Thursday 29 August 2013

Hazrat Khwaja Mahboob-e Illahy Ghaffari Naqshbandi R.T.A.

قُدوَة الاَولِيَاء 
حضرت خواجه محبوبِ الاهي غفاري نقشبندي
قدس سره العزيز


حضرت خواجه محبوبِ الاهي غفاري نقشبندي قدس سره

سِرَاجُ السالڪين، شَمسُ العَارِفِين، زِينَتُ الاَصفِيا، قُدوَةُ الاَولِيَاء، حضرت خواجه محمد الاهي بخش المعروف حضرت ”مَحبُوبِ اِلاهِي“ قدس سره العزيز آسمانِ طريقت جا اهي درخشان آفتاب هئا جن جي فيوضات جي ڪِرڻَن سرزمينِ سنڌ جي گوشي گوشي کي جَرڪائي ڇڏيو. پاڻ فيوضاتِ نقشبند جو اهڙو بحرِ بي پايان هئا، جنهن هڪ عالَم کي سيراب ڪري هر پاسي دين اسلام جي سرسبزي ۽ شادابي ڦهلائي ڇڏي. سندن ذاتِ گرامي علم و عرفان جو اهڙو گلشن هئي جنهن جي سُڳَنڌ ۽ سُرهاڻ ساري زماني کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي مُعطَر بنائي ڇڏيو.
پاڻ همه جِهت شخصيت جا صاحب هئا. ظاهري ۽ باطني ڪمالات سان مالا مال ۽ يگانهء روزگار هئا. جنهن علم ۽ فن جي طرف توجهه فرمايائون ان ۾ امام بنجي ويا. پاڻ هڪ ئي وقت سلسله عاليه نقشبنديه جا شيخِ طريقت، علومِ شرعيه و مروجه جا تمام وڏا عالم، لحنِ داؤديءَ ذريعي ماڻهن جي زندگين جو رُخ ڦيريندڙ سحرانگيز مقرر هئا. نِيز  معقول و منقول جا عظيم معلم و مدرس هئا.
وليس علي الله بمستنکر            ان يجمع العالم في واحد
(۽ اهو الله تعاليٰ جل شانه جي ذات لاءِ مشڪل به ناهي ته سموري جهانَ جون خوبيون هڪ شخصيت ۾ جمع فرمائي ڇڏي.)
برگزيده گهراڻو:
پاڻ ضلعي دادو جي شهر خيرپور ناٿن شاهه لڳ ڳوٺ ڪُرڪٽ ۾ هڪ عظيم البرڪت انصاري خانوادي ۾ تولد ٿيا. سندن خانوادو شريعتِ مطهره جي اتباع، زهد وتقويٰ، عبادات و رياضات جي سبب معروف و مشهور هيو. سندن ڏاڏي صاحبه ”مخدومه بيبي ڪامُل سائڻ“ رحمة الله عليها پنهنجي دور جي ڪامل وليه هئي. بيبي سائڻ اتباع و عشقِ رسول جي پيڪر هئي. پاڻ محبوبن ڪريمن جي مٿان نَـــوَ ڪروڙ ڀيرا درود پاڪ پڙهيو هيائين. جيجي سائڻ فرمائيندي هئي ته ڪيترائي ڀيرا مون کي ظاهري اکين سان حضور عليه الصلوات والسلام جي زيارت نصيب ٿي آهي.
حضرت سائين جن جا والدِ گرامي حضرت خدا بخش انصاري الملقب ”قاضي صاحب“ نقشبندي سلسلي جي باڪمال بزرگ حضرت ميان محمود﷥(ٻوڙا لاکير وارن) جا منظورِ نظر مريد هئا. پاڻ عابد زاهد، پرهيزگار ۽ تهجد گذار هئا. شريعت جي ڪامل اتباع ڪندڙ هئا. اهلِ دل و اهلِ ڪشف هئا. اهڙي برڪتن ڀرئي گهراڻي ۾ حضرت خواجه محبوبِ الاهي قدس سره جن جي ولادت ٿي.  
سلسله تعليم:
پاڻ قرآن شريف جي ابتدائي تعليم پنهنجي والدِ گرامي وٽ پڙهيا. جڏهن سنِ شعور کي پهتا ته سندن والدِ گرامي کين گوزي جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. پاڻ اتي پنج درجا سنڌي پاس ڪري پوءِ فائنل پاس ڪيائون. تنهن دور ۾ فائنل پاس هجڻ به وڏي ڳالهه هئي. اسڪول ۾ عصري علوم فائنل تائين حاصل ڪرڻ دوران پاڻ فارسي تعليم استادالعلماء مولانا محمد ڇٽل لغاري صاحب وٽ ڳوٺ ولي محمد ۾ واقع مدرسي ۾ حاصل ڪندا رهيا. فارسي جي مروجه ڪتابن جهڙوڪ، پنج ڪتاب، سعدي جي گلستان ۽ بوستان کان علاوه جامي جي زليخا، رومي جي مثنوي ۽ سڪندر وغيره تائين پڙهيائون. تانجو فارسيءَ ۾ کين وڏي مهارت حاصل ٿي وئي. فارسيءَ ۾ لکڻ پڙهڻ کان علاوه فارسيءَ ۾ ڪلام به ڪندا هئا. اسڪول ۾ فائنل پاس ڪيائون ۽ هوڏهون فارسي تعليم به پوري ڪيائون پوءِ فقه، حديث ۽ تفسير وغيره جا ڪتاب پڙهڻ لاءِ مدرسه ڪڙيه غلام الله ۾ داخل ٿيا. هتي حضرت مولانا محمد اسحاق صاحب جيد عالمِ دين، مفسر ۽ محدث سندن استاد هيو. ڪجهه عرصي بعد ڪن سببن ڪري هن مدرسي کان منتقل ٿي پاٽ شريف جي مدرسي ۾ داخل ٿيا. اتي مشڪواة شريف جلد ثاني شرح وقايه وغيره پڙهڻ شروع ڪيائون. حيرت جي ڳالهه اها آهي جو انهن ڪتابن پڙهڻ دوران سندن عمر مبارڪ چوڏهن سال هئي. اتي سندن استاد حضرت مولانا مولوي خان محمد آگرو هيو. تنهن بعد ڪجهه عرصو مدرسه مظهر الحق نصرپور ۾ مولوي عبدالحق رباني وٽ پڙهيا. پاڻ پنهنجي باقي تعليم قنبر لڳ ڳوٺ ياري ديري جي مدرسي ۾ مخدوم العلماء حضرت علامه حافظ عبدالرحمان ٻٻر وٽ پوري ڪيائون.  جڏهن پاڻ علومِ شرعيه ۽ فنونِ مروجه ۾ ماهر ٿيا. ته سندن استادن گڏجي کين علمي سند ۽ دستار فضيلت عطا ڪري پنهنجو جانشين بنايو.
دستارِ فضيلت:
نائين ذوالحج 1365 هه ۾ سندن اباڻي ڳوٺ ڪرڪٽ ۾ عظيم الشان جلسو ٿيو. جنهن ۾ خصوصي شرڪت شيخ المشائخ حضرت علامه محمد قاسم مشوريڪئي. اهڙي طرح صرف سترهن سالن جي عمر ۾ فارغ التحصيل ٿي دستارِ فضيلت حاصل ڪيائون.
درس و تدريس:
دستارِ فضيلت بعد سندن اساتذه کين علم جي اشاعت جو امر فرمايو. پاڻ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڪرڪٽ ۾ هڪ ديني مدرسو قائم ڪري باضابطه درس و تدريس کي لڳي ويا. سندن علمي فيض سان ڪيترا ئي عالم فيضياب ٿيا. صاحبزاده  مولوي ڪليم الله صاحب، مولانا محمد يوسف لغاري بن مولانا محمد ڇٽل لغاري، مولوي محمد اسماعيل ڏيپر، مولوي غلام رسول ڏيپر، حضرت قبله محبوب دلبر سائين و ديگر حضرات  سندن تلامذه  منجهان چند آهن.
حصولِ فيض:
جڏهن پاڻ مدارس ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا هئا. ان دوران ئي ارادو فرمايو هيائون ته تعليم مان فارغ ٿيڻ بعد پنهنجي والدِ گراميءَ جي مرشد حضرت ميان محمود﷣سان بيعت ڪندا. پر اڃا پاڻ تعليم مڪمل ئي نه فرمائي هئائون ته حضرت ميان محمود هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا. سندن وفات جي خبر ٻڌي پاڻ ڏاڍا افسرده ٿيا.
فارغ التحصيل ٿيڻ بعد حضرت مولانا محمد قاسم مشوري رحمته الله عليه سان بيعت ٿيا.
حضرت محبوب الاهي پير مٺا سائين جي صحبت ۾:
پوءِ جڏهن سرزمينِ سنڌ ۾ پنجاب کان قطبِ عالم حضرت خواجه محمد عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين فضلي مجددي نقشبندي قدس سره  ابرِ رحمت بنجي آيا ۽ سندن آمد سان اطراف واڪنافِ سنڌ ۾ نقشبندي فيض جي پالوٽ ٿي وئي. ان وقت حضرت محبوب الاهي سلسله عاليه نقشبنديه ۾ قطبِ عالم جن سان بيعت ٿيا ۽ ٿوري ئي عرصي اندر مرشدن ڪريمن کين خلافت واجازت سان سرفراز فرمايو ۽ گڏو گڏ لکي ڏنو ته،
”منهنجي هن خليفي سلوڪ نقشبنديه جا حالات واردات ۽ باطني مقامات حاصل ڪري ورتا آهن، ان ڪري کيس ماڻهن جي رشد و هدايت لاءِ اجازت عامه ڏيان ٿو.
مسندِ ارشاد و هدايت:
مرشدن جي امر سان پاڻ خيرپورناٿن شاهه لڳ ڳوٺ خانپور ۾ ”الله آباد“ جي نالي سان ديني و روحاني مرڪز قائم ڪري تبليغي سلسلو شروع ڪيائون. سندن مرڪز جو افتتاح قطبِ عالم حضور پير مٺا سائين رحمت الله عليه خود پنهنجي دستِ حق سان فرمايو.
سندن فيض و برڪت سبب مخلوق سندن خانقاهه طرف فوج در فوج اچڻ شروع ٿي. پاڻ پير مٺي ﷣ جي نقشِ قدم تي هلندي هڪ مُصلِح ۽ مُرَبيءَ جو ڪردار ادا ڪيائون ۽ خلق سُڌاريائون.
معاشري ۾ رواج پذير غيرشرعي روايات و رسومات جي بيخ ڪني ڪندي شريعت مطهره جي اجراء  و اشاعت لاءِ ڪاوشون ڪندا رهيا.
هڪ ته پاڻ تمام وڏا عالم هئا ٻيو وري الله تعاليٰ کين لحنِ داؤدي عطا ڪيو هيو. فنِ خطابت جا بادشاهه هئا. ٽيون وري سندن سينه اطهر پير مٺي ﷣ جي فيوضات سان سرشار هيو. پير مٺي جي مٿن خصوصي نگاههِ ڪرم هئي. تنهن ڪري سندن وعظ و تلقين ۾ بي انتها تاثير هئي. جيڪو هڪ ڀيرو سندن محفل ۾ ويٺو ، سو محفل برخاست ٿيڻ تائين سندس اندر ۾ تبديلي اچي ٿي وئي. بس هڪ محفل سندس زندگيءَ ۾ نقطهء انقلاب ثابت ٿي. آيو هيو ته بيديني ۽ بي راهه روي مزاج مٿان غالب هيس. واپس موٽيو ته ديندار ۽ تهجدگذار بڻجي پوءِ موٽيو. هي سندن نوراني نظر جو ۽ فيض و برڪت جو ڪمال هيو.  سندن صحبت ۾ ايندڙ بيشمار  ماڻهن جون زندگيون بدلجي ويون. وڏا وڏا رهزن، چور ڌاڙيل، بي دين ماڻهو به سندن فيوضات جي بارش ذريعي بي ديني و بي حيائيءَ جي ميراڻ کان ڌوپجي اڇا اجرا ٿي پيا. دنياوي محبتن ۾ گرفتار افراد جي قلب و باطن تي نگاهه فرمائي انهن جا ميرا مَنَ ڌوئي صاف ڪيائون. انهن کي محبوبِ حقيقيءَ جي محبت و معرفت سان لبريز ڪري ڇڏيائون.  الغرض ملڪ جو گوشو گوشو سندن انوار سان جرڪي پيو.
پير مٺي  جي ساڻن محبت:
جيئن ته پاڻ پنهنجي ذاتِ گراميءَ کي مخلوق جي اصلاح لاءِ ارپي ڇڏيو هئائون، شب و روز تبليغِ دين ۾ مصروف رهندا هئا. تنهن ڪري سندن تبليغي ڪاوشن بدولت بيشمار ماڻهو قطبِ عالم حضرت پير مٺا سائين ﷣ جن سان بيعت ٿيا. جڏهن رحمت پور شريف ۾ ماهوار محفل ٿيندي هئي ته پاڻ لا تعداد ماڻهن جو قافلو قطاري دربار تي حاضر ٿيندا هئا. دربار تي حاضري بعد اهلِ خانه سميت جماعت جي خدمت ۾ مشغول ٿي ويندا هئا. ان سان گڏ سندن شمار غفاري جماعت جي علماء ۽ خطباء ۾ ٿيندو هيو. ماهوار جلسي ۾ سندن خطاب مقرر ٿيل هوندو هو. سندن اهڙين خدمتن سبب پير سائين جن ﷣ ساڻن بي حد محبت ڪندا هئا. کين شفقت وچان ”روئڻو خليفو“ سڏيندا هئا.
پير مٺا سائين جو وصال ۽ جماعت جي ساڻن تجديد بيعت:
1964ع  ڌاري پير مٺا سائين جن ﷣ وصال فرمايو ته مرشد ڪريم جي وڇوڙي جو کين شديد صدمو رسيو. هجر و فراق جي بي چين ۽ بي قراري جا باوجود پاڻ پنهنجي پير ﷣ جي مِشَن کي جاري و ساري رکيائون.  جماعت جي وڏي تعداد سندن دستِ حق پرست تي تجديدِ بيعت ڪئي. پاڻ نگر نگر شهر شهر بنفسِ نفيس وڃي مخلوقِ خدا کي نورِ باطن سان فيضياب ڪندا ويا. سندن نوراني نگاهه سان ماڻهن جون بگڙيل تقديرون سنورنديون ويون.  غير شرعي رسوم و رواج جي پاڙ پٽي سنت و شريعت جو بول بالا ڪندا ويا.
تبليغِ دين خاطر هجرتون:
پاڻ دينِ متين جي ترويج و اشاعت جي معاملي ۾ نهايت حريص هئا. سندن متبرڪ زندگيءَ جي جملي مشاغل جو مرڪز و محور هڪ افراد ۽ جماعات جو اصلاح ڪرڻ هيو. سندن مبارڪ طبيعت ۾ جذبهءِ تبليغ غالب هجڻ سبب پاڻ هڪ جاءِ تي مستقل رهائش اختيار ڪري آرامده زندگي بسر نه ڪيائون. پر حبيبن ڪريمن   جي سنت تي عمل ڪندي تبليغِ دين خاطر هجرتون ڪندا رهيا. پنهنجو اباڻو ڳوٺ ڇڏي، عزيز ۽ رشتيدار ڇڏي محض ماڻهن جي اصلاح خاطر هجرتون ڪندا رهيا. ڪُرڪٽ کان ماتليءَ تائين پاڻ ڪيترن ئي مقامات ڏانهن هجرتون ڪيائون. جتي هجرت ڪري رهائش پذير ٿيندا هئا، اتي ڪجهه عرصو رهي مرڪز قائم ڪندا هئا. فيض و برڪت جا واهڙ وهائي خلقِ خدا کي مستفيض ڪندا هيا. جڏهن تَرَ جي ماڻهن ۾ سنت و شريعت جي تابعداري ڏسندا هئا ته پوءِ وري ڪنهن ٻئي علائقي کي فيضِ مصطفويءَ سان رنگڻ ويندا هئا. ان طرح سان پاڻ ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ شهرن ڏانهن هجرتون ڪيائون.
 الله تبارڪ و تعاليٰ پنهنجي هن ڪامل وليءَ جي فيوضات کان جهڙي طرح اتر سنڌ جي ماڻهن کي فيضياب ڪيو تهڙي طرح لاڙ وارن کي پڻ مستفيض فرمايو. سندن بابرڪت زندگيءَ جي آخري هجرت لاڙ طرف ماتلي شهر ڏانهن ٿي. پاڻ هن شهر کي پنهنجي آخري رهائش گاهه جو شرف بخشيائون. سندن رهائش پذير ٿيڻ بعد پهريون ڪم ”دربار فضل آباد شريف“ جي  نالي سان روحاني عرفاني مرڪز جو قيام هو.
جتان منظم انداز ۾ لاڙ جي اطراف و اڪناف ۾ رشد و هدايت جو سلسلو شروع ڪيائون. علم و عرفان فيض و برڪت جا ناياب گوهر تقسيم ڪرڻ شروع ڪيائون. لاڙ جي ماڻهن لاءِ سندن تشريف آوري نعمتِ عظميٰ ثابت ٿي. پاڻ هتان جي ماڻهن لاءِ بارانِ رحمت بنجي آيا. سندن فيوضات و انوارات جي بارش سان بيشمار ماڻهن جي ديني بنجر زندگيون زرخيز ٿي ويون. سندن فيض و برڪت جي وَڏَ ڦُڙي مِينهن سبب هر پاسي سنت و شريعت جي اتباع ، بلند نظري و بلند ڪرداري، خوش عقيدگي و خوش اعتقاديءَ جا فصل لهرائڻ لڳا. لاڙ سندن آمد سان  گل و گلزار ٿي ويو.
ڪجهه عرصي بعد اتر سنڌ جي جماعت جي اصرار تي ضلعه دادو ۾ ڪرمپور شريف جي نالي سان نئون تبليغي مرڪز قائم ڪيائون. جتي هر ٻئي مهيني  ماهوار بنفسِ نفيس تشريف فرما ٿي فيضِ مصطفوي ونڊيندا رهيا. اهڙي طرح پاڻ پنهنجي حياتِ مبارڪه جي آخري پل تائين عامته الناس جي اصلاحِ احوال ۾ مصروف رهيا.
تربيت جي تاثير:
  سندن فيض و برڪت سبب بي شمار ماڻهن جي زندگين ۾ انقلاب برپا ٿي ويو. پاڻ پنهنجي صحبت نشين فقراء جي گهڻ رخي تربيت فرمايائون. انهن جي جيئڻ جي طور طريقن ۽ رنگ ڍنگ ۾، ظاهر و باطن ۾  انقلاب برپا ڪيائون. احقر کي اڄ به ڪڏهن ڪڏهن سندن صحبت نشين پراڻن فقيرن سان ملاقات جي سعادت حاصل ٿيندي آهي. تمام گهڻي حيرت ٿيندي آهي ته ههڙي دور ۾ جتي بدمذهبن جي گمراهه ڪن عقائد وافڪار جون هوائون گُهلنديون هجن.
عوام ته ڇا پر خواص به سنت و شريعت جي اتباع کان محروم هجن. بي عملي، بي حيائي، بي راهه روي ننگو ناچ ڪندي هجي. اُن دور ۾ انهي ساڳئي معاشري اندر رهندي خواجه محبوب الاهيءَ (قُدِّسَ سِرُهُ) جا صحبت نشين فقيرَ سنت و شريعت تي پهاڙ جيان ثابت قدم نظر ايندا آهن. منجهن ڪو عمل به سنت جي خلاف نظر نه ايندو آهي. پيرسنيءَ باوجود به عبادتن ۽ رياضتن جو هي حال اٿن جو تهجد نماز به  نه ڇڏيندا آهن. زُهد و تقويٰ، پرهيزگاري، توڪل، اخلاص، عاجزي انڪساريءَ جا پيڪر نظر ايندا آهن. هنن اعليٰ تربيت يافته افراد کي ڏسي قدوة الاولياء حضرت خواجه محبوبِ الاهي ﷣ جي عظمت اڳيان گردن جُهڪي پون ٿا.
وصال پُر مَلال ۽ سجاده نشين جو انتخاب:
1991 ع ۾، ٽيهٺ ورهين جي ڄمار ۾، هڪ عالَم کي فيضياب ڪرڻ بعد الله جي هن ڪامل وليءَ جو وصال ٿيو. سندن مزار پُر انوار دربار فضل آباد شريف ماتليءَ ۾ مرجع خلائق آهي. پاڻ پنهنجي آخري ايام ۾ ئي پنهنجي چوٿين نمبر فرزند حضرت خواجه محمد ڪرم الله المعروف محبوب دلبر سائين دامت برڪاته  کي  پنهنجو سجاده نشين نامزد ڪري ويا.
مزار پر انوار حضرت محبوبِ الاهي قدس سره
دربارِ عاليه فضل آباد شريف ماتلي، ضلع بدين، سنڌ.


خدماتِ محبوبِ الاهي هڪ نظر ۾:
  • سندن عظيم ترين خدمت هي آهي جو حضرت قبله محبوب دلبر سائين دامَ برڪاته جن جهڙي عظيم المرتبت هستي جي پنهنجي آغوشِ محبت ۾ پالنا ۽ پرورش فرمايائون. پاڻ ان عظيم هستيءَ جي ظاهري توڙي باطني تعليم و تربيت فرمايائون، جنهن جي ذاتِ گرامي لکين ماڻهن جي قلب و باطن، فڪر و نظر، طرزِ زندگي و طرزِ معاشرت ۾ مصطفوي انقلاب برپا ڪري ڇڏيو آهي. سندن هي عظيم الشان خدمت تمام سنڌ واسين مٿان  بالخصوص ۽ تمام اهلِ پاڪستان مٿان بالعموم عظيم احسان آهي.
  • پاڻ پنهنجي وفات کانپوءِ عالم،  فاضل، مقرر، مصنف، باشرع فرزند ارجمند ڇڏيائون. جيڪي پنهنجي تحرير و تقرير سان سندن واٽ تي هلي دينِ اسلام جي خدمت ۾ مصروف آهن.
  • حضرت محبوبِ الاهي قدس سره  نوراني نظر سان بيشمار ماڻهن جي قلب و باطن جي آلائشن کي ڌوئي پاڪ صاف ڪري انوارِ الاهيه سان انهن جا باطن جرڪائي ويا. درجنين خوشنصيب حضرات سندن مئڪده عشقِ الاهيءَ مان جامِ اُلفت نوش ڪري اعليٰ روحاني مقامات و درجات تي فائز ٿيا. جن کي پاڻ خلافت عطا ڪري دين جي تبليغ لاءِ مامور فرمايو. جن پڻ سندن نقشِ قدم تي هلندي ڳوٺ ڳوٺ شهر شهر سندن پيغام کي عام ڪيو. عوام الناس کي الله ۽ ان جي حبيب   جي فرمانبرداري جو سڏ ڏنو. سنت و شريعت جي اجرا ۽ اشاعت لاءِ پاڻُ پتوڙيو.
  • بي ديني ۽ گمراهيءَ  جي کڏ ۾ ڪريل هزارين ماڻهن کي ديندار، پرهيزگار ۽ تهجدگذار بنائي ويا. جن جون جبينون ڪڏهن مالڪ ڪريم اڳيان جهڪيون نه هيون، سي سندن فيض و برڪت سان ساجد ۽ عابد ٻانها بنجي ويا. جن اکين ۾ ڪڏهن حياء ذرو نه هيو، سندن صحبت کانپوءِ اهي اکيون خوفِ خدا ۾ آبديده ٿي ويون. سندن فيض سبب ڳوٺن جا ڳوٺ شريعت پاڪ مٿان  پائبند ٿي ويا. اڄ به بيشمار ڳوٺ اهڙا آهن جن جي گهرن ۾  محبوبِ الاهي قدس سره جي فيض سبب سمورا ڀاتي پنج وقت نمازي، تهجد گذار، سنت و شريعت جا پائبند آهن. اُنهن ڳوٺن ۾ شادي توڙي غميءَ جون تقريبات سنت و شريعت مطابق ٿينديون آهن. الغرض پاڻ بي دين معاشري کي مڪمل طور بدلائي محبوبن ڪريمن   جي تعليمات جي روشنيءَ ۾ ان جي نئين سِر تشڪيل فرمائي. 
  • پاڻ ڪيترن ئي  بدڪردارن بدخصالن کي نيڪ سيرت ۽ خوش خصال بنائي ويا. جيڪي پنهنجي اهلِ خانه، قوم و ملت لاءِ بنهه بيڪار بڻيل هئا. تن جي به تربيت فرمائي کين پنهنجي اهلِ خانه، قوم و ملت لاءِ ڪارآمد بنائي ويا.
  • فضل آباد شريف ماتلي ۽ ڪرمپورشريف دادو نالي ٻه روحاني و عرفاني مراڪز قائم ڪيا. جيڪي اڄ به هزارين طالبانِ حق جي اُڃ اجهائي رهيا آهن.
  • پاڻ نثر ۾”قوةالسالڪين“،”اخلاق محمدي“ ۽ ”بهجة القلوب“، جهڙيون تصوف تي شاهڪار تصانيف اهلِ سنڌ کي عطا ڪري ويا.
  • ”جامِ عشق“ جي نالي سان صوفيانه ۽ عارفانه شاعريءَ تي مشتمل شاندار مجموعو سنڌي زبان کي عنايت فرمائي ويا.
الغرض وفات فرمائي ويا ته وراثتاَ علم و عرفان جا اَملهه گوهر ڇڏي ويا. هزارها نيڪ صالح افراد جو ڪيڏو نه شاندار ورثو ڇڏي ويا!!!
محبوبن ڪريمن  اهڙن ئي الله جي ڪامل ولين کي پنهنجو وارث سڏيندي فرمايو آهي:
إِنَّ الْعُلَمَاءَ وَرَثَةُ الْأَنْبِيَاءِ، إِنَّ الْأَنْبِيَاءَ لَمْ يُوَرِّثُوا دِينَارًا وَلَا دِرْهَمًا،
 إِنَّمَا وَرَّثُوا الْعِلْمَ، فَمَنْ أَخَذَهُ أَخَذَ بِحَظٍّ وَافِرٍ [1]
”(منهنجي امت جا  ظاهري توڙي باطني علوم و معارف جا پيڪر) علماء انبياء جا وارث آهن. نبيءَ درهم و دينار جي وراثت ناهن ڇڏيندا بلڪه انهن جي ميراث (ظاهري و باطني) علم آهي. پوءِ جنهن کي اها وراثت ملي ان وڏو حصو حاصل ڪري ورتو.“
اهڙين عظيم المرتبت شخصيات متعلق ئي ڪنهن شاعر فرمايو آهي:
هزاروں  سال  نرگس  اپني  بے نوري  په  روتي  هے

بڑی  مشکل  سے   هوتا  هے  چمن  میں  ديده  ور  پيدا۔

]


[1] اخرجه  ابن ماجه  في سننه کتاب: افتتاح الکتاب في الايمان...الخ، باب:فضل العلماء والحث علي طلب العلم،(1/81)،الرقم:223،  والترمذي في السنن، کتاب: العلم، باب: ما جاء في فضل الفقه علي العبادة، (5/48)، الرقم:2682،  وابن حبان في الصحيح، (1/289)، الرقم:88.

0 comments: