيندا هئا. هنن بي رحم ۽ بي علمن عالمِ اسلام جي يگاني عالم مولانا سعدالدين تفتازانيرحمة الله عليه جي ڏوهٽي مولانا سيف الدين تفتازاني رحمة الله عليه کي پڻ شهيد ڪيو. مولانا سيف الدين تفتازاني پوري عالمِ اسلام ۾ معروف هيا، هزارها سندن شاگردَ هئا، جن منجهان سَوين ته خود به بلند پايه عالم بڻجي چڪا هئا. صاحبِ تصنيف هئا. سندن تصانيف وچ ايشيائي مدرسن ۾ وڏي عرصي تائين شاملِ نصاب رهيون.ايڏي بلند پايه عالم کي به هنن ظالمن بي درديءَ سان شهيد ڪيو. انهن سببن جي ڪري هرات ۽ ٻين علائقن مان نقشبندي بزرگ محفوظ مقامن تي هجرت ڪري وڃڻ لڳا. ان نقل مڪانيءَ ۾ بعض نقشبندي بزرگ هندستان پڻ آيا. هي سربستو احوال نسمات القدس پڻ ملي ٿو.[14]
بقول نسمات القدس جي قزلباشي فتنو سنه 900 هه بمطابق 1494ع کان آغاز ٿيو ۽ سنه 916 هه (بمطابق 1510ع) ۾ مرو ۾ شيباني خان جي شڪست بعد منجهس تيزي آئي ۽ هرات ڏانهن رُخ ڪيو هيائين. مٿين روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته قزلباشي نهايت تيزيءَ سان هڪٻئي پٺيان شهر فتح ڪندا ويا. ۽ سندن سلوڪ اهلِ سُنت والجماعت جي عالمن ۽ مشائخن سان، جيڪي وچ ايشيائي تيموري رياستن ۾اڪثريت ۾ هئا، سان نهايت ظالماڻو ۽ سفاڪاڻو رهيو. تنهنڪري 1494ع کان هي جيئن پنهنجي ان خوني مهم سان نڪتا هوندا، تيئن چو ڏَس خوف ۽ ڏهڪاءُ پڻ ڦهلبو ويو هوندو. ان خوف ۽ ڏهڪاءَ سبب به ڪافي عالم ۽ مشائخ بجاءِ قزلباشين جي رهزن فوج جي انتظار ڪرڻ جي محفوظ ملڪن ڏانهن هجرت ڪرڻ شروع ڪيو هوندو. بهر حال نسمات القدس جي روايت مطابق هراتي بادشاهه سلطان حسين مرزا علماء ۽ مشائخ سان محبت رکندو هيو. بهترين حاڪم پڻ هيو. سندس حڪومت هرات ۾ 1506ع تائين رهي.[15] ٿي سگهي ٿو ته سندس حڪومت تائين هرات ۾ مولانا عبدالرحمان جامي ۽ مولانا سعدالدين ڪاشغري رحمهم الله اجمعين کان جاري ٿيندڙ جدا جدا نقشبندي شاخن جي بزرگن جو وڏو انگ اڃان به هرات ۾ هجي. پر غالب امڪان آهي ته 1506ع کانپوءِ جيئن ئي سلطان وفات ڪئي ته هي بزرگ محفوظ بادشاهين ڏانهن نقل مڪاني ڪري چڪا هوندا. هنن قزلباشين جي ظلم و بربريت جو انتظار نه ڪيو هوندو. تڏهن به ڪجهه عمر رسيده بزرگانِ دين قزلباشين جي آمد وقت يعني 1510ع ۾ هرات ۾ موجود رهيا. جيئن مولانا سيف الدين تفتازاني رحمته الله عليه جو ذڪر ٿيو.
تنهن ڪري غالب امڪان اهو آهي ته هراتي نقشبندين جي هندستان ۾ آمد 1506ع کان شروع ٿي چڪي هوندي.
(الف) مولانا سعد الدين ڪاشغري جي نقشبندي شاخ جا هندستان ۾ آيل بزرگ:
بقول نسمات القدس ان زماني ۾ مولانا سعد الدين ڪاشغري رحمة الله عليه کان جاري ٿيندڙ نقشبندي سلسلي جي شاخ مان بعض بزرگن هندستان جو رخ ڪيو. جن جو مختصر ذڪر پيش ڪجي ٿو:
·        مولانا محمد امين رحمة الله عليه:
صاحبِ نسمات القدس لکن ٿا ته هي بزرگ مولانا محمود قواس رحمة الله عليه جو خاص مريد هو. قزلباش جي فتني جي ڏينهن ۾ لاهور اچي مقيم ٿيو ۽ لاهور ۾ ئي انتقال فرمايائون. (ص 91)
·        شيخ معين الدين رحمة الله عليه:
پاڻ حضرت معين الدين واعظ هروي رحمة الله عليه جا ڏوهٽا ۽ حضرت مولانا محمود قواس رحمة الله عليه جا منظورِ نظر هئا. پاڻ ظاهري ۽ معنوي علمن ۾ ڪمال رکندا هئا. صوفي بزرگن جا ڪجهه ڪتاب حضرت مولانا (محمود قواس) وٽ پڙهندا هئا، ۽ علمِ باطن پڻ. ان دوران پنهنجي مرشد جا ملفوضات به قلمبند ڪيائون. جنهن کي ارشاد الطالبين نالو ڏنائون. ان ڪتاب ۾ هڪ جاءِ تي پاڻ لکن ٿا ته هي فقير چند ڏينهن لاءِ بعض شهرن ۽ جاين تي ويو ته جيئن بعض بزرگن جي باري ۾ حالات و واقعات گڏ ڪري. ان سلسلي ۾ ڏاڍي ڪوشش ڪيم ۽ بي آرام ٿي پيس. پر پنهنجي ڪم علمي ۽ گهٽ صلاحيتن جي ڪري ڪجهه به ڪري نه سگهيس. نيٺ هندوستان مان نڪتس ۽ بخارا پهتس. اُتان وڏي مشقت ڪرڻ بعد قنڌار ۾ آيس ۽ اتي ئي ترسي پيس. هتي 901 هه (بمطابق 1495ع) ۾ جناب محمود القواس البهدايني رحمة الله عليه سان ملاقات ٿي.....(ص 91، 92)
هن روايت مان سندن هندستان آمد جو اطلاع ملي ٿو.
·        مولانا خواجه رحمة الله عليه:
هي به صاحبِ احوال مولانا محمود قواس رحمة الله عليه جا مريد هئا. ... هي به لاهور تشريف فرما ٿيا هئا ۽ اتي ئي سڪونت اختيار ڪيائون. ۽ 1000 هه جي لڳ ڀڳ وفات ڪري ويا. حضرت خواجه باقي بالله قدس سره ابتدائي ڏينهن ۾ مرشد جي ڳولها ۾ ساڻن به مليا هئا ۽ سندن طريقي کي پسند پڻ فرمايو هيائون. (ص 91)
(ب) مولانا عبدالرحمان جاميءَ کان جاري ٿيندڙ نقشبندي شاخ هندستان ۾:
اُهي نقشبندي بزرگ جيڪي مولانا عبدالرحمان جامي رحمة الله عليه (م 1492ع) جي نقشبندي شاخ کان مستفيض هئا ۽ هندستان پهتا سي هي آهن:
·        حضرت صالح التميمي المشهدي رحمة الله عليه:
ڪُتبِ تصوف کين به سڌيءَ ريت مولانا جامي رحمة الله عليه کان مستفيض قرار ڏنو آهي. پاڻ قزلباش جي فتني واري دور ۾ هندوستان تشريف فرما ٿيا. ۽ اتان کان ئي آخرت جو سفر اختيار ڪيو.[16] قزلباشي فتني وارو دؤر مٿي پيش ٿي چڪو ته 1494ع کان 1515ع تائين رهيو. مطلب ته پاڻ ان زماني ۾ آيا ۽ سندن وفات به هندستان ۾ ٿي. غالباَ سندن تدفين به هندستان ۾ ٿي.
·        شيخ مودود لاري رحمة الله عليه:
نصيرالدين محمد همايون بادشاهه جي مبارڪ دور ۾ هندوستان تشريف فرما ٿيا ۽ آگري گوشه نشيني اختيار فرمايائون. پاڻي پت شاهجهان آباد لڳ مشهور جاءِ آهي، جتي شيخ امان الله پاني پتي معروف بزرگ ٿي چڪو آهي. هي سندس ڪنهن شاگرد وٽ تشريف فرما ٿيا ۽ اتي ئي سڪونت اختيار ڪيائون. هتي ئي رمضان جي مهيني ۾ 937 هه (بمطابق 1530ع) ۾ انتقال فرمايائون.[17]   
(3)      قطب الاقطاب خواجه عبيدالله احرار جي خانوادي جي هندستان آمد:
مغل شهنشهايت جو هندستان ۾ بنياد وجهندڙ بادشاهه ظهيرالدين بابر جي وڏڙن جي  خواجه احرار سان عقيدت هئي. تنهنڪري بابر جي پڻ خواجه عبيدالله احرار قدس سره سان والهانه محبت ۽ عقيدت هئي. خواجه احرار قدس سره جو هونئن به معمول هيو ته شاهانِ وقت سان روابط قائم ڪري کين خود به شريعتِ مطهره تي هلڻ جي تلقين ڪندا هيا ته سموري ملڪ ۾ پڻ شريعت تي عمل ڪرائڻ لاءِ زورڀريندا هيا. ان سبب ڪري خواجه احرار به پنهنجي هن مريد شاهي گهراڻي مٿان نهايت شفقت فرمائيندا هيا. جڏهن بابر تخت نشين ٿيو ۽ سندس ماما ۽ ديگر مغل بادشاهه سندس رت جا پياسا ٿيا ته تڏهن به خواجه احرار سندس مدد فرمائي. تان جو ازبڪ شيباني خان اڀريو ۽ بابر سان جنگيون ڪرڻ لڳو. بابر کي فرغانه مان بيدخل ڪري ڪابُل تائين سندس تعاقب ڪيائين. ان دوران سمرقند ۾ جڏهن شيباني خان قلعي جو محاصرو ڪيو ويٺو هيو تڏهن خواجه احرار جي ٻئي نمبر صاحبزادي خواجه يحيٰ رحمة الله عليه بابر جي مدد ڪئي. پر پوءِ به بابر شڪست کاڌي ۽ شيباني خان غالب ٿيو. بابر ته نڪري ويو، پر انتقامي ڪارروائي تحت هن بدبخت خواجه يحيٰ رحمة الله عليه کي سمرقند مان سندس لکها ڪروڙها رپين جي ملڪيت مان توڙي گهر تڙ مان بيدخل ڪيو. هن ظالم جي انتقام جي باهه تڏهن به جَهڪي ڪانه ٿي. جڏهن خواجه يحيٰ رحمة الله عليه سمرقند مان ٻاهر نڪري پنهنجي اهل و عيال سميت ٻئي پاسي هجرت ڪري وڃي رهيا هئا ته شيباني خان جي بي رحم فوجي دستن هن متبرڪ گهراڻي جي چشم و چراغ خواجه يحيٰ رحمة الله عليه کي سندن ٻن شهزادن سميت شهيد ڪري ڇڏيو.
ان جو احوال بابر به پنهنجي ڊائري ”بابرنامه“ ۾ نهايت افسوس سان درج ڪيو آهي. خواجه يحيٰ جو ٽيون نمبر صاحبزادو خواجه محمد امين قدس سره جيڪي عمر ۾ ننڍا هيا. سي ان ڪربناڪ واقعي ۾ بچي ويا. بابر مرزا جڏهن ٻيهر سمرقند فتح ڪيو ته هن شهزادي سان تعزيت ڪيائين ۽ کين پاڻ سان گڏ ڪابل توڙي هندستان وٺي آيو.[18]
مطلب ته 1526ع ۾ جڏهن بابر هندستان ۾ مغل شهنشهايت جو بنياد وجهي رهيو هو، ته انهن لمحن وقت به نقشبندي احراري فيض جو سرچشمو هي عالي مقام شهزادو هندستان جي سرزمين کي پنهنجي مبارڪ قدمن سان زينت بخشي رهيو هو. هي واقعو خواجه باقي بالله قدس سره جي هندستان آمد (1595ع کان 1597ع) کان لڳ ڀڳ مُني صدي اڳ ٿيو. مغل گهراڻي جي احراري خانوادي سان نيازمندي سبب هاڻي احراري خانوادي جا صاحبزادگان ۽ ديگر نقشبندي بزرگن تيزيءَ سان هندستان ۾ جلوه افروز ٿيڻ شروع ٿيا.
·        خواجه شهاب الدين المعروف خاوند محمود قدس سره:
بابر هندستان ۾ اڃان پنهنجي حڪومت کي مستحڪم ئي مس ڪيو ته 1530ع ۾ هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس پٽ همايون تخت نشين ٿيو. ان زماني ۾ خواجه عبيدالله احراررحمة الله عليه جي وڏي فرزند خواجه عبدالله رحمة الله عليه جو صاحبزاده خواجه شهاب الدين المعروف خاوند محمود قدس سره وچ ايشيا ۾ زبردست احراري فيض ونڊي ورهائي رهيو هيو. هي صاحبزادو خود پنهنجي عالي مرتبت ڏاڏي خواجه عبيدالله احراررحمة الله عليه قدس سره کان مستفيض هيو. روايتن ۾ اچي ٿو ته پاڻ خواجه عبيدالله احرار قدس سره جي وفات وقت ويهن سالن جا نوجوان هيا. مولانا عبدالرحمان جامي رحمة الله عليه جي صحبت ۾ پڻ رهيا. جڏهن رشد و هدايت جو منصب سنڀاليائون ته مخلوق جوق در جوق حصولِ فيض خاطر سندن دربار ۾ حاضر رهندي هئي. شاهانِ وقت به سندس در جي غلامي ۾ فخر محسوس ڪندا هيا. تاريخِ رشيدي (سنِ تاليف 1547ع) جو مصنف مرزا محمد حيدر دغلت جي ساڻن وڏي نيازمندي هئي. پنهنجي هن ڪتاب جا ٻه ٽي باب بزرگ جي حياتيءَ جي احوال قلمبند ڪرڻ لاءِ مختص ڪيا اٿئين. هن عالي مقام بزرگ بابر جي هندستان ۾ فتح بعد هندستان هجرت ڪرڻ جو ارادو ڪيو. سنه 1536ع ڌاري هندستان آيا. کين بابر جي وفات ۽ همايون جي تخت نشيني جو اطلاع مليو. بابر جي هڪ ٻئي فرزند مرزا ڪامران جيڪو ڪابل صوبي جو حاڪم هيو، ساڻن بيحد نيازمندي جو اظهار ڪيو ۽ کين پاڻ وٽ ترسڻ جي گذارش ڪئي پر پاڻ همايون بادشاهه ڏانهن تعزيت جي خيال کان ويا. بادشاهه انهن ڏينهن ۾ شطاري سلسلي جي بزرگ شيخ محمد غوث گوالياريرحمة الله عليه جي ڀاءُ شيخ بهلول سان ڏاڍي عقيدت رکندو هيو. تنهنڪري خواجه خاوند محمود رحمة الله عليه سان بيرغبتي وارو رويو رکيائين. جنهن سبب پاڻ ڪجهه عرصي بعد ناراض ٿي واپس وريا ۽ لاهور ۾ ڪافي عرصو قيام ڪيائون. هڪ ڀيري لاهور ۾ هڪ مجلس ۾ فرمايائون ته ٻٽن ڏينهن کان ڪجهه ائين پيو ڏسان جو هندستان ۾ وڏي ٻوڏ آئي آهي ۽ اسان جي دهلي ۽ آگري مان واپسي بعد اتي جو ڪجهه به آهي ان کي وهائي ناس ڪري ڇڏيو اٿس. اسان به ڏاڍي ڪوشش کان پوءِ ان ٻوڏ کان پاڻ بچائي ٻاهر نڪري آيا آهيون. بادشاهه جي خاص ماڻهن منجهان هڪ ماڻهو جيڪو خواجه خاوند جو مريد پڻ هي، سو مجلس ۾ ويٺو هيو. ڳالهه سمجهي ورتائين. نيٺ روئي ويٺو ۽ عرض ڪرڻ لڳو ته قبله ان بابت بادشاهه کي اطلاع ڏئي ڇڏيو ۽ ڪجهه لکي به ڏيو. پاڻ قلم کنيائون ۽ شعر لکيائون:
ہمائے گو مفگن سایہ شرف ہرگز
دراں دیار کہ طوطی کم از زغن باشد۔
(هُما پکيءَ کي چئو ته شرف ۽ بزرگيءَ جو پاڇو ان جاءِ تي متان وجهين، جتي طوطي کان وڌيڪ ڪانگَ هجن.)
نيٺ پاڻ ٿورو عرصو بعد ماوراء النهر واپس تشريف فرما ٿي ويا. خدا جي قدرت بزرگ جي همايون مٿان ناراض ٿي واپس ورڻ کان ٿورو عرصو بعد شير شاهه سوري پٺاڻ مِينهن واچ ڪري اُڀريو. هڪ ٻئي پٺيان شهر فتح ڪندو پڇاڙي مغلن جي راڄ ڌاني کي فتح ڪري وڃي تخت تي ويٺو. همايون سِرُ بچائي ڀڳو. وڏو عرصو جهر جهنگ، رڻ بر ۾ ڀٽڪندو رهيو. (ان دوران سنڌ ۾ پڻ آيو. معروف آهي ته سندس پٽ اڪبر سنڌ ۾ عمرڪوٽ جي پاسي ڪنهن جاءِ تي ڄائو.) مٿيون احوال تاريخِ رشيدي جي انگريزي ترجمو ۾ موجود آهي.[19]
ان کان علاوه هي روايت نسمات القدس ۾ پڻ موجود آهي. ڏسو: ”نسمات القدس“، خواجه محمد هاشم ڪشمي، اردو ترجمه، ص 151)
·        خواجه عبدالحق قدس سره:
هي صاحبزادو پڻ خواجه عبيدالله احرار رحمة الله عليه جي وڏي فرزند خواجه عبدالله قدس سره جو فرزندِ ارجمند هيو. نسمات القدس جي روايت مطابق هي صاحبزادو به عهدِ همايون ۾هندستان تشريف فرما ٿيو هيو. ۽ هي شهزادو به همايون سان ناراض ٿي واپس وريو هيو. (ص 163، نسمات القدس، خواجه محمد هاشم ڪشمي، اردو ترجمه)
انهن روايتن مان پڻ معلوم ٿيو ته خواجه باقي بالله قدس سره جي هندستان آمد کان ڪم و بيش 60/65 سال اڳ خواجه عبيدالله احرار رحمة الله عليه جي خانوادي جا بلند مقام بزرگَ هندستان جي سرزمين کي نقشبندي فيض سان واسي چڪا هئا.
·        عهدِ اڪبري:
1556ع ۾ همايون بادشاهه وفات ڪري ويو. سندس تخت تي سندس فرزند اڪبر ويٺو. اسان جا خواجه باقي بالله قدس سره هن بادشاهه جي عهد ۾ سنه 971هه بمطاق 1564ع ۾ ڪابُل ۾ پيدا ٿيا هئا. ۽ هن ئي بادشاهه جي دؤر ۾ 1595ع کان 1597ع جي وچ ڌاري هندستان ۾ مولانا خواجگي امڪنگي جي حڪم سان تشريف فرما ٿيا هئا. پر سندن آمد کان به گهڻو عرصو اڳ نقشبندي بزرگن جي هندستان آمد بدستور جاري هئي.
·        خواجه عبد الشهيد قدس سره:
  پاڻ خواجه عبيدالله احرار رحمة الله عليه جي وڏي صاحبزادي خواجه عبدالله جا پنجون نمبر فرزند هيا. پنهنجي عالي مقام ڏاڏي جي حياتِ متبرڪه ۾ ئي تولد ٿيا. خواجه عبيدالله احرار رحمة الله عليه پنهنجي لختِ جگر جي گهر شهزادي جي ولادت جي خوشخبري ٻڌي پاڻ صاحبزادي کي زيارت ڪرائڻ آيا. کين هنج ۾ کڻي ڪن ۾ اذان ۽ اقامت به خود فرمايائون. شهزادي جي چهري تي نظر وجهي فرمايائون ته هن ٻچڙي جي اکڙين منجهان فيضِ الاهي جي فروغ جا آثار نظر اچن ٿا. مخلوق کي هن ٻچڙي مان تمام گهڻو فيض ملندو.
روايت آهي ته جڏهن خواجه عبدالشهيد رحمة الله عليه وڏا ڪامل اڪمل ولي بڻجي پيا ته ڪڏهن ڪڏهن عاجزي انڪساريءَ وچان فرمائيندا هئا ته عمر گذري وئي، اُها ڳالهه جنهن ڏانهن ڏاڏا سائين اشارو فرمايو هيو، اڃان تائين پنهنجي اندر ۾ محسوس ئي ڪونه ٿو ڪريان.
پاڻ خواجه عبيدالله احرار رحمة الله عليه جي طريقي جي تمام گهڻي پيروي ڪندا هئا. وڏا عابد زاهد هئا. نسمات القدس مطابق سنه 966هه بمطابق 1558ع ۾ هندستان تشريف فرما ٿيا. (ڏسو: نسمات القدس، اردو ترجمه، ص 169) اُن وقت خواجه باقي بالله قدس سره اڃان هن جهانِ رنگ و بُو ۾ جلوه گر نه ٿيا هئا. نسمات القدس بقول پاڻ هندستان ۾ پندرهن سال رهيا. هتان جو سلطان (اڪبر) سندن ڏاڍي عزت ڪندو هيو. هتان جا ڪيترائي امير، فقير، عالم ۽ صالح ساڻن بيعت ٿيا. خواجه محمد هاشم ڪشميرحمة الله عليه ڪنهن ٻئي مصنف جي روايت نقل ڪندي نسمات القدس ۾ لکن ٿا ته ٻارهن هزار ماڻهو سندن آستاني تي تشريف فرما ٿيا هئا. 
سنه 982هه بمطابق 1574ع ۾ هندستان ڇڏي تڙ تڪڙ ۾ واپس ماوراء النهر وڃڻ لڳا. سفر دوران جڏهن خادمن ۽ رفيقن ان جلديءَ جو سبب پڇيو ته پاڻ فرمايائون مون کي يار جي ديدار جو شوق ويهڻ نه ٿو ڏئي. هن سفر ۾ مان آخرت جي سفر جو مشاهدو پيو ڪيان. سفر دوران پنهنجي ڏاڏا سائين رحمة الله عليه کي خواب ۾ ڏٺم. فرمائي رهيا هئا ته هاڻي دير نه ڪر. جلدي اچ. چنانچه جنهن وقت سمرقند جي سرحد وٽ پهتا ته پنهنجا وار مبارڪ لهرايائون. فرمايائون ته سمرقند پهچڻ کان پوءِ الائي اهو وقت به ملندو يا نه. جيئن سمرقند پهتا ته پاڻ بيمار ٿي پيا. ويهن ڏينهن بعد دارالفاني مان هجرت ڪري دارالبقا ڏانهن روانا ٿي ويا. (ڏسو: ”نسمات القدس“ خواجه محمد هاشم ڪشمي، اردو ترمه، ص 170)
·        خواجه محمد يحيٰ:
پاڻ خواجه عبيدالله احرار رحمة الله عليه جي فرزند خواجه عبدالله رحمة الله عليه جا پوٽا هيا. خواجه باقي بالله جي هندستان آمد کان ڪجهه عرصو اڳ اڪبر جي زماني ۾ هندستان آيا. سلطانِ هند کين حج جي قافلي جو امير بڻائي موڪليو. (ص 180، نسمات القدس)
·       خواجه عبدالصبور:
هي صاحبزادو به خواجه عبيدالله احرار رحمة الله عليه جي خانوادي سان تعلق رکندو هيو. سائين جن جو تڙپوٽو هيو. نسمات القدس واري لکيو آهي ته پاڻ جڏهن چاليهه سالن جا ٿيا ته الله پاڪ جي عنايت سببان مٿن جذبو قوي ٿيندو ويو. ان حالت ۾ پاڻ لاهور شهر ۾ ٽيهه سال رهيا. نيٺ 999هه (بمطابق 1590ع) ۾ وفات ڪري ويا. (ص 182، نسمات القدس، اردو ترجمه)
ان روايت مان ظاهر ٿيو ته پاڻ لاهور ۾ 969هه بمطابق 1561ع کان رهندا هيا. مطلب ته خواجه باقي بالله قدس سره جي ولادت کان به اڳ پاڻ لاهور ۾ سڪونت اختيار ڪئي هيائون.  
·        مير عبدالغني:
نسمات القدس مطابق سندن وفات سنه 977هه ۾ دهليءَ ۾ ٿي. جنهن بعد سندن جسمِ اطهر کي سمرقند کڻي ويا. (ص 182، نسمات القدس)
v   خواجه عبيدالله احرار کان مستفيض هڪ ٻي شاخ جو بزرگ:
·        سيد محمد خواجه رحمته الله علي (م 1016هه):
پاڻ هندستان به تشريف فرما ٿيا ۽ سورت جي مقام تي گهڻو عرصو رهيا. (ص 209)
(4)      مولانا محمد قاضي رحمة الله عليه واري نقشبندي شاخ جا بزرگ:
مولانا محمد قاضي رحمة الله عليه قطب الاقطاب خواجه عبيدالله احرار قدس سره جي جليل القدر خليفن منجهان هيا. سندن ذاتِ گراميءَ کان الڳ احراري فيض جي نهر جاري ٿي. اسان جا خواجه باقي بالله قدس سره ان شاخ سان واسطو نه ٿا رکن. هن احراري شاخ کان مستفيض بزرگ جيڪي هندستان جي سرزمين ۾ تشريف فرما ٿيا، تن جو مختصر ذڪر نسمات القدس جي ٿورن سان پيش ڪجي ٿو.
·       شيخ حميدالدين هروي :
پاڻ سورت جي مقام تي وفات فرمائي ويا اتي ئي مدفن آهن. (ص 226)
·       سيد احمد جعفر: مريد هئا شيخ حميد الدين هروي جا. احمد آباد جا رهاڪو هئا. (ص 226)
·       خواجه خاوند محمود: هندستان تشريف فرما ٿيا. ڪشمير ۾ طريقه عليه جي ترويج ڪيائون. لاهور ۾ ترسيا. (ص 242)
امام رباني مجدد منور الف ثاني، مڪتوبات جي دفترِ اول ۾، مڪتوب نمبر 168، ۽ مڪتوب نمبر 180، پنهنجي مولانا خواجگي امڪنگي جي صاحبزاده خواجه قاسم ڏانهن مڪتوب ۾ جنهن خواجه خاوند محمود جو ذڪر فرمايو آهي، سي هي آهن.
·       مولانا ترسون قاضي رحمته الله عليه: سنه 1011هه ۾ هندستان آيا. سال رهيا. (ص 266)
·       سندن مريد مولانا صالح بڊهي لاهور ۾ سنه 1020هه ۾ وفات ڪري ويا. (ص 266)
·         خواجه عبيد ڪابلي: پاڻ مولانا لطف الله جي خليفن منجهان هئا. هندستان پڻ آيا. سلطان جي حڪم سان تبت ويا. اتي وفات ڪري ويا. خواجه باقي بالله پهرين ساڻن بيعت ٿيو هو. (ص 267)
·       حافظ خياباني : سنه 1012هه ۾ هندستان جي رستي سان حج ڪرڻ ويا. دهلي ۾ خواجه باقي بالله سان ملاقات پڻ ڪيائون. (ص 269)
(5) مولانا خواجگي امڪنگي جي سلسلي جا بزرگ :
خواجه باقي بالله قدس سره جي مرشد حضرت مولانا خواجگي امڪنگي قدس سره جا مريد ۽ خلفاء پڻ هندستان تشريف فرما ٿيندا رهيا آهن. انهن مان هيٺين بزرگن جو ذڪر نسمات القدس ۾ ملي ٿو.
·       خواجه احمد الشهير به خواجه عمل: هندستان ۾ آيا. گجرات ۾ وفات ڪيائون. مجدد الف ثاني جي ساڻن بيحد محبت هئي. (ص 289)
·        مولانا محمد سعيد: هندستان آيا. خواجه محمد هاشم ڪشمي سان مليا. (ص 289)
·        حاجي عبدالعزيز: هندستان جي شهر برهانپور ۾ مقيم ٿيا. (ص 290)
(6)خواجه باقي بالله قدس سره جي ايام ۾ ڪشمير ۾ نقشبندي بزرگ:
خواجه باقي بالله قدس سره مولانا خواجگي امڪنگي سان بيعت کان پهرين ڪشمير جي هڪ نقشبندي بزرگ شيخ بابا والي رحمة الله عليه سان بيعت ٿيا هئا.[20] اها روايت خواجه باقي بالله قدس سره جي آڳاٽن ۽ مستند ترين سوانحي ڪتابن جهڙوڪ حضرات القدس ۽ زبدة المقامات ٻنهي ۾ موجود آهي. هي بزرگ اصل ترڪستان جو هو. شيخ حسين خوارزمي جو خاص خليفو هيو. سندن ڪشمير آمد جو سال تاريخِ اعظمي واري سنه 999 هه (بمطابق 1590ع) ٻڌايو آهي.[21] 
حضرات القدس مان حضرت خواجه باقي بالله قدس سره جي زباني روايت پيش ڪجي ٿي. پاڻ فرمائين ٿا:
”آخرڪار فقير ڪشمير پهتو ۽ حضرت شيخ والي قدس سره جي مجلس ۾ حاضر ٿيڻ جو اتفاق ٿيو. ۽ سندن فيض ڀرين نگاهن جي برڪتن کان حصو ورتم. الله تعاليٰ جو شڪر ۽ احسان آهي ته انهن مقدس نظرن جي برڪت سان فتح ميسر ٿي. جيئن ته شيخ بابا والي رحمة الله عليه کي سلسله عاليه نقشبنديه مان اجازت حاصل هئي. پاڻ ان بزرگن جي آستاني ڏانهن توجه ڪندڙ دَرِيءَ منجهان توجه فرمائي. جڏهن شيخ هن دنيا مان رحلت فرمائي ويا (ٻن سالن کانپوءِ، تاريخِ اعظمي) ته فقير تي حضرات خواجگان نقشبنديه عليهم الرحمة جي معهوده غَيبَت جلوه گر ٿيڻ لڳي ۽ سندن پاڪيزه روح خوابن ۾ خوشخبريون ۽ هدايتون فرمائڻ لڳا. انهن بزرگن جي انهن توجهات سان نسبت قوي ٿي وئي. ۽ دائره غَيبَت مستحڪم ٿيو ۽ رستو روشن ۽ صاف ٿي ويو ۽ هڪ قسم جي جمعيت حاصل ٿي وئي. ايستائين جو حضرات خواجگان جي عنايت جي ڪشش سان حقائق پناهه، ارشاد دستگاهه حضرت مولانا خواجگي امڪنگي قدس سره جي خدمت ۾ پهتس.“[22]   
اها روايت پڻ ثابت ڪري ٿي ته نقشبندي مشائخ خواجه باقي بالله رحمة الله عليه کان پهرين هندستان ۾ موجود هيا.
(7) سنڌ ۾ غير مجددي نقشبندي بزرگ:
·       حضرت مخدوم بلال رحمة الله عليه:
ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان صاحب مرحوم جي تحقيق آهي ته مخدوم بلال (وفات 931 هه) کي پڻ نقشبندي نسبت حاصل هئي. ان بنياد تي ڊاڪٽر صاحب کيس پهريون نقشبندي بزرگ قرار ڏنو.[23]
(سنده ڪي صوفياءِ نقشبند، ڊاڪٽر ابوالخير محمد زبير، ج اول، مقدمه)
·       ٺٽي ضلعي جا اوائلي نقشبندي بزرگ:
ڪيمبرج يونيورسٽي جي فارغ التحصيل محترمه سارا ايف ڊي انصاري صاحبه پنهنجي تحقيقي مقالي ”صوفي درويش ۽ رياستي طاقت: سنڌ جا پير 1843ع کان 1947ع“  [Sufi Saints & State Power: The Pirs of Sindh (1843-1947)] ۾ سنڌ اندر نقشبندي سلسلي جي آغاز بابت لکي ٿي:
Naqshbandi Sufis were likewise attracted to Sindh during the fifteenth century as a result of the stand taken by its rulers against the Suharwardis and the “heresy” being spread by the Ismailis. The most notable early Naqshbandis were Pir Murad (d.1487) and his brother Mian Saiyid Ali Shirazi Kalan. But it was not until the seventeenth century that the order really began to flourish as it did elsewhere in the Indian subcontinent under the inspiration of Shaikh Ahmed Sirhindi. [24]
(Sufi Saints And State Power: The Pirs of Sindh (1843-1947), By: Sarah F.D.Ansari, p. 22, Cambridge University Press 1992)
”سنڌ جي حڪمرانن جو سهروردي بزرگن خلاف سخت مؤقف ۽ اسماعيلين جي ڦهلجندڙ منافقت سبب نقشبندي صوفي سنڌ ڏانهن پندرهين صدي عيسويءَ (نائين صدي هجري) ۾ متوجه ٿيا. اوائلي معروف نقشبندين ۾ پير مراد (وفات 1487ع/892هه) ۽ سندس ڀاءُ ميان سيد علي شيرازي ڪالان هئا. پر هي سلسلو صحيح معنيٰ ۾ سترهين صدي عيسويءَ ۾ مجدد الف ثانيءَ جي سرپرستيءَ هيٺ سنڌ ۾ ڦهليو، جيئن هندستان جي ٻين علائقن ۾ به ٿيو.“
خلاصو:
مٿئين سموري بحث مان اهو بلڪل واضح ٿئي ٿو ته:
(1)   ننڍي کنڊ ۾ خواجه باقي بالله قدس سره کان گهڻو وقت اڳي نقشبندي بزرگ جلوه گر ٿي چڪا هئا. نَقشبندي فيوضات کان هن خطي کي آشنائي خواجه باقي باللهرحمة الله عليه کان پهرين حاصل ٿي چڪي هئي. تنهنڪري هي راءِ درست ناهي ته خواجه باقي بالله هندستان ۾ پهريون نقشبندي بزرگ هيو.
(2)   نقشبندين جي هندستان ۾ آمد جو آغاز عهدِ مغليه کان به اڳ ٿي چڪو هيو.
(3)   هندستان ۾ رڳو خواجه باقي بالله قدس سره کان جاري نقشبندي شاخ ڪانه آئي هئي، بلڪ ننڍيون وڏيون ڪافي شاخون هندستان ۾ اچي چڪيون هيون. جن ۾ احراري نقشبندي به شامل هئا ته غير احراري نقشبندي پڻ؛ مثلاَ مولانا سعد الدين ڪاشغري ۽ مولانا عبدالرحمان جاميءَ کان جاري ٿيندڙ نقشبندي شاخن جا بزرگ.
(4)   احراري نقشبندين ۾ رڳو خواجه باقي بالله قدس سره به اڪيلا هندستان ۾ جلوه افروز نه ٿيا بلڪ خواجه عبيدالله احرار رحمة الله عليه جي خانوادي جا ڪيترائي عالي مقام صاحبزادگان پڻ هندستاني فضائن کي نقشبندي سرهاڻ سان معطر فرمائي چڪا هئا. ازانسواءِ خواجه عبيدالله احرار رحمة الله عليه جي هڪ ٻئي جليل القدر خليفي مولانا محمد قاضي رحمة الله عليه کان جاري ٿيندڙ نقشبندي احراري شاخ جا بزرگ پڻ تشريف فرما ٿيا هئا.
(5)   مولانا خواجگي امڪنگي قدس سره جي مريدن ۽ خلفاءِ ڪرام منجهان به خواجه باقي بالله قدس سره هندستان ۾ قدم رنجه فرمائيندڙ اڪيلا بزرگ نه هئا، بلڪ سندن ٻيا ڪيترائي پير ڀائي هندستان ۾ اچي چڪا هئا.  
(6)   البت هندستان ۾ نقشبندي سلسلي جي شاخ جيڪا ان انتها تائين عوام و خواص ۾ مقبول ٿي وئي جو ٻيون شاخون سندس وجود اڳيان ڄڻ ته گم ٿي ويون سا خواجه باقي بالله قدس سره ۽ سندن جليل القدر خليفي امام رباني مجدد منور الف ثاني قدس سره السامي جن جي نقشبندي مجددي شاخ آهي. اڄ به رُوءِ زمين تي مجددي فيض سندن دم قدم سان موجزن آهي. دنيا جي ڪهڙي ڪنڊ هوندي جتي مجددي بزرگ نه هجن. هن وقت هي شاخ پوري دنيا جي مٿان ڇانيل آهي. هر کَنڊ ۾، هر ڪُنڊ ۾، هر مُلڪ ۾ هر پاسي ۾ نقشبندي مجددي گلزار جا گُل پنهنجي خوشبوءِ سان ساري عالَم کي معطر ۽ منور بنائي رهيا آهن. اها هن شاخ جي عوام و خواص ۾ پذيرائيءَ جو دليل آهي جو اڄ اسان وٽ غلط فهمي موجود آهي ته گويا نقشبندي سلسلي کي هندستان سان متعارف ئي هن شاخ ڪرايو.

مزار پُر اَنوار، خواجه باقي بالله قدس سره العزيز، دهلي.




[1]  "تاریخِ مشائخِ نقشبندیہ للٰہیہ"، پروفیسر صاحبزادہ محمد عبدالرسول للٰہی، ص ٣٣٣، مکتبہ زاویہ لاہور، سنِ طباعت ٢٠٠٧
[2]  "عمدة السلوک"، مولانا سید زوار حسین شاہ صاحب رحمتہ اللہ علیہ، ص ٣٧١، ٣٧٢،  چھٹا ایڈیشن ٢٠٠٩، زوار اکیڈمی پبلیکیشنز، لاہور
[3]  ص ١٤٩،  اشاعت سوم جولاء ٢٠٠٨
[4]  حافظ افروغ حسن، "روحانیت کا گلزارِ کہکشاں"، جسارت پرنٹر لاہور، ص ١٥
[5]  "سلسہ نقشبندیہ  مجددیہ کے نامور صوفیائے کرام کی دینی و اصلاحی خدمات (١٨٤١ _ ٢٠٠٠) "، مقالہ برائے پی ایچھ ڈی، محقق: مہربان حسین، نگران: پروفیسر ڈاکٹر عبدالرشید (ستارہ امتیاز)، ص ٢٩، ٣٠،
[6]  ”مڪمل شرح ابياتِ سنڌي“، تصنيف شيخ عبدالرحيم گرهوڙي، تحقيق، ترجمو، مقدمو ۽ تعليقات: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، ص 40، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو، 2008ع
[7]  واقعات کشمير، خواجه محمد اعظم، ص 124، 125، اردو ترجمه،
[8] (p 131, Biographical Encyclopedia of Sufis of South Asia, N Hanif, Sarup & Sons Publications New Dehli)
[9]  (ص 128، واقعاتِ ڪشمير)
[10]  نسمات القدس، خواجه محمد هاشم ڪشميري، اردو ترجمه، ص
[14]  ”نسمات القدس“، خواجه محمد هاشم ڪشمي، ص 109 کان 111، اردو ترجمه
[16]  ”نسمات القدس“، ص 103
[17]  ”نسمات القدس“، ص 104
[18]  (نسمات القدس، ص 153، اردو ترجمه، مڪتبه نعمانيه اقبال روڊ لاهور)
[19] A History of the Moghuls of Central Asia: The Tarikh-i-Rashidi،
 By Mirza Muhammad Haidar Dughlt  Translated by: Sir E.Denison Ross, Editor: N.Elilias, P 345-350)
[20]  حضرات القدس جي اردو ترجمي ۾ سندن اسمِ گرامي شيخ مالالي ڄاڻايو ويو آهي. پر معروف مؤرخ شيخ محمد اکرام پنهنجي شاهڪار تاريخ ”رودِ کوثر“ ۾ سندن اسمِ گرامي شيخ بابا والي رحمته الله عليه ڄاڻايو آهي.  
[21]  رودِ کوثر، شيخ محمد اکرام، ص 194،
[22]  حضرات القدس، خواجه بدرالدين سرهندي، اردو ترجمه، ص 270
[23]  سنده ڪي صوفياءِ نقشبند، ڊاڪٽر ابوالخير محمد زبير، ج اول، مقدمه
[24] (Sufi Saints And State Power: The Pirs of Sindh (1843-1947), By: Sarah F.D.Ansari, p. 22, Cambridge University Press 1992)

0 comments: