آخر
فنا!
عباسي خليفو ابو جعفر
منصور سفر ۾ هيو جو سخت بيمار ٿي پيو. ۽ رستي ۾ ئي سندس انتقال ٿي ويو. آخري وقت
تي سندس زبان تي هي لفظ هيا:”بادشاهه اهو آهي جيڪو نه مري.“ مامون الرشيد وڏي
دٻدٻي وارو عباسي بادشاهه هيو. جڏهن مرڻ جي ويل ويجهو ٿيس ته چوڻ لڳو ”اي اها عظيم
ذات جنهن جي سلطنت کي ڪڏهن زوال ناهي اچڻو، اُن تي رحم فرماءِ جنهن جي سلطنت کي
هاڻ زوال اچي رهيو آهي. اي اها عظيم ذات! جنهن کي ڪڏهن موت ناهي اچڻو ، اُن تي رحم
فرماءِ جيڪو هاڻ مري رهيو آهي.“
خليفي واثق بالله جي وفات
232هه ۾ ٿي. جڏهن سندس موت جو وقت ويجهو ٿيو ته حڪم ڏنائين ته منهنجي ڪمري جي پٽ
تي پيل قالين هٽايو. جڏهن قالين هٽيو ۽ پڌرو پٽ ظاهر ٿيو ته بادشاهه هيٺ ليٽي
پنهنجو ڳل مٽيءَ سان ملائي نهايت عاجزي انڪساريءَ سان چوڻ لڳو ”اي الله تنهنجي
بادشاهي لازوال آهي. اُن شخص تي رحم فرماءِ جنهن جي بادشاهي هاڻي پڄاڻيءَ تي پهتي
آهي.“ اڃان اهي الفاظ ادا ئي مس ڪيائين جو سندس انتقال ٿي ويو.
حجاج بن يوسف جڏهن عراق جو
گورنر بڻيو ته پنهنجي پهرئين خطبي ۾ ماڻهن سان مخاطب ٿيندي چيائين ”سِرَ اوچا ٿي
رهيا آهن. سِرَن جا فصل پچي راس ٿيا آهن ۽ لاباري (ڪَٽائي) جو وقت اچي ويو آهي.
منهنجون نظرون اُهو خون ڏسي رهيون آهن جيڪو پٽڪن ۽ ڏاڙهين جي وچان وَهِي رهيو
آهي.“ چون ٿا ته بنو اميه جي گهراڻي کي يزيد کان پوءِ وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي غرض سان
حجاج لکين ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن 54 سالن جو ٿيو ته مرض الموت ۾ مبتلا ٿي
سخت تڪليف جو شڪار ٿيو. ابو منذر يعلي مٿس ملامت ڪندي چيو ”تون هن قوم جو فرعون
هُئين. اڄ تنهنجي لاءِ نه ئي نجات آهي نه فرياد.“ جڏهن حجاج جي ڪنن تي اهي لفظ پيا
ته بي اختيار سندس اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا. آسمان ڏانهن ڪنڌ کڻي اڇگارون ڏيڻ لڳو ۽
چوڻ لڳو ”اي الله! مون کي بخش! ڇو جو ماڻهو چون ٿا ته تون مون کي نه بخشيندين.
هَئي مان هلاڪ ٿي ويس! افسوس مان هلاڪ ٿي ويس! جي منهنجي قهار ۽ جبار رب مون تي
رحم نه ڪيو ته مان هلاڪ ٿي ويس!“
(اسباقِ تاريخ، مولانا وحيدالدين خان، ص 155)
0 comments:
Post a Comment