Showing posts with label muslim history. Show all posts
Showing posts with label muslim history. Show all posts

Tuesday, 10 September 2013

آخر فنا !!!

آخر فنا!



عباسي خليفو ابو جعفر منصور سفر ۾ هيو جو سخت بيمار ٿي پيو. ۽ رستي ۾ ئي سندس انتقال ٿي ويو. آخري وقت تي سندس زبان تي هي لفظ هيا:”بادشاهه اهو آهي جيڪو نه مري.“ مامون الرشيد وڏي دٻدٻي وارو عباسي بادشاهه هيو. جڏهن مرڻ جي ويل ويجهو ٿيس ته چوڻ لڳو ”اي اها عظيم ذات جنهن جي سلطنت کي ڪڏهن زوال ناهي اچڻو، اُن تي رحم فرماءِ جنهن جي سلطنت کي هاڻ زوال اچي رهيو آهي. اي اها عظيم ذات! جنهن کي ڪڏهن موت ناهي اچڻو ، اُن تي رحم فرماءِ جيڪو هاڻ مري رهيو آهي.“
خليفي واثق بالله جي وفات 232هه ۾ ٿي. جڏهن سندس موت جو وقت ويجهو ٿيو ته حڪم ڏنائين ته منهنجي ڪمري جي پٽ تي پيل قالين هٽايو. جڏهن قالين هٽيو ۽ پڌرو پٽ ظاهر ٿيو ته بادشاهه هيٺ ليٽي پنهنجو ڳل مٽيءَ سان ملائي نهايت عاجزي انڪساريءَ سان چوڻ لڳو ”اي الله تنهنجي بادشاهي لازوال آهي. اُن شخص تي رحم فرماءِ جنهن جي بادشاهي هاڻي پڄاڻيءَ تي پهتي آهي.“ اڃان اهي الفاظ ادا ئي مس ڪيائين جو سندس انتقال ٿي ويو.
حجاج بن يوسف جڏهن عراق جو گورنر بڻيو ته پنهنجي پهرئين خطبي ۾ ماڻهن سان مخاطب ٿيندي چيائين ”سِرَ اوچا ٿي رهيا آهن. سِرَن جا فصل پچي راس ٿيا آهن ۽ لاباري (ڪَٽائي) جو وقت اچي ويو آهي. منهنجون نظرون اُهو خون ڏسي رهيون آهن جيڪو پٽڪن ۽ ڏاڙهين جي وچان وَهِي رهيو آهي.“ چون ٿا ته بنو اميه جي گهراڻي کي يزيد کان پوءِ وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي غرض سان حجاج لکين ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن 54 سالن جو ٿيو ته مرض الموت ۾ مبتلا ٿي سخت تڪليف جو شڪار ٿيو. ابو منذر يعلي مٿس ملامت ڪندي چيو ”تون هن قوم جو فرعون هُئين. اڄ تنهنجي لاءِ نه ئي نجات آهي نه فرياد.“ جڏهن حجاج جي ڪنن تي اهي لفظ پيا ته بي اختيار سندس اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا. آسمان ڏانهن ڪنڌ کڻي اڇگارون ڏيڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ”اي الله! مون کي بخش! ڇو جو ماڻهو چون ٿا ته تون مون کي نه بخشيندين. هَئي مان هلاڪ ٿي ويس! افسوس مان هلاڪ ٿي ويس! جي منهنجي قهار ۽ جبار رب مون تي رحم نه ڪيو ته مان هلاڪ ٿي ويس!“

 (اسباقِ تاريخ، مولانا وحيدالدين خان، ص 155)

اسلامي تاريخ جا ٻه مختلف ۽ متضاد ڪردار

ٻه مختلف ۽ متضاد ڪردار:

بني عباس بني اميه کان اقتدار کسيو هيو. جنهن کان پوءِ هنن اموي گهراڻي جي هڪ هڪ فرد کي قتل ڪرڻ شروع ڪيو، ته جيئن تخت جو ڪو دعويدار ئي باقي نه بچي. تڏهن هڪ اموي شهزادو عبدالرحمٰن الداخل عباسين جي گرفت کان بچي نڪتو ۽ سِرُ بچائي مختصر فوج ساڻ ڪري وڃي آفريڪا کان ٿيندو يورپ پهتو. جتي اسپين ۾ حڪومت قائم ڪيائين. بنو عباس جو دارالسلطنت بغداد هيو جڏهن ته اسپين جي اموي حڪومت جو گاديءَ جو هنڌ قرطبه هيو. مذڪوره تاريخي پسمنظر سبب ٻنهي حڪومتن ۾ رقابت هلندي آئي. فرانس اموي سلطنت جو پاڙيسري هيو. بغداد هنن فرانس جي بادشاهه جي خدمت ۾ قيمتي تحفه تحائف موڪلڻ شروع ڪيا ۽ سندن حوصله افزائي ڪئي ته جيئن هو اموي حڪومت جي خلاف ڪارروائي ڪري بغداد جو هنيانءُ ٺارين. ٻئي پاسي کان بغداد جو پاڙيسري ملڪ قسطنطيه هيو. اڳوڻي رومي شهنشاهيت جو وارث قيصرِ روم پنهنجي ملڪ جو وڏو حصو وڃائي باقي بچيل حصي تي حڪومت ڪري رهيو هيو. قيصرِ روم سمجهيو ته جيئن بغداد جو مسلم بادشاهه اموي بادشاهه جي خلاف فرانس جي مدد ڪري رهيو آهي تيئن اگر مان بغداد جي خلاف مهم شروع ڪندس ته قرطبه جو مسلمان حاڪم منهنجي ضرور مدد ڪندو.
ان خيال سان قيصرِ روم پنهنجو سفير 209هه ۾ شهزاده عبدالرحمٰن الثاني حاڪمِ قرطبه جي دربار ڏانهن موڪليو. هاڻي بظاهر ٿيڻ ته هيئن کپندو هيو ته قرطبه جو حاڪم هن سفير جو ڀرپور استقبال ڪري ها. ڇاڪاڻ ته هو سندس دشمن جي خلاف محاذ آرائي ڪري رهيو هيو. ان سان هو اهلِ بغداد کان پنهنجي وڏڙن جي قتل جو پلاند وٺي سگهيو ٿي. پر شهزادي عبدالرحمٰن ان سفير طرف ڪابه توجهه نه ڏني. نيٺ هڪ ڏينهن قيصر جي سفير واضح لفظن ۾ کيس چيو ته اگر توهان اسان جي بادشاهه سان دوستي ڪريو ته ان جي تعاون سان توهان پنهنجي اباڻي سلطنت (شام، عراق، عرب، وغيره) عباسين کان واپس وٺي سگهو ٿا. ان آڇ جي موٽ ۾ شهزادي عبدالرحمٰن هيڏانهن هوڏانهن جون رسمي ڳالهيون ڪري وفد کي موٽائي ڇڏيو.
 تاريخ جا هي ٻه اهم مثال آهن. انتقامي جذبن هيٺ دشمن جي دشمن کي دوست بڻائڻ هڪ سطحي فعل آهي. اعليٰ انسان اهو آهي جيڪو اهڙن جذبن کان مٿاهون هجي. جيڪو ماڻهن سان اصول جي بنياد تي هلت هلي نه ڪي دوستي ۽ دشمني جي بنيادن تي. 
(اسباقِ تاريخ، مولانا وحيدالدين خان، ص 132)
سنڌيڪار: فقير جاويد ڪرمي


سطحي ۽ گهري علم ۾ فرق

سِطَحي ۽ گِهري علم ۾ فرق:



 قويله خان (چنگيز خان جو پوٽو ) 655 هجري ۾ چنگيز خان جي تخت حڪومت تي ويٺو. هڪ دفعو اباقا خان ابن هلاڪو خان خراسان مان قويله خان جي لاءِ پيغام موڪليو ته  مونکي يهودين ۽ مجوسين ٻڌايو آهي ته مسلمانن جي ڪتاب قرآن ۾ لکيل آهي ته مشرڪن کي جتي ڏسو قتل ڪري ڇڏيو. توهان جو ان تعليم جي متعلق ڇا خيال آهي. قويله خان ڪجهه مولوين کي گھرائي کانئن پڇيو ته ڇا توهان جي قرآن ۾ واقعي اهڙو حڪم موجود آهي؟ ان تي مولوين نهايت سادگيءَ سان چيوبرابر اهڙو حڪم قرآن ۾ ته موجود آهي!“ جواب ٻڌي قويله خان ڇرڪ نڪري ويو. ڪجهه دير سوچڻ کانپوءِ وري پڇڻ لڳو ”پوءِ ڀلا توهان اسان کي قتل ڇو نٿا ڪيو؟“ مولوين چيو هن وقت اسان ايتري طاقت نٿا رکون. جڏهن اسان طاقت ۾ اينداسين ته توهان کي قتل ڪنداسين.“ قويله خان ويتر ٻوساٽجي ويو. بنا دير تحڪمانه انداز ۾ چوڻ لڳو: ”جيئن ته هن وقت اسان طاقت رکون ٿا تنهنڪري اسان کي گھرجي ته توهان کي قتل ڪرائي ڇڏيون.“ اهو چئي قويله خان انهن کي قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ اهو حڪم جاري ڪيائين ته مسلمانن کي جتي ڏسو قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن اها خبر مولانا بدرالدين بيهقي ۽ مولانا حميدالدين سمرقندي کي پئي ته اهي قويله خان وٽ آيا ۽ چيائون ته توهان مسلمانن جي قتل عام جو حڪم ڇو جاري ڪيو؟ قويله خان چيو ته هي ٻڌايو ته ”اقتلوا المشرکين“ جو حڪم جيڪو قرآن ۾ آهي ان جو مطلب ڇا آهي؟ ان تي ٻنهي عالمن جواب ڏنو ته عرب جا بت پرست جيڪي مسلمانن کي قتل ڪرڻ لاءِ بضد هئا. انهن جي نسبت الله تعالى پنهجي پيغمبر کي حڪم ڏنو ته توهان پنهنجي دفاع جي لاءِ انهن کي قتل ڪريو. هي حڪم توهان جي لاءِ نه آهي. توهان ته خدا جي وحدانيت جا قائل آهيو ۽ هميشه پنهنجي فرمان جي مٿان خدا جو نالو ضرور لکندا آهيو. اهو ٻڌي قويله خان تمام گھڻو خوش ٿيو ۽ اهو حڪم جاري ڪيائين ته منهنجو پهريون حڪم جيڪو مسلمانن جي قتل بابت جاري ٿيو اهو منسوخ سمجهيو وڃي.


عقل واري اک

عقل واري اک:



خطيب بغدادي پنهجي ڪتاب ”تاريخ بغداد“ ۾ قاضي ابو يوسف جو تذڪرو ڪندي لکي ٿو. علي بن جعد جو چوڻ آهي ته امام ابو يوسف مونکي ٻڌايو ته جڏهن منهنجي والد جو انتقال ٿي ويو ته منهنجي ماءُ مونکي هڪ ڌوٻي  وٽ خدمت لاءِ رکيو. آئون اڪثر ڌوٻي کي ڇڏي امام ابو حنيفه وٽ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هليو ويندو هئس ۽ اتي حديث ۽ فقه جو علم سکڻ لڳس. جڏهن منهنجي ماءُ کي اها خبر پوندي هئي ته هوءَ مونکي دوباره ڌوٻي وٽ ڇڏي ايندي هئي.
جڏهن اهو واقعو بار بار ٿيڻ لڳو ته منهنجي والده  امام ابو حنيفه کي چوڻ لڳي ته هن ڇوڪري کي تو بگاڙيو آهي. هي هڪ يتيم ڇوڪرو آهي، هن وٽ ڪجهه به نه آهي. آئون چرخو ڪتي  هن کي کارائيندي آهيان ۽ آئون چاهيان ٿي ته هي به ڪجهه ڪمائي. امام ابو حنيفه منهنجي ماءُ کي چيو ته هي پستي جو فالوده کائڻ وارو علم سکي رهيو آهي. منهنجي ماءُ امام ابو حنيفه کي اهو چوندي واپس آئي ته لڳي ٿو ته پوڙهائپ جي ڪري تنهجو عقل جواب ڏئي رهيو آهي. امام ابو يوسف چوي  ٿو ته امام ابو حنيفه منهنجي مالي مدد ڪئي ۽ آئون سندن وٽان علم حاصل ڪندو رهيس. ايستائين جو آئون ان قابل ٿي ويس جو عباسي حڪومت ۾ قاضي جي عهدي تي  فائز ٿيس. هاڻ  آئون خليفي هارون رشيد جي  مجلس ۾ ويهڻ لڳس. ان سان گڏ دسترخوان تي ويهڻ لڳس. هڪ ڏينهن هارون رشيد جي لاءِ فالوده آيو.
هارون رشيد مونکي چيو ته هي تون کاءُ. مون پڇا ڪئي ته اي اميرالمومنين هي ڇا آهي؟ هارون رشيد چيو ته هي پستي جو فالوده آهي. اهو ٻڌي  آئون کلڻ لڳس. جڏهن خليفي هارون رشيد ان جو سبب پڇيو ته مون سڄو قصو اول تا آخر بيان ڪري ٻڌايو. هارون رشيد اهو ٻڌي اچرج ۾ پئجي ويو ۽ چوڻ لڳو ته منهنجي زندگي  جو  قسم، علم انسان کي بلند ڪري ٿو. دين ۽ دنيا ۾ نفعو ڏئي ٿو. الله رحم ڪري ابو حنيفه تي، اهي پنهنجي عقل واري اک سان اهي شيون ڏسي وٺندا هئا جيڪي پنهجي ظاهري اکين سان نه ڏسي سگھندا هئا.

سمجهاڻي: هن حڪايت مان معلوم ٿيو ته ڪي ٻارڙا فطرتاَ ذهين ۽ ذڪي ٿين ٿا. اُنهن جي اندر بي پناهه صلاحيتون پوشيده ٿين ٿيون. پر کين ڪنهن محسن يا مربي جي ضرورت هوندي آهي. جيڪو سندن لڪل صلاحيتن کي سُڃاڻي ۽ تربيت ذريعي اُنهن کي نکاري. اسان جي قوم ۾ به ڪيئي امام ابو يوسف ٻارڙن جي صورت ۾ موجود هوندا. جيڪي ڪنهن امام اعظم جهڙي شفيق مهربان ۽ قابل استاد جي دستِ شفقت جا منتظر هوندا. شال اسان جا سمورا اُستاد امامِ اعظم جي فقهه جي تقليد ۽ تدريس سان گڏ هن عظيم هستيءَ جي اندازِ تعليم و تربيت کي به اپنائين! طالبِ علم ساٿي به اگر شوق ذوق سان، تمام ڏکن ڏاکڙن ۽ تڪليفن باوجود ثابت قدميءَ سان علم جي حصول ۾ مشغول رهن ته الله تعاليٰ کين دنيا توڙي آخرت جون ڀلايون عطا فرمائيندو.

قومي و ملي زوال جون ٻه علامتون

قومي و مِلي زوال جون ٻه علامتون



انگلينڊ جو بادشاهه رچرڊ اول هڪ وڏو فوجي لشڪر ساڻ ڪري سلطان صلاح الدين ايوبي جي مقابلي لاءِ نڪتو. مسلمانن جي فوج ۾ ڳڻتي جي لهر پيدا ٿي وئي. سلطان پنهنجي ٻن جاسوسن کي حڪم ڏنو ته رچرڊ جي فوج جا حال احوال وٺي اچن. جاسوسن واپس اچي سلطان کي خبر ڏني ته اسان عيسائي لشڪر جي فوجين کي شراب و ڪباب ۾ مست ڏٺو ۽ سندن پادرين کي ان مسئلي تي بحث ڪندي ڏٺو ته حضرت عيسى جو پاءِ خانو پاڪ هو يا ناپاڪ.
سلطان جاسوسن جي  اها خبر ٻڌي پنهنجي فوجي آفيسرن کي گهرايو ۽ تقرير ڪندي چيائين: خدا جو قسم عيسائي فوج رسوا ٿيندي. جنهن قوم جا اڳواڻ عيش و عشرت ۾ مبتلا هجن ۽ انهن جا مذهبي اڳواڻ پنهجي پيشوائن جي فضيلت تي بحث ڪرڻ ۾ مشغول هجن. خدا جي اڳيان انهن جو اهڙو ئي حشر ٿيندو آهي. توهان خدا تي ڀروسو ڪندي اڳيان وڌو. يقينن توهان ئي ڪامياب ٿيندا. ان کانپوءِ صلاح الدين جي اڳواڻي ۾ فوج اڳيان وڌي ۽ عيسائي فوج کي اهڙي تاريخي شڪست ملي جو اهي ميدان ڇڏي ڀڄي ويا.

ڪنهن قوم جي ڪمزور ۽ زوال پذير هجڻ جي خاص نشاني اها آهي ته انهن جا ديني رهنما اجاين مناظرن ۾ مشغول هجن  ۽ انهن جا دنياوي اڳواڻ عيش و عشرت ۾ مصروف هجن. فضول مذهبي بحث مباحثا ان ڳالهه جي علامت آهن ته مذهبي مهندارن جو رشتو حقيقتن سان ٽٽي چڪو آهي. انهن وٽ مذهب جا خيال باقي رهيا آهن نه ڪي حقيقتون، پوءِ جيڪي خيالن  جي زندگي ۾ رهندا هجن اهي  حقيقت ۾ ڪهڙو ڪارنامو سرانجام ڏيندا! اهڙي طرح قوم  جي وڏن جو عيش عشرت ۾ مبتلا ٿيڻ ان ڳالهه جي علامت آهي ته انهن جي نظر ۾ زندگي خوش رهڻ جو نالو آهي نه ڪي جدوجهد جو. هو زندگي جي وسيع  تر تقاضن جي پرواه نه ڪندي زندگي صرف پنهنجي ذاتي خواهشن ۾ گذاريندا آهن. طلسماتي مذهب ذهني بگاڙ پيدا ڪندو آهي ۽ طلسماتي عياشيون ۽ عملي ڪمزوري جڏهن ڪنهن قوم ۾ اهي ٻئي شيون اچي وڃن ته انهن کي  ڪا به شيءِ تباهي کان نٿي بچائي سگهي.