Tuesday, 10 September 2013

مصطفوي آدابِ معاشرت

مصطفوي آدابِ معاشرت
فقير جاويد ڪرمي



معاشري اندر پنهنجن مٽن مائٽن سان، اوڙي پاڙي سان، دوستن يارن سان، ماتحتن ۽ ملازمن سان، شهر توڙي ٻهراڙيءَ وارن سان ڪهڙو سلوڪ روا رکڻ گهرجي؟ غرض معاشري اندر اٿجي ويهجي ڪيئن؟ اچو ته حضور عليه الصلوات والسلام جي تعليمات جي روشنيءَ ۾ معاشرت جا اهي اصول ۽ آداب سکون ۽ پنهنجي زندگيءَ ۾ لاڳو ڪري مصطفوي معاشرو تعمير ڪريون.
هميشه نرميءَ سان ڳالهائجي:
 اُم المؤمنين بيبي عائشه صديقه رضي الله تعاليٰ عنها کان روايت آهي، پاڻ فرمائين ٿيون ته ڪجهه يهودي پاڻ ڪريمن ﷺ وٽ آيا ۽ چوڻ لڳا
السام عليكم (توکي موت اچي) (معاذ الله استغفر الله).
 مون سندن مطلب سمجهي ورتو ۽ جواب ڏيندي چيو
عليكم، ولعنكم الله، وغضب الله عليكم
(يعني توهان کي موت اچي ۽ توهان جي مٿان لعنت هجي).
 مون کي محبوبن ڪريمن روڪيو ۽ فرمايو :
يا عائشة، إن الله يحب الرفق في الأمر كله
 (اي عائشه! الله تعاليٰ سڀني معاملن ۾ نرمي کي پسند ڪندو آهي.) مون عرض ڪيو ”يا رسول الله ڇا توهان نه ٻڌو ته هُنن ڇا چيو هيو.“ پاڻ ڪريمنﷺ فرمايو ”مون انهن جو جواب ڏئي ڇڏيو هيو  ته وعليکم (۽ توهان تي به.) (صحيح بخاري)
هر ماڻهوءَ کي سندس مرتبي آڌار عزت ڏيڻ گهرجي:
 هڪ ڀيري بيبي عائشه صديقه سانئڻ جي سامهون هڪ پنڻ وارو لنگهيو. پاڻ کيس مانيءَ جو ٽڪرو ڏنائون. بعد ۾ هڪ ماڻهو نوان ڪپڙا پهريل گذريو ته پاڻ کيس ويهاري ماني کارايائون. ڪنهن ان ڳالهه جو سبب پڇيو. بيبي صاحبه فرمايو رسول الله ﷺ فرمايو آهي
أنزلوا الناس منازلهم
هر ماڻهوءَ کي ان جي مرتبي تي رکو“
 يعني ان جي حيثيت آڌارکيس عزت ڏيو.) (سنن ابي داود، کتاب الادب)
اڻ وڻندڙ ڳالهين کي برداشت ڪريو:
پاڻ ڪريم ﷺ جڏهن ماڻهن سان مجلس ۾ تشريف فرما هوندا هئا ته  ماڻهن جي اڻ وڻندڙ ڳالهين کي به برداشت فرمائيندا هئا ۽ ان جو اظهار به نه ڪندا هئا. بيبي زينب سانئڻ سان جڏهن پاڻ ڪريمن ﷺ جو نڪاح ٿيو ۽ دعوتِ وليمه ڪئي وئي ته ڪجهه ماڻهو ماني کائڻ کانپوءِ به ڪيتري دير تائين ويٺا رهيا. ان وقت پردي جو حڪم نازل نه ٿيو هيو. تنهن ڪري بيبي زينب رضي الله عنها به مجلس ۾ موجود هئي. پاڻ ﷺ چاهين پيا ته ماڻهو اٿي هليا وڃن پر پاڻ زبانِ اطهر مان هڪ لفظ به ارشاد نه فرمايو. ماڻهن وري به ڪو خيال نه ڪيو. پاڻ ﷺ مجلس مان اٿي بيبي عائشه صديقه سانئڻ جي حجري شريف تائين آيا. واپس آيا ته تڏهن به مجموعو اُتي جو اُتي ويٺو هيو. وري واپس هليا ويا. ڪجهه دير بعد وري تشريف فرما ٿيا. پردي جي آيت ان ئي موقعي تي نازل ٿي. (بخاري)
حسنِ معاشرت:
 امان عائشه صديقه سانئڻ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ کي جڏهن ڪنهن شخص جي بُري ڪم جي خبر پوندي هئي ته ائين نه فرمائيندا هئا ته ڇا ٿيو آهي فلاڻي کي (ان جو نالو وٺي) جو هيئن چوي ٿو، بلڪه پاڻ ڪريم ﷺ فرمائيندا هئا ته بعض ماڻهن جو ڪهڙو حال آهي. جو هيئن هيئن چون ٿا.
بڇڙا ماڻهو ڪير؟
بيبي عائشه رضي الله تعاليٰ عنها روايت ڪري ٿي ته هڪ ماڻهو حضور عليه الصلوات والسلام کان اندر اچڻ جي اجازت گهري. پاڻ فرمايائون ”(پنهنجي) قبيلي ۾ (بڇڙي ۾) بڇڙو شخص (اِهو) آهي.  پوءِ فرمايائون هِن کي اندر اچڻ ڏيو. جڏهن هُو آيو ته پاڻ ڪريمن ﷺ ساڻس نرميءَ سان (خوش اخلاقيءَ سان) ڳالهايو. (جڏهن هُو واپس ويو ته) بيبي عائشه سانئڻ عرض ڪيو:
يا رسول الله، ألنت له القول وقد قلت له ما قلت
 (يا رسول الله توهان هن سان نرميءَ سان ڳالهايو ۽ پهريان توهان سندس متعلق ڇا فرمائي چڪا هئا). پاڻ ڪريمن ﷺ ارشاد فرمايو:
إن شر الناس عند الله منزلة يوم القيامة من ودعه،
 أو تركه، الناس لاتقاء فحشه
 (الله تعاليٰ وٽ قيامت جي ڏينهن بڇڙي ۾ بڇڙو ماڻهو اهو هوندو جنهن جي بدزبانيءَ سبب ماڻهو ساڻس ملڻ ڇڏي ڏين.) (سنن ابي داود، کتاب الادب)
ملڻ، ويهڻ ۽ ڳالهائڻ جا آداب:
حضرت انس بن مالڪ فرمائين ٿا رسول اللهﷺ جڏهن ڪنهن مرد سان ملندا هئا ۽ گفتگو فرمائيندا هئا ته پنهنجو چهرو مبارڪ ان ماڻهوءَ کان  ڦيريندا نه هئا (ان جي طرف متوجهه هوندا هئا)، ايستائين جو هُو واپس ٿي وڃي (۽ پنهنجو چهرو ٻئي پاسي ڦيري ڇڏي). ۽ جڏهن پاڻ ڪريم ﷺ ڪنهن مرد سان مصافحو (هٿ ملائڻ) ڪندا هئا ته تيسين پنهنجو هٿ مبارڪ ان جي هٿ مان ڪڍندا نه هئا جيسين هُو پاڻ پنهنجو هٿ الڳ نه ڪري. ۽ اهو ڪڏهن به نه ڏٺو ويو جو پاڻ ڪريم ﷺ جنهن سان گڏ تشريف فرما هجن، ان جي طرف پير مبارڪ سڌا ڪيا هجن. (سنن ابن ماجه، کتاب الادب)
محبوبن ڪريمن جي مجلس ۾ مزاح به ٿيندي هئي:
حضرت ابوبڪر صديق رسول اللهﷺ جي وفات کان هڪ سال اڳ واپار جي نيت سان بصري ويو. ساڻن گڏ حضرت نُعيمان ۽ حضرت سويبط بن حرمله رضي الله عنهم به شريڪِ سفر هئا. نُعيمان وٽ ماني هئي ۽ سويبط جي طبيعت ۾ مزاح هوندو هيو. سويبط نُعيمان کي چيو ته مون کي ماني کاراءِ. نُعيمان چيو ته ادا ابوبڪر (﷦) کي اچڻ ڏي (ته پوءِ گڏجي ماني کائون ٿا). سويبط چيو ته جي مونکي ماني نه ڏنئي ته ڏاڍو پريشان ڪندو مانءِ. نيٺ حضرت نُعيمان کين ماني نه ڏني. ٿوري دير کانپوءِ اتان هڪ قافلو لنگهيو. حضرت سويبط   کين ڪُنڊ پاسي وٺي وڃي چيو ته توهان مون کان منهنجو هڪ غلام وٺندؤ؟ چيائون ”ها سائين ڇو نه.“ حضرت سويبط چيو ته ”گهڻو ڳالهائڻ مون واري غلام جي عادت اَٿَوَ. هُو توهان کي چوندو رهندو ته ”بابا مان آزاد آهيان. مان غلام ٿوري هان.“  اگر توهان سندس خبرن ۾ لڳي کيس ڇڏي ڏنو ته پوءِ منهنجي غلام کي خراب نه ڪيو. (مطلب مون کان غلام نه وٺو.) چيائون ”نه سائين نه، ائين ٿوري ٿيندو. اسان کي بس توهان پنهنجو غلام ڏيو.“ الغرض انهن قافلي وارن ڏهن اُٺَن جي عيوض حضرت نُعيمان کي حضرت سويبط کان خريد ڪري ورتو. پوءِ حضرت نُعيمان وٽ آيا ۽ کيس ڳچيءَ ۾ رسو يا پَٽڪو ٻڌڻ لڳا. حضرت نُعيمان چيو ته ”ادا مان آزاد آهيان. سويبط جو غلام ٿوري هان. هُن توهان سان مذاق ڪئي اٿو.“ اُهي ماڻهو چوڻ لڳا ”هائو ادا هائو، اسان کي سويبط اها ڳالهه اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏي هئي.“ پوءِ اهي ماڻهو نُعيمان کي پڪڙي هليا ويا. ڪجه دير کانپوءِ حضرت ابوبڪر آيو. کيس سموري حقيقت ماڻهن ڪري ٻڌائي. پاڻ يڪدم قافلي وارن پٺيان ويا ۽ کين اُٺ واپس ڪري حضرت نُعيمان کي ڇڏائي وٺي آيا. جڏهن سفر تان واپس پهچي هي واقعو حضور عليه الصلوات والسلام جي خدمتِ اقدس ۾ عرض رکيو ويو. اُم المؤمنين اُمِ سلمه رضي الله تعاليٰ عنها فرمائين ٿيون ته پاڻ ڪريم ﷺ ڏاڍو کِليا. صحابه ڪرام به سڄو سال اهو واقعو بيان ڪندي کلندا رهيا.
خوشامد ۽ خوشامدڙين کان بچو:
حضرت ابوبڪر فرمائن ٿا ته رسول الله جي اڳيان ڪنهن ماڻهوءَ، ٻئي جي (بيجا) تعريف ڪئي (خوشامد جي غرض سان). تنهن تي پاڻ ڪريمن فرمايو ”ويحك قطعت عنق صاحبك مرارا“ (تو تي افسوس آهي جو تو پنهنجي ڀاءُ جي گردن ڪٽي ڇڏي.) ڪيترائي ڀيرا ائين دهرايائون ۽ پوءِ فرمايائون اگر توهان مان ڪو پنهنجي ڀاءُ جي تعريف ڪري ته  هيئن چوي:
أحسبه ولا أزكي على الله أحدا
 (منهنجو هن متعلق اهو گمان آهي ۽ مان الله جي آڏو ڪنهن کي پاڪ نه ٿو چوان. (سنن ابن ماجه، کتاب الادب)
هڪ ڀيري پاڻ ڪريم ﷺ مسجد ۾ تشريف فرما ٿيا. ڏٺائون ته هڪ ماڻهو نماز پڙهي رهيو هيو. محجن ثقفي کان پڇيائون هي ڪير آهي؟ محجن سندس نالو به عرض رکيو  ۽ سندس ڏاڍي تعريف به ڪئي. پاڻ ﷺ ارشاد فرمايو ”ڏسو متان هي ٻڌي نه وٺي! نه ته تباهه ٿي ويندو. يعني دل ۾ غرور پيدا ٿيندس جيڪو هلاڪت جو سبب بڻبو آهي. (الادب المفرد للبخاري)
وڏڙن جي عزت ڪرڻ ننڍڙن سان پيار ڪرڻ:
 حضرت ابو هريرة کان روايت آهي ته اقرع بن حابس محبوبن ڪريمن ﷺ جي ان حال ۾ زيارت ڪئي جو پاڻ ڪريم ﷺ امام حسن کي چمي رهيا هيا. صحابي عرض ڪيو منهنجا ڏهه پٽ آهن. مون انهن مان هڪ کي به ناهي چميو. رسول اڪرم ﷺ فرمايو مَنْ لَا يَرْحَمُ لَا يُرْحَم (جيڪو رحم نه ٿو ڪري ان تي رحم نه ڪيو ويندو.)
* حضرت انس بن مالڪ روايت ڪري ٿو ته هڪ پوڙهو ماڻهو رسول الله ﷺ سان ملاقات ڪرڻ آيو. ماڻهن کيس جاءِ ڏيڻ ۾ دير ڪئي. رسول الله ﷺ فرمايو:
لَيْسَ مِنَّا مَنْ لَمْ يَرْحَمْ صَغِيرَنَا وَيُوَقِّرْ كبِيرَنَا
 (اهو ماڻهو اسان منجهان ناهي جيڪو ننڍڙن مٿان ٻاجهه نه ڪري ۽ وڏڙن جي عزت نه ڪري.)
* حضرت معاذ بن جبل هڪ پاڙي ۾ امامت ڪندو هيو. نمازِ فجر ۾ پاڻ ڊگهيون ڊگهيون سورتون پڙهندو هيو. ڪنهن ماڻهوءَ پاڻ ڪريمن ﷺ سان شڪايت ڪئي ته هُو ايڏيون ته ڊگهيون سورتون ٿو پڙهي جو مان سندس پٺيان نماز پڙهي نه ٿو سگهان. ابو مسعود انصاري جو بيان آهي ته مون پاڻ ڪريم ﷺ کي ڪڏهن به ايڏو غضبناڪ ڪيفيت ۾ ناهي ڏٺو جهڙو ان ڏينهن سائين جن کي ڏٺو. تاجدارِ ڪائنات ﷺ ماڻهن سان مخاطب ٿيندي فرمايو ”ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن جيڪي ٻين ماڻهن کي  بيزار ڪري وجهندا آهن. توهان مان جيڪو به شخص نماز پڙهائي ته مختصر سورتون پڙهي، ڇو ته نماز ۾ پوڙها، ڪمزور ۽ ڪمن ڪارن وارا ماڻهو به هوندا آهن.
 تواضع:
هڪ ڀيري ڪو ماڻهو تاجدارِ حسينانِ عالَم جي رُخِ زيبا جي زيارت خاطر خدمتِ اقدس ۾ حاضر ٿيو. پر نبوت جو رعب ايڏو ته مٿس طاري ٿيو جو هن جا لڱ ڏڪڻ لڳا. پاڻ فرمايائون ”گهٻراءِ نه، مان ڪو بادشاهه ناهيان. هڪ قريشي عورت جو پٽ آهيان، جيڪا سڪل گوشت پچائي کائيندي هئي.“  (مستدرک حاڪم)
باوقار طريقي سان رهو:
 حضرت ابن عباس﷦ کان مروي آهي ته رسول اللهﷺ فرمايو:
إن الهدي الصالح، والسمت الصالح،
 والاقتصاد جزء من خمسة وعشرين جزءا من النبوة
 ”نيڪ چال چلت ۽ سٺيون خوبيون خصلتون ۽ ميانه روي نبوت جي 25 ٽڪرن مان هڪ ٽڪرو آهي.“ (سنن ابي داود)
سرگوشيون نه ڪيو:

حضرت عبدالله بن مسعود﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته جڏهن توهان ٽي ڄڻا هجو ته ٻه ڄڻا پاڻ ۾ ويهي سرگوشيون (ڪن ۾ آهسته ڳالهه ٻول ڪرڻ ته جيئن ٽيون نه ٻڌي) نه ڪيو. ڇاڪاڻ ته ان سان ٽئين ماڻهوءَ کي ڏک ٿئي ٿو. (سنن ابن ماجه، کتاب الادب)

0 comments: