Sunday 25 August 2013

Contribution of Hazrat Qibla Mahboob Dilbar Sain Naqshbandi Qadri

جـــيــــڏيـــون هـــن جــهـــونـجــهــــارَ اُجـــاري اَڇـــا ڪـــيا
سيدي و مرشدي حضرت قبله محبوب دلبر سائين نقشبندي قادري
 جن جي خدمات تي مبني مضمون 


فقير جاويد ڪرمي





سيدي و مرشدي حضرت قبله پير محبوب دلبر سائين نقشبندي قادري مدظله العالي


اهي قومون ڀاڳ ۽ بخت واريون هونديون آهن، جن کي الله تعاليٰ همه جِهَت ۽ همه گير رهنما عطا ڪندو آهي. اهڙا رهبر ۽ رهنما جيڪي نه فقط ڪنهن هڪ شعبي يا فن ۾ رهبريءَ وارو ڪردار ادا ڪري ان شعبي يا فن کي اوج عطا ڪن. پر مختلف علوم و فُنون ۾ مختلف جِهَتن ۽ رُخن ۾ قوم و ملت جي رهنمائي ڪندي هر هڪ جِهَت کي ترقيءَ جي مٿاهين منزل تائين رَسَائين. سچ پچ ته اهڙا عظيم فرد قومن جا مِعمار هوندا آهن. تاريخ ساز ٿيندا آهن. قوم جي شان مان، عزت ۽ آبرو جو باعث بڻبا آهن. اسان جي سونهاري سنڌ به اهڙين ئي خوشنصيب قومن منجهان هڪ آهي جو کيس الله تبارڪ و تعاليٰ طرفان سيدي و مرشدي حضرت محبوب دلبر سائين (دامت برکاتهم العاليه) جهڙي همه جهت عظيم المرتبت شخصيت عطا ٿي آهي.
حضرت سائين جن گهڻ رخي شخصيت جا صاحب آهن. پاڻ هڪ ئي وقت شيخِ طريقت آهن، برک عالمِ دين آهن. پوڻن ٻن سَوَن جي قريب تحرير شده سنڌي، اردو ۽ عربي ڪتابن جا عظيم مصنف آهن. سنڌي، اُردو، عربي ۽ فارسي زبانن جا ماهر اديب ۽ شاعر آهن. لحنِ داؤديءَ سان سامعين جي دل و دماغ کي مُسَخّر ڪندڙ لاثاني مقرر آهن. ڇهن تبليغي مراڪز (خانقاهن) ۽ سوا سؤ مدارس کي سنڀاليندڙ مُنتظم آهن. مصطفوي تعليمات کي عصري تقاضائن جي قالب ۾ وجهي عوام و خواص اڳيان پيش ڪندڙ مفڪر آهن. الغرض سندن شخصيت جا ڪيئي رُخ ۽ ڪيئي پاسا آهن. تمام عالَم جون خوبيون سندن ذات ۾ يڪجا آهن.
وليس علي الله بمستنکر            أن يجمع العالم في واحد
(۽ اهو الله جي ذات لاءِ مشڪل به نه آهي ته سڄي جهان جون خوبيون ڪنهن هڪ شخصيت ۾ جمع فرمائي)
حضرت صاحب جن پنهنجي ذات کي تمام خوبين، وصفن ۽ لياقتن سميت هڪ عظيم مقصد لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي. اهو عظيم مقصد آهي محبوبن ڪريمن ﷺ جي تعليمات جي روشنيءَ ۾ هن بيدين معاشري اندر اصلاحات آڻي ديندار مصطفوي معاشرو قائم ڪرڻ. پاڻ معاشرتي اصلاحات جو آغاز بلڪل هيٺين سطح يعني هڪ عام فرد جي اصلاح ذريعي ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته معاشرو فردن جي ميڙ جو ئي نالو آهي. جيڪڏهن هڪ معاشري کي مڪمل بدلائڻو آهي ته پوءِ ان جي شروعات اُن جي بنيادي ايڪي يعني فرد جي تبديليءَ ذريعي ئي ٿي سگهي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ گذريل ويهن ٻاويهن ورهين کان هڪ مُرَبِي ۽ مُصلح جو ڪردار ادا ڪندي هڪ فرد جي مختلف رُخن ۾ تربيت فرمائي رهيا آهن. اسان جي ناقص فهم موجب حضرت سائين جن جي تعليم و تربيت جا چار اهم رخ آهن. پاڻ هڪ فرد جي چئن رُخن ۾ تربيت فرمائين ٿا:
(1)    علمي فڪري و اعتقادي تربيت، (2) ديني و روحاني تربيت، (3) اخلاقي تربيت ۽ (4) معاشرتي تربيت.
ديني و روحاني تربيت: حضرت سائين جن هڪ فرد جي ڪٽيل قلب تي نوراني نگاهه وجهي سندن اندر اوجارين ٿا. ذڪر اذڪار ۽ رياضات و عبادات جو عامل بنائي کيس ديندار ۽ تهجد گذار بنائين ٿا. پنهنجي نرالي اندازِ تربيت ذريعي هڪ فرد جي مزاج و مذاق، عادات و اطوار، کي بدلائي مصطفوي بنيادن تي ان جي شخصيت جِي نئين سر تعمير ڪن ٿا. سندس ظاهر و باطن کي سنت و شريعت سان سينگارين ٿا. جنهن جي نتيجي ۾ هڪ فرد جو قلبي ۽ روحاني تعلق پنهنجي مالڪ ڪريم سان جُڙي پوي ٿو. الغرض بي دين ماڻهن جي زندگين ۾ ديني و روحاني انقلاب برپا ڪن ٿا.
علمي فڪري و اعتقادي تربيت: حضرت سائين جن هڪ فرد جي ذهن جِي تختيءَ تي اُڪريل غلط عقيدن، تصورن، خيالن، وهمن، وسوسن جي فرسوده نشانن کي دليل و برهان سان ميٽي خوش عقيدگيءَ جا نقش و نگار چِٽن ٿا. تنگ نظريءَ جي قيد ۾ مقيد افراد کي دينِ اسلام جي عصري تشريح ذريعي نجات ڏيارين ٿا. ان جي ذهن و نظر ۾ وسعت پيدا ڪن ٿا. بي دين ذهنن جي گرد و غبار ڇنڊي صاف ڪري ديندار ذهن بنائين ٿا. سوچ جو اسلامي انداز عطا ڪن ٿا. فڪر جو مصطفوي زاويو پيدا ڪن ٿا. الغرض هڪ فرد جي فڪر و نظر ۾ مڪمل علمي و فڪري انقلاب برپا ڪري نئون ذهن تخليق ڪن ٿا.
اخلاقي تربيت: حضرت سائين جن جي تربيت جو ٽيون رُخ اخلاقي تربيت آهي. پاڻ  تحرير ۽ تقرير ذريعي فحاشي، عرياني، جنسي بي راهه روي، بي پردگي، ظلم و زيادتي، بد ديانتي، نشي آور شين جي واهپي، وغيره جهڙين برين عادتن کان اجتناب ڪرڻ جي تلقين ڪندا رهن ٿا. سندن اندازِ بيان ۾ الله تعاليٰ ايڏي تاثير رکائي آهي جو ماڻهو سماعت ڪرڻ شرط ئي برين عادتن کان توبهه تائب ٿي پوي ٿو. جيئن جيئن حضرت سائين جن جي مجالس ۾ اچ وڃ رکي ٿو ته سندن فيض و برڪت ذريعي رفته رفته انهن برين عادتن مان جند آجي ڪري وٺي ٿو. پنهنجي شخصيت کي صفاتِ محموده  سان مزين ڪري باڪردار ۽  با اخلاق بنجي پوي ٿو.
سماجي و معاشرتي تربيت: پاڻ پنهنجي صحبت نشينن کي مصطفوي آدابِ معاشرت پڻ سيکارين ٿا. هڪ فرد جي اٿڻي ويهڻي، رهڻي ڪهڻي، نشست برخاست، شادي غميءَ جي پراڻن بيديني وارن طور طريقن کي بدلائي کيس اسلامي طرزِ زندگيءَ جو عامل بنائين ٿا. اُن جي جيئڻ جو مڪمل سليقو ئي بدلائي ڇڏين ٿا.
 غرض ته حضرت سائين جن هڪ فرد جي ديني روحاني، علمي و فڪري، اخلاقي و معاشرتي تربيت فرمائي ان جي زندگيءَ جو رُخ بي ديني ۽ بي راهه رويءَ کان موڙي صاحبِ مڪينِ گنبدِ خضريٰ ﷺ طرف ڪن ٿا. کيس ديندار ۽ پرهيزگار بنائين ٿا. هن پُرفِتن دور ۾ حضرت سائين جن جي صحبت دنيا و آخرت ۾ فلاح ۽ بهبود جي ضمانت آهي. هن علمي فڪري ۽ اخلاقي ڏيوالپڻي جي وقت ۾ حضرت صاحب جن جي شخصيت الله تعاليٰ جي خاص نعمت آهي. هن فتني ۽ فساد واري زماني ۾ حضرت سائين جن جي صحبت ۽ سنگت عطا ٿيڻ يقيناَ تمام وڏي خوشنصيبي آهي.
حافظا گر پائے بوسِ شاه دستت مي دهد،                       يافتي در هر دو عالم زينتِ عز و علا.
(اي حافظ! اگر توکي شاهه جي قدم بوسي حاصل ٿي وڃي، ته ائين سمجهجانءِ ته توکي ٻنهي جهانن جي عزت ۽ بلندي عطا ٿي وئي)


0 comments: