Tuesday 10 September 2013

عقل واري اک

عقل واري اک:



خطيب بغدادي پنهجي ڪتاب ”تاريخ بغداد“ ۾ قاضي ابو يوسف جو تذڪرو ڪندي لکي ٿو. علي بن جعد جو چوڻ آهي ته امام ابو يوسف مونکي ٻڌايو ته جڏهن منهنجي والد جو انتقال ٿي ويو ته منهنجي ماءُ مونکي هڪ ڌوٻي  وٽ خدمت لاءِ رکيو. آئون اڪثر ڌوٻي کي ڇڏي امام ابو حنيفه وٽ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هليو ويندو هئس ۽ اتي حديث ۽ فقه جو علم سکڻ لڳس. جڏهن منهنجي ماءُ کي اها خبر پوندي هئي ته هوءَ مونکي دوباره ڌوٻي وٽ ڇڏي ايندي هئي.
جڏهن اهو واقعو بار بار ٿيڻ لڳو ته منهنجي والده  امام ابو حنيفه کي چوڻ لڳي ته هن ڇوڪري کي تو بگاڙيو آهي. هي هڪ يتيم ڇوڪرو آهي، هن وٽ ڪجهه به نه آهي. آئون چرخو ڪتي  هن کي کارائيندي آهيان ۽ آئون چاهيان ٿي ته هي به ڪجهه ڪمائي. امام ابو حنيفه منهنجي ماءُ کي چيو ته هي پستي جو فالوده کائڻ وارو علم سکي رهيو آهي. منهنجي ماءُ امام ابو حنيفه کي اهو چوندي واپس آئي ته لڳي ٿو ته پوڙهائپ جي ڪري تنهجو عقل جواب ڏئي رهيو آهي. امام ابو يوسف چوي  ٿو ته امام ابو حنيفه منهنجي مالي مدد ڪئي ۽ آئون سندن وٽان علم حاصل ڪندو رهيس. ايستائين جو آئون ان قابل ٿي ويس جو عباسي حڪومت ۾ قاضي جي عهدي تي  فائز ٿيس. هاڻ  آئون خليفي هارون رشيد جي  مجلس ۾ ويهڻ لڳس. ان سان گڏ دسترخوان تي ويهڻ لڳس. هڪ ڏينهن هارون رشيد جي لاءِ فالوده آيو.
هارون رشيد مونکي چيو ته هي تون کاءُ. مون پڇا ڪئي ته اي اميرالمومنين هي ڇا آهي؟ هارون رشيد چيو ته هي پستي جو فالوده آهي. اهو ٻڌي  آئون کلڻ لڳس. جڏهن خليفي هارون رشيد ان جو سبب پڇيو ته مون سڄو قصو اول تا آخر بيان ڪري ٻڌايو. هارون رشيد اهو ٻڌي اچرج ۾ پئجي ويو ۽ چوڻ لڳو ته منهنجي زندگي  جو  قسم، علم انسان کي بلند ڪري ٿو. دين ۽ دنيا ۾ نفعو ڏئي ٿو. الله رحم ڪري ابو حنيفه تي، اهي پنهنجي عقل واري اک سان اهي شيون ڏسي وٺندا هئا جيڪي پنهجي ظاهري اکين سان نه ڏسي سگھندا هئا.

سمجهاڻي: هن حڪايت مان معلوم ٿيو ته ڪي ٻارڙا فطرتاَ ذهين ۽ ذڪي ٿين ٿا. اُنهن جي اندر بي پناهه صلاحيتون پوشيده ٿين ٿيون. پر کين ڪنهن محسن يا مربي جي ضرورت هوندي آهي. جيڪو سندن لڪل صلاحيتن کي سُڃاڻي ۽ تربيت ذريعي اُنهن کي نکاري. اسان جي قوم ۾ به ڪيئي امام ابو يوسف ٻارڙن جي صورت ۾ موجود هوندا. جيڪي ڪنهن امام اعظم جهڙي شفيق مهربان ۽ قابل استاد جي دستِ شفقت جا منتظر هوندا. شال اسان جا سمورا اُستاد امامِ اعظم جي فقهه جي تقليد ۽ تدريس سان گڏ هن عظيم هستيءَ جي اندازِ تعليم و تربيت کي به اپنائين! طالبِ علم ساٿي به اگر شوق ذوق سان، تمام ڏکن ڏاکڙن ۽ تڪليفن باوجود ثابت قدميءَ سان علم جي حصول ۾ مشغول رهن ته الله تعاليٰ کين دنيا توڙي آخرت جون ڀلايون عطا فرمائيندو.

0 comments: