Thursday 29 August 2013

Poetry of Hazrat Qibla Pir Dilbar Sain d.b.a.

حضرت قبله پير دلبر سائين جن جي شاعري:




ان کان اڳ جو حضرت قبله محبوب دلبر سائين جن جي شاعري جي فني پهلوئن تي پنهنجي محدود معلومات مطابق خيال آرائي ڪجي، ضروري ٿو معلوم ٿئي ته مشرقي شاعريءَ جي تمام وڏن عالمن جا اعلى ۽ عمده شاعريءَ بابت رايا پيش ڪجن ته جيئن انهن جي روشنيءَ ۾ سندن شاعري کي پرکي سگهجي.

(1) شاعري بابت علامه ابن خلدون جي راءِ:

علامه صاحب جي نزديڪ بهترين شاعريءَ ۾ هيٺيون خوبيون هجڻ گهرجن:

”جيترو ٿي سگهي جملن ۾ ڏکين ترڪيبن کان پاڻ کي بچائجي. جملا اهڙيءَ خوبصورتي سان آڻجن جو الفاظ کان اڳ ۾ ان جي معنيٰ ذهن نشين ٿئي. هڪ شعر ۾ وڌ ۾ وڌ معاني وجهڻ کان به پاسو ڪرڻ گهرجي. ان طرح سمجهڻ ۾ هڪ قسم جي پيچيدگي پيدا ٿئي ٿي. پسنديده ۽ عمده شعر اهو آهي، جنهن جا الفاظ ان جي معنيٰ مطابق هجن ۽ معنيٰ جي پوري طرح ترجماني ڪندي، جيڪڏهن ڪنهن شعر ۾ الفاظ کان زياده معنيٰ ڀرجي ته ان جو شمار ”حشو“ ۾ ٿيندو ۽ معنيٰ ڳولڻ لاءِ ذهن کي تڪليف ڏيڻي پوندي ۽ ذوق و بلاغت جي ميٺاج کان محروم رهجي ويندو. شعر ان وقت آسان ٿئي ٿو جڏهن ان جي معنيٰ ان جي الفاظ ختم ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي ذهن تي چڙهي اچي. شاعر کي غير مانوس  الاستعمال الفاظ کان بچڻ کپي ۽ اهڙن لفظن کان بچجي جيڪي معنى جي صحيح ترجماني کان قاصر هجن. اهڙي طرح بازاري ۽ متبذل الفاظ کان به پرهيز ڪرڻ ضروري آهي. ان کي هر گز استعمال نه ڪجي. ڇاڪاڻ ته هن قسم جا الفاظ قصيدي کي بلاغت جي درجي کان ڪيرائين ٿا ۽ قصيدي ۾ شريفانه حيثيت باقي نٿي بچي ۽ قصيدي  جي افاديت ختم ٿيو وڃي.“ (مقدمه ابن خلدون)

 (2) علامه ابن رشيق جي شاعري بابت راءِ :

علامه ابن رشيق جو شمار عربيءَ ٻوليءَ جي تمام وڏن شاعرن ۾ ٿئي ٿو. هن جي شعر و سخن ۾ ڪمال دسترس جو اندازو هن مان به لڳائي سگهجي ٿو ته علامه ابن خلدون جهڙو روءِ زمين جو تمام وڏو عالم  باباءِ تاريخ وعمرانِيّات به ابن رشيق بابت پنهنجي جڳ مشهور تصنيف ”مقدمھ ابن خلدون“ ۾ لکي ٿو ته ههڙو بلند پائي جو شاعر اڄ ڏينهن تائين پيدا ئي ناهي ٿيو. علامه ابن رشيق اعلى ۽ عمده اشعار بابت پنهنجي راءِ سندس هيٺئين نظم ۾ ڏني آهي:

”شعر اهو آهي جو نظم ۾ مناسب هجي، جيتوڻيڪ انواع جي لحاظ کان اهو قسمين قسمين هوندو آهي. شعر اهو آهي جو مطلب جي ادائگيءَ جي انتها کي پهچي، گويا الفاظ هن جو چهرو بڻجن ۽ انهن الفاظ تي سوار ٿيندڙ معاني هن جون اکيون هجن. اهو (شعر) مقصد ۾ آرزوئن جي مطابق هجي، جنهن جي حسن کان پڙهڻ وارا به حسين لڳن. بهترين شعر اهو آهي، جنهن کي منظم ڪرڻ بعد تنقيدي نگاهه سان ڏٺو وڃي، اگرچه اهو واضع ۽ روشن ڇو نه هجي.“

آخر ۾ ابن رشيق صاحب جا مشهور زمانه الفاظ پيش ڪجن ٿا جن کي شعر و سخن جي پرک جي پئماني طور هميشه پيش ڪيو ويندو رهيو آهي. علامه صاحب فرمائي ٿو:

”واذا قيل اطمع الناس طرا

واذا ريم اعجز المعجزينا“

يعني ته جڏهن اهڙا شعر چئجن جو ماڻهن ۾ به ساڳين شعرن چوڻ  جي تحريص پيدا ٿئي. پر جڏهن چوڻ جي ڪوشش ڪن ته چئي نه سگهن. (مقدمه ابن خلدون)

(3) شاعري بابت پروفيسر گربخشاڻي جي راءِ:

پروفيسر صاحب پنهنجي تصنيف ”مقدمه لطيفيءَ“ ۾ بهترين شاعريءَ جي خوبين ۽ خاصيتن بابت بحث ڪندي لکي ٿو:

”اعليٰ پائي جي شاعريءَ ۾ هي خاصيتون هونديون آهن: فصاحت، بلاغت، سلاست، جدت ۽ جوش.

فصيح ڪلام اهو آهي، جنهن ۾ هر هڪ لفظ اهڙو ڪم آيل هجي، جنهن جي اچار ڪرڻ ۾ ڪا به تڪليف يا هٽڪ نه ٿئي. اهو نمونو نه فقط، ڪڏهين ڪڏهين، مگر هميشه شاعر جي ڪلام ۾ استعمال ڪيل هجي. نه ته سندس ڪلام کي فصيح نه چئبو.

بلاغت اها آهي، جو ڪلام وقت ۽ حال جي مطابق هجي. انسان ۾ طرح طرح جا پور اٿن ٿا؛ ڪڏهين غم ۽ غصو، ڪڏهين کل ۽ خوشي، ڪڏهين ڳڻتي ۽ فڪر، ڪڏهين مستي ۽ مدهوشي، ڪڏهين عشق ۽ محبت، ڪڏهين بي تابي ۽ بيقراري وغيره. شاعر کي اهي سڀئي حالتون اهڙي صفائي، چٽائي ۽ درستيءَ سان  مختصر، مگر مائيدار لفظن ۾ بيان ڪرڻ گهرجن، جو پڙهندڙ جو ڌيان کُپي وڃي ۽ سندس سحر نگاريءَ تي موهت ٿي پون.

سلاست جي معني آهي ته ڪلام ۾ اهڙا لفظ آيل هجن، جي روزمره ماڻهو استعمال ڪن؛ ۽ استعارا، تشبيهون ۽ ٻيون ڪلامي صنعتون، اهڙيون ساديون ۽ سوليون هجن، جو ماڻهو هڪدم پروڙي سگهن ۽ هر هڪ ماڻهو پنهنجي فهم ۽ لياقت آهر، ان مان لطف ۽ مزو حاصل ڪري سگهي. سڀ کان سهڻو شعر ان کي چئبو آهي، جو ڪو ماڻهو ان کي پڙهي يا ٻڌي ته ازخود ائين چوي ته“سچ آهي” ۽ ان جي سلاست سادگي ڏسي، دل ۾ اچيس ته اهڙو مان چئي سگهان ٿو، مگر جڏهن چوڻ جي ڪوشش ڪري ته وايون بتال ٿي وڃنس.

جدت جي هيءَ مراد آهي ته شا عر کي گهرجي ته مضمون اهڙا عليحدا عليحدا اختيار ڪري، جن تي ٻين شاعرن طبع آزمائي نه ڪئي هجي، يا جيڪڏهين ڪئي هجين ته ان کي اهڙي طرز ۽ نموني ۾ ادا ڪري، جو ائين معلوم نه ٿئي ته ڪنهن جو نقل يا تتبع ڪيو اٿس. ازانسواءِ پنهنجو مطلب اهڙن نون نون طريقن سان بيان ڪري، ۽ هڪڙي خيال کان ٻئي خيال ڏانهن وڃڻ ۾ اهڙي ڪاريگري ڪتب آڻي جو پڙهندڙ جو ڌيان ٽُٽي نه وڃي ۽ پڻ سندس لفظن ۽ جملن ۾ اهڙو جوش ۽ اثر هجي جو ڀانئجي ته اهي جملا اندر مان اڌما ڏئي نڪتا آهن.“ (مقدمه لطيفي، پروفيسر هوتچند مولچند گربخشاڻي، سنڌي ادبي بورڊ ، ص5)

  مٿين راين کي ذهن ۾ رکندي  اگر دلبر سائين جي شعرن تي نگاهه وجهبي ته سندن اشعار بلند پائي جا، باڪمال ۽ عمده نظر ايندا. اچو ته حضرت سائينجن جي اشعار کي مذڪوره شعر و سخن جي پارکن جي قائم ڪيل ڪسوٽيءَ تي پرکيون!!!

1.      سلاست:

شعر و سخن جا ڄاڻو چون ٿا ته شاعريءَ جو ڪمال اهو آهي جو ان ۾ سلاست هجڻ کپي. علامه ابن خلدون، ابن رشيق ۽ پروفيسر صاحب جي سلاست جي  باري ۾ راءِ کي ذهن ۾ رکي  سائينجن  جي شاعريءَ جي تمام مجموعن جو مطالعو ڪيو. اوهان کي اڪثر شاعري عام فهم ملندي. سندن شاعري ”سلاست“ جي خوبيءَ سان سينگاريل نظر ايندي. سندن شاعريءَ ۾ استعمال ڪيل اڪثر لفظ عام ماڻهوءَ کي به سمجهه ۾ ايندا آهن. سندن شاعريءَ پڙهڻ لاءِ لغت جي ضرورت اڪثر طور نه پوندي آهي. عام فهم الفاظ استعمال ڪرڻ سان گڏو گڏ لفظن جي چونڊ وقت ان ڳالهه جو به اهتمام ٿيل نظر ايندو آهي ته غير معياري قسم جا الفاظ به نه هجن.

پاڻ پنهنجي جذبن، احساسن ۽ خيالن جو جن بندن ۾ اظهار فرمايو آهي يا جيڪي تمثيلون ۽ تشبيهون اظهار دوران استعمال فرمايون آهن سي به اڪثر ڪري سليس ۽ عام فهم هونديون آهن. اهو ئي سبب آهي جو سندن هر هڪ شعر پڙهڻ وقت جڏهن قاري بند جو آخري حرف اچاريندو ئي مس آهي ته شعر جي معنى ۽ مفهوم مڪمل طور سندس ذهن تي تري ايندو آهي.

ڪجهه اشعار بطور مثال پيش ڪجن ٿا جن کي پڙهڻ سان هڪ عام قاري به حضرت سائينجن جي شاعريءَ ۾ موجود سلاست جي تعريف ڪندي رهي نه سگهندو.

ڏس ! هي اُڀريو سج، وَهِي ويئي رات،
صبح سوز سُڏڪن ۾، تِڙڪي تنهنجي تات،
من ڪا ملاقات، نيراني نصيب ٿئي.
                                              ***

الا! ايڏي دير، اَچڻَ ۾ لاتَئِي،
منهنجي سوز فراق کي، ساجَنَ سُڃاتُئِي،
پوءِ به نا پَاتُئِي، اڃا پير پَرِيتِ جو.

                                           ***
ازل لاڪون اندر ۾، ساجن تنهنجي سِڪّ،
صديون گذريون سوز ۾، ڇاتيءَ اندر ڇِڪَ،
اڃا لالڻ لِڪ، ڪرين ”ڪرم الله“ کان.
                                   ***

سُرهي ويل صبوح جي، ٽِڙِيا گُل گلاب،
اوتيو اکين آب، تَڪي تنهنجي راهه کي.



جاني تو جڏهن، نازان نهاريو، 
سُتو سور اندر جو، عشق اٿاريو،
 
رِيءَ مَرڻَ ماريو، مُرڪَڻَ مون محبوب جي.



علامه ابن رشيق﷥ جي راءِ اسانجي اندروني ڪيفيتن جو اظهار آهي. هن عاجز جو ذاتي تجربو آهي ۽ ٻين دوستن احبابن جو به اهو ئي خيال آهي ته سندن شاعري پڙهڻ وقت ايڏي ته سليس ۽ عام فهم لڳندي آهي جو قاري ڀانئيندو ته شاعري ته مان به ڪري سگهان ٿو.  پر جڏهن شاعري ڪرڻ تي ويهندا آهيون ته عاجز رهجي ويندا آهيون. پوءِ پتو پوندو آهي ته سندن شاعريءَ ۾ ڪيڏي وڏي ڪمال سان شاعريءَ جي صنعت کي استعمال ڪيو ويو آهي.

2. فصاحت:

پروفيسر گربخشاڻي جي لفظن ۾ هڪ شعر ۾ فصاحت تڏهن چئبي جڏهن ”ان ۾ هر هڪ لفظ اهڙو ڪم آيل هجي، جنهن جي اچار ڪرڻ ۾ ڪا به تڪليف يا هٽڪ نه ٿئي. 

دلبر سائين جي شاعريءَ ۾ به اها خوبي نمايان نظر ايندي.

سندن شعرن جي تمام مجموعن ۾ شعرن پڙهڻ دوران رواني محسوس ٿئي ٿي. سندن تازه شاعري ”سڪ نه کڻي ساهه“ مان چند اشعار پيش خدمت آهن: 

تارن ڀري رات، رُلندي وتان رُڃ ۾، 
مِلان محبوبن سان، اها طلب تات،
 
من ڪن ملاقات،”ڪرم الله“ سان ڪي گهڙيون.

جيڪي سور سرير ۾، اچ توسان اوريان، 
هُرن ٿا هوريان، جيڪي چاڪ چَرِيءَ کي.

سَڏَنِ مٿي سَڏَ، سِڪَ نه کڻي ساهه، 
ووڙيندي جنهن وَڍَ پِيا، پِرتِ ڪئي سا پاهه،
برهه واري باهه، اُجَهائي اکڙين سان.

هوندا هر ڪنهن مَنَ ۾، هزارين خيال،
ڪنهن کي طلب تخت جي، ڪنهن کي زر ۽ زال
قَسمَا قَسَمِي ڳالهه، مُنهنجي مَنَ ۾ تُون وَسِين.
ڇ

3.بلاغت:

پروفيسر صاحب جي لفظن ۾ بلاغت جي تعريف هي آهي ”شاعر پنهنجي اندر جي ڪيفيتن کي اهڙي صفائي، چٽائي ۽ درستيءَ سان  مختصر مگر مائيدار لفظن ۾ بيان ڪري جو پڙهندڙ جو ڌيان کُپي وڃي ۽ سندس سحر نگاريءَ تي موهت ٿي پون.

پروفيسر صاحب ته اندر جي ڪيفيتن کي ڪاريگريءَ سان اظهارجڻ کي بلاغت ٿو ڪوٺي. پر هن عاجز جي ناقص راءِ موجب جنهن جي اندر ۾ جذبن ۽ احساسن جو بحر موجزن هجي ان جي اظهار لاءِ وڏي ڪاريگري ۽ صنعت جي ضرورت نه پوندي آهي. بالخصوص الله جي ڪامل ولين جو ڪلام اندروني ڪيفيات، جذبات، احساسات جي شدت جي خيال کان هونئن ئي بلاغت سان ڀرپور هوندو آهي. الله وارن جو ڪلام داخلي ڪيفيتن، جذبن، احساسن جي اظهار لاءِ ڪاريگري ۽ صنعت جو محتاج ناهي هوندو. اهي دنياوي شعراء هوندا آهن جيڪي پنهنجي اندر جي هوائي ڪيفيتن کي وڌائي چڙهائي فنڪاريءَ سان پيش ڪندا آهن. پر شاعريءَ جي صنعت ڪمال ڪاريگريءَ سان استعمال ڪرڻ باوجود به سندن لفظن ۾ اها تاثير نه هوندي آهي. اها جان نه هوندي آهي جيڪا ٻڌندڙ يا پڙهندڙ مٿان سحر طاري ڪري ڇڏي.ان جي برعڪس الله وارن جون دليون محبوب حقيقيءَ جون جلويگاهه هونديون آهن. الله جا ڪاملين ته وڏي شان وارا آهن پر سندن در جي ٻهاريدار جي اندروني ڪيفيت به اهڙي هوندي آهي جو سندس تندن تارن ۾، رڳن ريشن ۾، الله جو ذڪر ۽ ان جي محبت و عشق تارو تار هوندو آهي. جڏهن  ڪيفيتن ۾ ايڏي شدت هجي ته پوءِ ڪلام به جادوئي اثر رکندو آهي. اهڙو ڪلام جڏهن ماڻهن اڳيان پڙهيو ويندو آهي پوءِ ڀلي کڻي هن جي اندر ۾ دونهين نه به دُکيل هجي تڏهن به بزرگن جو لفظ لفظ ٻڌندي يا پڙهندي ماڻهن کان بي اختيار رڙيون ۽ دانهون نڪري وينديون آهن. بزرگن جو ڪلام هن جي دل تي بجليءَ جيان ڪڙڪي پوندو آهي. هن جي اندر جون ڪيفيتون تبديل ڪري ڇڏيندو آهي. اهو ئي بنيادي ڪارڻ آهي جو صوفياءِ ڪرام جي شاعريءَ کي هر دور ۽ هر زماني جي ماڻهن پسند ڪيو آهي.

 حضرت دلبر سائين جي ڪلام ۾ به اهڙي ئي تاثير آهي، جيڪا ٻڌندڙن مٿان سحر طاري ڪري ڇڏي ٿي. هن جي دل جي دنيا ئي مٽائي ڇڏي ٿي. هي عاجز سندن بيشمار محفلن جو عيني شاهد آهي. جنهن ۾ جڏهن سندن شاعري ترنم ۾ پيش ڪئي ويندي آهي ته پٿر دل انسان به هنجون هاري ويهندو آهي. هر پاسي رڙيون ۽ دانهون هونديون آهن. الله جا ذاڪر، عاشق ۽ عارف ٻانها بي اختيار پنهنجو گريبان چاڪ ڪري حالت وجد ۾ هليا ويندا آهن.

4.جدت:

پروفيسر گربخشاڻيءَ جي راءِ موجب ”جدت جي هيءَ مراد آهي ته شاعر کي گهرجي ته مضمون اهڙا عليحدا عليحدا اختيار ڪري، جن تي ٻين شاعرن طبع آزمائي نه ڪئي هجي، يا جيڪڏهن ڪئي هجين ته ان کي اهڙي طرز ۽ نموني ۾ ادا ڪري، جو ائين معلوم نه ٿئي ته ڪنهن جو نقل يا تتبع ڪيو اٿس.“

شاعريءَ ۾ جدت شاعر جي تخليقي صلاحيتن کي ظاهر ڪري ٿي. ڪنهن به ٻوليءَ جو وڏو ۽ باڪمال شاعرتخليقڪار هوندو آهي. تقليد پسند وڏو شاعر ٿي نٿو سگهي. ساڳيو موضوع بحث، ساڳئي انداز سان ان تي خيال آرائي ڪرڻ ۽ ڪيفيتن جي اظهار لاءِ ساڳيون تشبيهون، ساڳيون تمثيلون، ساڳيا استعارا استعمال ڪندڙ باڪمال ۽ وڏو شاعر چورائڻ جي مستحق ناهي. شاعريءَ جو ڪمال اهو آهي جو شاعر روايتي انداز اپنائڻ کانسواءِ ان ۾ جدت ۽ نواڻ به پيدا ڪري. ڪي نوان موضوع هجن جنهن تي طبع آزمائي ڪري. يا ڪيفيتن جي اظهار لاءِ ڪي نيون تشبيهون، تمثيلون ۽ استعارا تخليق ڪري اظهار ڪري. حضرت دلبر سائين جي شاعريءَ ۾ به اوهان کي جدت گهڻي نظر ايندي. پاڻ شعر و سخن جي ميدان ۾ نوان موضوع کڻي آيا آهن جنهن کي هن ناچيز جي محدود معلومات موجب سنڌي شاعرن اڃا ڇيڙيو به نه آهي.

مثال طور: قرآن ۽ سائنس، دهرين جي اعتراضن جا جواب، اسلام ۽ عالمي مذاهب جو تقابلي جائزو، اسلامي تعليمات ۽ عصري مسائل جو حل، اسباب عروج و زوال اسلامي نقطه نظر، پنهنجي قوم جي حقوق لاءِ آواز اٿارڻ اسلامي تعليمات جي تناظر ۾، اسلام جو سياسي نقطه نظر، تدريسي طريقيڪار جو اصلاح، اسلام جي اقتصادي نقطه نظر جو جاگيرداري، سرمائيداري ۽ اشتراڪي نظرين سان موازنو، ووٽن جو حقدار ڪير؟ اسلامي نقطهء نظر، ميڊيا جو تنقيدي جائزو، مسلم امه جي موجوده حالت او آءِ سي ۽ عرب ليگ جو ڪردار، وغيرهم.

هن عاجز جي محدود معلومات موجب انهن موضوعن تي اسان جي سونهاري سنڌ جي ديني حلقن سان واسطو رکندڙ شعراءِ ڪرام طبع آزمائي نه ڪئي آهي. شعر و سخن جي شعبي ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ انهن موضوعن تي سائينجن کان اڳ ڪنهن به اسلامي موقف پيش  نه ڪيو آهي.

موضوع کانسواءِ سائينجن جي شاعريءَ ۾ تمثيلن ۽ تشبيهن ۾ به جدت آهي. پاڻ نيون نيون تمثيلون متعارف ڪرايون آهن. بطور مثال چند اشعار پيش ڪجن ٿا.

سانڍي رکيم ساهه ۾، تنهنجون سَارُوڻِيُون، 
قُم جيئن ڪُوڻيون، سانڍن ناپو
  نينهن جو.

(محبوب جي ساروڻين يا يادن کي ساهه ۾ ائين سانڍي رکيم جيئن  “قم ۽ ڪُوڻين” اندر ٻج يا ناپو سانڍيل ٿئي ٿو. هي تشبيهه بنهه نئين تشبيهه آهي، جيڪا اڳ ڪنهن شاعر استعمال نه ڪئي آهي. هي  سائينجن جي تخليق آهي.

ڪي ڪي ماڻهو مُلڪ جا، کَٽَا ۽ کَارا، 
رَهڙي روڙي لوڪ کي، جَامَ ڀَرِنِ جارا،
 
جيئن ڪوريئڙي ڄارا، ڪَچا سي تيئن قول ۾.
ڇڇ

فرمائن ٿا ته ڪن ماڻهن جا قول اهڙا ڪچا ٿين ٿا جيئن ڪوريئڙي جو ڄار. هي تمثيل به منهنجي خيال ۾ سنڌي ادب ۾ بلڪل نڪور آهي ۽ ڪنهن به سنڌي شاعر استعمال نه ڪئي آهي.

اکين اڳيان آهه، او آءِ سي اُڏو، 
عرب ليگ گُڏو، امت تڏ آزار ۾.
ڇ

سنڌ جي ٻهراڙين ۾ مينهن جو ڦَرّ مرڻ بعد جڏهن مِڙندي ناهي ته سندس اڳيان بوتو يا اُڏو ٺاهي بيهاريو ويندو آهي، ته جيئن ان کي پنهنجو ڦر سمجهي مِڙي ۽ کير ڏئي. سائينجن او آءِ سي جي ڪردار تي بحث ڪندي کيس ”اُڏو“ ڪوٺيو آهي. ڪيڏي نه مناسب، موزون ۽ خوبصورت تشبيهه استعمال فرمائي اٿن. هي تمثيل به  سائينجن جي ئي تخليق آهي.

لِڪِي عرب ليگ، ڪُههُ ڄاڻان ڪنهن ڪَهفَ ۾، 
مسلم هِيُومَن بِينگِ، ٻُڏا ان جي آسري.
ڇڇڇ

عرب ليگ ”ڪهف“ يعني غار ۾ هلي وئي آهي. مطلب غير فعال ٿي وئي آهي. غير فعال يا غير سرگرم هجڻ لاءِ ”ڪهف“ اصحاب ڪهف مان ورتل آهي. هن تشبيهه جو استعمال به عرب ليگ جي ڪردار تي بلڪل ٺهڪي اچي ٿو. هي تمثيل به  سائينجن جي تخليق آهي. اڳ ڪڏهن به ڪنهن شاعر هن تمثيل جو استعمال نه ڪيو آهي. هي چند مثال حضرت سائينجن جي تمثيل ۽ تشبيهه ۾ جدت جا هيا. جنهن منجهان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته سائينجن ۾ شعر وسخن جي شعبي ۾ ڪيتري قدر تخليقي صلاحيتون موجود آهن. پاڻ سنڌي شاعريءَ کي ڪيئن نه نوان موضوع ڏنا اٿن. نيون تمثيلون ۽ نيون تشبيهون ڏئي سنڌي شاعريءَ جي خدمت ڪئي اٿن. اهڙيون ڪيئي نيون تمثيلون سندن اشعار مان ملنديون صاحب فهم آساني سان پرکي سگھن ٿا.

علامه ابن خلدون، ابن رشيق، ۽ پروفيسر گربخشاڻيءَ جي شاعريءَ بابت قائم ڪيل پئمانن ۾ سائينجن جي شاعريءَ کي پرکجي ٿو ته بنا وڌاءَ جي پوري اعتماد سان چئي سگهجي ٿو ته سندن ڳاڻيٽو سنڌي ٻوليءَ جي بلند پايه ۽ باڪمال شعراء منجهان آهن. سندن شاعريءَ ۾ اهي خوبيون نظر اچن ٿيون، جيڪي قادر الڪلام شعراء جي شاعريءَ ۾ هونديون آهن. پاڻ بلا مبالغه سنڌ جي ادبي کيتر جا عظيم المرتبت شاعر آهن.


0 comments: