ٻين تي ڀاڙڻ بجاءِ
ذميداري خود محسوس ڪيو:
رسول الله ﷺ جي وفات 632 ع
۾ ٿي. ان کانپوءِ پوري عرب ۾ سنگين صورتِحال پيدا ٿي پئي. ان جو اندازو حضرت عائشه
صديقه رضي الله تعاليٰ عنها جي هن روايت منجهان ٿئي ٿو:
ولما توفي رسول الله ﷺ
ارتدت العرب، واشرأبت اليهودية والنصرانية ونجم النفاق، وصار المسلمون كالغنم
المطيرة في الليلة الشاتية لفقد نبيهم، حتى جمعهم الله على أبي بكر رضي الله عنه.
(البداية والنهاية، 5/300)
”يعني جڏهن
رسول الله ﷺ جي وفات ٿي ته عربن ۾ دين کان ڦرڻ وارو عمل ڦهلجندو ويو، يهوديت ۽
نصرانيت جو اُڀار ٿي پيو ۽ نفاق ظاهر ٿي پيو ۽ پيغمبر ﷺ جي ظاهري طور نه هجڻ
سبب مسلمان سياري جي موسم ۾ پُسيل ٻڪريءَ
جهڙا ٿي پيا. ايستائين جو الله تعاليٰ اُمت کي ابوبڪر رضي الله تعاليٰ عنه وٽ جمع
ڪيو.“
ان نازڪ موقعي
تي حضرت ابوبڪر رضي الله تعاليٰ عنه جيڪو شاندار
ڪردار سرانجام ڏنو، ان جو تفصيل ڪتابن ۾ ڏسي سگهجي ٿو. اسان هتي صرف ان سلسلي جي
هڪ روايت نقل ڪريون ٿا. جڏهن مذڪوره صورتحال سامهون آئي ته ان وقت پنهنجي عزم جو
اظهار ڪندي حضرت ابوبڪر صديق فرمايو:
”اينقص الدين و انا
حي“
(هداية الرواة لابن حجر عسقلاني، رقم الحديث
3031)
يعني ڇا دين ۾
نقص پيدا ڪيو ويندو ۽ مان جيئرو آهيان. مطلب ته جيسين ابوبڪر جي جِندُ جان ۾ ساهه
پساهه آهي ته ابوبڪر دين ۾ نقص پيدا ٿيڻ نه ڏيندو. خليفه اول حضرت ابوبڪر صديق جي
هن قول مان زندگيءَ جو هڪ اهم اصول معلوم ٿئي ٿو. دنيا جو ڪو به وڏو ڪم هميشه اُن وقت ٿيندو آهي، جڏهن
هڪ ماڻهوءَ جي اندر اهو عزم پيدا ٿي پوي ته هي منهنجي ذميداري آهي ۽ مان ان ڪم کي
ڪندس. ڪو به وڏو ڪم هميشه ڪنهن ”هڪ باعزم انسان“ جي ڪردار سان ئي مڪمل ٿيندو آهي،
نه ڪي ڪنهن هجوم (Crowd)
ذريعي. ان قسم جو طوفاني اسپِرِٽ هڪ فرد جي اندر پيدا ٿيندو آهي، نه ڪي ڪنهن
مجموعي جي اندر. هي هڪ جبل ريزا ريزا ڪندڙ جذبو آهي، ان کي هڪ جملي ۾ ”آءِ وِل ڊو
اسپِرِٽ“ (I will do spirit) جي لفظن سان بيان ڪري سگهجي ٿو.
حالانڪه حضرت
ابوبڪر صديق ائين به سوچي سگهي پيو ته هن وقت ملڪ ۾ لڳ ڀڳ ڏيڍ لک صحابي موجود آهن.
يعني اهي ماڻهو جيڪي رسول الله ﷺ جي دستِ مقدس تي بيعت ٿيا. جن رسول الله ﷺ کي
ڏٺو. آقاءِ دو جهان ﷺ سان صحبت ڪئي. ائين سوچي حضرت ابوبڪر چوي ها ته ”اينقص الدين
و اصحاب الرسول احياء“، (ڇا دين ۾ نقص پيدا ڪيو ويندو، حالانڪه رسول جا اصحاب زنده
آهن.)
ان جي جاءِ تي
حضرت ابوبڪر فرمايو:
”اينقص الدين و انا
حي.“
ڇا دين ۾ نقص
پيدا ڪيو ويندو، جڏهن ته مان زنده آهيان. حضرت ابوبڪر جيڪڏهن پهريون جملو فرمائين
ها ته نفسياتي طور تي تمام ذميداري ٻين جي مٿان رکي ڇڏين ها. اهڙي حالت ۾ شعوري يا
غير شعوري طور تي سندن ذهن ائين چوي ها ته هڪ لک پنجاهه هزار ذميدارين منجهان فقط هڪ ذميداري هن جي پنهنجي آهي. ان جي برعڪس
جڏهن پاڻ ٻيو جملو ارشاد فرمايائون ته سندن ذهن ان عزم سان ڀرجي ويو ته سڄي جا سڄي
ذميداري اڪيلي سندن سِرَ تي آهي. ڪنهن ٻئي جو انتظار ڪرڻ کان سواءِ کين اڳيان وڌي
ذميداري کڻڻي آهي.
ان جذبي کي هڪ
لفظ ۾ انقلابي جذبو (Revolutionary
Spirit) چيو ويندو آهي. سمورا وڏا وڏا ڪم
ان جذبي ذريعي ڪيا ويندا آهن. جتي ماڻهن منجهه اهو جذبو نه هجي، اتي ڳالهيون ته
گهڻيون ٿينديون، پر ڪو وڏو ڪم ڪونه ٿي سگهندو.
ڪنهن فرد جي
اندر اهو انقلابي جذبو تڏهن پيدا ٿي سگهندو، جڏهن هو ان مسئلي کي پنهنجو ذاتي
مسئلو سمجهي. جڏهن کيس يقين ٿي وڃي ته هي سندس زندگي موت جي سوال جو معاملو آهي،
هن ئي جاءِ تي هن جي ڪاميابي يا ناڪاميءَ جو معاملو نبرجڻو آهي ته ان وقت سندس اندر ۾ انقلابي جذبو پيدا ٿي پوندو
آهي ۽ اهو ئي جذبو وڏي ڪم جو ضامن آهي،
پوءِ چاهي اهو ڪم دنيا جو هجي يا دين جو.
ماخوذ: الرسالة، مولانا وحيد الدين خان،
سنڌيڪار: فقير جاويد ڪرمي
ماخوذ: الرسالة، مولانا وحيد الدين خان،
سنڌيڪار: فقير جاويد ڪرمي
0 comments:
Post a Comment