Tuesday 10 September 2013

پُر سڪون زندگي گذارڻ جو راز

پُر سڪون زندگي گذارڻ جو راز:



محبوبن ڪريمن ﷺ جو ارشاد آهي:
انْظُرُوا إِلَى مَنْ هُوَ أَسْفَلَ مِنْكُمْ، وَلَا تَنْظُرُوا إِلَى مَنْ هُوَ فَوْقَكُمْ،
فَإِنَّهُ أَجْدَرُ أَنْ لَا تَزْدَرُوا نِعْمَةَ اللَّهِ عَلَيْكُم.(صحيح مسلم، 4/665)
”توهان ان کي ڏسو جيڪو توهان کان هيٺ هجي ۽ ان کي نه ڏسو جيڪو توهان کان مٿي آهي. ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان ان ڳالهه جي وڌيڪ اميد آهي ته توهان خدا جي نازل ٿيل نعمتن کي حقير نه سمجهندؤ.“
هي زندگي گذارڻ جو ڏاڍو قيمتي اصول آهي. الله تعاليٰ جي جوڙيل نظام سبب هن دنيا ۾ ڪي غريب آهن ته ڪي امير آهن. فرق جي هي صورت ڪڏهن گهٽ ٿيڻي نه آهي. اهڙي حالت ۾ پُرسڪون زندگي گذارڻ جو راز فقط هي آهي ته ماڻهو پنهنجي ۽ ٻين جي وچ ۾ غلط مقابلو نه ڪري. اگر ڪو پاڻ کان مٿي وارن کي ڏسندو ته هن جي اندر ۾ حسد ۽ بيچيني پيدا ٿيندي. هُو دلي سڪون کان محروم ٿي ويندو. ان جي بدران اگر هو پاڻ کان گهٽ ماڻهن کي ڏسندو ته هن جي اندر ۾ شڪر جا جذبا جاڳندا. ان سان گڏ کيس روحاني سڪون پڻ ملندو. ان جو ڏينهن آرام سان گذرندو ۽ رات جو سٺي ننڊ جي نعمت به ماڻيندو. ان ڳالهه کي انگريز افسانه نگار شيڪسپيئر هيئن چيو آهي:
It is by comparison that you suffer.

انسانن جي وچ ۾ تفريق جي نظام سبب ئي چيلينج جي صورت اڳيان اچي ٿي. اهو چيلينج ئي ترقين جو ضامن آهي. انساني سماج ۾ اگر چيلينج ختم ٿي وڃي ته هن جون سرگرميون به ختم ٿي وڃن. اسان کي گهرجي ته جڏهن پاڻان گهٽ ماڻهن کي ڏسون ته شڪر ادا ڪيون ۽ جڏهن پاڻ کان مٿاهين ماڻهو کي ڏسون ته سبقت حاصل ڪرڻ جي جذبي هيٺ اڳيان وڌڻ جي ڪوشش ڪريون. (ماخوذ: الرسالة/مولانا وحيد الدين خان)

0 comments: