قومي و مِلي زوال جون ٻه
علامتون
انگلينڊ جو بادشاهه رچرڊ اول هڪ وڏو فوجي لشڪر ساڻ ڪري
سلطان صلاح الدين ايوبي جي مقابلي لاءِ نڪتو. مسلمانن جي فوج ۾ ڳڻتي جي لهر
پيدا ٿي وئي. سلطان پنهنجي ٻن جاسوسن کي حڪم ڏنو ته رچرڊ جي فوج جا حال احوال وٺي
اچن. جاسوسن واپس اچي سلطان کي خبر ڏني ته اسان عيسائي لشڪر جي فوجين کي شراب و ڪباب ۾ مست ڏٺو ۽
سندن پادرين کي ان مسئلي تي بحث ڪندي ڏٺو ته حضرت عيسى جو پاءِ خانو پاڪ هو يا
ناپاڪ.
سلطان
جاسوسن جي اها خبر ٻڌي پنهنجي فوجي آفيسرن کي گهرايو ۽
تقرير ڪندي چيائين: خدا جو قسم عيسائي فوج رسوا ٿيندي. جنهن قوم جا اڳواڻ عيش و
عشرت ۾ مبتلا هجن ۽ انهن جا مذهبي اڳواڻ پنهجي پيشوائن جي فضيلت تي بحث ڪرڻ ۾
مشغول هجن. خدا جي اڳيان انهن جو اهڙو ئي حشر ٿيندو آهي. توهان خدا تي ڀروسو ڪندي
اڳيان وڌو. يقينن توهان ئي ڪامياب ٿيندا. ان کانپوءِ صلاح الدين جي اڳواڻي ۾ فوج
اڳيان وڌي ۽ عيسائي فوج کي اهڙي تاريخي شڪست ملي جو اهي ميدان ڇڏي ڀڄي ويا.
ڪنهن قوم جي ڪمزور ۽ زوال پذير هجڻ جي خاص نشاني اها
آهي ته انهن جا ديني رهنما اجاين مناظرن ۾ مشغول هجن ۽ انهن جا دنياوي اڳواڻ عيش و عشرت ۾ مصروف
هجن. فضول مذهبي بحث مباحثا ان ڳالهه جي علامت آهن ته مذهبي مهندارن جو رشتو
حقيقتن سان ٽٽي چڪو آهي. انهن وٽ مذهب جا خيال باقي رهيا آهن نه ڪي حقيقتون، پوءِ
جيڪي خيالن جي زندگي ۾ رهندا هجن اهي حقيقت ۾ ڪهڙو ڪارنامو سرانجام ڏيندا! اهڙي طرح قوم جي وڏن جو
عيش عشرت ۾ مبتلا ٿيڻ ان ڳالهه جي علامت آهي ته انهن جي نظر ۾ زندگي خوش رهڻ جو
نالو آهي نه ڪي جدوجهد جو. هو زندگي جي وسيع
تر تقاضن جي پرواه نه ڪندي زندگي صرف پنهنجي ذاتي خواهشن ۾ گذاريندا آهن.
طلسماتي مذهب ذهني بگاڙ پيدا ڪندو آهي ۽ طلسماتي عياشيون ۽ عملي ڪمزوري جڏهن ڪنهن
قوم ۾ اهي ٻئي شيون اچي وڃن ته انهن کي ڪا
به شيءِ تباهي کان نٿي بچائي سگهي.
0 comments:
Post a Comment