Tuesday 10 September 2013

اسلام انسانيت جو دين

اسلام انسانيت جو دين


عالمي ڀائيچارو قائم ڪندڙ دين:
قرآن سڀني انسانن لاءِ الله تعاليٰ جو موڪليل ڪتاب آهي. قرآني تعليم آفاقيت تي مشتمل آهي. قرآن ۾ جنهن خدا جو تصور ڏنو ويو آهي سو رب العالمين آهي. (الفاتحه:1) قرآن جو پيغمبر نذير للعالمين آهي. (الفرقان:1) قرآن جي ذريعي جيڪو دين موڪليو ويو اُهو ڪائناتي دين آهي. (آل عمران: 83)
قرآن جو پيغام ڪنهن مخصوص گروهه لاءِ نه آهي بلڪه سڀني انسانن لاءِ آهي. قرآن عالمي قدرن کي زنده رکڻ چاهي ٿو. حضور عليه الصلوات والسلام فرمايو: توهان تيسين مؤمن نه ٿا ٿي سگهو جيسين رحم نه ڪيو. عرض ڪيو ويو يا رسول الله اسان ۾ ته هر ماڻهو رحم ڪندڙ آهي. پاڻ ڪريمن ﷺ فرمايو:
إنَّهُ لَيْسَ بِرَحْمَةِ أَحَدِكُمْ صَاحِبَهُ وَلَكِنَّهَا رَحْمَةُ الْعَامَّة (نسائي، حاکم)
”ان جو مطلب اهو ناهي ته توهان پنهنجي هڪ ساٿيءَ جي مٿان مهرباني ڪيو. پر ان مان مراد سڀني انسانن ۽ سڀني ماڻهن جي مٿان رحم ڪرڻ آهي.“
 حقيقت هي آهي ته هڪ ماڻهو جڏهن الله رب العالمين تي ايمان آڻي ٿو ته ان وقت ئي ان جو ايمان ان جي اندر آفاقي ذهن پيدا ڪندو آهي. اُهو ماڻهو پاڻ کي تمام انساني برادريءَ جو هڪ جُز تصور ڪرڻ شروع ڪندو آهي. ڇاڪاڻ ته سموري انساني برادري هڪ خدا جي ئي مخلوق آهي ۽ ان جو ئي عيال آهي. آفاقي ذهن ان جي اندر آفاقي محبت جي پالنا ڪندو آهي. سڀئي انسان کيس پنهنجا نظر ايندا آهن. هن جي سيني ۾ سڀني انسانن سان محبت جا چشمه ڦٽي نڪرندا آهن. اسلام جي بنياد تي ٺهڻ وارو انساني مزاج کيس سڀني جو خيرخواهه بڻائي ٿو. سڀني انسانن جي خدمت جو جذبو هن جي اندر ۾ پيدا ٿي پوي ٿو. هُو هر پاسي کان هڪ آفاقي انسان بنجي پوي ٿو.
انسانيت سان محبت جو درس ڏيندڙ دين:
اسلامي تعليمات مطابق پوري انسانيت خدا جو عيال آهي. بيهقي جي روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو:
الْخَلْقُ عِيَالُ اللَّهِ فَأَحَبُّ النَّاسِ إِلَى اللَّهِ مَنْ أَحْسَنَ إِلَى عِيَالِه (شعب الايمان)
 مخلوق الله جو عيال آهي. پوءِ الله وٽ سڀ کان وڌيڪ پسنديده ماڻهو اهو آهي جيڪو خدائي عيال سان سهڻو سلوڪ ڪري.
زيد بن ارقم کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جڏهن رات جي پوئين پهر ۾ جاڳندا هئا ته تهجد نماز کان فارغ ٿي ذڪر ۽ دعا ۾ مشغول ٿي ويندا هئا. ان دوران سندن مقدس زبان مان هي مبارڪ الفاظ نڪرندا هئا:
أَنَا شَهِيدٌ أَنَّ الْعِبَادَ كُلُّهُمْ إِخْوَةٌ    (سنن نسائي،)
 (منهنجا رب!) مان گواهي ڏيان ٿو ته سڀ انسان پاڻ ۾ ڀائر آهن.
تهجد جي نماز جو حڪم مڪي ۾ نازل ٿيو هو. مڪي جا مشرڪ ان زماني ۾ پاڻ ڪريمن ﷺ ۽ سندن صحابه کي سخت اذيتون ڏئي رهيا هئا. ان جي باوجود به رات جي تنهائين ۾ پاڻ انهن کي برادرانه احساسن سان گڏ ياد فرمائيندا هئا.
ان مان معلوم ٿيو ته اسلام جي نظر ۾ مثالي انسان اهو آهي جو اگر ماڻهو هِن جا دشمن ٿي پون  ايسيتائين جو هن کي ختم ڪرڻ چاهيندا هجن تڏهن به اُن جي دل ۾ سندن لاءِ برادرانه احساس هجن. ايستائين جو هُو اڪيلائپ ۾ به خدا کي گواهه بڻائي ان جو اعلان ڪندو رهي. اسلام ماڻهوءَ جي اندر ۾ شفقت جو جذبو پيدا ڪري ٿو. جيڪو ماڻهو اسلام اختيار ڪري ٿو اهو ان وقت ئي سڀني انسانن لاءِ شفيق ۽ مهربان بنجي پوي ٿو.
انسانيت جو احترام سيکاريندڙ دين:
حضرت جابر بن عبدالله فرمائين ٿا ته مديني جي رستي کان هڪ جنازو گذريو. رسول الله ﷺ ان کي ڏسي اٿي بيهي رهيا. ۽ اسان به ساڻن گڏ اٿي بيٺاسين. پوءِ اسان عرض ڪيوسين ته يا رسول الله هي ته هڪ يهوديءَ جو جنازو هو. محبوبن ڪريمن ﷺ ارشاد فرمايو:
إِذَا رَأَيْتُمُ الجَنَازَةَ فَقُومُوا (بخاري)
جڏهن توهان جنازي کي ڏسو ته اُٿي بيهو.
هڪ ٻي روايت ۾ آهي ته حضرت سهل بن حُنيف ۽ قَيس بن سَعد قادسيه ۾ ويٺا هئا. سندن اڳيان هڪ جنازو گذريو. اُن کي ڏسي ٻئي اُٿي بيٺا. ماڻهن چيو ”سائين هي ته ذمي (غير مسلم) جو جنازو آهي!“ ٻنهي جواب ڏنو ته مديني ۾ رسول الله ﷺ جي اڳيان هڪ جنازو لنگهيو ته پاڻ اُٿي بيٺا. پاڻ ڪريمن کي عرض ڪيو ويو هي ته يهودي جو جنازو هو. پاڻ ڪريمن فرمايو:
أَلَيْسَتْ نَفْسًا         ”  ڇا هُو انسان نه هو!“ (بخاري، مسلم)
مٿين حديثن مان معلوم ٿئي ٿو ته انسان هر حال ۾ قابل احترام آهي. ايستائين جو اگر هُو غيرمسلم هجي يا دشمن گروهه سان تعلق رکندڙ هجي تڏهن به ٻين پاسن کي نظر انداز ڪندي هُن کي هڪ انسان جي حيثيت ۾ ڏٺو وڃي ۽ انسان هجڻ جي ناتي هر حال ۾ هُن کي عزت ۽ احترام ڏنو وڃي.
انسان خدا جي ممتاز مخلوق آهي. قرآن جي لفظن ۾ هن کي احسن تقويم (بهترين ساخت) سان پيدا ڪيو ويو آهي. انسان بناوت جي اعتبار کان تخليق جو شاهڪار آهي. ڪو به انسان چاهي پنهنجو هجي يا پرايو هر حال ۾ خدا جي مخلوق آهي. هر حال ۾ خالق جي ڪمالات جو هڪ نمونو آهي. تنهن ڪري اختلاف جي باوجود هو قابل احترام آهي.
مؤمن هر شيءِ ۾ خدا جا جلوو ڏسندو آهي. هر مخلوق ۾ هُن کي خالق جو ڪرشمو نظر ايندو آهي. مؤمن جي هي نفسيات هن کي مجبور ڪندي آهي ته هُو هر انسان کي عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏسي. هر انسان جي لاءِ هن جي دل ۾ قدردانيءَ جو جذبو هجي.
سڀني ساهوارن سان پريت جو پيغام ڏيندڙ دين:
اسلام ماڻهوءَ جي اندر رحمت ۽ شفقت جو جذبو پيدا ڪري ٿو. هو ايترو گهڻو آفاقي آهي جو هن جو اثر پکي پکڻن ۽ وڻ ٽڻن جي دنيا تائين به پهچندو آهي. اهڙو انسان هر ماڻهوءَ لاءِ شفيق ۽ مهربان بنجي پوندو آهي. ايستائين جو وڻن ۽ جانورن لاءِ به.
پاڻ ڪريمنﷺ فرمايو آهي ته هڪ شخص ڪنهن رستي تي هلي رهيو هو. ان کي سخت اُڃَ لڳي. پوءِ کيس رستي ۾ هڪ کوهه نظر آيو. ان کوهه مان پاڻي ڪڍيائين. جڏهن کوهه مان ٻاهر آيو ته ٻاهران هڪ ڪتي کي سَهڪندي بيٺل ڏٺائين. اُڃ وگهي مرڻ تي هيو. اُن ماڻهوءَ دل ۾ خيال ڪيو ته اُڃ جي ڪري جهڙو منهنجو حال تهڙو ئي هن ڪتي جو پڻ آهي. پوءِ هو ٻيهر کوهه ۾ لَهي ويو ۽ پنهنجي جتيءَ ۾ پاڻي وجهي کڻي آيو. پوءِ هن ماڻهوءَ الله جو شڪر بجا آندو ته الله اُن کي بخشي ڇڏيو. ماڻهن عرض ڪيو يا رسول الله ڇا جانورن ۾ به اسان لاءِ اجر آهي؟ محبوبن فرمايو: هر نرم ۽ نازڪ جگر ۾ اوهان جي لاءِ اجر آهي. (فتح الباري:10/452)
ان جو مطلب هي آهي ته هر احساس واري مخلوق سان اوهان کي شفقت ڪرڻي آهي ۽ هر اهڙي عمل تي الله تعاليٰ اجر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. اهڙيءَ طرح هر وڻ کي اسلام ۾ ايتري گهڻي اهميت ڏني وئي آهي جو قرآن ۾ فرمايو ويو ته خدا کي مڃڻ وارو انسان اهڙو ئي هوندو آهي جيئن هڪ وڻ. هُو وڻ جِيان نفعو بخش بڻجي زندگي گذاريندو آهي. (ابراهيم:24)

رسول الله ﷺ فرمايو: ڪو مسلم جڏهن هڪ ٻوٽو لڳائيندو آهي . پوءِ جڏهن اهو وڏو ٿيندو آهي  ۽ ڪو انسان يا جانور ان جو ميوو کائيندو آهي ته پوءِ اُن ٻوٽي هڻڻ واري لاءِ هڪ صدقو هوندو آهي. (فتح الباري:10/452) خليفه اول سيدنا ابو بکر صديق اسلامي فوج روانو ڪندي حڪم ڏنو ته وڻ نه ڪٽجو. ٻين لفظن ۾ اسلام ۾ وڻن جي اهميت ان حد تائين آهي جو ڪو وڻ اگر دشمن جو وڻ هجي تڏهن به ان کي نه وڍجي. اسلام جي انسانيت يا ماڻهپو وسيع تر آهي نه ڪي محدود.

0 comments: