Sunday 25 August 2013

Historic Role of Naqshbandi Sufis

 حضرات نقشبند قدس الله اسرارهم جو همه جهت تاريخي ڪردار
 فقير جاويد ڪرمي




خواجهءِ خواجگانِ قطب الاقطاب حضرت بهاء الدين نقشبند بخاري قدس سره العزيز جي لقب ”نقشبند“ سان منسوب هي نقشبندي طريقو بزرگانِ دين جي نزديڪ اَسهَلُ الطَرِيق وَ اَقرَبُ الطُرق اِلَي الله[1] آهي.”يعني هي طريقو الله جل شانه سان ملڻ جو سڀ کان آسان ترين ۽ قريب ترين طريقو آهي.“
نسبت:
هن پاڪ طريقي کي ڪافي اهم نسبتون نصيب آهن:
اول: هي واحد سلسلو آهي جنهن جيڪو  صاحبِ مڪينِ گنبدِ خضريٰ ﷺ  سان أَفْضَلُ النَّاسِ بَعْدَ الاَنبِيَّاء بِالتَحقِيق اَمِيرالمُؤمِنِين اَبُوبَکر صِدِيق﷦[2]جي ذريعي ملي ٿو. تنهن ڪري حضرات نقشبند قدس الله تعاليٰ اسرارهم بطورِ تحديثِ نعمت ارشاد فرمايو آهي:
اِنَّ نِسبَتَنَا فَوقَ جَمِيعِ النَّسبِ[3
”اسان جي نسبت تمام نسبتن کان برتر آهي.“
  دوم: انهن ڪاملن (حضرات نقشبند) جي طريقي ۾ نهايت (يعني انتها) ابتدا ۾ درج آهي. (اِندَرَاجُ النِّهَايَه فِي البِدَايَه[4]) هي بزرگ ان معاملي ۾ صحابه ڪرام جي پيروي ڪندڙ آهن.
ڇو ته صحابه ڪرام کي پهرين صحبت ۾ اهي (روحاني مقامات ودرجات) حاصل ٿي ويندا هئا جيڪي ٻين کي انتها ۾ به بمشڪل حاصل ٿي سگهن.[5
سوم: هن طريقي ۾ اتباعِ مصطفيٰ ﷺ  تي سڀ کان وڌيڪ زور ڏنو ويو آهي. هن طريقي ۾ ترقي ۽ ڪمال جو تمام تر انحصار گهڻي کان گهڻو اتباعِ سنت تي آهي. هن سلسلي جي مشائخ جي نزديڪ ]”حبيبن ڪريمن ﷺ جي اتباع جو هڪ ذرو تمام دنياوي لذتن ۽ آخرت جي نعمتن کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ بهتر آهي. (تمام مقامات، درجات و) فضيلت (محبوبن ڪريمن ﷺ ) جي سنت جي اتباع سان وابسته آهي. عزت ۽ بزرگي حبيبن  ﷺ جي شريعت (جي احڪام) جي بجاآوريءَ سان مربوط آهي.“[[6] ان ڪري ئي ڪنهن شاعر فرمايو:
محمد  عربي   کآبروئے  هر  دو سرا  است
کسے که خاک درش نيست خاک برسر اوست[7]
”محمد عربي ﷺ جيڪي ٻنهي جهانن جي عزت ۽ آبرو آهن. جيڪو سندن در جي خاڪ نه ٿو بڻجي ان جي مٿي ۾ خاڪ هجي.“
هن سلسلي ۾ شامل ٿيندڙ خوشنصيبن کي بزرگن بشارت ڏيندي فرمايو آهي:”اسان جي سلسلي جي بزرگ جي ڪنهن ماڻهوءَ جي قلب تي آڱر لڳي ته ان جو خاتمو ايمان سان ٿيندو.
اول پنهنجي اکين سان جنت جون ماڙيون ڏسندو پوءِ سندس روح قفسِ عنصريءَ مان پرواز ڪندو.“ (فرمانِ مجدد الف ثاني)
هي پڻ فرمايو ويو آهي:”اسان جي طريقي ۾ داخل ٿيڻ وارن کي الله تعاليٰ عذابِ قبر کان نجات ڏيندو.“[8]
 حضرات نقشبند جو همه جهتي تاريخي ڪردار:
حضرات نقشبنديه  قدس الله تعاليٰ اسرارهم جي تحريڪ پنهنجي جوهر ۾ محدود مقاصد واري صوفياڻي تحريڪ نه آهي. پر حبيبن ڪريمن ﷺ  جي اتباع سبب حضرات نقشبند قدس الله تعاليٰ اسرارهم جي اصلاحي تحريڪ ڪَثِيرُالجهات آهي. جيئن حبيبن ڪريمن ﷺ  جي ذات ستوده صفات انسانن جي قلب و باطن کي فيض و برڪت سان سرشار ڪرڻ سان گڏو گڏ تمام شَعبهاءِ زندگيءَ ۾ اصلاحات آڻي هَمَه جِهَت انقلاب برپا ڪيو. تهڙي طرح حبيبن ڪريمن ﷺ جي سنت و شريعت جي ڪامل پيروي ڪندڙ نقشبندي حضرات مصطفوي فيوضات سان ماڻهن جي دلين کي منور ڪرڻ سان گڏ معاشري اندر گهڻ رخي ڪردار ادا ڪيو. هر سطح تي مصطفوي انقلاب برپا ڪيو.
اِحيائي و تجديدي خدمات:
تاتارين هٿان سُقوطِ بغداد جي ڪَربناڪ سانحي بعد تمام عالمِ اسلام بالخصوص  وسطي ايشيا جي مسلم اقوام جِي ديني، روحاني، علمي، ادبي و فڪري زندگيءَ ۾ نئون روح ڦوڪيندڙ
هستيون خواجگانِ نقشبند قدس الله تعاليٰ اسرارهم ئي هئا.[9]
برِصغير ۾ اڪبر جي دينِ الاهيءَ جو خاتمو آڻي، تجديدِ دين جي عظيم خدمت بجا آڻيندڙ عظيم المرتبت هستي، جنهن کي دنيا ”مجدد الف ثاني“جي لقب سان ياد ڪري ٿي. سي به سلسلي عاليه نقشبنديه مجدديه جا سرواڻ هيا. حضرت مجدد الف ثاني قدس سره  حيرت انگيز طور تي بغير ڪنهن عظيم بغاوت يا رتو ڇاڻ جي، بادشاههِ وقت جي رائج سراپا شر نظام کي ڪمال حڪمتِ عمليءَ سان منسوخ ڪرائي ڇڏيو. جهانگير جي عهد ۾ شريعتِ مصطفويءَ کي رائج ڪرائڻ جو سلسلو شروع ڪيو. جيڪو اورنگزيب عالمگير جي عهدِ حڪومت ۾ مڪمل ٿيو.[10]
تُرڪيءَ ۾ مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي سيڪيولر نظام جي اِطلاق بعد جڏهن مسجدون ۽ ديني مدارس مقفل ٿي ويا. سراپا حياء مسلم خواتين جي نقاب تي بندش وجهي کين بي پردگيءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو ويو. حبيبن ڪريمن ﷺ  جي تعليمات مٿان فڪري يلغارون ٿيون. نوجوان نسل کي دين کان گمراهه ڪرڻ جا ڪيئي حيلا بهانا ڪيا ويا. اهڙي نازڪ دور ۾ تُرڪ مسلمانن جي ايمان و عقائد جي تحفظ لاءِ نقشبندي خالدي ميدان تي آيا.[11]
سياسي و سماجي خدمات:
هن ئي سلسلي جي هڪ سرواڻ قطب الاقطاب خواجه عبيدالله احرار قدس سره العزيز جي بدولت ماوراء النهر جي باهم دست و گريبان شاهانِ آلِ تيمور وچ ۾ اتحاد و اتفاق قائم ٿيو. سائين جن جي ڪاوشن طفيل ان سڄي خطي ۾ شريعتِ اسلاميه حڪومتي سطح تي نافذ ڪئي وئي. [12] جنهن جا لکين ڪروڙين مسلمانن جي زندگيءَ تي شاندار اثرات مرتب ٿيا. اڄ اگر وسطي ايشيا جي آڪاش تي جڳمڳائيندڙ، آفتابِ اسلام تمام گوشه زندگيءَ کي منور ڪري رهيو آهي ته ان ۾ اهم ڪردار خواجه عبيدالله احرار ۽ سندن روحاني وارثن جو آهي.
هندوستان جي مغل شاهي گهراڻي مان اڪثر معروف بادشاهه پڻ خواجه عبيدالله احرار قدس سره العزيز ۽ سندن سلسلي جي ديگر نقشبندي بزرگن جا عقيدتمند هئا. بالخصوص مغل شهنشاهيت جو باني بابر مرزا ۽ اورنگزيب عالمگير نقشبندي بزرگن سان والهانه عقيدت رکندڙ هئا. اورنگزيب ته باضابطه خواجه معصوم سرهندي قدس سره سان بيعت ٿي نقشبندي طريقي ۾ داخل به ٿيو هيو. (بحواله روضة القيوميه) عجب نه آهي ته تهذيب و تمدن، علم و فضل کان ناآشنا آلِ تيمور جڏهن هندوستان اندر عظيم اسلامي تهذيب و تمدن جا مَعمار بنجن ٿا. ته انهن جي تهذيبي تخريبڪاريءَ کان تهذيبي معمار بنجڻ واري انقلابي تبديلي پٺيان به
اصل هٿ احراري ۽ نقشبندي بزرگانِ دين جو هجي...!!؟؟
ارڙهين کان ويهين صدي عيسويءَ دوران وسطي ايشيا ۾ پهرين روسي زارشاهي جارحيت ۽ بعد ۾ ڪميونسٽ روس جي مسلمانن مٿان فوجي ۽ فڪري يلغارن جو مقابلو حضرات نقشبند ئي ڪيو.
مملڪتِ خدادِ پاڪستان جنهن ٻه قومي نظرئي جي بنياد تي قائم ٿيو تنهن جو حقيقي خالق به مجدد منور الف ثاني هيو. جنهن مجدد الف ثانيءَ سان ڪمال عقيدت رکندڙ مفڪرِ اسلام شاعرِ مشرق علامه محمد اقبال، سندن تعليمات کان متاثر ٿي الله آباد جي تاريخي خطبي ۾ ٻه قومي نظريو پيش ڪيو.[13]
علمي و فڪري خدمات:
حضرت امام رباني مجدد منور الف ثاني قدس سره السامي ۽ حضرت شاهه ولي الله محدث دهلويءَ قدس سره جهڙا مفڪر ۽ فلسفي به عالمِ انسانيت کي هن سلسلي عطا ڪيا. هن طريقه عاليه شيخ عبدالحق محدث دهلوي، قاضي ثناء الله پاني پتي صاحبِ تصنيف ”تفسيرِ مظهري“ جهڙا پنهنجي دور جا يگانا عالم، محدث، مفسر ۽ مدرس پيدا ڪيا. حضرت مرزا مظهر جان جانان شهيد قدس سره العزيز جهڙا وسيع النظر، ماهرِ تقابلِ اديان ۽ مذهبي رواداريءَ جا علمبردار عالم ۽ شيخِ طريقت ڏنا. جن شرعي علوم ۾ ڪمال دسترس حاصل ڪرڻ باوجود ديگر مذاهب (عيسائيت ۽ يهوديت ايتري قدر جو هندومت پڻ) جي مطالعي ۾ به بي حد دلچسپي رکي. انهن علوم ۾ به ماهر ٿيا.  [14]
ادبي خدمات:
”جيتوڻيڪ هن طريقي ۾ سماع تي بندش هئي. جنهن سبب ڳائڻ وڄائڻ يا فنِ موسيقيءَ ۾ عدم دلچسپي رهي پر ديگر اسلامي فنون بالخصوص ادب ۾ هن سلسلي جي بزرگن تمام گهڻي دلچسپي ورتي آهي. هن سلسلي جا بزرگ عربي، ترڪي، اردو، سنڌي ۽ ديگر اسلامي زبانن ۾ شعر و سخن جي شعبي ۾ دلچسپي رکندا رهيا آهن. مولانا جامي﷣جهڙو عظيم المرتبة شاعر جنهن جي دست مبارڪ هيٺ شاعري پنهنجي نقطه ڪمال تي رسي سي به هن ئي سلسلي سان وابسته هئا.[“[15] هن سلسلي حضرت مرزا مظهر جان جانان شهيد قدس سره جهڙا وڏي پائي جا اديب ۽ شاعر به ڏنا جنهن جي ذات گرامي اردو ادب جي (بالخصوص شاعري) جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.“[16] هن سلسلي جي بزرگانِ دين جي علم و ادب، تصنيف و تاليف سان گهري دلچسپيءَ جو اندازو اتان به لڳائي سگهجي ٿو جو هن طريقي جي فقط هڪ بزرگ، منهنجي مرشد مربي حضرت قبله محبوب دلبر سائين (فداه امي و ابي)، جون هيل تائين ڏيڍ سؤ جي قريب تصنيفات اهلِ سنڌ کي مستفيض ڪري رهيون آهن.
سندن تصنيف و تاليف جو سفر هي اکر لکڻ تائين به جاري و ساري آهي. الله تعاليٰ کين خضري حياتي عطا فرمائي. آمين.
الغرض حضرات نقشبند قدس الله تعاليٰ اسرارهم اُمتِ مسلمه جي مِلِي زندگيءَ جي تمام شعبن مٿان گهرا ۽ اَڻ مِٽ اثر ڇڏيا آهن. هر شعبه زندگي کي حبيبن ڪريمن ﷺ جي تعليمات جي قالب ۾ وڌو آهي. حضرات نقشبند همه جهتي مصطفوي انقلاب جو نانءُ آهن.
همه جهتي ڪردار جو سبب شريعت جو اتباع:
حضرات نقشبند ٻين سلاسل جي ڀيٽ ۾ تاريخي لحاظ سان مختلف جِهتن ۾ ايڏو شاندار ڪردار ادا ڪري ڏيکاريو. ان جو اصل سبب ڇا آهي؟ ان سوال جي جواب ۾ مستشرق محققين لکن ٿا:
”نقشبندي تعليمات جي ڪهڙي پهلوءَ نقشبندي مشائخن ۽ سندن پيروڪارن کي سياسي ۽ معاشي سرگرمين لاءِ اتساهيو. اهو سوال (مستشرق) محققين وٽ نقشبندين متعلق ٿيندڙ تحقيق ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿو. تازه ٿيل تحقيق ظاهر ڪري ٿي ته نقشبندي تعليمات جا ٻه اهم پاسا انهن (همه جهت) سرگرمين لاءِ اتساهين ٿا؛ شريعت جو ڪامل اتباع ۽ خلوت در انجمن.“[17]
شريعتِ مطهره جي ڪامل اتباع ۽ طريقت کي شريعت جي تابع بنائڻ واري تعليمات ئي هن طريقه عاليه نقشبنديه کي دورِ جديد جي انسان لاءِ راههِ نجات بڻائي ڇڏيو آهي.
 [1] ملفوظاتِ شريفه حضرت شاهه غلام علي مجددي دهلوي قدس سره العزيز، اردو، ص 73.

[2] ”أجمع أهل السنة أن أفضل الناس بعد رسول الله أبو بکر...“ امام سيوطي، تاريخ الخلفاء (1/44)

[3] مڪتوباتِ امامِ رباني، جلد اول، مڪتوب نمبر 21.

[4] خواجه محمد هاشم ڪشمي﷥، زبدة المقامات، ص 291.

[5] مڪتوباتِ امام رباني، جلد اول، مڪتوب نمبر 21.

[6] فرمانِ مجدد منور الف ثاني قدس سره العزيز ،مڪتوبات شريف، جلد اول، مڪتوب 114.

[7] مڪتوبات امام رباني جلد اول، مڪتوب 125 .

[8] فرمانِ خواجه شاهه غلام علي دهلوي قدس سره ”ملفوظاتِ شريفه حضرت خواجه شاهه غلام علي دهلوي مجددي دهلوي“ (اردو) ص 73.

[9] "Masters of Wisdom of Central Asia", originally written in Turkish Language by Hasan L Shushad, Translated, & condensed  by J.G.Bennett.

[10] سوانح حيات مجدد منور الف ثاني، از قلم مولانا سيد زوار حسين شاه

[11] سيد حسين نصر  بحواله ڪتاب"Classical Islam & Naqshbandi Sufi Tradition"

[12] "Letters of Khwajah Ubayd  Allah Ahrar & his Associates"/Jo_Ann Gross

[13]  "Naqshbandiyya & Ideology of Muslim Nationalism" written by  Dr Fateh M Malik, Article, Published in Iqbal Review, April 1986.

[14] شيخ محمد اکرام “رودِ کوثر” (اردو)، سيد حسين نصر بحواله کتاب"Classical Islam & Naqshbandi Sufi Tradition"

[15]  Classical Islam & Naqshbandi Sufi Tradition/Shaykh Hisham Kabbani

[16] رودِ کوثر” شيخ محمد اکرام

[17]  Jo-Ann Gross & Asom Uranbaev, "Letters of Khwajah Ubayd Allah Ahrar & his Associates." Page 15

هي مضمون ڪتاب ”عرس مبارڪ محبوب الاهي جو اکين ڏٺو احوال“ ۾ضميمي طور شايع ٿيل آهي.