هــڪ اســتـــاد عــدالــت جــي ڪـٽـهـڙي
۾!
اشفــاق احــمـــد
سنڌيڪار: فقير جاويد ڪرمي
پاڪستان جي نامياري اُردو اديب
۽ دانشور مرحوم اشفاق احمد صاحب جي فڪر انگيز مضمون جو ترجمو
مرحوم اشفاق احمد
جنهن زماني ۾ مان رُوم شهر ۾ واقع
رُوم يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر هيس، انهن ڏينهن جو هڪ واقعو آهي. يونيورسٽين ۾ موڪلون
هيون. گرمين جي مُند هئي. ٻنپهرن جي ويل هڪ ريڊيو اسٽيشن تي مون کي اُردو ۾ براڊ
ڪاسٽنگ ڪرڻي پوندي هئي. جڏهن واپس ايندو هيس ته رُوم ۾ سڀ ماڻهو ٻنپهرن جو آرام
ڪندا هئا. 4 بجي تائين سمهندا هئا ۽ رُوم جا روڊ رستا ويران هوندا هئا. ان ڏينهن
به روڊ رستا خالي هئا. ايڪڙ ٻيڪڙ ڪا سواري لنگهي رهي هئي. مان به پنهنجي گاڏي
هلائيندو وڃي رهيو هيس. هاڻي ڏسو، ماڻهو ڀلي ڪٿي به هجي. پر هن سان گڏ هڪ ديسي
مزاج به ته گڏ هوندو آهي. مون ڏٺو ته
جيڪڏهن گول دائري جي مٿان کان طويل چڪر ڪاٽي پوءِ پنهنجي گهر جي طرف مڙندس ته وڏو
وقت لڳي ويندو. هن وقت ڪير ٿو ڏسي، ٻنپهرن جو وقت آهي. (اهو سوچيندي) مان وچان
گذريس. اُتي هڪ سپاهي بيٺو هيو، اُن مون کي ڏٺو پر منهنجي پرواهه نه ڪيائين. وڃڻ ڏنائين.
(شايد هي خيال ڪيائين ته) هي نوجوان جيڪڏهن وڃي رهيو آهي ته ڪا وڏي ڳالهه ناهي.
جڏهن مان شيشو گهمائي پوئتي ڏٺو ته مون کي ٿورو ياد پوي ٿو ته مون مَٿَس طنز ڪئي. جڏهن
هُن اهو ڏٺو ته هِن منهنجي اها عزت ڪئي آهي ته سِيٽي وڄائي مون کي بيهاريائين. نيٺ
مون تي جرماڻو لڳايائين. چالان ڏئي چوڻ لڳو ته ڪنهن به قريبي ڊاڪخاني ۾ مني آرڊر
جي کڙڪي ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو.
اُتي (اٽليءَ ۾ وڏو فائدو هي آهي ته) ڪورٽ ڪچهرين ۾ وڃڻو نه ٿو پوي. ڌڪا کائڻا
نه ٿا پون. توهان جو جرمانو ٿي ويو. ڊاڪ خاني وڃي چالان جمع ڪرايوَ ته اهو ڪافي
آهي.
مون مقرره ڏينهن تي ڊاڪخاني ۾ مني آرڊر جمع نه ڪرايو. ٻئي ڏينهن تي مون کي وڏو
ليٽر مليو ته توهان مهرباني ڪري جلد از جلد جمع ڪرايو نه ته ٻي صورت ۾ اسان کي
مجبوراً ڪورٽ ۾ وڃڻو پوندو. مون ته به ڌيان نه ڌريو. نيٺ هڪ
ڏينهن مون کي ڪورٽ مان سَمن آيو ته توهان
قانون ٽوڙيو آهي تنهن ڪري فلاڻي تاريخ تي ڪورٽ ۾ پيش ٿيو. توهان سان پورو
پورو انصاف ڪيو ويندو.
چنانچه مان ڏَڪندو ڪَنبدو مقرره ڏينهن تي ڪورٽ ويس. مان پنهنجي جج کي ڳولهيندو
هڪ ڪمري ۾ ويس ته اُتي جج صاحب تشريف فرما هيو. مون کي ترتيب سان سڏ ڪرايو ويو مان
اندر ويس. هن وقت منهنجي جسم ۾ روح بلڪل نه هيو. جج صاحب حڪم ڏنو ته توهان هن
ڪٽهڙي ۾ بيهي رهو. عدالت مون کان پڇڻ شروع ڪيو ته توهان جو چالان ٿيو هو. توهان کي
حڪم ڏنو ويو هيو ته توهان ٻارنهن آنا ڊاڪخاني ۾ جمع ڪرايو. توهان اڃان تائين ڇو نه
جمع ڪرايا آهن؟ مون چيو سائين واقعي مون کان ڪوتاهي ٿي وئي آهي. مون کي جمع ڪرائڻ
گهربا هئا. پر مان.......
(ڳالهه اڌ مان ڪَٽيندي) جج چيو، توهان
عملي جو ڪيڏو نه وقت ضايع ڪري ڇڏيو. ڪيڏو پوليس جو وقت به ضايع ٿيو.
هاڻي جستيڪ (ججن) جو به ڪيڏو وقت ضايع ٿيو. توهان کي ان ڳالهه جو احساس ٿيڻ
کپندو هيو. اسان ان جي باري ۾ توهان کي سخت سزا ڏينداسين. مون چيو سائين مان هتي
پرديسي آهيان. مون کي هتان جي طور طريقن جي گهڻي خبر نه آهي. سائين بس مون تي
مهرباني ڪيو. جيئن اسان ٻاهرين ملڪن ۾ بهانو ڪندا آهيون مون به ائين بهانا پيش
ڪيا. جج چوڻ لڳو ته توهان اسان جي ٻولي ته ڏاڍي سٺي ڳالهايو ٿا. وضاحت به ڏاڍي سٺي
انداز ۾ ڪيو پيا. توهان ڪهڙو ڪم ڪندا آهيو؟ مان خاموش رهيس. وري چوڻ لڳو ته عدالت
توهان کان پڇي ٿي ته اوهان ڪير آهيو ۽ اوهان جو پيشو ڇا آهي؟ مون چيو مان هڪ
اُستاد آهيان. پروفيسر آهيان رُوم يونيورسٽيءَ ۾. منهنجا اهي الفاظ اڃان پورا ئي
نه ٿيا ته جج صاحب تڪڙو اٿيو. ڪُرسيءَ کي پاسي تي رکيائين ۽ اعلان ڪيائين:
Teacher in the court. Teacher in the court.
(ڪورٽ ۾ هڪ اُستاد. ڪورٽ ۾ هڪ اُستاد)
جيئن ڪو وڏو اعلان ڪيو ويندو آهي. جيڪي به ڪورٽ ۾ موجود هئا سڀ اُٿي بيٺا.
مُنشي، ٿاڻيدار،عملدار جيڪي به هئا سڀ بيهي رهيا. جج صاحب حڪم ڏنو ته :
Chair should be brought for the teacher. A teacher has come to the court.
(ڪُرسي کڻي اچو. ڪورٽ ۾ هڪ اُستاد آيو آهي.)
مان اُن ننڍڙي ڪٽهڙي کي پڪڙي بيٺو
هيس. هو ڪرسي کڻي آيا. حڪم ٿيو ته توهان Teacher
آهيو. توهان اٿي نه بيهو. تنهن بعد جج صاحب چوڻ لڳو: ”اي معزز اُستاد! اي دنيا
کي علم عطا ڪندڙ اُستاد! اي محترم ترين انسان! اي محترمِ انسانيت! توهان ئي اسان
کي عدالت جو ۽ عدل جو حڪم ڏنو آهي.
توهان ئي اسان کي هي علم پڙهايو آهي ۽
توهان جي ئي ڪري اسان اڄ هن مقام تي فائز آهيون. تنهن ڪري اسان اوهان جي فرمان مطابق مجبور آهيون.
عدالت جيڪو ضابطو قائم ڪيو آهي ان جي تحت توهان کي چيڪ ڪريون. ان جي باوجود ته اسان
کي ان تي نهايت شرمندگي آهي ۽ اسان بي حد افسرده آهيون ته اسان هڪ اُستاد کي جنهن
کان وڌيڪ ڪو محترم ٿي نه ٿو سگهي، جو پنهنجي عدالت ۾ ٽرائيل ڪري رهيا آهيون. هي
ڪنهن به جج لاءِ انتهائي تڪليف ڏيندڙ
موقعو آهي.“
مان شرمندگيءَ جي عالَم ۾ پنهنجي جاءِ تي ويٺل رهيس. مزيد چوڻ لڳو ته اسان کي
بي حد افسوس ۽ شرمندگي آهي ته هتان جي قانون موجب اسان کي جرماڻو ڊبل ڪري توهان
کان وصول ڪرڻو پوندو. هاڻي اوهان کي ڏيڍ روپيو جمع ڪرائڻو پوندو. مان جنهن وقت
ڪرسيءَ تان اُٿي، ڪٽهڙي مان ٻاهر نڪري ڪمري کان ٻاهر پئي آيس ته اُهو جج، مُنشي،
سمورو عملو منهنجي پٺيان پٺيان هلڻ لڳو. چوڻ لڳا ته اسين نهايت احترام سان توهان
کي رخصت ڪنداسين. منهنجي گاڏيءَ تائين آيا. جيسين تائين مان اتان روانو نه ٿيس
تيسين تائين اتي بيٺا رهيا.
(”زاويه“، ج اول مُلخص، ص 42 کان 47،)
لمحه فڪريه: محترم ساٿيو! اوهان ڏٺو ته مغربي معاشرن ۾ اُستاد جو
مقام ۽ مرتبو ڪيڏو نه بلند آهي. حالانڪه اُستاد جو ادب ۽ احترام ڪرڻ ته اسلامي
معاشري جو قدر (Value)۽ شِعار آهي. پر اسان پنهنجي
اساتذه جو ادب ڇڏي ڏنو جڏهن ته اهلِ مغرب اُن قدر کي قبول ڪيو. نتيجي طور اهلِ
مغرب ڏينهون ڏينهن علم ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ميدانن ۾ ترقي ڪري رهيا آهن. اسان
جا حضرت سائين جن فرمائيندا آهن ته ”اسان مسلمانن محبوبن ڪريمن جي تعليمات کي
نظر انداز ڪيو. نتيجي ۾ علمي، فڪري، سائنسي، ٽيڪنيڪي، سياسي معاشي هر حوالي سان
پسمانده ٿي وياسين. جڏهن ته اغيارن ان تعليم کي اپنايو. اڄ دنياوي اعتبار کان ترقي
يافته اقوام آهن.“
0 comments:
Post a Comment