Sunday, 25 August 2013

Ideology of Naqshbandi Sufis & Modern Requirements

حضرات نقشبند جي واٽ اونداهيءَ ۾ لاٽ
فقير جاويد ڪرمي

سرهند شريف

دورِ جديد جي انسان لاءِ راههِ نجات:
دورِ جديد جو انسانُ ٻن انتهاپسند ڌارائن جي پُڙن جي وچ ۾ پِيسجي رهيو آهي. هڪ پاسي ماده پرست آهن جن پنهنجو قلبي تعلق الله جل شانه جي ذات سان ڪٽي محض مادِي ترقيءَ تي زور ڏنو آهي. ٻئي پاسي صاحبِ رُوحانيت آهن. جيڪي معاشري اندر سياسي، سماجي، تعليمي، سائنسي، و ديگر فني شعبن ۾ ڪردار ادا ڪرڻ بجاءِ گوشه نشين ٿيو ويٺا آهن. الا ما شاء الله ڪو اهلِ دل سماجي، معاشرتي، قومي و ملي ڪردار ادا ڪندو هوندو. باقي اڪثريت پنهنجي قومي و ملي فرائض کان بي حس آهي. انهن ٻنهي انتهائن جي وچ ۾ اڄ جو جديد انسان وائڙو  بنجي بيٺو آهي.
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ٻنهي ڌارائن انسان ذات کي تمام گهڻا فائده پڻ رسايا آهن. مادِي ترقيءَ لاءِ جاکوڙ سان گذريل ڏيڍ صدي ۾ حيرت انگيز سائنسي ايجادون ٿيون آهن جن انساني زندگيءَ کي آرامده بنائي ورتو آهي. صاحبِ روحانيت ماده پرستن جي ڀيٽ ۾ هزار ڀيرا وڌيڪ فائده رسايا آهن. جهڙوڪ انهن هزارين لکين ماڻهن کي فڪرِ آخرت عطا ڪري انهن جي آخرت سنواري سڌاري آهي. پر حبيبن ڪريمن ﷺ  جي واٽ (1) دنيا ۽ (2) آخرت ٻنهي جي ڀلائي واري واٽ آهي. ارشاد آهي:
رَبَّنَا آتِنَا فِي الدُّنْيَا حَسَنَةً وَفِي الآخِرَةِ حَسَنَةً[1]
اي اسان جا رب اسان کي هن دنيا ۽ آخرت جون ڀلايون عطا ڪر.“
تنهن ڪري پنهنجي قومي، و ملي فرائض کي ترڪ ڪري محض اخروي ڀلاين پٺيان ڊوڙڻ به حبيبن ﷺ  جي واٽ نه آهي. حبيبن ڪريمن ﷺ  جي سنت دنيا ۽ آخرت ٻنهي کي سنوارڻ آهي. اهو ئي صحابه ڪرام جو طريقو هيو.
مادِي انتها پسندي:   (Materialistic Extremism):
انسان جيڪو روح ۽ جسم جو گڏيل مرڪب آهي، تنهن لاءِ فقط ظاهري ترقي ڪافي نه آهي. روحاني ترقي به لازمي آهي. نيز پنهنجي خالق و مالڪ جي محبت و معرفت حاصل ڪرڻ به ضروري آهي. دنياوي زندگي سان گڏ اخروي زندگي سنوارڻ به لازمي آهي. پر مادِي انتهاپسندي جو سڄو فڪر ۽ فلسفو وجودِ باري تعاليٰ جي نفي تي بيٺل آهي. اهو ئي سبب آهي مغربي معاشرو اڄ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ ته تمام گهڻي ترقي ڪري چڪو آهي پر اندران ئي اندران کوکلو بنجي چڪو آهي. انهن جي قلب و باطن کي سڪون ميسر نه آهي. حاصلاتِ سڪون لاءِ ڊرگس جو استعمال عام آهي. الله جل شانه کان قلبي تعلق منقطع ڪرڻ سبب مغربي معاشرو نفس پرستي جي گهيري ۾ آهي. فحاشي، عرياني، جنسي بي راهه رويءَ ان حد تائين پهتي آهي جو خود شرم و حياء جو گردن به شرم وچان جهڪي پوي ٿو. سرمائيداري نظام رحم، ٻاجهه، محبت ۽ همدردي جا جذبات کسي اهلِ مغرب کي هڪٻئي جو رت پياڪ بنائي ورتو آهي. امير ۽ غريب جي وچ ۾ تضاد عروج تي آهي.
ان ماده پرستيءَ جي اها تحريڪ شروع ته مغرب کان ٿي پر هن وقت سموري دنيا بشمول مسلم ممالڪ ان جي لپيٽ ۾ آهن. هر پاسي ماده پرستي اهڙا ئي مضر رسان نتيجا ظاهر ڪيا آهن.
روحاني انتها پسندي (Spiritualistic Extremism):
ٻئي پاسي اهڙي پُرفِتن دور ۾ ٿيڻ ته ائين کپندو هيو ته صاحبِ روحانيت حضرات نفس پرستيءَ جي اثرات سبب معاشري مٿان جيڪي آلائشن جا تهه ڄمي ويا آهن. تن کي پنهنجي نورِ باطن سان لاهي روحاني اَقدار جي انفرادي توڙي اجتماعي سطح تي ترويج و اشاعت ڪن ها. سائنس، ٽيڪنالاجي، سياست، معيشت، تعليم تدريس، الغرض انسانذات کي ترقي ڏياريندڙ جمله شعبن اندر ڪم ڪندڙ ماڻهن جي دلين اندر فيضِ مصطفويءَ جي شمع روشن ڪن ها. جنهن سبب ئي مختلف شعبن اندر ڪم ڪندڙ انسان صحيح معنيٰ ۾ انسانيت جي ترقيءَ لاءِ پنهنجي تن من ڌن سان محنت ڪن ها. پر...
اسان جي صاحبِ روحانيت حضرات پاڻ کي حجرن، تسبيح خانن، محرابن، ۽ خانقاهن تائين محدود بنائي ڇڏيو. گهڻو گهڻو ٿيو ته ڪڏهن سال ۾ هڪ ڀيرو مريدن کي زيارت ڪرائي پنهنجي ذميداريءَ تان دست بردار ٿي ويٺا.
سندن ان روش سبب اڄ اعليٰ حڪومتي ايوانن، ڪورٽن، تعليمي ادارن،  سياست، معيشت، وغيره جي جملي شعبن ۾ اهي ماڻهو ويٺا آهن. جن جون دليون الله جي محبت و معرفت کان نا آشنا آهن.
هن وقت عصرِ حاضر جي پڪار آهي ته انهن ٻنهي انتهائن کان پاڻ بچائي، هڪ اهڙي راهه اپنائجي، جنهن ۾ اسان جو دلي تعلق الله عز وجل جي ذات سان قائم ٿي وڃي ۽ اسان هن معاشري ۾ رهندي هن جي گهڻ رخي اصلاحات لاءِ پاڻُ پتوڙيندا به رهون.
نقشبندين جي واٽ اونداهيءَ ۾ لاٽ:
عصرِ حاضر جي انهن جي ضرورتن جو پورائو سلسله عاليه نقشبنديه ئي ڪري سگهي ٿو. هن دور جي انسان جي نجات طريقه عاليه نقشبنديه جي تعليمات ۾ ئي پوشيده آهي. نقشبندين جي واٽ ئي راههِ نجات آهي.
نقشبندي تعليمات هڪ پاسي ذڪر اسمِ ذات ذريعي هڪ فرد کي پنهنجي قلب و باطن جي صفائيءَ تي زور ڀري ٿي. جنهن سان هن جي نفس جو تزڪيو ٿئي ٿو. قلب و باطن دنيا جي آلائشن کان پاڪ صاف ٿئي ٿو. ٻئي پاسي محبوبن ڪريمن ﷺ  جي تعليمات تي ڪامل اتباع جو درس ڏئي ٿي. جنهن سان انسان ظاهر و باطن ۾ باڪمال بنجي پوي ٿو. ٽيون ۽ امتيازي پهلو حضرات نقشبند جي تعليمات جو هي آهي ته هي پنهنجي پيروڪارن کي زندگيءَ جي تُرش ۽ تلخ حقيقتن کان ڪناره ڪش ٿي گوشه تنهائيءَ اختيار ڪرڻ بجاءِ ڀرپور معاشرتي زندگي گذارڻ جو درس ڏين ٿا. معاشري جي وچ ۾ رهي، مخلوق کي گهڻ طرفي فائدو رسائڻ جي ترغيب ڏين ٿا. هي بزرگ فرمائن ٿا ته دل جو تعلق الله تعاليٰ جي ذات سان جوڙجي پر معاشرتي سرگرمين کان به منهن نه موڙجي.
ان نڪتي کي حضرات نقشبند “خلوت در انجمن” سڏيو آهي. جنهن جو خوبصورت اظهار “دست به کار دل به يار” (هٿ ڪار سان دل يار سان) جي فقري ذريعي ڪيو ويو آهي. ان تعليمات تي عمل پيرا ٿيڻ سان پنهنجي ذاتي اصلاح سان گڏو گڏ هڪ ماڻهو پنهنجي خاندان، اوڙي پاڙي، شهر ۽ ڳوٺ وارن، قوم و ملت جي فلاح و بهبود لاءِ پاڻُ پتوڙي ٿو. انڊسٽريلائيزيشن جي هن تيز ترين ۽ مصروف ترين دور ۾ پنهنجي دل جو تعلق محبوبِ حقيقيءَ سان جوڙيندي پنهنجي قوم، پنهنجي وطن ۽ تمام ملتِ اسلاميه لاءِ شاندار ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
اهو ئي سبب آهي جو هن سلسلي جو ٻين سلاسلِ طريقت سان موازنو ڪرڻ بعد محققين هن طريقي کي دورِ جديد جي ماڻهن کي درپيش مسائل جي حل لاءِ موزون ۽ مناسب قرار ڏين ٿا. چنانچه هارورڊ يونيورسٽيءَ جي جرمن غيرمسلم پروفيسر، محترمه ايني مئري شميل (Annemarie Schimmel) صاحبه  تعليماتِ نقشبند جو بارِيڪ بينيءَ سان جائزو وٺندڙ هڪ ڪانفرنس ۾ عالمن ۽ محققن پاران پيش ڪيل مقالن تي تبصرو ڪندي چوي ٿي:
The Central Asian scholars rightly considered the emphasis that the Naqshbandiya put on silent remembrance of God & on the practice of KHALWAT DAR ANJUMAN suitable for modern life. To turn one's heart in full concentration to the Divine Beloved while working in this world for the improvement of society seemed to them an attitude that could help them master the different & difficult tasks that modern people face. There fore almost every speaker dwelled upon the adage DAST BE-KAR DIL BE-YAR....[2]
وسطي ايشيائي عالم (اها راءِ قائم ڪرڻ ۾) حق بجانب آهن ته نقشبندي طريقو جيڪو ذڪر خفي ۽ خلوت درانجمن تي زور ڀري ٿو سو (دورِ جديد جي ماڻهن لاءِ) مناسب ۽ مُوافق آهي. هن دنيا ۾ معاشرتي اصلاحات لاءِ ڪوششون وٺندي پنهنجي دل کي محبوب حقيقيءَ جي ذات ڏانهن پوريءَ طرح متوجهه ڪرڻ ئي (انهن جي نظر ۾) اهڙو رويو آهي جيڪو دورِ جديد جي ماڻهن کي درپيش ڏکن ڏاکڙن ۽ اهنجاين کي مُنهن ڏيڻ ۾ مدد ڪري ٿو. تنهن ڪري تقريباََ هر هڪ مقرر هڪ حقيقت بيان ڪندڙ معروف اصطلاح کي باربار ورجايو ”دست به کار دل به يار.“ (يعني هٿ ڪار سان دل يار سان).“
روءِ زمين تي مقبوليت ماڻيندڙ سلسلو:
عصري تقاضائن جي عين مطابق هجڻ ئي اهو سبب آهي جنهن ڪري فيوضاتِ نقشبند هن وقت روءِ زمين کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ورتو آهي. دنيا جو اهڙو ڪو گوشو نه آهي جتي گلشنِ نقشبند جي سرهاڻ نه پهتي هجي. دنيا جو ڪو اهڙو خطو نه آهي جيڪو فيضِ نقشبند سان سيراب نه ٿيو هجي. بالخصوص ويهين صديءَ عيسويءَ ۾ هن طريقي عاليه جي اشاعت تيزيءَ سان ٿي آهي.
حضرت دلبر سائين ادام الله وجوده پنهنجي حرمين شريفين جي هڪ سفر جو ذڪر ڪندي فرمايو ته:
هن سال ترڪي جو هڪ بزرگ شيخ محمود آفندي نقشبندي عمري ۽ زيارت لاءِ آيو هيو ان سان گڏ ڏهه هزار مريد ساڻ هئا. جيڪي سڀ جو سڀ باشرع ۽ ديندار هئا“.
ترڪي جهڙي آزاد ماحول ۾ بزرگن جو ايترن ماڻهن کي سڌارڻ ڪنهن ڪرامت کان گھٽ ناهي. جيڪو شخص سفر ۾ ڏهه هزار ساٿي کڻي نڪري ٿو ته علائقي ۾ سندس جماعت جو عالم ڇا هوندو!
مغرب ۾ ته هاڻي هن سلسلي تي بطور سبجيڪٽ تحقيق ٿي رهي آهي. ڪيترن ئي محققن جا ان موضوع تي ڪتاب ۽ تحقيقي مقالاشايع ٿيا آهن.
اهڙي بابرڪت طريقي ۾ شموليت سعادت آهي. ان سلسلي جي بزرگن جي صحبت باعثِ نجاتِ انسانيت آهي. ان سلسله عاليه جا شيخِ طريقت الله تعاليٰ جي نعمت آهن.
شال الله تبارڪ و تعاليٰ مشائخِ نقشبند جي صحبت نصيب فرمائي. انهن جي تعليمات تي مڪمل عمل نصيب فرمائي. انهن جي فيوضات سان اسان جي سينن کي معمور فرمائي.
مالڪ ڪريم شل هن احقر جي گردن کي پنهنجي مرشد مربي سيدي و مرشدي حضرت قبله محبوب دلبر سائين (فداه امي و ابي) جي غلاميءَ جو طوق  تادمِ آخر نصيب فرمائي. سندن فيوضات و برڪات مان مستفيض فرمائي. آمين بجاه سيد المرسلين.


[1] سورة بقرة، آيت 201

[2] "Sufi Heirs of the Prophet/ Arthur F.Buehler. Lines derived from Preface of the book, written by mentioned Professor.


0 comments: