Monday 23 December 2013

The Role of Naqshbandi Sufis in the development of Sindhi language and literature (Part One)

مقالو

ســـنـــڌي ٻـولــي ۽ ادب

 جي اوســر ۾

نقشبندي صوفين جو ڪردار

(The Role of Naqshbandi Sufis in the development of Sindhi Language & Literature)

مقاله نگار:
فقير جـــاويــد ڪرمي 

(ايم اي فائنل، پاڪستان اسٽڊي سينٽر سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو)


ڪجهه هن مقالي بابت:
هي مقالو راقم الحروف جي محترم و مڪرم استاد ڊاڪٽر شجاع احمد مهيسر صاحب طرفان ڏنل اسائنمينٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ لکيو ويو هو. دراصل ڊاڪٽر صاحب Languages & Literature in Pakistan (پاڪستان ۾ مختلف ٻوليون ۽ ان ۾ سرجندڙ ادب) سبجيڪٽ پڙهايو ۽ آخر ۾ ريسرچ پيپر جو انداز سمجهائي ڏهه کان ٻارنهن صفحن تي مختصر تحقيقي مضمون لکي اچڻ لاءِ چيو. فقير ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي اوسر ۾ حضرات نقشبند“ جو عنوان تحقيق لاءِ منتخب ڪيو. 
هن عنوان جي چونڊ پٺيان ٻه ٽي اهم ڪارڻ هئا. پهريون هي ته فقير خود نقشبندي سلسلي سان عقيدت رکي ٿو ۽ پنهنجي مادري زبان سنڌيءَ سان محبت پڻ. ٻيو ته اسان وٽ علم و ادب جي واڌاري ۾ ڪردار ادا ڪندڙ اڪثر وڏن سرڪاري توڙي نجي ادارن ۾ ويٺل اسان جا سنڌي ڀائر، بد قسمتيءَ سان، گهڻي حد تائين اولهه جي مذهب بيزار نظرين مان متاثر هجڻ سبب، سنڌ جي شاندار مذهبي روايتن کان پرهيز ڪرڻ جي روش اختيار ڪندا رهيا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ علم و ادب ۾ سنڌي مذهبي عالمن ۽ سنڌي صوفي بزرگن جي ڪردار تي تفصيلي روشني نه وڌي وئي آهي. جيڪڏهن ڪنهن بحث ڪيو به آهي، تڏهن به ان انداز سان ته جيئن پڙهندڙ کي اهو معلوم نه ٿي سگهي ته ان ليکڪ يا شاعر سنڌي ٻولي ۽ ادب جي جيڪا خدمت ڪئي، تنهن جي پٺيان ڪو مذهب يا تصوف جو به ڪو ڪردار رهيو هو، جنهن کيس اتساهيو ته هُو پنهنجي ٻوليءَ ۾ مذهبي ۽ صوفيانه مباحث ڇيڙي هڪ پاسي پنهنجي ٻوليءَ کي ترقي ڏياري ته ٻئي پاسي سماج اندر مذهبي ۽ صوفيانه تعليمات جو پرچار ڪري. 
ان کوٽ کي محسوس ڪندي فقير پنهنجي حال سارو وک وڌائي. مختصر اسائينمينٽ مفصل مقالي جي صورت ۾ تبديلي ٿي وئي. ڊاڪٽر صاحب ته ٻارنهن صفحن تي مشتمل تحقيقي مضمون لکڻ لاءِ چيو هو، پر مضمون وڌي 103 صفحن تي مشتمل مقالو بڻجي پيو ۽ ڊاڪٽر صاحب وٽ جمع ڪيو ويو. ڊاڪٽر شجاع صاحب، جيڪي ويجهڙ ۾ لنڊن جي ڪوئين مئري يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ ڪري موٽيا آهن، مقالي کي ڏسي بيحد خوش ٿيا ۽ هن مقالي کي، ڪجهه واڌارن ۽ سڌارن بعد، ايم فل ٿيسز جي معيار تي پورو لهندڙ ڊڪليئر ڪيائون. 
مقالي ۾ اڃان به مواد ڀرتي ڪرڻ، وڌيڪ تُز تجزئي ڪرڻ ۽ مزيد نتيجن لهڻ جي ضرورت آهي. انشاء الله جلد هن مقالي تي ڪم ٻيهر شروع ڪري، کيس مڪمل ڪندس. في الحال مقالو جيئن جو تيئن پيشِ خدمت آهي.


فهرست

خلاصو


نقشبندي سلسلي ۾ علم و ادب سان لڳاءَ جي روايت


ڪلهوڙا دور (1700 _ 1782ع)


مخدوم ابوالحسن سنڌي رحمة الله عليه
1

مخدوم ضياءالدين نقشبندي رحمة الله عليه
2

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحمة الله عليه
3

مخدوم معين ٺٽوي رحمة الله عليه
4

مير علي شير قانع رحمة الله عليه
5

خواجه محمد زمان لنوارين وارو رحمة الله عليه
6

مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي رحمة الله عليه
7

شيخ ميان ابراهيم رحمة الله عليه
8

سيد محمد بقا شاهه راشدي رحمة الله عليه
9

مخدوم عبدالواحد سيوستاني رحمة الله عليه
10

ٽالپر دور (1783_ 1843ع)


مخدوم عبدالڪريم نقشبندي رحمة الله عليه
11

حمل فقير لغاري رحمة الله عليه
12

عثمان فقير سانگي رحمة الله عليه
13

مخدوم فضل الله پاٽائي رحمة الله عليه
14

مخدوم ابراهيم سنڌي نقشبندي رحمة الله عليه
15

پير محمد راشد المعروف روضي ڌڻي رحمة الله عليه
16

انگريز دور (1843 _ 1947ع)


قاضي شفيع محمد پاٽائي رحمة الله عليه
17

مخدوم محمد ابراهيم خليل رحمة الله عليه
18

سيد ميران محمد شاهه اول رحمة الله عليه
19

حافظ محمد يوسف ٽکڙائي رحمة الله عليه
20

علامه قاضي اسد الله شاهه ”فدا“ رحمة الله عليه
21

سيد حاجي محمد حافظ شاهه رحمة الله عليه
22

شاهه نصيرالدين نقشبندي رحمة الله عليه
23

خواجه محمد سعيد مڪي مهاجر رحمة الله عليه
24

مولانا حاجي محمد مرحوم هالائي رحمة الله عليه
25

آخوند حاجي فقير محمد عاجز رحمة الله عليه
26

علامه محمد قاسم ڳڙهي ياسيني رحمة الله عليه
27

حافظ محمد هارون دلگير رحمة الله عليه
28

مير علي نواز علوي شڪارپوري رحمة الله عليه
29

مخدوم غلام محمد ملڪاڻي رحمة الله عليه
30

محمد اسماعيل جان مجددي روشن رحمة الله عليه
31

پير حاجي عبدالستار جان سرهندي رحمة الله عليه
32

مولانا محمد هاشم انصاري رحمة الله عليه
33

محمد سليم جان سرهندي
34

دورِ جديد (1947_ 2013ع)


پير محمد عبدالغفار المعروف پير مٺا قدس سره العزيز
35

پير محمد الاهي بخش المعروف محبوبِ الاهي قدس سره العزيز
36

پير الله بخش عباسي المعروف سهڻا سائين قدس سره العزيز
37

علامه مفتي محمد صالح ڀٽو نعيمي رحمة الله عليه
38

خليفه محمد بشير چوهاڻ رحمة الله عليه
39

مفتي الله ڏنو جماراڻي زيد مجده
40

خليفه عبدالحليم شهدادڪوٽي 
41

خليفه نثار احمد کوسو
42

پير محمد الله ڏته غفاري رحمة الله عليه
43

مولانا محمد اسماعيل ڏيپر رحمة الله عليه
44

سيد علي گوهر شاهه رحمة الله عليه
45

خليفه مير محمد شر رحمة الله عليه
46

پير عبدالله جان عرف شاهه آغا جان سرهندي رحمة الله عليه
47

حافظ محمد احسن رحمة الله عليه
48

نجف علي شاهه ”ڪمتر“ نقوي
49

مولوي عبدالرحمان ضيائي رحمة الله عليه
50

پير محمد ابراهيم جان خليل سرهندي رحمة الله عليه
51

حضرت پير محمد ڪرم الله انصاري المعروف محبوب ”دلبر سائين“ مدظله العالي
52

مولانا محمد ادريس ڏاهري بخشي طاهري زيد مجده
53

علامه مفتي حبيب الرحمان گبول طاهري زيد مجده
54

بيدار بخشل مورائي رحمة الله عليه
55

نتيجو


ڪتاب سڌ (ببليوگرافي)





Abstract
This research paper comprises of four sub topics, conclusion and bibliography of 28 selected books and magazines. In this paper first of all the development of Naqshbandi Order and its spread in Sindh has been discussed. While analyzing it, those trends and traditions has been focussed, which inspired Naqshbandi Sufis of Sindh to contribute in Sindhi language and literature. Thereafter their role towards the development of Sindhi language and literature has been analysed period wise.
Before going to start the research work, first the principle was determined that those Naqshbandi Sufis would be discussed here who have written, compiled or edited any book in Sindhi language or compose at least a few lines of poetry in Sindhi. While keeping this view in mind, I went through a number of books and magazines. Finally I became successful to found 55 Naqshbandi Sufis who have contributed in Sindhi language and literature according to mentioned parameter. I started to collect their bio data along with the sample of their poetry. In next phase, all 55 Sufis were distributed in period wise, as these periods are suggested by literary historians of Sindhi language. Thereafter literal background of each period was analysed. In the last whole discussion summed up and conclusion was drawn.
I admit I couldn’t be able to search out more Naqshbandi Sufis who have contributed in this regard. I have gone through only published books to whom my access became possible. If I would have visited the all famous public as well as private libraries of Sindh and also the present Spiritual Centres (khanqahs) and religious schools (Madrasahs) of Naqshbandi Saints and Scholars, perhaps more data could have been collected. 
Keywords: Naqshbandi Order and tradition of Literature, Kalhora Period, Talpur Period, British Period, Modern Period.








خلاصو (Abstract)
زيرِ نظر مقالو چئن ذيلي عنوانن، نتيجي ۽ ڪتابَ سُڌ (ببليوگرافي) تي مشتمل آهي. هن مقالي ۾ سڀ کان پهرين نقشبندي سلسلي جي ارتقا ۽ سنڌ ۾ ان جي ڦهلاءَ بابت مختصر جائزو ورتو ويو آهي. ان جائزي وٺڻ دوران خاص ڪري انهن رجحانن، روين ۽ لاڙن تي روشني وڌي وئي آهي جن روايتن نقشبندي صوفين کي سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اُتساهيو. ان کانپوءِ عهد بعهد سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ سندن ڪردار جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي.
هن مقالي لکڻ جي لاءِ سڀ کان پهرين ان اصول جو تعين ڪيو ويو ته انهن نقشبندي صوفين يا عالمن جو هن مقالي ۾ ذڪر ڪبو جن يا ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪو ڪتاب لکيو، ايڊٽ ڪيو يا ترجمو ڪيو آهي يا وري شعر و سخن ۾ دلچسپي رکندي سنڌي ٻوليءَ ۾ معياري شعرَ لکيا يا چيا اٿن. ان معيار کي ذهن ۾ رکندي ڪيترن ئي ڪتابن، تحقيقي جريدن، رسالن ۽ تحقيقي مقالن کي ڳولهي هٿ ڪري، ورق گرداني شروع ڪئي وئي. ڪيترن ئي ڏينهن جي هڻ وٺ کان پوءِ نيٺ 55 اهڙن نقشبندين صوفين کي ڳولهڻ ۾ ڪاميابي نصيب ٿي، جن جو مذڪوره پئماني موجب سنڌي نثر يا سنڌي نظم ۾ سڌيءَ يا اڻسڌيءَ طرح ڪردار رهيو آهي. ان کانپوءِ انهن شخصيتن جي حياتيءَ جو احوال، تصانيف جي نالن ۽ شعرن جي نموني سان گڏ پيش ڪيو ويو. اڳئين مرحلي ۾ ڳولهيل مواد جي سنڌ جي مٿان حڪمراني ڪندڙ گهراڻن جي عهدِ حڪومت جي اعتبار کان درجه بندي ڪئي وئي. جنهن بعد هر عهد جي ادبي ۽ علمي پسمنظر جو جدا جدا جائزو ورتو ويو. جنهن کان پوءِ هر صوفيءَ جي ادبي ڪردار جو جائزو ورتو ويو. مقالي جي آخر ۾ جملي بحث کي سهيڙي نتيجا ڪڍي پيش ڪيا ويا.
راقم الحروف اعتراف ٿو ڪري ته وڌيڪ نقشبندي صوفين جي ڳولها مختصر وقت ۾ نه ٿي سگهي. مون فقط انهن شايع ٿيل ڪتابن تي اڪتفا ڪئي، جن تائين ٿوري ڪوشش بعد رَسائي ممڪن ٿي سگهي. جيڪڏهن سنڌ جي سمورين وڏين سرڪاري توڙي خانگي ڪتب خانن ۾ وڃي گهربل مواد لاءِ چڱيءَ طرح جاچ لهجي ها ۽ موجوده معروف نقشبندي خانقاهن ۽ مدرسن ۾ هلي وڃي مواد جي ڳولها ڪجي ها ته جيڪر ڪثير مواد هٿ ٿي سگهي پيو. پر بهر حال، ”خرارن مان مُٺ مثل“ جيڪو مواد هٿ ٿي سگهيو، اهو سهيڙي، مختصر جائزو وٺي، مقالي جي صورت ۾ اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيو آهيان.
نقشبندي سلسلي ۾ علم و ادب سان لَڳاءُ جي روايت:
(Naqshbandi Order and tradition of Literature)
نقشبندي سلسلي جي هونئن ته گهڻن پاسن تي بحث ڪري سگهجي ٿو، پر هتي جنهن پاسي جو ذڪر ٿيڻ وڃي رهيو آهي، سو راقم الحروف جي خيال موجب سنڌ جي نقشبندي عالمن لاءِ مقامي سنڌي ٻوليءَ ۾ تصنيف و تاليف جو آغاز ڪرڻ لاءِ اُتساهه جو سبب بڻيو هوندو. اُهو پاسو يا روايت آهي، هن سلسلي جي صوفين جو علم و ادب، شعر و سخن ۽ تصنيف و تاليف سان لڳاءُ. ايندڙ سٽن ۾ مذڪوره نڪتي تي روشني وجهڻ سان گڏو گڏ نقشبندي سلسلي جي ارتقا جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.
نقشبندي روايت موجب هي سلسلو مختلف صوفي بزرگن کان ٿيندو، مسلمانن جي پهرئين خليفي حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنه جي معرفت سرورِ ڪائنات، فخرِ موجودات،  ﷺ سان وڃي ملي ٿو. ان ڪري هن سلسلي کي صديقي سلسلو پڻ چوندا آهن. سمورن صوفياڻن سلسلن ۾ هي اڪيلو سلسلو آهي جيڪو حضرت ابوبڪر صديقرضي الله تعاليٰ عنه کان جاري ٿيڻ جي دعويٰ ڪري ٿو. حالانڪه ٻين صوفياڻن سلسلن جهڙوڪ قادري، سهروردي، چشتي، وغيره جا صوفي پنهنجو سلسلو حضرت علي ابن ابي طالب رضي الله تعاليٰ عنه سان ڳنڍين ٿا.
هن سلسلي کي گهڻي پذيرائي عرب جي سرزمين جي ڀيٽ ۾ عجم ۾ ملي. هن سلسلي جو اولين مرڪز در اصل ماوراء النهر (Transoxiana) ۽ وچ ايشيائي علائقو هو، جنهن ۾ اڄ اُزبڪستان، افغانستان جو ڪجهه حصو ۽ ايران جو ڪجهه ڀاڱو  اچي وڃي ٿو.
حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنه کان پوءِ هن سلسلي جو ٻيو وڏو بزرگ سلطان العارفين امام بايزيد بسطامي رحمة الله عليه (وفات 874ع) به بسطام (موجوده ايران) جا رهاڪو هئا. سندن اصل نالو طيفور هو. ان نالي پٺيان هن سلسلي کي بعد وارن صوفي تذڪره نگارن طيفوري سلسلو ڪري لکيو آهي.
خواجه محمد يوسف همدانيرحمة الله عليه (وفات 1140ع) به هن سلسلي جا حضرت بايزيد بسطامي رحمة الله عليه کان پوءِ ايندڙ وڏا صوفي بزرگ هئا. پاڻ بغداد ۾ پڙهيا، مَرو ۾ رهندا هئا ۽ اتي ئي وفات ڪيائون.
سندن لقب ”خواجه“ پٺيان هي سلسلو وڏو وقت ”سلسله خواجگان“ سڏجڻ لڳو.[1]
سندن مريدن ۽ خليفن منجهان خواجه عبدالخالق غجدواني رحمة الله عليه (وفات 1217ع) گهڻا مشهور ٿيا. پاڻ بخارا لڳ ڳوٺ غجدوان جا رهاڪو هئا. فارسي زبان ۾ نظم توڙي نثر ٻنهي ۾ طبع آزمائي ڪندا هئا. سندن ملفوضات جو مجموعو ”مسالڪ العارفين“ جي نالي سان سندن مريدن تاليف ڪيو. [2]
خواجه عزيزان علي راميتني رحمة الله عليه (1321ع) پڻ سلسله خواجگان جا معروف صوفي بزرگ رهيا آهن. پاڻ روحاني بزرگ هجڻ سان گڏو گڏ صاحبِ قلم عالم پڻ هئا. پاڻ تصوف جي موضوع تي هڪ رسالو ”رساله عزيزان“ جي عنوان هيٺ لکيو. هي ڪتاب پيرزاده اقبال فاروقي اردو ۾ ترجمو ڪري لاهور مان شايع ڪرايو آهي. 
سلسله خواجگان جي ٻي معروف شخصيت خواجه امير سيد شمس ڪلالرحمة الله عليه (وفات 1370ع) هئا. تيمور لنگ جي ساڻن وڏي نيازمندي هوندي هئي. معروف آهي ته سندن وفات بعد سندن مزار پڻ امير تيمور پاڻ ٺهرائي. سندن زندگيءَ جي احوال بابت سندن فرزند امير حمزه جي ڏوهٽي مولانا شهاب الدين فارسيءَ ۾ ڪتاب لکيو. جيڪو اردوءَ ۾ نذير رانجها صاحب ترجمو ڪري ”آگاهي سيد امير ڪلال“ جي عنوان سان راولپنڊيءَ مان شايع ڪرايو آهي.
خواجه امير شمس ڪلال جي خليفن منجهان وڌيڪ معروف، مشهور ۽ مقبول، وڏي مرتبي ۽ مقام واري هستي خواجه بهاؤالدين نقشبند (وفات 1389ع) بخاريرحمة الله عليه هئا. اڄ ”نقشبندي سلسلو“ سندن لقب ”نقشبند“ جي نسبت پٺيان سڏجي ٿو. لقب نقشبند جي پس منظر  بابت به مختلف رايا آهن. چنانچه امامِ رباني مجدد منور الف ثاني قدس سره السامي جا خليفه علامه بدرالدين سرهندي رحمة الله عليه پنهنجي ڪتاب ”حضرات القدس“ ۾ لکن ٿا ته پاڻ روحانيت جي ايڏي ته مٿاهين مقام تي فائز هئا جو جنهن جي باطن تي نظر ڪندا هئا ته الله تعاليٰ جي ذات کانسواءِ ٻي دنيا جو نقش دل تان ميساري ڇڏيندا هئا. ان ڪري کين نقشبند سڏيو ويو.[3]
سندن ملفوضات کي سندن جليل القدر خليفي خواجه محمد پارسا رحمة الله عليه جمع ڪري ”رساله قدسيه“ جي عنوان هيٺ ڪتابي صورت ۾ آندو. هي ڪتاب اصل ۾ فارسيءَ ۾ تاليف ڪيو ويو ۽ هينئر ڪيترين ئي زبانن ۾ هن جا ترجما شايع ٿي چڪا آهن. سندن ملفوضات جو ٻيو ڪتاب”انيس الطالبين“ جي نالي سان، سندن مريد صلاح بن مبارڪ رحمة الله عليه تاليف فرمايو. هن ڪتاب جو اردو ترجمو پڻ پنجاب ۾ شايع ٿيل آهي.
خواجه بهاؤالدين نقشبند بخاريرحمة الله عليه کان پوءِ هن سلسلي ۾ ٻي وڏي پذيرائي مولانا يعقوب چرخيرحمة الله عليه (وفات 1447ع) کي ملي. پاڻ غزنيءَ ويجهو ڳوٺ چرخ جا رهواسي هئا. بلند پايه عالم، نثرنويس ۽ شاعر هئا. پنهنجي پٺيان ڪيتريون ئي تصنيفات ڇڏيون اٿن. موجوده نقشبندي تذڪره نگار جناب نذير احمد رانجها صاحب جنهن سندن بعض تصانيف جو اردو ترجمو ڪري شايع ڪرايو آهي، هڪ جاءِ تي سندن هيٺيون تصانيف ڳڻايون آهن:
1.       ابداليه (فارسي): هن ڪتاب ۾ پاڻ اولياء الله جي وجود جي اثبات ۾ بحث ڪيو اٿن. هن جو اردو ترجمو نذير رانجها صاحب ڪيو جيڪو 1978ع ۾ اسلامڪ بڪ فائونڊيشن لاهور وارن شايع ڪرايو.
2.       رساله اُنسيه (فارسي): تصوف جو موضوع تي تحرير ٿيل هن رسالي جو پڻ اردو ترجمو شايع ٿي چڪو آهي.
3.       تفسيرِ چرخي (فارسي): نالي مان ظاهر آهي ته قرآن پاڪ جي تفسير تي مشتمل ڪتاب آهي. هن تفسير جو پڻ اردو ترجمو نذير رانجها صاحب ڪيو آهي جيڪو پنجاب ۾ شايع ٿيو آهي.
4.       حورائيه جماليه: شرح رباعي ابوسعيد ابي الخير (فارسي): سندن هي ڪتاب پڻ تصوف جي موضوع تي تحرير ٿيل آهي. بقول نذير رانجها صاحب ته هن ڪتاب جو اردو ترجمو پڻ پاڻ ڪيو اٿن ۽ اسلام آباد مان شايع ٿي چڪو آهي.
5.       رساله درباره اصحاب و علامات قيامت (فارسي): هي ڪتاب قلمي صورت ۾ نذير رانجها صاحب کي تهران جي ميوزيم ۾ پيل مليو.
6.       شرح اسماء الحسنيٰ (فارسي): هي ڪتاب پڻ قلمي صورت ۾ بعض ڪتب خانن ۾ موجود آهي.
7.       طريقه ختم احزاب (فارسي): هن ڪتاب ۾ پاڻ قرآن پاڪ جي ختم جو طريقو سمجهايو اٿن. هي ڪتاب پڻ قلمي نسخي جي صورت ۾ موجود آهي.
8.       نائيه رساله (فارسي): هن رسالي جو موضوعِ بحث مولانا رومي جي مثنوي جي بعض نڪات جي تشريح آهي. هن ڪتاب جو اردو ترجمو شايع ٿي چڪو آهي.[4]  
مولانا يعقوب چرخي رحمة الله عليه جي خليفن منجهان خواجه عبيدالله احرار رحمة الله عليه (وفات 1490ع) ذريعي هن سلسلي کي بيحد ترويج ۽ ترقي نصيب ٿي. خواجه احرار رحمة الله عليه کان پهرين نقشبندي سلسلو مخصوص حد اندر ۽ مخصوص طبقن اندر مقبول هو. هن سلسلي کي رياستي سرپرستي حاصل ڪو نه هئي. ڪو امير، وزير يا مشير سلسلي سان وابسته نه هو. پر خواجه احرار رحمة الله عليه جي ڪاوشن سبب هي سلسلو ماوراء النهر جي بادشاهن، اميرن، حاڪمن جو پڻ مقبول سلسلو بڻجي پيو. سندن هڪ قول امام رباني مجدد الف ثاني جي ڪيترن ئي مڪتوبات ۾ نقل ڪيل آهي. پاڻ فرمائين ٿا:
"اگر ما شیخی مے کردیم۔ دریں روزگار، ہیچ شیخ مرید نمے یافت، لیکن ما را کارِ دیگر فرمودہ اند، کہ مسلماناں را از شرِ ظلم نگاہداریم۔ بواسطہ ایں ببادشاہان بایست اختلاط کردن و نفوس ایشاں را مسخر گردانیدن و بتوسط ایں عمل مقصود مسلمین برآوردن۔"خواجه احرار رحمة الله عليه ڪمال حڪمتِ عمليءَ سان وقت جي حاڪمن سان خط و ڪتابت ڪري ساڻن راه و رسم وڌائي کين سلسلي ۾ داخل ڪيو ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي هن سلسلي کي شاهانِ وقت ۾ پڻ مقبوليت حاصل ٿي وئي. خواجه احرار رحمة الله عليه جا ڪيترائي بادشاهه، امير، شهزاده ۽ وزير مريد هوندا هئا. هندستان ۾ مغل شهنشاهيت جو بنياد وجهندڙ بابر مرزا جو گهراڻو پڻ سندن مريد هو. بابر پنهنجي آتم ڪٿا ”تزڪِ بابريءَ“ ۾ سندن ذڪر نهايت عقيدت ۽ احترام سان ڪيو آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا کانئن روحاني مدد گهري آهي ۽ بقول سندس ته خواجه احرار رحمة الله عليه سندس روحاني مدد ڪئي.
جيئن مٿي ذڪر ٿي چڪو ته خواجه احرار رحمة الله عليه جو شاهانِ وقت سان تعلق قائم ڪرڻ جو غرض فقط هي هو ته جيئن انهن مٿان اثرانداز ٿي شريعت جو رياستي سطح تي اجرا ڪرائي سگهي. خواجه صاحب رحمة الله عليه پنهنجي هن مقصد ۾ تمام گهڻو ڪامياب ٿيو. خواجه احرار رحمة الله عليه بلند پايه عالم ۽ اهلِ قلم هو. سندس معروف رسالو ”رساله والديه“ شهنشاهه بابر فارسيءَ مان ترڪيءَ ۾ ترجمو ڪيو.
خواجه احرار رحمة الله عليه جي حياتيءَ جي احوال ۽ سندن تعليمات تي مبني ڪيترائي ڪتاب سندن مريدن ۽ خليفن لکيا، جن منجهان فخر الدين ڪشفيءَ جي ڪتاب ”رشحات عين الحيات“ کي وڌيڪ شهرت نصيب ٿي.
هي ڪتاب 1503ع ۾ لکيو ويو. هن ڪتاب جا مختلف ٻولين ۾ ترجما ڪيا ويا آهن ۽ هر ترجمي جا ڪيترائي ايڊيشن هيل تائين شايع ٿي چڪا آهن. هن ڪتاب کان علاوه خواجه احرار رحمة الله عليه جي مريدن پنهنجي هن عظيم المقام مرشد تي ٽي ٻيا ڪتاب به لکيا هئا جيڪي هن وقت قلمي نسخن جي صورت ۾ موجود آهن. انهن منجهان هڪ ڪتاب ”مجالسِ عبيدالله احرار“ آهي جيڪو سندن نياڻي ۽ مريدَ مير عبدالاول نيشاپوري رحمة الله عليه تاليف ڪيو. ٻيو ڪتاب سندن وڏي خليفي مولانا محمد قاضي سمرقندي رحمة الله عليه ”سلسلة العارفين“ جي نالي سان لکيو. چوٿون ڪتاب ”مناقبِ احرار“ جي نالي سان سندن مريد مولانا شيخ تاليف ڪيو.[5]
خواجه احراررحمة الله عليه جو همعصر ۽ ساڻن بيحد عقيدت رکندڙ بزرگ، عالم، اديب ۽ شاعر مولانا جاميرحمة الله عليه (وفات 1492ع) پڻ نقشبندي هو. مولانا جاميرحمة الله عليه نثر توڙي نظم ٻنهي جو بادشاهه هو. هڪ روايت موجب سندس لکيل ڪتابن جو ڪل تعداد 80 جي لڳ ڀڳ آهي.[6]
نقشبندي سلسلي کي هندستان اندر مقبول ڪرائڻ واري شخصيت خواجه باقي بالله رحمة الله عليه (وفات 1603ع) هئا. پاڻ اصل ڪابل جا هئا ۽ اڪبر جي آخري دور ۾ 1599ع ۾ دهلي تشريف فرما ٿيا. پاڻ خواجه احرار رحمة الله عليه جي روايت هندستان ۾ متعارف ڪرايائون، جنهن تحت اڪبر جي ويجهن وزيرن سان تعلق جوڙي دينِ الاهي جي منسوخي ۽ شريعت اسلامي کي رياستي سطح تي جاري ڪرڻ لاءِ ڪاوشون تيز ڪيون ويون. پاڻ اهلِ قلم هئا ۽ بلند پايه شاعرپڻ. سندن رباعيات ۽ مڪتوبات علمِ تصوف ۾ اهم مقام رکن ٿا. 1603ع ۾ دهليءَ ۾ وفات ڪري ويا.
حضرت شيخ احمد سرهندي المعروف مجدد الف ثانيرحمة الله عليه (وفات 1624ع) خواجه باقي بالله جا مريد ۽ عالي مرتبت خليفه هئا. سندن ذات طفيل هن سلسلي کي نه رڳو هندستان ۾ پر روءِ زمين ۾ وڏي مقبوليت ملي. اڄ به سندن لقب ”مجدد“ پٺيان هن سلسلي کي ”نقشبندي مجددي“ سلسلو چئبو آهي. پاڻ نه رڳو عظيم المقام روحاني بزرگ هئا، بلڪ بلند مرتبه عالم ۽ صاحبِ قلم پڻ هئا. رساله ردِروافض، رساله تهليليه، رساله معارف لدنيه، مبداء و معاد، سندن معروف تصانيف آهن. ان کان علاوه سندن وقتاَ فوقتاَ لکيل اصلاحي مڪتوبات جيڪي بعد ازان سندن خليفن سهيڙي ڪتابي صورت ۾ آندا، علمِ تصوف تي وڏو خزانو آهن.
ٽن جلدن تي مشتمل ”مڪتوباتِ امامِ رباني“جو دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو پڻ ٿيو آهي.[7]  
امام رباني مجدد الف ثاني قدس سره السامي کانپوءِ به تصنيف و تاليف جو سلسلو نقشبندي مجددي سلسلي ۾ بدستور جاري رهيو. سندن خليفا پڻ تمام وڏا عالم، اديب، شاعر ۽ انشاپرداز هئا. سندن هڪ خليفي خواجه محمد هاشم ڪشمي رحمة الله عليه ”نسمات القدس“ ۽ ”زبدة المقامات“ نالي ٻه جدا ڪتاب لکيا جنهن ۾ نقشبندي سلسلي جي بزرگن جا احوال ۽ ملفوضات قلمبند ڪرڻ سان گڏو گڏ پنهنجي مرشد حضرت مجدد الف ثانيرحمة الله عليه تي پڻ شاندار سوانح لکيائون. سندن ٻئي خليفي علامه بدرالدين سرهندي رحمة الله عليه پڻ شهره آفاق تصنيف ”حضرات القدس“ لکي. ٻن جلدن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ پڻ نقشبندي سلسلي جي بزرگن جون مختصر سوانح ڏيڻ سان گڏ آخر ۾ مفصل سوانح حضرت مجدد صاحب جي پڻ سوانح پيش ڪئي وئي آهي.
حضرت مجدد الف ثاني رحمة الله عليه جي وفات بعد سندن مسند تي سندن ٻيون نمبر فرزند خواجه محمد معصوم سرهندي رحمة الله عليه (وفات 1668ع) جلوه گر ٿيا. پاڻ به پنهنجي والدِ گرامي جيان مڪتوبات جي وسيلي پڻ تبليغي ڪم جاري رکيائون. جن کي بعد ۾ يڪجا ڪري مڪتوباتِ معصوميه جي نالي سان شايع ڪيو ويو. هي ڪتاب پڻ تصوف جي موضوع تي گرانقدر سرمايو آهي.
خواجه محمد معصوم رحمة الله عليه بعد سندن صاحبزاده خواجه سيف الدين سرهندي رحمة الله عليه (وفات 1685ع) به فيض و برڪت جي فراواني سبب گهڻا مشهور ٿيا ۽ مخلوقات جو وڏو انگ کانئن مستفيض ٿيو. نقشبندي روايت موجب هي صاحبزاده مغل شهنشاهه اورنگزيب جي گذارش تي سندس روحاني تربيت جي لاءِ محل ۾ ڪجهه عرصو پڻ رهيا هئا. پاڻ رحمة الله عليه پڻ مڪتوبات واري روايت کي اڳتي وڌايو. سندن مڪتوبات ”مڪتوباتِ سيفيه“ جي نالي سان اصل فارسي ۾ شايع ٿيل آهن.
سنڌ ۾ نقشبندي سلسلو:
سنڌ ۾ نقشبندي سلسلو ڪڏهن پهتو؟ ان بابت اڃان ڪا پڪي پختي ثابتي ڪانهي. عالمن ۽ مورخن وٽ جدا جدا رايا آهن. معروف مورخ اعجاز الحق قدوسي پنهنجي مشهورِ زمانه تصنيف ”تذڪره صوفياءِ سنڌ“ ۾ لکن ٿا ته مخدوم آدم ٺٽوي رحمة الله عليه سنڌ ۾ سڀ کان پهريان نقشبندي صوفي آهن.[8]
نقشبندي سلسلي جي تاريخ ۽ تعليمات جي ٻئي وڏي ڄاڻو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اردو شعبي جي سابقه سربراهه پروفيسر ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان صاحب رحمة الله عليه جي راءِ آهي ته مخدوم بلال ٽلٽيءَ واري رحمة الله عليه (وفات 931هه) وٽ نقشبندي نسبت هئي. [9] جيڪڏهن اها روايت درست آهي ته پوءِ هي بزرگ مخدوم آدم رحمة الله عليه کان به آڳاٽو آهي.
ڪيمبرج يونيورسٽيءَ جي فارغ فاضل محققه محترمه سارا ايف ڊي انصاري صاحبه جي راءِ آهي ته نقشبندي سلسلي جا صوفي سنڌ ۾ پندرهين صدي عيسويءَ ۾ آيا ۽ پهريان نقشبندي صوفي سيد پير مراد شيرازي ۽ سندس ڀاءُ سيد علي شيرازي رحمهم الله اجمعين آهن. [10]
بهر حال هي موضوع اڃان تحقيق طلب آهي. البت هن راءِ تي لڳ ڀڳ سمورا مورخ متفق آهن ته سنڌ اندر نقشبندي سلسلي جو وڏي ۾ وڏو ڦهلاءُ ٺٽي شهر جي هڪ ٻئي عظيم بزرگ مخدوم ابوالقاسم نقشبندي رحمة الله عليه (وفات 1725ع) ذريعي ٿيو. هن عالي مقام بزرگ سنڌ ۾ نقشبندي تحريڪ ايڏي ته زورائتي هلائي جو عوام ۾ ”مخدوم نقشبندي“ جي لقب سان معروف ٿي ويا.
مخدوم ابوالقاسم نقشبندي، امام رباني مجدد الف ثاني جي پوٽي خواجه سيف الدين سرهندي رحمة الله عليه جا مريد هئا ۽ سندن وڏن خليفن ۾ پڻ شمار ٿيندا هئا. پاڻ ڪيترو ئي عرصو سرهند ۾ رهي نقشبندي مجددي تحريڪ جو اکين سان مشاهدو ڪري آيا هئا. جڏهن سندن مرشد کين خلافت ڏئي سنڌ ۾ نقشبندي سلسلي جي ڦهلاءَ جو حڪم ڏنو ته هن نقشبندين مجددين جي اها ساڳي تعليم سنڌ ۾ به ڦهلائڻ شروع ڪئي.[11] ٺٽي سميت سنڌ جا وڏا وڏا عالم، پير فقير، صوفي سنت، مخدوم ابوالقاسم نقشبندي رحمة الله عليه جو بيحد احترام ڪندا هئا. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحمة الله عليه جهڙو وڏي پائي جو فقيهه به سندن خدمت ۾ ادب جا هٿ ٻڌي بيهندو هو.
ٻيا به ڪيترائي عالم سندن مريد اچي ٿيا، جن منجهان بعض عالمن سنڌي زبان ۾ تصنيف و تاليف جو سلسلو شروع ڪيو جنهن سبب سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ راهه هموار ٿي. جنهن تي ايندڙ صفحن ۾ بحث ڪيو ويندو.
مٿئين سموري بحث جو خلاصو هيٺين ريت پيش ڪري سگهجي ٿو:
1.       نقشبندي سلسلو اوائلي دور کان وٺي علم و ادب، تصنيف و تاليف ۽ شعر و سخن سان سلهاڙيل پئي رهيو آهي.
2.       ڪم و بيش هر نقشبندي بزرگ جي مريدن منجهان ڪو نه ڪو عالم، فاضل يا انشاپرداز رهيو آهي، جنهن پنهنجي مرشد جي تعليمات کي وڏي عقيدت سان قلمبند ڪري ٻين تائين پهچايو.
3.       طريقه عاليه نقشبنديه جا عالي مقام بزرگ، عالم ۽ پرچارڪ جيئن ته بدعت کان بيزاري ۽ شريعت ۽ سنت جي تابعداريءَ جي پرچار ڪندا رهيا آهن، ان ڪري سندن لکڻيون يا ته ٺيٺ شرعي علمن (جهڙوڪ: فقهه، تفسير، حديث وغيره) تي بحث ڪندڙ هيون يا وري تصوف جي باريڪ نڪتن، رمزن ۽ اشارن تي.
4.       حضرات نقشبند ۾ نثر توڙي نظم ٻنهي ۾ طبع آزمائي ڪرڻ جو ذوق موجود رهيو آهي.
5.       مٿيون سمورو ڪلچر سنڌ جي نقشبندي بزرگن کي پڻ پنهنجي سرهند جي مرشدن معرفت ورثي ۾ مليو.
6.       هي اندازو لڳائڻ گهڻو مشڪل نه آهي ته سنڌ جي نقشبندي بزرگن ۽ عالمن مٿان مذڪوره علمي ۽ ادبي ڪلچر هاڪاري اثرات مرتب ڪيا هوندا. کين شرعي علمن ۽ تصوف بابت تصنيف و تاليف لاءِ بيحد اُتساهه مليو هوندو.
ايندڙ صفحن ۾ ان جو جائزو ورتو ويندو ته سنڌ جي نقشبندي صوفين ۽ عالمن پنهنجي مرشدن کان مليل تصنيف و تاليف واري ڪلچر کي ڪهڙيءَ ريت استعمال ڪيو ۽ خاص ڪري پنهنجي مادري ٻولي سنڌيءَ ۾ تصنيف و تاليف ۽ تدريس و تعليم لاءِ ڪيئن آماده ٿيا، جنهن سبب سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي ترقي ۽ اوسر جو سونهري دور شروع ٿيو.


ڪلهوڙا دؤر (1700_1782ع):
ڪلهوڙا دؤر جو آغاز بعض مورخن موجب 1700ع کان شروع ٿئي ٿو. سنڌي ٻولي، جنهن پنهنجي ارتقا جي سفر جو آغاز ڪافي عرصو اڳ ڪيو، سا مختلف دورن مان لنگهندي، مختلف ٻولين ۽ تحريڪن جا اثر قبول ڪندي ۽ انهن مٿان اثر ڇڏيندي، هن دور ۾ پنهنجي پوري جوڀَن تي رسي. خاص ڪري ڪلهوڙا دور کان ٿورو عرصو اڳ شروع ٿيندڙ ”مادري زبان سنڌيءَ ۾ تعليم ڏيڻ واري تحريڪ“ جي رفتار هن دور ۾ تمام گهڻي تيز ٿي، جنهن سبب سنڌي ٻولي ۽ ادب بيحد ترقي ڪئي. 
سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيڻ جي تحريڪ:
ڊاڪٽر بلوچ صاحب مطابق هيءَ تحريڪ شروع ته مغلن جي حاڪميءَ واري دور (1590 _ 1680ع) کان ٿي، پر ڪلهوڙن جي دور ۾ هن کي بيحد اوج نصيب ٿيو. هن جو آغاز مخدوم جعفر بوبڪائيءَ جي عربيءَ ۾ لکيل ڪتاب ”منهج التعليم“سان ٿيو. هي ڪتاب بعد ۾ فارسيءَ ۾ ”حاصل النهج“ جي نالي سان پڻ ترجمو ڪيو ويو. هن ڪتاب ۾ مخدوم صاحب تعليم ڏيڻ جي طور طريقن تي بحث ڪيو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ پڙهڻ پڙهائڻ جي اثرائتن طريقن بابت غور و فڪر جو آغاز ٿيو. ايتري قدر جو ايندڙ ٽيهن چاليهن سالن جي بحث مباحثي ۽ غور و فڪر بعد سنڌ جا عالم ان نتيجي تي پهتا ته ٻارن کي بهتر تعليم ڌاريءَ زبان ۾ نه بلڪ پنهنجي مادري زبان ۾ ئي ڏيڻ گهرجي. مادري زبان ۾ ڏنل تعليم ئي دراصل ٻار ۾ نسبتاَ وڌيڪ قابليت پيدا ڪري سگهي ٿي. 
ان تحريڪ جي اثر هيٺ هاڻي سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ تصنيف و تاليف جي سلسلي جو آغاز ٿيو. هيل تائين آڳاٽي ۾ آڳاٽو سنڌي قلمي ذخيرو اوڻيتاليهن منظوم موضوعن جي صورت ۾ مليو آهي جيڪو عزت بن سليمان نالي ڪاتب 1067 _ 1069هه (1655_1657ع) وارن ٽن سالن ۾ اُتاريو.[12] پر هن سلسلي ۾ تيزي هڪ ٻئي ڪتاب ذريعي ٿي، جنهن جي موضوعي اهميت سببان ڪتاب کي سندس دور توڙي بعد واري دور ۾ ڪم و بيش ٻه اڍائي سو ورهين تائين مڃتا ملي. اهو ڪتاب آهي ”مقدمة الصلواة سنڌي“ يا ”ابوالحسن جي سنڌي“ ۽ ڪتاب جو فاضل ليکڪ آهي مخدوم ابوالحسن سنڌي صاحب.
هيٺ مخدوم ابوالحسن سنڌي سميت ڪلهوڙا دور جي انهن نقشبندي ليکڪن يا شاعرن جو احوال پيش ڪجي ٿو، جن جي علمي، ادبي ۽ قلمي ڪاوشن سبب سنڌي ٻولي ۽ ادب بيحد ترقي ڪئي.

1.  مخدوم ابو الحسن سنڌي (1601_1693ع):
مخدوم ابو الحسن سنڌي رحمة الله عليه ٺٽي جي آخوند استادن منجهان هو. بقول ڊاڪٽر بلوچ صاحب ته هن مهان استاد جي سوانح بابت ڪو مستند مواد موجود ڪونهي. سواءِ سندس تصنيف ”مقدمة الصلواة سنڌي“ جي پڇاڙيءَ ۾ پاڻ بابت لکيل چند سٽن جي. هن ڪتاب جي آخر ۾ پاڻ پنهنجو مڪمل نالو ”ابوالحسن“ يا ”ابول“ يعني ”اَبُل“ ڪري ڄاڻايو اٿن ۽ پنهنجي والد جو نالو عبدالعزيز لکيو اٿن. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحقيق موجب پاڻ 1010هه (1601ع) ڌاري پيدا ٿيا ۽ سنه 1105هه (1693ع) ڌاري وفات ڪيائون.[13]
محترمه اينمري شميل صاحبه مخدوم ابوالحسن سنڌي رحمة الله عليه کي مخدوم ابوالقاسم نقشبندي رحمة الله عليه جو مريد ڄاڻايو آهي. پاڻ لکن ٿيون:
At the same time, the “Naqshbandi reaction” had set in the lower Indus Valley too, mainly led by Abu Al Qasim Naqshbandi, a follower of Ahmed Sirhindi’s grandson Shah Saifuddin ibn Urwat ul Wuthqa Masum. By his disciples and friends, the first theological treatise in the Sindhi Language are composed in the first half of the 18th century, beginning with the Muqadmat us Salaat, Preliminary discourse on Prayer, by Mian Abu Al-Hasan (d 1711).[14]
”ساڳئي وقت تي واديءِ سنڌ جي هيٺين حصي ۾ (شيخ) احمد سرهنديءَ (رحمة الله عليه) جي پوٽي شاهه سيف الدين (رحمة الله عليه) پٽ عروة الوثقيٰ معصوم (رحمة الله عليه) جي مريد ابوالقاسم نقشبندي (رحمة الله عليه) جي اڳواڻيءَ ۾ نقشبندي ردِ عمل ظاهر ٿيو.
هن جي مريدن ۽ دوستن منجهان هڪ شخصيت ميان ابوالحسن (وفات 1711ع) پاران ارڙهين صدي عيسويءَ جي پهرئين اڌ ۾ نماز جي مسئلن تي پهريون سنڌي مذهبي ڪتاب مقدمة الصلواة تاليف ڪيو ويو.“
مٿين روايت منجهان صاف ظاهر آهي ته پاڻ نقشبندي سلسلي سان وابسته هئا. اينمري شميل صاحبه ان روايت جو حوالو ڪونه ڏنو آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب يا ٻين سنڌي ادب جي تاريخدانن ڪٿي اهڙي ڳالهه نه لکي آهي. ڊاڪٽر شميل تصوف ۾ خاص طور تي مستشرقين ۾ وڏو نالي واريون محققه آهن. تنهن ڪري سندن هي روايت پڻ بي بنياد نه هوندي. بهر حال هيٺين ڪجهه پاسن تي غور ڪرڻ سان محترمه صاحبه جي راءِ درست معلوم ٿئي ٿي:
1.       سڀ کان پهرين ڳالهه هي ته مخدوم ابوالحسن (وفات 1105هه) ۽ مخدوم ابوالقاسم نقشبندي (متوفي 1138هه) همعصر هئا ۽ ساڳئي شهر ٺٽي جا رهواسي هئا.
2.       ٻيو ته جيئن مٿي ذڪر به ٿي چڪو ته مخدوم ابوالقاسم نقشبندي جڏهن سرهند شريف مان نقشبندي نسبت وٺي موٽيا هئا ته ٺٽي شهر سميت لاڙ جي علائقي جا وڏا وڏا عالم به ساڻن بيعت ٿيا هئا. تنهن ڪري اهو عين ممڪن آهي ته مخدوم ابوالحسن سنڌي پڻ مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جي فيض جي هاڪ ٻڌي مريد ٿيو هجي.
سنڌي ٻولي ۽ ادب جي عظيم خدمت:  
مخدوم ابوالحسن سنڌي صاحب نماز جي احڪامن تي سنڌي ٻوليءَ ۾ ”مقدمة الصلواة سنڌي“ نالي ڪتاب لکيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحقيق موجب هي ڪتاب 1080هه (1669ع) جي لڳ ڀڳ لکيو ويو.[15] جيتوڻيڪ هي ڪتاب بنيادي طور تي نظم نُما نثر ۾ لکيو ويو. ڇاڪاڻ ته انهن ڏينهن ۾ نثر اڃان ايتري ترقي ڪانه ڪئي هئي. تنهنڪري ڪتاب منظوم انداز ۾ ”الف اشباع“ طرز (يعني هر سٽ جي آخر ۾ ”الف“ جو اضافو) تي تحرير ٿيو. پر ان باوجود به هي سنڌي نثر جي ارتقا ڏانهن پهرين اهم ۽ ڪامياب وک هئي. اڳيان هلي ان تي وڌيڪ مسلسل تجربا ٿيندا رهيا، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ اسان وٽ سنڌي نثر پنهنجي پوري آب و تاب ۽ شان و شوڪت سان ڳاٽ اوچو ڪيو بيٺو آهي.
هي يقيناَ مخدوم ابوالحسن سنڌي صاحب جو سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي مٿان وڏو احسان آهي. مخدوم صاحب اهڙي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ لکڻ جي رجحان کي ترقي وٺرائي، جنهن ۾ فارسي ۽ پوءِ عربيءَ جو راڄ هو. فارسي سرڪاري لکپڙهه لاءِ سنڌ سميت سموري هندستان ۾ ڪتب ايندي هئي، جڏهن ته عربي عالمن ۽ فاضلن جي زبان هوندي هئي. سنڌي ٻوليءَ ۾ تحرير جو رواج عام نه هو.
هن ڪتاب کي مخدوم ابوالحسن جي دور ۾ توڙي سندن حيات بعد بيحد مڃتا ملي. ڪيترن ئي صدين تائين هي ڪتاب مدرسن جي ڪورس ۾ شامل رهيو. چنانچه هن مضمون لکڻ لاءِ جڏهن راقم الحروف مهراڻ رسالي جا خصوصي شمارا ”سوانح نمبر“ ۽ ”شاعر نمبر“ کولي پڙهيا ته گذريل صديءَ جي ڪيترن ئي عالمن جي حصولِ تعليم جي ذڪر ۾ لکيل مليو ته پاڻ ”مقدمة الصلواة سنڌي“ فلاڻي مدرسي ۾ فلاڻي استاد وٽ پڙهيا. تنهن جي معنيٰ ته هي ڪتاب گذريل صديءَ تائين مدرسن ۾ رائج هو. يعني ڪم و بيش ٻه اڍائي صديون هن ڪتاب سنڌ جي مدرسن تي راڄ ڪيو آهي. هن ڪتاب لکجڻ سان مخدوم ابوالحسن سنڌيءَ کان پوءِ آيل ٻين ڪيترن ئي عالمن کي سنڌيءَ ۾ لکڻ جو اتساهه مليو. بلڪ ائين چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته ڪلهوڙا دؤر ۾ مادري زبان سنڌيءَ ۾ پڙهڻ، پڙهائڻ ۽ لکڻ جو رجحان جيڪو تيز ٿيو، ان جي پٺيان بنيادي هٿُ، هن ڪتاب جو آهي. چنانچه سنڌي ادبي تاريخ جي عالم ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب ان ڪتاب متعلق لکي ٿو:
”مخدوم ابوالحسن، الف اَشباع جي طرز تي سنڌي نظم جو بنياد رکيو، جيڪو ڪلهوڙن جي دور ۾ عام ٿي ويو. سنڌي نظم جو اهو نمونو، سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ گويا هڪ تحريڪ هئي.“[16]
 سنڌيءَ ۾ تحرير ٿيل هن اولين ڪاوش جي اثرات جو جائزو وٺندي سنڌي ٻولي ۽ ادب جو ٻيو ناميارو عالم محترم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب لکي ٿو:
ان ڪتاب جي لکجڻ سان ”سنڌي“ ذريعي تعليم ڏيڻ واري تحريڪ جو هڪ نئون دور شروع ٿيو، ڇاڪاڻ جو هن سڄاڻ عالم اهو ڪتاب خاص طرح پڙهندڙ شاگردن جي تعليمي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ هڪ درسي ۽ نصابي ڪتاب طور لکيو....
سنڌي ۾ هن درسي ڪتاب تصنيف ڪرڻ بعد سڀ کان اول مخدوم ابوالحسن پاڻ پنهنجي درسگاهه ۾ هن کي پڙهائڻ شروع ڪيو. ان وقت کان وٺي هي درسي ڪتاب ايترو ته مقبول پيو، جو نه فقط وڏن عالمن ۽ استادن جي وچ ۾ ان جي موضوع ۽ مضمون بابت تحقيقي بحث مباحثو ٿيو، پر مڪتبن ۾ مدرسن ۾ ويندي ايندڙ اڍائي سؤسالن تائين، يعني اندازاَ 1090هه (1680ع) کان وٺي ويندي 1350هه (1930ع) تائين وڏي چاهه سان درسي ڪتاب طور پڙهيو ۽ پڙهايو ويو....
ابوالحسن جو سنڌي ۾ لکيل هي درسي ڪتاب ايڏي اهميت وارو ثابت ٿيو جو بقول مخدوم محمد هاشم جي نماز جي مسئلن بابت اهو ”دستورالعمل“ بنجي چڪو هو.
انهي عام مقبوليت جي مدنظر ان دور جي وڏن عالمن مخدوم محمد هاشم ۽ مخدوم محمد قائم ان ڪتاب تي علمي بحث شروع ڪيو جنهن جي ذريعي هن درسي ڪتاب جي صحت ۽ اهميت جي وڌيڪ تصديق ٿي، اهو متفقه طور تي درسگاهن ۾ پڙهايو ويو ۽ مادري زبان سنڌي ذريعي بنيادي تعليم ڏيڻ واري تحريڪ مضبوط ٿي.[17] 
سندس ڪتاب مان چند سٽون نموني طور پيش ڪجن ٿيون. هنن سٽن ۾ پاڻ ڪتاب لکڻ جو غرض بيان ڪيو اٿن. فرمائين ٿا:
اَبولَ، عبدالعزيزَ پٽر پڇي پڙهن کا
هي مسئلا نمازَ جا، سارئا سنڌي واءَ
ته مان مون تن کي سکي سچ منجهان
هن ڪميڻي کي ڪن ڪا، ڪارڻ ڌڻي دعا...
اِلاهي ابوالحسن مڱي تو ملا
موليٰ مهربان ڌڻي سائين سٻاجها!
طَلَبَ ڏي توفيق سين، مومنين ميان،
ته پڙهي پاڙهينِ سڀِ هي مڙئي مَسئلا
ڪارَڻِ طَلَبَ طالبين رسالو لکيوم
”مُقدمة الصلواة سنڌي“ نالو تنه کئوم.[18]

2. مخدوم ضياء الدين  (وفات 1171هه/1757):
پاڻ مخدوم ابوالحسن جا ننڍا همعصر هئا ۽ ساڳئي شهر ٺٽي جا نامور عالم هئا. سهروردي طريقي جي امام شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جي اولاد منجهان هئا. 1090 هه (1679ع) ۾ سندن ولادت ٿي ۽ 1171هه (1757ع) ۾ وفات ڪيائون. ٺٽي جي مشهور عالم مخدوم عنايت الله کان تعليم پرايائون، ان بعد پنهنجو مدرسو کولي تا حيات درس و تدريس ۾ مشغول ٿي ويا. ڪيترائي طالب سندن مدرسي مان عالم ۽ فاضل ٿي نڪتا. سنڌ جا مشهور عالم مخدوم محمد هاشم ٺٽوي به سندن مدرسي ۾ پڙهيا.[19]
سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ خدمت:
مخدوم ضياء الدين صاحب مخدوم ابو الحسن جي نموني تي سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکيو، جنهن کي ”ضياء الدين جي سنڌي“ چيو ويندو آهي. پاڻ هن ڪتاب ۾ نه رڳو وضو ۽ نماز جا مسئلا سمجهايا اٿن ، پر دين سان تعلق رکندڙ ٻيون ڳالهيون پڻ سليس سنڌيءَ ۾سمجهايون اٿن.
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکن ٿا ته مخدوم ضياء الدين جي سنڌي مقصديت وارو ڪتاب آهي، پر ان جي نظم جي سٽا ايتري پختي نه آهي. منجهس ان وقت جي عام مروج ٻولي ڪتب آندل آهي ۽ فني سٽا مخدوم ابوالحسن جي سنڌيءَ جهڙي آهي. سندن شاعريءَ جو نمونو پيش ڪجي ٿو:
ڌوئي پير وضوءَ سين، سُڻي ياد ڪجاهه،
پڻ سنتون تن جون، سُڻي ياد ڪجاهه.
                                                                             *
ڳريا ڍڪجن جن سين، تن موزا چئجاهه،
ڪري ڪامل وضوءَ کي، موزا جي ڍڪياءِ.
                                                                           *
ته نه لاهجي موزن کي، پوءِ وضو سڀ ڪجاهه
ٽري آڱريون پاڻي مکي، موزون مسح ڏجاهه.
[20]
                                                            ***
3.                        مخدوم محمد هاشم ٺٽوي  (1692 _ 1761ع) :
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحمة الله عليه سنڌ جا  جڳ مشهور عالم هئا. سموري ڄمار درس و تدريس ۽ تصنيف و تاليف ۾ مشغول رهيا. ڪلهوڙا حاڪمن تي اثرانداز ٿي شريعت جي رياستي سطح تي اجرا لاءِ ڪوششون وٺندا رهيا. سندن علم ۽ فضل جي هاڪ نه رڳو سنڌ ۽ هند ۾ بلڪ عرب ۽ عجم ۾ پڻ آهي. سندن لکيل ڪتاب گهڻي عرصي تائين ”جامع الازهر“ مصر جهڙي شاندار مذهبي اداري ۾ بطور نصاب پڙهايا ويندا هئا.[21] هن وقت به حجاز جي ڪتب خانن ۾ سندن ڪتاب وڏي اعزاز ۽ اڪرام سان سانڍيل آهن ۽ تمام عالمِ اسلام کان حجاز مقدس ڪَهي ايندڙ شاگرد، محقق ۽ عالم سندن ڪتابن مان مستفيد ٿيندا رهن ٿا.
سندن اصل نالو محمد هاشم ۽ والد جو نالو عبدالغفور هو. پاڻ ذات جا پنهور هئا. 10 ربيع الاول 1104هه بمطابق 19 نومبر 1692ع ڌاري لاڙ جي علائقي بٺوري (موجوده سجاول ضلعي) ۾ پيدا ٿيا. ٺٽو ان وقت علم جو مرڪز هو ۽ سندس علمي شهرت نه رڳو سنڌ ۾ هئي، بلڪ پوري هند ۾ پڻ عام هئي. مخدوم صاحب به پنهنجو علمي سفر ان شهر کان شروع ڪيو ۽ بعد ازان حجاز مقدس ۾ پورو ڪيائون. حاصل ڪيل علم ٻين تائين پهچائڻ لاءِ مخدوم صاحب ٺٽي ۾ سڪونت اختيار ڪئي. ٺٽي شهر ۾ ”اگر محلي“ ۾ سندن مدرسو ”دارالعلوم هاشميه“ جي نالي سان قائم هو. سنه 1761ع ۾ وفات ڪيائون.[22]   
نقشبندي نسبت:
معروف آهي ته پاڻ سورت جي بزرگ سيد سعد الله قادريءَ سان قادري سلسلي ۾ اجازت يافته هئا، پرصاحبزاده ڊاڪٽر ابوالخير محمد زبير صاحب جي تحقيق موجب کين نقشبندي نسبت پڻ حاصل آهي. ڊاڪٽر صاحب کي ان نتيجي تي پهچائڻ ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي شاگرد ۽ وڏي مرتبي واري عارف فقير الله علوي نقشبندي شڪارپوري رحمة الله عليه جي تصنيف شده ڪتاب ”قطب الارشاد“ مدد ڏني. فقير الله علوي صاحب رحمة الله عليه مذڪوره ڪتاب ۾ لکن ٿا ته کين سندن استاد مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ کان پڻ نقشبندي نسبت حاصل آهي. ان بنياد تي صاحبزاده ابوالخير محمد زبير صاحب پنهنجي پي ايڇ ڊي لاءِ تحرير شده تحقيقي مقالي "سندھ کے صوفیائے نقشبند" ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ کي نقشبندي ڄاڻائي، سندن حيات و خدمات تي سير حاصل بحث ڪيو آهي.[23]
مخدوم صاحب جون سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ خدمتون:
مخدوم صاحب جون خدمتون ته هونئن گهڻ رخيون آهن، پر خاص ڪري سنڌي ٻولي ۽ ادب جي حوالي سان پڻ سندن خدمتون ناقابلِ فراموش آهن. پاڻ عربي ۽ فارسي ٻولين جا ماهر هئا. سندن علمي شهرت سنڌ کان ٻاهر نڪري پوري عرب و عجم ۾ پهچي چڪي هئي. پاڻ چاهين ها ته سنڌي ٻوليءَ کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪندي فقط عربي ۾ لکڻ تي توجه ڏين ها ۽ پنهنجي عربي تصنيفات کي عالمِ عرب ۾ ڦهلائي قبوليت ۽ شهرت ماڻين ها، پر ان جي برعڪس پاڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتاب لکي، سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيائون. سندن زندگي ۽ خدمات تي تحقيقي مقالو لکي پي ايڇ ڊي جي سَنَد ماڻيندڙ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري صاحب جي تحقيق مطابق هيل تائين سندن معلوم تصنيفات ۾ 9 ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکيل آهن. جن جو مختصر ذڪر مذڪوره محقق جي ٿورن سان هيٺ پيش ڪجي ٿو:
سنڌي تصنيفات:
1)      زادُ الفقير (درويشن جو ثمر):  پاڻ هي ڪتاب فقهه جي موضوع تي رمضان جي مهيني ۾ 1125 هه (1713ع) ۾ لکيو. هن ڪتاب ۾ پاڻ روزن جي مسئلي تي عربي ڪتابن مان مواد چونڊي سنڌي ٻوليءَ ۾ سولي سنڌي عبارت ۾ منظوم صورت ۾ سمجهايو اٿن. هي ڪتاب پاڻ 21 ورهين جي ڄمار ۾ لکيو. هي سندن پهريون سنڌي رسالو آهي.
2)      قوت العاشقين: هيءُ ڪتاب پاڻ سيرت جي موضوع تي سنه 1127هه (1719ع) ۾ تصنيف ڪيو. هن ڪتاب ۾ پاڻ رسول الله ﷺ جا 186 معجزا بيان ڪيا آهن.  
3)      راحت المؤمنين: فقهه جي موضوع تي هي ڪتاب پاڻ سنه 1130 هه (1722ع) ۾ لکيو. هن ڪتاب ۾ پاڻ منظوم انداز ۾ ”ذبح ۽ شڪار“ جي باري ۾ بحث ڪيو آهي.
4)      سايه نامه: فقهه جي موضوع تي بحث ڪندڙ هيءُ ٻه ورقي سنڌي رسالو، سنڌ ۾ منجهند جو اصلي پاڇي پروڙڻ بابت مخدوم صاحب غالباَ سن 1133هه (1725ع) ڌاري لکيو.هيءُ ڪتاب منظوم انداز ۾ چاليهه سنڌي سٽن ۾ سمايل آهي.
5)      بناء الاسلام سنڌي: مخدوم صاحب جو هي مشهور ڪتاب  دين اسلام جي بنيادي عقيدن بابت 5 ذوالحج 1143هه (1730_31ع) تي لکيو ويو.
6)      تفسيرِ هاشمي: علمِ تفسير جي حوالي سان مخدوم صاحب سنڌ جو پهريون مفسر آهي جنهن فقهي مسائل سان گڏ قرآن شريف جو سنڌي ترجمو ۽ مفهوم سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ لاءِ ان وقت جي مروج سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽيهين پاره ”عم“ جو تفسيرلکيو ۽ عام ماڻهن ۾ قرآن فهمي جو شعور پيدا ڪيو. ان ڏس ۾ ”تفسير هاشمي“ سندن عظيم ڪارنامو آهي. هي ڪتاب مخدوم صاحب پنهنجي وفات کان 7 سال پهرين 1162هه (1749ع) ۾ تصنيف ڪيو.
7)      تحفة التائبين: تصوف جي موضوع تي لکيل مخدوم صاحب جو هي رسالو 11 صفحن تي مشتمل آهي. رسالي تي ڪاتب جو نالو ۽ سال نه هجڻ ڪري معلوم ناهي ته ڪڏهن لکيو ويو. البت ڊاڪٽر عبدالرسول قادري صاحب جو اندازو آهي ته هي رسالو مخدوم صاحب جي ابتدائي لکڻين منجهان هوندو.
8)      اصلاح مقدمة الصلواة: هي رسالو پاڻ مخدوم ابو الحسن سنڌيءَ جي درسي ڪتاب مقدمة الصلواة جي تصحيح آهي. بقول مخدوم محمد هاشم صاحب ابوالحسن سنڌي صاحب پاران وضاحت ڪيل بعض نڪتا مزيد تحقيق طلب هئا جن کي سوڌي سنواري ٻيهر لکڻ جي ضرورت هئي. ڇاڪاڻ جو هي ڪتاب مدرسن ۾ نصاب ۾ شامل هو. ان کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ مخدوم محمد هاشم صاحب جي ڪتاب تحرير فرمايو.
9)      تنبيهه نامو: هن ڪتاب ۾ مخدوم صاحب اصلاح جي خيال کان منظوم انداز ۾ سمجهاڻي ڏني آهي.[24]
·        ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ ۾ مخدوم صاحب جي هيٺين سنڌي ۾ لکيل ڪتابن جوپڻ ذڪر ملي ٿو:
10)   تفسير هاشمي، اڻٽيهين سيپاري جو تفسير.
11)   تفسير تبارڪ سنڌي: يعني سورة تبارڪ جو سنڌي تفسير.
12)   فرائض الاسلام سنڌي: اصل ۾ مخدوم صاحب عربي ۾ ٻن جلدن ۾ لکيو. پر بعد ازان پهرئين جلد جو ترجمو مخدوم عبدالله سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيو، پوءِ مخدوم عبدالطيف بن مخدوم محمد هاشم سنه 1181هه (1767/68) ۾ پهرئين جلد کي سنواريو ۽ پڻ ٻئي جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو.
13)   حيات العاشقين: 1168هه (1754_55ع) ۾ تصنيف ڪيو ويو ۽ جنهن جو پوءِ سندس فرزند مخدوم عبدالرحمان منظوم ترجمو ڪيو.
سنڌي شاعري:
پاڻ عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ جا تمام سٺا شاعر هئا. خانبهادر ميمڻ صاحب سندن منظوم ڪتاب ”زاد الفقير“ ۾ سندن نظم تي تبصرو ڪندي لکن ٿا:
”زاد الفقير جي نظم جي عبارت، نزاڪت ۽ ميٺاج جي ڪري، شاهه ڀٽائيءَ جي ڪلام جون سڪون پيئي لاهي. تجنيس حرفيءَ کي مخدوم صاحب ڪنهن به مصرع ۾ نه وساريو آهي.“[25]
ڊاڪٽر عبدالرسول قادري صاحب سندن سنڌي شاعريءَ تي تبصرو ڪندي لکن ٿا:
”مخدوم صاحب جي زماني ۾ ڊگهن نظمن جو رواج پيو. جن کي ”نظم معريٰ“ يا ”ڪبت“ واري شاعري چيو ويندو آهي، جنهن ۾ اڪثر ڪري الف اشباع وارو قافيو استعمال ٿيندو آهي. مخدوم صاحب جي شاعري ان نوعيت واري آهي، جنهن ۾ اصطلاح ۽ محاورا لاڙي سمايل آهن. هيٺ مخدوم صاحب جي نموني طور سنڌي شاعري درج ڪجي ٿي:
هئي هئي حياتي ڏينهڙا تو وساري ويا
عمر گذري عيش ۾ هاريئي هميشا
ووءِ ووءِ وتين ويسرو اسونهن اڀاڳا
سنجهي صبوح سمهين اٿين اويلا
توکي تات نه تند جي ڪتڻ جي نه ڪرا
جن ڪتيو ڪالهه هي سرها سي ٿيا
جتي محشر ماڳ ۾ لکين لک مڙندا
دائما دنيا نه رهي باقي منجهه بقا
جيڻ جال نه نبهي آدم جي ويا
ساٿي سمر ڪر تون ساري سفر لاءِ
ڀانئين جان ڀاڳ مڙان مهندا محمدا!
                    ***
ٻر ٻر ٻڏو جندڙو ڏوهن ڏار مڪا
گوندر مٿي هينئڙي وڌي وڻ ٿيا
هئي هئي هنجون هاريان ڳاڙيان ڳل ڳوڙها
مون کي وسيلو ناهه ڪو توريءَ رحيما
سک نه ساريان سپرين طاقت توارا
ٻڏندي ٻاڪاريان دانهون ڪريان دردا
سڻي سڏ سوالي جا سٻاجها ٻاجهاء
هادي ڪر ”هاشم“ ڏونهن مهر منجها
پلؤ پکيڙي پنڻو مهندا محمدا![26]

4.مخدوم معين ٺٽوي (1682_1748ع)
پاڻ سنڌ جا مشهور و معروف عالمِ دين ۽ صوفي بزرگ هئا. شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي ساڻن دوستيءَ واري واٽ هئي. شاهه سائين ڪيترو ئي عرصو وٽن ٺٽي ۾ اچي رهندا هئا. سندن علم جو هي عالَم هو جو شاهه ولي الله محدث دهلوي جهڙي چوٽيءَ جي عالم سان خط و ڪتابت وسيلي بحث مباحثا ڪيا اٿن. شاهه سائين مذڪور به سندن علمي مقام جو معترف هو.
پاڻ نقشبندي سلسلي ۾ مخدوم ابوالقاسم نقشبندي ءَ جا مريد ۽ خليفا هئا.
فارسي ۽ عربي زبان ۾ ڪيتريون ئي بيش بها تصانيف ڇڏيون اٿن. نثر ۾ سندن سنڌيءَ ۾ ڪا تصنيف نه ٿي ملي. البت بقول غلام علي الانا صاحب جي پاڻ ”فارسيءَ سان گڏ هنديءَ ۽ سنڌيءَ جو وڏو شاعر هو ۽ عالم هو. سنڌيءَ ۾ سندس تخلص ”بيراڳي“ هو.[27]  
5.مير علي شير قانع (وفات 1203/1790ع):
سنڌ پنهنجي ڊگهي تاريخي عرصي ۾ شايد ئي ڪو وڏي پائي جو مؤرخ پيدا ڪيو هجي، سواءِ مير علي شير قانع جي. مير علي شير قانع  سچ پچ به سنڌ جو قابل فخر سرمايو آهي. هو بيڪ وقت هڪ عظيم مؤرخ، محقق، شاعر، مصنف، عالم ۽ روحاني بزرگ هو. هن جون لکيل تصنيفات سنڌ جي بيشمار بزرگن، عالمن ۽ تاريخي اهميت جي حامل ماڳن کي هميشه هميشه لاءِ تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو. ارڙهين صدي عيسوي جي هندستاني مؤرخن جي ڀيٽ ۾ سندس مقام گهڻو گهڻو مٿي آهي.
پاڻ 1140 هه () ۾ ٺٽي شهر ۾ پيدا ٿيا. ٺٽي شهر جي جيد عالمن وٽ پڙهيا. نقشبندي مجددي سلسلي ۾ خواجه شيخ عبدالاحد سرهندي مجددي صاحب سان بيعت ٿيا. شعر و سخن ڏانهن ننڍي لاڪون رغبت هوندي هين. ننڍي ڄمار کان شعر گوئي جي ميدان ۾ پير پاتائون، تانجو وقت گذرڻ سان جيئن پوءِ تيئن شعر ۾ پختا ٿيندا ويا. بعد ازان بلند پايه شاعر ٿي ويا. ”قانع“ سندن تخلص هو. نثر ۾ پڻ سٺو نالو ڪڍيائون. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کين پنهنجي گهراڻي جي تاريخ لکڻ لاءِ ملازمت ڏني. چنانچه ڪم ۾ هٿ وجهي ان کي اڳيان وڌايائون به، پر نامعلوم سببن ڪري ڪم اڌ ۾ ڇڏي ڏنائون. سندن وفات چوهٺ سالن جي ڄمار ۾ 1203هه () ۾ ٿي. کين مڪليءَ ۾ سندن خانداني قبرستان ۾ دفنايو ويو.  
سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ خدمتون:
جيتوڻيڪ مير علي شير قانع جون سموريون تصنيفات فارسي ٻوليءَ ۾ تصنيف ۽ تاليف ڪيل آهن ۽ سڌيءَ ريت سنڌيءَ ۾ ڪو ڪتاب (نثر يا نظم ۾) نه ئي تصنيف ۽ نه ئي تاليف ڪيو اٿس. پر ان باوجود به سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب تي سندس وڏو احسان آهي. ڇاڪاڻ ته پاڻ نه رڳو سنڌ جي تاريخ لکي اٿن ۽ صوفياءِ ڪرام جي زندگين کي قلمبند ڪري محفوظ ڪيو اٿن، پر ڪيترن ئي سنڌي شاعرن (بشمول شاهه عبدالطيف ڀٽائي) جي زندگي ۽ شاعريءَ کي پنهنجي ڪتاب ”مقالات الشعراء“ ۾ نقل ڪري محفوظ ڪيو اٿن.
سنڌ جي تاريخ متعلق سندس لکيل ڪتابن ۾ چند معروف ڪتاب هيٺيان آهن:
1.       مقالات الشعراء: هي ڪتاب پاڻ 1174 هه (1760ع) ۾ لکيو. هن ڪتاب ۾ پاڻ شاعرن جي زندگي جي احوال ۽ سندن شاعريءَ کي محفوظ ڪيو آهي.
2.       تاريخِ عباسيه: منظوم انداز ۾ لکيل هي ڪتاب پاڻ 1175هه (1761ع) ۾ مڪمل ڪيو. هن ڪتاب ۾ بيتن جي صورت ۾ ڪلهوڙا گهراڻي جي تاريخ لکي اٿن.
3.       تحفة الڪرام: هي مشهور ڪتاب پاڻ 1181هه (1767ع)۾ لکي مڪمل ڪيو. هن ۾ پهرين بابن ۾ سنڌ جي تاريخ عربن کان وٺي سمه خاندان تائين جو ذڪر آهي، ان بعد سنڌ جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ صوفين جي زندگي جو احوال قلمبند ڪيل آهي.
4.       طومار سلاسلِ گزيده : سنه 1202هه (1787ع) ۾ لکيل هن ڪتاب ۾ سنڌ جي صوفي بزرگن جي صوفياڻن سلسلن تي بحث ڪيل آهي.
5.       شجره اهلِ بيت اطهار: هي ڪتاب پڻ ساڳئي سال ۾ لکيو ويو. هن ڪتاب ۾ پاڻ سنڌ ۾ رهندڙ سيدن جا شجره بيان ڪيا اٿن.
6.       معيارِ سالڪانِ طريقت: هن ڪتاب ۾ هڪ هزار کان مٿي انهن صوفين جو ذڪر جمع ڪيو ويو آهي جن جو ذڪر تحفة الڪرام ۾ مصنف نه ڪري سگهيو.
7.       لبِ تاريخِ ڪلهوڙا: ڪلهوڙن جي تاريخ متعلق لکيل ڪتاب.
8.       مڪلي نامه: مڪلي جي بزرگن، تاريخي ماڳن متعلق سندس معروف ڪتاب.[28]
معروف جرمن عالم محترمه اينمري شميل صاحبه مير علي شير قانع  متعلق لکي ٿي:
The famous writer of Sindhi history, Mir Ali Sher Qani (1725-1789) who also belonged to one of the Naqshbandis families. His ancestor’s reached in the indus Valley in 16th century, coming from Shiraz. Qani’ works on famous inhabitants of Sind (Tuhfat ul Kiram), his biographies of Poet (Maqalat ash- Shuara) and his numerous works on the affiliations of Sindhi Tariqas show him as one of the most important writers in the Persian language in India during the 18th century. His Maklinama is the probably most charming account we possess about the famous Makli hill near the capital; many of the buildings which are no longer existent, can be reconstructed from his remarks, and his notes about the festivities, the sessions of music and mystical dance, as they were held there in constant succession given the modern reader a wonderful picture of popular mystical religion in 18th century Sind.[29]  
” سنڌ جو مشهور تاريخدان مير علي شير قانع (1725_1789ع) پڻ نقشبندي گهراڻن مان ڪنهن هڪ سان تعلق رکي ٿو. سندس وڏڙا شيراز کان سنڌ ماٿريءَ ۾ سورهين صدي عيسويءَ ڌاري پهتا. قانع جو سنڌ جي رهواسين تي ڪيل ڪم (تحفة الڪرام)، شاعرن تي لکيل هن جون سوانح عمريون (مقالات الشعراء) ۽ سنڌي (صوفياڻن) طريقن تي لکيل هن جا ڪيترائي ليکَ ظاهر ڪن ٿا ته هُو ارڙهين صدي دوران هندستان ۾ فارسيءَ جي اهم ترين ليکڪن منجهان هڪ هو. راڄڌاني (ٺٽي) ويجهو مڪليءَ جي ٽڪري بابت لکيل هن جو ڪتاب مڪلي نامه نهايت پرڪشش ڪتاب آهي، ڪيتريون ئي عمارتون جيڪي هينئر اڻلڀ آهن، سي هن جي تاثرات ذريعي ٻيهر ڳولهي ۽ تعمير ڪرائي سگهجن ٿيون. انهن ڏينهن ۾ ٿيندڙ تهوارن ۽ ميلن ملاکڙن متعلق ڏنل هن جون سٽون هاڻوڪي پڙهندڙ اڳيان ارڙهين صدي عيسويءَ جي صوفياڻي ۽ مذهبي سنڌ جي تصوير پيش ڪن ٿيون.“
6. خواجه محمد زمان لواريءَ وارا (1713_1775ع):
سندن اسمِ گرامي محمد زمان ۽ لقب ”سلطان الاولياء“ آهي. پاڻ بدين لڳ لنواري (يا لواري) ۾ رهائش پذير هجڻ سبب لنوارين وارا (لوارين وارا) سڏجن ٿا. پاڻ 21 رمضان المبارڪ 1125هه بمطابق 1713ع ۾ حضرت شاهه عبدالطيف نقشبندي رحمة الله عليه جي گهر ۾ پيدا ٿيا. سندن سلسله نسب حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنه سان ملي ٿو. پاڻ نقشبندي سلسلي ۾ خواجه ابوالمساڪين رحمة الله عليه سان بيعت ٿيا. جن ٿوري عرصي بعد کين نه رڳو سلسلي هلائڻ جي اجازت ڏني، پر ٺٽي ۾ واقع پنهنجي خانقاهه به سندن حوالي ڪري حجاز مقدس هجرت ڪري ويا. خواجه صاحب رحمة الله عليه سندن امر موجب ڪافي عرصو  مرشد جي مسند تي ويهي رشد و هدايت جو سلسلو جاري رکيو. نيٺ ٺٽي جي بعض خشڪ، تنگ نظر ۽ متعصبي مُلن جي مخالفت سبب ٺٽي مان هجرت ڪري بدين لڳ پنهنجي اباڻي ڳوٺ لواريءَ ڏانهن هجرت ڪري ويا.
سندن ذات کان سنڌ اندر توڙي سنڌ کان ٻاهر نقشبندي سلسلي جي وڏي پئماني تي اجرا ٿي. سندن فيض و برڪت جي هاڪَ ۽ هُل تمام وڏو هوندو هو. روايت آهي ته هڪ ڀيري حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحمة الله عليه سندن زيارت لاءِ لواري شريف حاضر ٿيا هئا. جڏهن حجري جي در وٽ پهتا ته ملازم هٿاران خواجه صاحب جن ڏانهن اندر اچڻ جي اجازت طلب ڪيائون. بزرگن وراڻيو ته شاهه صاحب کي ترسايو، اسين خود سندن ڀليڪار لاءِ اچڻ چاهيون ٿا. سيد صاحب ملازم کان پڇيو ته ڀلا خواجه صاحب ڪهڙي ڪم ۾ هئا؟ ملازم وراڻيو ته گردن مبارڪ جهڪايون خاموش ويٺا هئا. شاهه صاحب سهي ڪري ورتو ته پاڻ حالتِ مراقبه ۾ آهن. پاڻ ملازم کي فرمايائون ته ”ان مشغولي مان ڪڏهن واندا ٿيندا جو اسان ڏانهن توجه ڏيندا. اٿ ته اندر هلون.“ ائين پاڻ اندر حجري شريف ۾ آيا. حجري ۾ ايندي جڏهن خواجه صاحب کي گردن مبارڪ جهڪايون مراقبي ۾ ڏٺائون ته هيءُ بيت چيائون:
سامي سفر هلئا، ڪو پروڙي پنڌ،
جنين هيٺاهون ڪنڌ، آئون نه جئندي ان ري.

حضرت جن ٺهه پهه جواب ڏنو:
ڪين آهين، ڪين ٿي، وڃي ڪين ڪماءِ
لاڳاپا لوڪ جا، لا سين لهراءِ
سامي پوءِ سلنداءِ، ڳال پريان جي ڳجهه جي.
ڇ
انهيءَ تي سيد صاحب چيو:
قلم وهي وئو ڪانهه سرتيون! ڪنهن سڀاڳ ليءِ
انگ اڳيئي لکئو، ات نه پهچي ٻانهن،
ڪنهن کي ڏيان دانهن، ته پرين مان سين هينءَ ڪئو؟

حضرت جن وراڻيو:
ويهه وڃي وٽ تن، قلم جنين هٿ ۾،
ميٽئو انگ اڳيون واري ٻئو لکن،
پنون سو پاڙهن، جنهن مان پسڻ ٿئي پرينءَ کي. 

انهيءَ مشاعري بعد تصوف جي موضوع تي ٻنهي بزرگن وچ ۾ ڪچهري ٿي. بعد ۾ لطيف سائين موڪلائي هليا ويا. ان کان پوءِ شاهه صاحب هميشه حضرت جن جي شان ۾ هي شعر اچاريندو هو:
مون سي ڏٺا ماءِ! جنين ڏٺو پرينءَ کي
تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي.

سندن ديني خدمتون بيشمار آهن. پاڻ 4 ذوالقعد 1188 هه بمطابق 1774ع ۾ وفات ڪري ويا.[30]
شعر و شاعري:
 پاڻ بلند پايه شاعر هئا. شاعريءَ ۾ پنهنجي دور جي مروج صنف ”بيت“ تي طبع آزمائي ڪئي اٿن. سندن بيتَ ”ابياتِ سنڌي“ جي عنوان سان شايع ٿيل آهن. سندن ابيات معنيٰ ۽ مطلب، فهم ۽ فڪر جي خيال کان نهايت بلند آهن. سندن شاعري ڪنهن قصي ۽ واقعي، هجر ۽ وصال جي مبالغه آميز بيان يا شاعراڻي خوبين جي اظهار  بجاءِ اعليٰ مقصد واري شاعري آهي. تنهنڪري ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ ۾ کين سنڌي زبان جي اساسي شاعرن ۾ شمار ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب سندن شاعريءَ تي تبصرو ڪندي لکن ٿا:
ڪلام جي انفراديت انهيءَ ۾ آهي جو اهي بيت خاص طرح تصوف ۽ اعليٰ فڪر ۽ فلسفي ۽ سالڪانه ڄاڻ ۽ معرفت جو آئينو آهن، ۽ معنوي لحاظ سان قاضي قادن جي بيتن سان مشابهه آهن. خواجه صاحب جي عرفان ۾ احديت، ۽ معرفت جي اعليٰ مقام تي سالڪ لاءِ مهت (مسجد) ۽ مڙهي (مندر) ۾ فرق نه ٿو رهي. اهڙي اعليٰ فڪر ۽ عرفان ۾ انسان ذات جي وحدت جو اهڃاڻ سمايل آهي. سندس هڪ بيت جي مثالي سٽ ”جُزي جائز ناه، ڪُل ري ڪٽڻ ڏينهڙا“ مان ڪُل جو عرفاني فلسفو شروع ٿيو، جنهن جي تشريح گرهوڙي صاحب پنهنجي رسالي ڪُل نما ۾ ڪئي.[31]
سندن ڪجهه اشعار نموني طور پيش ڪجن ٿا:
فعل شريعت، حب طريقت، هنيون حقيقت هوءِ
معرفت نالوءِ، پروڙڻ پارسين.                                                             ****
سڄڻ ڏٺو جن تن ڏسڻ غير گناهه
جنين لڌي راهه، وهڻ تنين وِههُ ٿيو.
             ****                                                       *
عارف ۽ عشاق پسڻ گهرن پرينءَ جو،
جنت جا مشتاق اڃان اوراهان ٿيا.
                                             ****             *
پڇين جان ٻروچ، تان پاسي ڪر پرهيز کي،
جنين ڏٺو هوت، تن دين سڀئي دور ڪيا.

7.                        مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي صاحب (1739_1778ع):
مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي شهيد سنڌ جو ناميارو عالم، فاضل، شاعر، مصنف ۽ صاحبِ مقام بزرگ هو. سنه 1152هه (1739ع) ۾ پيدا ٿيو ۽ چاليهه ورهين جي ڄمار ۾ سنه 1192هه (1778ع) ۾ شهيد ٿيو. ڊاڪٽر دائودپوٽو،  جامع ”ڪلامِ گرهوڙي“، گرهوڙي صاحب متعلق لکي ٿو:
”شيخ عبدالرحيم گرهوڙي ذات جو مڱريو، حضرت سلطان الاولياء خواجه محمد زمان قدس سره جو وڏو خليفو، زماني جي عجائبن ۽ بينظير هستين مان ٿي گذريو آهي. ڄاپندي ڄام هو. ننڍي هوندي کان ئي مطالعي جو شوق هوندو هوس ايتري قدر علمي تبحر هوندو هيس  ۽ مباحثي ۽ مناظري ۾ ايڏو ته دسترس هوس جو ڪو به عالم مٿس غالب پئجي نه سگهندو هو. فقهه جي ميدان ۾ جهڙي تهڙي کي ڪين مڃيندو هو ۽ هميشه پنهنجي اجتهاد تي هلندو هو.“[32]
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سندن متعلق لکيو:
”هو وڏي ادب، وڏي ذهن ۽ روشن دماغ وارو عالم ٿي ساماڻو. فارسي توڙي عربي ۾ کيس پوري مهارت حاصل هئي، ۽ سندس فارسي نظم ۽ عربي نثر جا معياري مثال موجود آهن. باوجود انهيءَ جي جڏهن سنڌي ۾ منظوميا ۽ بيت چيائين ته ٻهراڙيءَ واري نج سنڌي ٻوليءَ ۾ چيائين. سندس ڪمال اهو جو ڳُوڙهي فلسفي، وڏي فڪر ۽ وڏي فهم وارا اهڃاڻ به بعضي نهايت ئي سولي عام سنڌي ٻوليءَ ۾ ڏيئي ڇڏيائين. مثلاََ
اسم ساڻ الله جي، سڀئي ٿوڪ ٿيا.
................................
اڏوهي کي آب ڏئي جتي آب نه آ
..............................
ڳڙ نه سڃاپي ڳالهيين، جان جان ڳڙ نه کاء
..................................
ڪپڙ پئو ڪُٽبو جاسين ميرو آ.
.....................................
هنر ڌاران هڏهين ڇيٽون نه ڇُرجن.
.......................................
هيءَ ڳنڍ هٿين نه ڇُڙڻي جا ڏني پاڻ پرين.

گرهوڙي صاحب جو سمورو ڪلام غالباَ سلامت نه رهيو آهي، پر باوجود ان جي، اعليٰ فڪر  ۽ معنيٰ وارن منظومين کانسواءِ به رسالي جي 17 سُرن (ڪلياڻ، يمن، رامڪلي، آسا، بروو، سسئي، سهڻي، مومل، راڻو، ڪاموڏ، ڪيڏارو، سارنگ، رپ، ڏهر، ڪاپائتي، پرڀاتي، ڪارايل، ڌناسري) ۾ سندس چيل 165 بيت موجود آهن جيڪي سندس اعليٰ انفرادي فڪر ۽ انوکي اثرائتي اسلوب بيان تي شاهد آهن. [33]
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي مذڪوره ڪتاب ۾ گرهوڙي صاحب جي سنڌيءَ ۾ لکيل مزيد هيٺين ڪتابن جو پڻ ذڪر ڪري ٿو: (1) تفسير سورة الفاتحة، (2) تفسير سورة الاخلاص، (3) تفيسر سورة الکوثر. ان کان علاوه گرهوڙي صاحب پنهنجي مرشد جي بيتن جو عربي ۾ ترجمو ڪيو ۽ مٿس شرح لکي.
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ڪلهوڙا دور ۾ سنڌي نثر ۾ چيل سندن گفتن يا چوڻين تي بحث ڪندي لکي ٿو:
”هن ئي دور ۾ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جا سنڌي نثر ۾ ”گفتا“ (چوڻيون) ملن ٿا. اهي چوڻيون يا گفتا مسجع نثر جا مثال آهن. انهن ۾، ٻولي عام فهم، آسان ۽ سليس آهي. اهي دراصل ٻول يا چوڻيون آهن جيڪي سنڌي نثر ۾ فلسفيانه نڪتن سان ڀريل آهن. اهي ٻول نصيحتن سان ڀريل آهن ۽ آسانيءَ سان انهيءَ ڪري ياد ڪري سگهجن ٿا، جو اهي مسجع نثر ۾ چيل آهن، ۽ تڪبنديءَ وارا آهن. اهي جملا، لساني خوبين، صنعت استعاره ۽ شبيه جا بهترين مثال آهن؛ مثال طور:
1.       ٽَڪِ ڏنگڙي هلي، کڙا پاسڻي جهلي.
2.       راڻي راوَ سان رچي، ابو ڀائن ري اچي.
3.       ڪافر ڪفر کان اُڪار، ڪارو گڏهه ڌوئي اُجار.
4.       ملون بهشت ڏي هلاءِ، چتون پاڙهي پروجاءِ.
5.       ملون ڪيئن بهشت ۾ اچي، ڪوئي سير سونَ سين نچي.
6.       ٻه پهاڄيون پرچاءِ، ٿلهو مهرلو گهڙاءِ، وڏو کوهڙو کڻاءِ.
7.       رزق ڪنهن پر اچي، جيئن مينهڙو وسي.[34]
8.                        شيخ ميان ابراهيم رحمة الله عليه:
پاڻ خواجه محمد زمان لوارين وارن جا مريد هئا. ڇاڇري لڳ ڳوٺ ”ابراهيم جو تڙ“ جا رهواسي هئا. لڳ ڀڳ ٻارهين صدي هجري جي وچ ڌاري پيدا ٿيا. مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي صاحب جا دوست هئا. پاڻ خواجه محمد زمان کان پڇيل سوالن ۽ سائين جن پاران ڏنل جوابن کي فارسيءَ ۾ قلمبند ڪيو هو، جنهن کي بعد ۾ غلام حسين دايه صاحب سنڌي ۾ ترجمو ڪيي ۽ درگاهه لواري شريف تان ”مقولاتِ تصوف، جي نالي سان شايع ٿيو.[35] 
9.                        حضرت سيدمحمد بقا راشدي رحمة الله عليه (1722 _ 1783ع):
هي بزرگ سنڌ جي راشدي سيدن جو جد امجد آهي. پاڳارو خاندان هن جو ئي اولاد آهي. هي بزرگ نقشبندي سلسلي ۾ حضرت محمد اسماعيل پريان لوءِ وارن سان بيعت هيو.[36]
پاڻ تمام سٺو شاعر پڻ هو. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو سندن شاعريءَ بابت لکي ٿو:
”تذڪره لطيفي ۾ سيد محمد بقا جا پنج بيت درج ٿيل آهن، جن مان سيد بقا راشديءَ جي شاعريءَ جي باري ۾ راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي ته هو هڪ پختو شاعر هو. وقت جي شاعري جي روايت سان ڳنڍيل هو. سندس بيت مارئي سسئي ۽ مجاز جي موضوئن تي آهن:
اوڏا جي هئام، ته نت نياپا آئيا،
سنگهارن سانگ پئ، ونهيا وس ٿيام،
مارو ٿر ٿيام، ڏيان ڏوراپا ڪنهن کي.
                       ***
جي ڪهان ته ڪوڪ نه نڪري، صبر آءٌ نه سهان،
اکيون لايون پرکي، آءٌ ويٺي سور سهان،
ڪنهن کي ڪين چوان، ته ڪنهن پر اُڪنڊي آهيان.
[37]
10.                      مخدوم عبدالواحد سيوستاني [38]           (1737 _ 1809ع):
پاڻ سنڌ جا مشهور و معروف فقيهه، عالم، محقق، مفتي ۽ صوفي بزرگ هئا. سندن فقهه ۾ اعليٰ مقام سبب، نعمان بن ثابت (امام ابو حنيفه) جي نسبت سان ”نعمان ثاني“ سڏجڻ لڳا. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي وفات بعد سموري سنڌ فقهي مونجهارن جي حل لاءِ سندن ذات ڏانهن رجوع ڪندي هئي.
سندن مڪمل نالو مخدوم عبدالواحد قاضي محمد احسان هو، پر پاڻ مشهور صرف عبدالواحد سيوستاني جي نالي سان ٿيا. سندن وڏڙا اصل ۾ پاٽ شريف ضلعه دادو جا هئا. پر بعد ۾ هجرت ڪري سيوهڻ کي آباد ڪيائون. مخدوم عبدالواحد سيوستاني سيوهڻ يا سيوستان جي نسبت سان سڏجن ٿا. ميان نور محمد ڪلهوڙي جي عهد ۾ سندن ولادت سنه 1150هه (1737ع) ٿي. سنه 1224هه (1809ع) ۾ وفات ڪيائون.
ڊاڪٽر ابوالخير محمد زبير صاحب پنهنجي تحقيقي مقالي ۾ سندن 34 تصنيفات جو ذڪر ڪيو آهي. سمورين تصنيفات ۾ نهايت معروف تصنيف ”بياضِ واحدي“ اٿن. هي در اصل سندن فتاويٰ جو مجموعو آهي، جيڪو سندن شاگردن سهيڙيو. مختلف وقتن تي عوام توڙي خواص، طالبِ علمن توڙي وڏن وڏن عالمن کانئن سوال پڇيا هئا ۽ پاڻ انهن جا تحريري صورت ۾ جواب ڏيندا ويا. سندن هي ڪتاب سندن دؤر ۾ به ۽ سندن حياتيءَ کان پوءِ به ويندي اڄ ڏينهن تائين حنفي عالمن لاءِ وڏي اهميت وارو ڪتاب آهي. اڪثر عالم فتويٰ ڏيندي هن ڪتاب کي اڳيان رکندا آهن يا هن مان حوالا پيش ڪندا آهن.
جيئن مخدوم صاحب ظاهري علم ۾ وڏي نالي وارا هئا، تيئن پاڻ باطني دولت سان پڻ مالا مال هئا. طريقت ۾ پاڻ نقشبندي مجددي سلسلي جا هئا. کين بيعت ۽ بعد ازان خلافت و اجازت جو شرف حضرت شاهه صفي الدين سرهندي مجددي قدس سره کان مليل هو.
پاڻ بلند پايه عالم هجڻ سان گڏوگڏ شاعر به هئا. پنهنجي مادري زبان سنڌيءَ ۾ پڻ شاعري ڪئي اٿن. ڊاڪٽر ابوالخير محمد زبير سندن ڪجهه سنڌي اشعار پنهنجي ڪتاب ۾ نقل ڪيا آهن.
خلاصو:
مٿئين سموري بحث مان معلوم ٿئي ٿو ته:
1.       سنڌ جي عالمن، فاضلن ۽ سڄاڻ ماڻهن مادري ٻولي سنڌيءَ ۾ تعليم ۽ تدريس جي اهميت کي ڪلهوڙا دور کان ٿورو اڳ مغليه دور جي آخرين سالن ۾ محسوس ڪرڻ شروع ڪيو.
2.       ڪلهوڙا دور کان اڳ سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکجڻ جي روايت شروع ٿي.
3.       پر ان روايت کي تمام گهڻي ترقي ڪلهوڙا دور ۾ نصيب ٿي.
4.       سنڌي ٻوليءَ ۾ لکڻ جي روايت کي زور وٺرائيندڙ ڪلهوڙا دور جا لڳ ڀڳ سمورا ناميارا عالم نقشبندي سلسلي سان منسلڪ هئا.
5.       نقشبندي سلسلي جي انهن عالمن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکڻ جي ترغيب نه رڳو سنڌ ۾ اُسرندڙ ان سوچ ته مادري زبان ۾ تدريس ۽ تعليم جاري ڪجي ڏني (جيئن ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي راءِ آهي)، پر ناچيز راقم الحروف جي خيال موجب نقشبندي سلسلي جي پراڻي روايت يعني علم و ادب سان لڳاءَ ۽ شريعت جي بالادستي واري رجحان پڻ ڏني.
6.       نقشبندي صوفين جي اولين ڪاوشن سان سنڌي رسم الخط جيڪا عربي رسم الخط کي اڳيان رکندي تشڪيل ڏني وئي هئي، ترقي ڪئي. ان سبب حضرات نقشبند جو شمار موجوده سنڌي رسم الخط جي بانين ۾ ڪري سگهجي ٿو.
7.       هن دور ۾ سنجيده ۽ نج تعليمي و تدريسي موضوعن تي سنڌي ٻوليءَ ۾ بحث مباحثي واري روايت کي نقشبندي صوفين ۽ عالمن گهڻو زور وٺرايو. جنهن سبب اڳيان هلندي سنڌي ٻولي ۽ ادب جو دامن موضوعي اعتبار کان وسيع ٿي ويو.
8.       سنڌي شاعريءَ ۾ پڻ نقشبندي بزرگن خوب ملهايو. سنڌ جي اساسي شاعريءَ جو بنياد رکندڙ ناميارن سنڌي شاعرن ۾ ان دور جي ٻن بلند پايه نقشبندي صوفين خواجه محمد زمان ۽ مخدوم گرهوڙي صاحب رحمهم الله اجمعين جا نالا پڻ اچن ٿا. جن سنڌي شاعريءَ جي نه رڳو فني اوسر پر فڪري اوسر ۾ پڻ ڪردار ادا ڪيو. 
مقالي جو بقايه حصو پڙهڻ لاءِ هن لنڪ تي ويندا:



[1] Saiyid Athar Abbas Rizvi,“A History of Sufism in India” Volume One, Page 95, Munshiram Manoharlal Publishers, New Delhi India, 1986.
[2] Ibid
[3]  خواجہ بدرالدین سرہندی،  "حضرات القدس"، جلد اول، ص ١٦٥،  قادری رضوی کتب خانہ لاہور
[4]  سندن ڪتابن جو هي تفصيل "تفسیرِ یعقوب چرخی" جي اردو ترجمي ۾ محترم جناب نذير رانجها صاحب جي لکيل مقدمي تان ورتو ويو آهي.

[5] Jo Ann Gross and Asom Urunbaev, “The Letters of Khwāja ʻUbayd Allāh Aḥrār and His Associates”, page 8 & 9, Printed in Neitherlands, 2002

[7]  شيخ محمد اکرام, "رودِ کوثر" ، اداره ثقافتِ اسلاميه، لاهور
[8]  اعجاز الحق قدوسی، "تذکرہ صوفیائے سندھ"،  ص ٤٦، اردو اکیڈمی سندھ  ، کراچی، بار اول ١٩٥٩
[9]  ڈاکٹر صاحبزادہ ابو الخیر محمد زبیر، "سندھ کے صوفیائے نقشبند"، جلد اول،  ص ٣٣، ضیاء القرآن پبلیکیشنز لاہور۔
[10] Sarah F.D.Ansari, “Sufi Saints And State Power: The Pirs of Sindh (1843-1947), p. 22, Cambridge University Press 1992
[11] اسان جي سنڌ جي مورخن بشمول پير حسام الدين راشدي صاحب، ڪلهوڙا دور ۾ مذهبي شدت پسنديءَ  (مذهبي عالمن جي ٻوليءَ ۾ شريعت جي بالادستيءَ لاءِ هلايل تحريڪ ) تي ڪافي بحث ڪيو آهي. هي اهو ساڳيو دور آهي جنهن دور ۾ سنڌ اندر نقشبندي تحريڪ پڻ زورن تي هئي. شريعت جي بالادستيءَ واري تحريڪ جو ڳڙهه پير حسام الدين صاحب ٺٽي کي قرار ڏنو آهي ۽ نقشبندين جو پهريون مرڪز پڻ ٺٽو هو. ڇا ٻنهي جي وچ ۾ ڪو تعلق آهي؟؟؟
[12]  هن منظوم ذخيري کي هٿ ڪري، مٿس تحقيق ڪري، ترتيب ڏئي شايع ڪرائڻ جو سهرو سنڌ جي مهان اديب، مورخ، محقق عالي جناب محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي سر تي آهي. هي ڪتاب پهريون ڀيرو 1993ع ۾ سندن ڪاوشن سان سنڌي لينگويج اٿارٽي وارن شايع ڪري پڌرو ڪيو. ڏسو: ”سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو منظوم ذخيرو“، تحقيق ۽ ترتيب: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سنڌي لينگويج اٿارٽي. 
[13]  ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“، ص 373، پاڪستان اسٽڊي سينٽر چامشورو، ڇاپو چوٿون، 1999ع.

[14] Annemarie Schimmel, Pain and Grace:  A Study of Two Mystical Writers of Eighteenth-Century Muslim Rule”, page 22, 1976.

[15]  ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ جي مصنف محمد صديق ميمڻ صاحب ان ڪتاب جي لکجڻ جو سال 1700ع يعني 1112هه ڄاڻايو آهي. اينمري شميل صاحبه پڻ ڪتاب جو سن اهو ئي لکيو آهي، ليڪن بلوچ صاحب جي تحقيق مطابق صحيح سن 1080هه آهي. اسان بلوچ صاحب جي تحقيق کي وڌيڪ اعتبار جوڳو سمجهي سندس راءِ نقل ڪريون ٿا.
[16]  ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ”سنڌيون“، ص 25، انسٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو، 1970ع.
[17]  ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ،”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ ، ص 372 کان 378، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڇاپو چوٿون.
[18]  ايضاَ، ص 375.
[19]  ميمڻ عبدالمجيد سنڌي،”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“، ص 79، 80، روشني پبليڪيشنز ڪنڊيارو، ڇاپو ٽيون، 2013.
[20]  ايضاَ، ص 80.
[21]  ايضاَ، ص 81.
[22]  ڊاڪٽر عبدالرسول قادري، ”مخدوم محمد هاشم ٺٽوي_ سوانح حيات ۽ علمي خدمتون“، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 2006
[23]  ڈاکٹر ابوالخیر محمد زبیر، "سندھ کے صوفیائے نقشبند"، جلد اول، ص  ١٤٠، ضیاء القرآن پبلیکیشنز لاہور۔ 
[24] ڊاڪٽر عبدالرسول قادري،”مخدوم محمد هاشم ٺٽوي_ سوانح حيات ۽ علمي خدمتون“، ص 217 کان 243، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 2006
[25]  خانبهادر محمد صديق ميمڻ،”سنڌ جي ادبي تاريخ“، ڀاڱو پهريون، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد
ڊاڪٽر عبدالرسول قادري،”مخدوم محمد هاشم ٺٽوي_ سوانح حيات ۽ علمي خدمتون“، ص 127،128، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، [26]  
[27]  غلام علي الانا، ”سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا“، ص 231، سنڌي لينگويج اٿارٽي، ڇاپو پهريون، 2006ع
[28]  ڈاکٹر ابوالخیر محمد زبیر، "سندھ کے صوفیائے نقشبند"، جلد اول، ص ٢٦٥  _٢٦٨،  ضیا ء القرآن پبلیکیشنز لاہور۔اپریل ٢٠٠٧
[29] Annemarie Schimmel, “Pain and Grace:  A Study of Two Mystical Writers of Eighteenth-Century Muslim Rule”, page 22-23, 1976.
[30]  ڊاڪٽر گربخشاڻي،”لواريءَ جا لال“، ڇاپو ٻيو، سنڌي ساهت گهر، 2011ع.
[31]  ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ،”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“، ص 470، ڇاپو چوٿون، پاڪستان اسٽڊي سينٽر ڄامشورو، 1999
[32]   ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽه،”ڪلامِ گرهوڙي، ص 12، ثقافت ۽ سياحت کاتو سنڌ
[33]  ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ،سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“، ص 371، ڇاپو چوٿون، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڄامشورو، 1999.
[34]  ڊاڪٽر غلام علي الانا، ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“، ص 354، انسٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو.
[35]  ڈاکٹر ابو الخیر محمد زبیر،سندھ کے صوفیائے نقشبند، جلد اول، ضیاءالقرآن پبلیکیشنز لاہور، ٢٠٠٧۔
[36]  ڈاکٹر ابو الخیر محمد زبیر،سندھ کے صوفیائے نقشبند، جلد ٢،  ضیاءالقرآن پبلیکیشنز لاہور، ٢٠٠٧۔
[37]  ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ”سنڌي ادب جي تاريخ“ جلد پهريون، ص 205، سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد، 2004.
[38]  سندن حياتِ مبارڪه جو هي احوال ڊاڪٽر ابوالخير محمد زبير جي ڪتاب "سندھ کے صوفیائے نقشبند" ۽ سنڌي ادبي بورڊ مان شايع ٿيل بياضِ واحديءَ جي مقدمي تان ورتو ويو آهي. هي مقدمو مخدوم سليم الله صديقي پاٽائي لکيو.

0 comments: