رڳو تاريخ پڙهندڙ نه،
بلڪه تاريخ اڏيندڙ ٿيو:
هڪ نيڪ نيت بزرگ مدرسو
قائم ڪيو. شروعاتي ڏينهن ۾ هن تعليمي اداري کي ڏاڍين مشڪلاتن سان مُنهن ڏيڻو پيو.
استادن کي وقت تي پگهارون نه ملنديون هيون. طالبن لاءِ ڪڏهن ڪڏهن مانيءَ جو صحيح
بندوبست ڪونه ٿيندو هيو. مدرسي لاءِ ڪا بلڊنگ ڪونه هئي. ڇپر جي هيٺان ويهي طالبن
کي استادَ پڙهائيندا هئا. اهڙين اڻ ڳڻين مشڪلاتن سان گڏ مدرسي جي شروعات ڪئي وئي.
پر جهڙيءَ طرح ڏک، تڪليفون
۽ مشڪلاتون انسانَ کان ڪجهه شيون کسينديون آهن ته ڪجهه شيون ڏينديون به آهن. ظاهري
اسبابن جي کوٽ همت ۽ عزم کي وڌائڻ جو به سبب بڻبي آهي. پُر عزم ۽ همٿ ڀريو هجڻ
جهڙا جذبات اُن وقت انسان ۾ وڌيڪ جاڳندا آهن جڏهن وٽس ڪجهه نه هجي.
ان
تعليمي اداري جي ابتدائي زماني جي ڳالهه آهي هڪ ڏينهن سڄي اداري ۾ اُداسي ڇانيل
هئي. حالتون ڏاڍيون مايوس ڪُن نظر اچي رهيون هيون. مدرسي جي ناظم (چڱي مڙس) طالبن
۽ استادن سڀني کي گڏ ڪيو ۽ تقريرَ ڪرڻ
دوران سندس زبان مان بي اختيار نڪري ويو:
”هاڻوڪي صورتحال کي ڏسي
ممڪن آهي ته اوهان جي دل اوهان کي ملامت ڪندي هجي ته ڪٿي ڦاسي ويا آهيون. ڪنهن ٺهيل ٺُڪيل مدرسي ۾ وڃون ها ته آرام سان رهون ها. پر ٻڌو! هي گهٻرائڻ
جي ڳالهه ناهي. ٻيا جيڪڏهن حالَ جا وارث آهن ته اوهان نئين مستقبل جا اڏيندڙ آهيو.
ماڻهو تاريخ خوان (تاريخ پڙهندڙ) هوندا آهن، پر قدرت توهان کي اهڙو موقعو فرهام
ڪيو آهي جو توهان تاريخ ساز (تاريخ ٺاهيندڙ) ٿي سگهو ٿا.“
هي لفظَ جهڙين حالتن ۾ چيا
ويا هئا، انهن اتي بجليءَ وارو ڪم ڪيو. طالبن ۽ استادن ۾ هڪ نئون جوش پيدا ٿي پيو.
هُو زندگيءَ جي هڪ اعليٰ ترين قدر کان واقف ٿي ويا. سو هي ته مستقبل جي تعمير جي
لاءِ حال ۾ جدوجهد ڪرڻي آهي. هي قدر نفسياتي طور تي انهن لاءِ ان وقت نامعلوم هجي
ها، جڏهن هُو اهڙين حالتن ۾ نه هجن ها. ان طرح مدرسي جي ناظم واتان به اهي الفاظ
نه نڪرن ها جيڪڏهن هُو آسودگيءَ سان زندگي
بسر ڪندو هجي ها ۽ پريشانين ۽ ڏکن ڏاکڙن کان آجو هجي ها. آسانين ۽ آسائشن جي فضا ۾
کين هي سبق نه ملي سگهي ها.
جن ماڻهن جي مٿان وڏيون
ذميداريون يا ڏک ڏاکڙا ۽ تڪليفون ۽ مشڪلاتون اچن ٿيون ته هُو پاڻ کي بدنصيب سمجهن
ٿا. جڏهن ته هي رڳو انهن جي سمجهڻ جي غلطي آهي. جيڪڏهن ذهن صحيح هجي ۽ عزم بيدار
هجي ته مشڪل حالتون کيس اڃان وڌيڪ شيون ڏئي وڃن ها. جيڪي آساني ۽ راحت ۾ ڪنهن کي
به نه ملن ها. ڏک توهان کي اعليٰ ترين انساني قدرن سان آشنا ڪندا آهن. توهان جي
اندر ۾ سوز ۽ درد پيدا ڪري توهان جي ڪلام کي بي پناهه بڻائي ڇڏيندا آهن.
مشڪلاتن مان لنگهي پار پوڻ
جو نئون ولولو عطا ڪنديون آهن ۽ آخرڪار
توهان کي انهن بلند ترين انسانن شامل ڪنديون آهن، جن کي تاريخ خوان
(پڙهندڙ) جي مقابلي ۾ تاريخ ساز (ٺاهيندڙ) چيو ويندو آهي.
هاڻي خدا جي فضل سان هي ادارو ”ڇپر“ جي دور مان نڪري ”بلڊنگ“ جي دور
۾ داخل ٿي ويو آهي ۽ تعليم جي ميدان ۾ ملت کي هڪ نئين واٽ تي هلائي رهيو آهي. هر
ڀيري جڏهن ڪو شخص نئون ڪم شروع ڪندو آهي ته ان ۾ تذبذب (دِل مَن هڻڻ) جو مرحلو
لازمي طور تي ايندو آهي. پر هُو جيڪڏهن ڄمي بيٺو رهي ته استحڪام جي مرحلي تائين پهچڻ
۾ کيس ڪو روڪي نه سگهندو آهي.
(ماخوذ: الرسالة،
سنڌيڪار: جاويد ڪرمي)
0 comments:
Post a Comment