Tuesday 10 September 2013

مايوسي مسئلن جو حل ناهي

مايوسي مسئلن جو حل ناهي
مرحوم اشفاق احمد
سنڌيڪار: فقير جاويد ڪرمي



(لاهور سان تعلق رکندڙ مرحوم اشفاق احمد صاحب پاڪستان جي ناميارن اديبن ۽ دانشورن مان ٿي گذريو آهي. پاڻ مشرقي ۽ مغربي علمن جو وڏو ڄاڻو هيو ۽ اردو زبان جوچوٽيءَ جو افسانه نگار۽ اديب هيو. مغرب ۾ ڪافي عرصو پڙهڻ ۽ پڙهائڻ بعد جڏهن وطن واپس وريو ته ڪجهه عرصي بعد تصوف طرف مائل ٿيو. اڪثر صوفياءِ ڪرام جي محافل ۾ ويهندو هيو. پاڻ فرمائيندو هيو ته جيڪو مون کي صوفين جي محفلن مان علم ۽ عرفان عطا ٿيو آهي اهڙو مغربي يونيورسٽين ۾ به نه مليو.  اشفاق احمد صاحب جيتري عمر حيات رهيو قلم ۽ زبان جي ذريعي ماڻهن جي علمي، فڪري، ذهني، اخلاقي ۽ معاشرتي تربيت ۾ مصروف رهيو. خاص طور تي سندس گفتگوءَ جو انداز ۽ اسلوب بيحد مقبول ويو. دورانِ گفتگو پاڻ روزمره زندگيءَ جي بظاهر بلڪل ساده قصن، ڪهاڻين ۽ واقعا بيان ڪندو هيو پر انهن مان حڪمت ، دانائي ۽ دانشمنديءَ جا بي بها موتي ڳولهي پيش ڪندو هيو. بظاهر سادن قصن مان وڏيون معنائون ۽ مطلب اخذ ڪري وٺندو هيو. سندن اهڙي اندازِ بيان هزارها مردن توڙي عورتن کي، نوجوانن توڙي ٻڍن کي، مذهبي توڙي سيڪولر ماڻهن کي غرض ته هر شعبي سان وابسته بيشمار افراد کي سندن عقيدتمند بڻائي ڇڏيو. سندن ريڪارڊ ڪيل ڪچهريون ۽ لکيل تصنيفات اڄ به وڏي شوق ذوق سان ماڻهو ٻڌن ۽ پڙهن ٿا. زيرِ نظر مضمون سندن ڪيل هڪ اهڙي ڪچهريءَ جو ملخص سنڌي ترجمو آهي. فرمائين ٿا)
اسانجي زماني ۾ فرسٽ ييئر ۽ انٽر جا شاگرد عام طور تي انگريز شاعر Oscar Wilde جي محبت ۾ گرفتار هوندا هئا. هاڻي زمانو اڳتي وڌي ويو آهي. شايد اڄ سندس نظمن طرف ڌيان نه ڏنو ويندو هجي. جهڙيءَ طرح اسان سندس محبت ۾ گرفتار هياسين اهڙيءَ طرح رَتِي جِناح (قائدِ اعظم جي گهر واري) جيڪا اسان کان ڪافي ننڍي هئي، سا به Oscar Wilde جي شاعريءَ کي بيحد پسند ڪندي هئي. ان جا نظم  قائدِ اعظم جي زباني وڏي شوق سان ٻڌندي هئي. انهن ڏينهن ۾ قائدِ اعظم جي مٿان ڪم جو بار به گهڻو هوندو هيو. بار تدريجاََ وڌي به رهيو هيو. پر هُو کانئس هڪ ئي Request ڪندي هئي ”جناح مون کي آسڪر وائيلڊ جو ڪو نظم ته ٻڌاءِ!“ جيئن ته اوهان ڄاڻو ٿا، قائدِ اعظم ڏاڍو خوبصورت هوندو هيو. پر توهان شايد هن ڳالهه کان واقف نه هجو ته جڏهن قائدِ اعظم لنڊن بيرسٽري پڙهڻ ويو ته اتي هڪ اداڪار جي ضرورت جو اشتهار آيو. هي اشتهار هڪ Shakespearean Theatre Company جي طرف کان هيو. هاڻي قائدِ اعظم کي به پنهنجي انگريزي داني ۽ آواز تي ناز هيو، سو اوڏانهن هليو ويو. اتي جيڪي به اميدوار آيل هئا سي سڀ جا سڀ گورا هيا. سندن تعداد 70 جي لڳ ڀڳ هيو. قائدِ اعظم به هڪ مڪالمو پڙهي ٻڌايو. سڀني اميدوارن مان قائدِ اعظم کي ڊرامي ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ چونڊيو ويو. قائدِ اعظم ڏاڍو خوش ٿيو. هُو پنهنجو مستقبل هڪ ڪامياب اداڪار جي حيثيت سان ڏسي رهيو هيو. يڪدم کڻي ڊرامو سائن ڪيائين ۽ گهر پهچي پيءُ کي ڊگهو خط لکي موڪليائين ته مون کي بين الاقوامي شهرت يافته ڪمپني 70 گورن مٿان ترجيح ڏيندي اداڪار طور منتخب ڪيو آهي.“  خط پڙهڻ شرط سندس پيءُ کي مٿي تي هٿ اچي ويا. چي ڇوڪري کي موڪليم وڪيل ٿيڻ لاءِ هي وري اداڪار پيو ٿئي. پٽس کي ڌمڪي آميز خط لکي موڪليائين ته ”جنهن ڪم لاءِ توکي موڪليو اٿم، اهو ڪر. ٻين ڪمن ڏي ڌيان نه ڏي. خبردار! جي وڪالت ڇڏي ڪنهن ٻئي پيشي ڏي ويو آهين ته پوءِ تنهنجو خير ڪونهي!“
ان زماني جا ٻار به ڏاڍا نيڪ ۽ فرمانبردار هوندا هئا. خط پڙهي قائد اعظم کي اچي ڳڻتي ورايو. نيٺ ڪمپني جي مالڪ وٽ وڃي معذرت ڪيائين ته مان ڏاڍو شرمسار آهيان. واعدي مطابق Perform ڪري نه ٿو سگهان. هنن پڇيو ته ”ميان ٿيو ڇا؟ڪلهه ته ڏاڍو خوش پئي نظر آئين. اڄ اڳهين ڪم کان ئي جواب پيو ڏين!“
قائد اعظم چيو ”سائين منهنجو والد صاحب ٿيٽر ۾ ڪم ڪرڻ کي پسند نه ٿو ڪري ۽ مون کي هتي نوڪري ڪرڻ لاءِ منع ڪئي اٿس.“ ڪمپني جي مالڪ چيو ”تنهنجي پيءُ کي اعتراض ڇو آهي. جڏهن ته هي تنهنجي ذاتي زندگي آهي ۽ تون کي جيڪو ڌنڌو وڻي سو ڪري سگهين ٿو!“ قائدِ اعظم چيو: Sir you do not understand. اسان جي زندگيءَ ۾ ابو امان ڏاڍا اهم هوندا آهن ۽ مان اوهان کان معافي گهران ٿو.
سو ڳالهه پئي ڪئي سين ته رَتِي قائدِ اعظم کان آسڪر وائيلڊ جا نظم ٻڌندي هئي. اوهان سان ڪچهري ڪرڻ کان پهرين مون کي آسڪر وائيلڊ جي هڪ نظم جو مصرع ياد اچي رهيو هيو:
Suffering is very long moment
You can not divide it by time.
ڇ

خواتين و حضرات! Suffering (تڪليف يا ڏک سُور) هڪ اهڙي شيءِ آهي جيڪا گھڙيءَ پل لاءِ ٿيندي آهي.  کيس ونڊڻ لاءِ ڀلي کڻي ڪيڏيون به موسمون گذري وڃن هُو ڪنهن به صورت ۾ ونڊجي ناهي سگهندي. پريشانيءَ جو هڪ ننڍڙو لمحو به ڏاڍو ڊگهو لڳندو آهي. انساني زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪو ماڻهو يا انساني گروهه Suffering (تڪليفن) جي گهيري ۾ ضرور اچي ويندو آهي. مان سمجهان ته اڄڪلهه اسان مٿان به اهڙيون ڪيفيتون طاري آهن. اسان هڪ بار هيٺ دٻيل آهيون. هي Pain ۽ Sufferings  ڏک سُور انساني زندگيءَ سان گڏ هلڻ گهرجن پر مايوسي انسان جي ويجهو به نه اچڻ کپي.
اگر اوهان مون کي اجازت ڏيو ته مان اوهان کي سچ ٻڌايان ته مان ننڍپڻ جي زماني ۾ ٻه ڀيرا مايوس ٿيو هيس. هڪ ڀيري  جڏهن مان پرائمري اسڪول ۾ پهرين جماعت ۾ پڙهندو هيس. منهنجي ڀرسان هڪ ٽانگو لنگهيو. ٽانگي واري زور سان گهوڙي کي چهنبڪ هنيا. گهوڙو اچي پٽ تي ڪِريو ۽ بيهوش ٿي ويو. ماڻهن گهوڙي کي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي پر گهوڙو نه اٿيو. ڪنهن چيو ته گھوڑا ڈاکٹر کو بلا لاؤ۔
جڏهن مان اهو جملو ٻڌو ته ڏاڍو خوش ٿيس ۽ پاسي تي بيهي”گهوڙي ڊاڪٽر“ جو انتظار ڪرڻ لڳس. ڪتابن جو ٿيلهو منهنجي هٿ ۾ هيو، مونکي گهر به وڃڻو هيو. گهوڙي ڊاڪٽر جي انتظار ۾ اڌڪلاڪ گذريو، منو ڪلاڪ گذريو، پر گهوڙو ڊاڪٽر نه آيو. نيٺ ڪلاڪ کن کانپوءِ هڪ ٽانگو اچي رڪيو، جنهن مان هڪ ماڻهو لٿو ۽ گهوڙي جي ويجهو ويو. مان ڏاڍو پريشان ٿي ويس. مان ته گھوڙن جي شڪل ۾ گهوڙا نما ڊاڪٽر بابت سوچي رهيو هيس پر هي انسانن جي شڪل ۾ انسان نما ڊاڪٽر اچي نڪتو. منهنجي پريشاني مايوسي ۾ بدلجي وئي. مان ان وقت واقعي ائين سمجهندو هيس ته گهوڙن جو علاج ڪرڻ لاءِ گهوڙا هوندا. ڪتن جو علاج ڪتا ڪندا هوندا. پر مان شديد مايوس ٿي ويس.
اهڙي ئي هڪ ٻئي واقعي کانپوءِ مون الله کي چيو الله سائين مان هاڻي مايوس نه ٿيندس. الله جو شڪر آهي جو هاڻي مون تي جيڪا به ڪيفيت گذري ٿي مان واقعي مايوس نه ٿو ٿيان. هي به الله جا اسان جي مٿان احسان آهن جو اسان سخت ڏکيائين ۾ رهندي به مايوس نه ٿا ٿيون. هي به اسان کي اسان جي دين سيکاريو آهي. توهان پِپر جو ٿلهو متارو وڻ وڍجندي ڏٺو هوندو. ڀلي سؤ ڪهاڙين جا ڌڪ لڳنس پر مجال آهي جو پنهنجي جاءِ کان چري. وڻ وڍيندڙ کي ڇڏي ڪري جيڪو عام ماڻهو اهو منظر ڏسندو ته سمجهندو ته گويا اهو وڻ ڪِرندو ئي ڪو نه. پر وڍيندڙ جڏهن 100 ڌڪن هڻڻ بعد رڳو ٻه ٽي ڌڪ وڌيڪ هڻندو اٿس ته ٿلهو  متارو وڻ پٽ تي ڍير ٿي ويندو آهي. دراصل ان وڻ جي وڍجڻ جي ڪاميابيءَ پٺيان جُهدِ مسلسل Continuous Effort جو جذبو آهي جنهن وڍيندڙ کي ڪاميابيءَ تائين رسايو. انسان کي به ڪنهن ڏک سُور يا تڪليف ۾ پريشان نه ٿيڻ گهرجي. اسان کي خدا تعاليٰ به اهو ئي سيکاريو آهي ته مايوس ڪڏهن ناهي ٿيڻو. پر جيئن ته شيطان سان منهنجي پراڻي ياري آهي ۽ روز ساڻس منهنجي ملاقات به ٿيندي آهي، تنهن ڪري هو روز مونکي چوندو آهي ”اشفاق احمد ڏس! تنهنجو فلاڻو ڪم ته ڪونه ٿيو. تون ته چوندو هئين ته مان هي وظيفو پڙهندس، الله منهنجو ڪم ڪري ڇڏيندو. پر الله ته تنهنجو ڪم ڪونه ڪيو.“ مان کيس چوندو آهيان ته برابر منهنجو ڪم ڪونه ٿيو. دعا قبول به نه ٿي. پر توهانجي ڏٽن ۽ غشن ۾ مان ڪونه ايندس. توهان مون کي مايوس ڪرڻ چاهيو ٿا. پر مان مايوس ٿيندڙ ماڻهن منجهان نه آهيان. ڀلي کڻي توهان ڪيئن به ڪريو! هيل تائين ته منهنجو ساڻس اهو رشتو آهي جو بار بار مونکي مايوس ڪرڻ ايندو آهي پر کانئس مايوس ڪونه ٿي سگهندو آهيان.
توهان زندگيءَ ۾ جڏهن به ڏسندؤ ته محسوس ڪندؤ ته شيطان ٻيو ڪجهه نه ڪندو آهي رڳو اوهان کي مايوس ڪندو آهي ته ڏسو! اوهان هيڏو ڪجهه ڪيو پر ٿيو ڪجهه به ڪونه. پر جناب شيطان صاحب مان ڏکارو ٿي سگهان ٿو، رنجيده ته ٿي سگهان ٿو، پر مايوس نه ٿو ٿي سگهان ۽ هي مون تي الله جي خاص مهرباني ۽ عنايت آهي جو مان ٻالڪپڻ جي ٻن واقعن کانسواءِ ڪڏهن به مايوس ناهيان ٿيو. مان اوهان کان به اها ئي اميد رکان ٿو ته اوهان به ڪڏهن به مايوس نه ٿيندؤ. ڇو ته توهان اگر جهلم وٽ شير شاهه سوريءَ جي قلعي جي ويجهو گرو بالا ناٿ جي دَڙي تي ويا هجو ته اتي مٿي چڙهڻو پوندو آهي. ان اوچائيءَ تي ويندڙ ماڻهو ته ٽانگن تي ويٺا هوندا آهن پر ٽانگا هلائيندڙ لَهِي گهوڙن سان گڏ هلندا رهندا آهن. مان سمجهان ٿو ته اگر ٽانگن وارا نه لَهَن ۽ گهوڙن کي اها خاطري نه هجي ته منهنجو مالڪ مون سان گڏ آهي ته اهو گهوڙو ڪڏهن به اوچائيءَ تي نه چڙهي سگهي. اوهان جي ان محبت لاءِ ٿورائتو آهيان جو اوهان هتي تشريف وٺي آيا. منهنجي ڳالهه ٻڌي. آءُ سمجهان ٿو ته هاڻي اوهان ۽ مان ڪنهن به معاملي ۾ مايوس نه ٿينداسين.

 (زاويه/اشفاق احمد، ج 2، ص 276 - 281)

0 comments: